03/01/2014

تنقيد - ذوالفقار سيال (Zulfiqar Siyal)

تنقيد کان ڪير به مٿانهون نه هئڻ گهرجي
ذوالفقار سيال
اقبال جي فن، فڪر ۽ اسلوب تي، ٻن سون کان وڌيڪ تنقيدي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هر ڪنهن ليکڪ پنهنجي علمي دليلن سان انهن سڀني اسمن جو جائزو ورتو آهي ۽ تقابلي تجزيو پيش ڪيو آهي، حالانڪ اقبال تي ”شڪوه“ جي جواب ۾ لادين ۽ دين کان ڦريل ماڻهوءَ جو الزام به لڳو. اقبال جو ”جواب شڪوه“ ڪمپوزڊ آهي جڏهن ته ”شڪوه“ بي ساخته آهي. بهرحال فن ۽ فڪر تي بحث ٿيڻ گهرجي، جنهن سان علم ۾ اضافو ۽ وسعتن ۾ واڌارو ٿئي ٿو.

غالب جي فن ۽ فڪر تي به لڳ ڀڳ ايترا ئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ هن جي نجي زندگيءَ جو به جائزو ورتو ويو آهي، پر اهو به ادب ۽ آداب جي پيرائي ۾. غالب جي ٻوليءَ تي به تنقيدي ڪتاب لکيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح دنيا جي هر ٻولي ۽ ادب ۾ تنقيدي جائزو هڪ عام رواج ۽ معمول آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به دنيا ۾ بهترين ادب لکجي، ڇپجي ۽ پڙهجي رهيو آهي. اردو ادب ۾ ته ٻين مادري زبانن وارن جو وڌيڪ نالو ۽ ڪم ٿيل آهي. اردو ادب ۾ ٻين مادري ٻولين ڳالهائڻ وارن جي وڌيڪ مقبوليت ۽ پذيرائي ڪئي وئي آهي، جنهن کي هينئر تعصب ۾ بريڪ هنيو ويو آهي. اهو سياسي ادب ڪجهه سالن کان پيدا ٿيو آهي. پاڻ ۾ دم ناهي ته ٻولي جي سهاري سان ٻين کي اڳتي نه آڻبو. جڏهن ته اوهان تاريخ پڙهو، حيران ٿيندا، غالب جي ٻولي ترڪي هئي. اقبال، فيض احمد فيض، حبيب جالب، منير نيازي، حزين قادري، تنوير نقوي، محسن نقوي، پنجابي هيا. شروع شروع ۾ سچل سرمست ۽ مير علي نواز ناز، اردو شاعريءَ کي سهارو ڏنو، جيڪي سنڌي هيا. اهڙيءَ طرح قتيل شفائي هزاره جو هيو. احمد فراز جي زبان پشتو آهي. اهڙيءَ طرح اردو شاعريءَ کي مقبول بڻائيندڙ، گهڻو ڪري، اڪثريت ۾ اردو مادري زبان وارا نه هيا.
هونئن به تنقيد، فن ۽ فن پاري کي وڌيڪ موثر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. تنقيد ڪندڙ، نه صرف عملي ڳالهيون ڪندو آهي، پر هو دليلن ۽ ريفرنس سان ان کي اڳتي وڌائيندي، وڌيڪ ان ۾ نکار پيدا ڪندو آهي. اهو ئي هڪ شرط رهيو آهي ته انهن دليلن جا ريفرنس هئڻ گهرجن.
سنڌي ادب جو هڪ پنهنجو انداز ۽ مزاج آهي. هتي تنقيد جو رواج ئي ڪونهي. ٽوڪ، ٺٺولي ۽ بي جا مداخلت کي تنقيد چئجي ٿو يعني اوهان پنهنجو صرف رايو ڏيو. ممڪن ناهي، اوهان ڳالهه مڃو ۽ ڏنل صلاحن تي عمل ڪيو. ورنه..... اوهان جاهل، غدار، ڪافر، ايجنٽ ۽ بيڪار ماڻهو آهيو. فارسي ادب ۾ رومي، سعدي، حافظ، عطار تي تنقيد ٿي آهي. انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، بائرن تي تنقيد ٿي آهي. ڪيٽس ۽ شيليءَ تي ڪيترا ئي تنقيدي ڪتاب ڇپيا آهن، پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو اسان جن ڪلاسيڪل شاعرن تي تنقيد نه ٿي آهي؟ ان جا جيڪڏهن هي جواب ڏجن ته...
1.     انهيءَ ليول جو ڪو عالم ناهي.
2.     هو دنيا جا وڏا شاعر آهن، ان ڪري انهن تي تنقيد ڪندڙ به ان رنگ ۽ انگ جو هجڻ گهرجي.
3.     اهي ڪلاسيڪل شاعر تنقيد کان مٿانهان آهن.
4.     انهن تي تنقيد ڪندڙ سنڌ دشمن، ڪافر ۽ غدار آهن.
وري سنڌ ۾، هر شعر جون ٻه معنائون آهن. هڪ مجازي ۽ ٻي روحاني. اسان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهو ئي پڙهايو ويو آهي. شايد دنيا جي ٻين زبانن، بشمول فارسي، اهو رواج ناهي ته هڪ معنيٰ روحاني ۽ هڪ فارسي آهي. جو بزرگ جيڪڏهن عشق جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ ان کي روحاني خاني ۾ آڻڻ لازمي آهي. جو بزرگ، انسان ناهي، هو مجازي محبت ڪري ئي نٿو سگهي.
هونئن به اسان وٽ جڏهن ٻه شعر، ٻه مضمون ٻه ڪالم لکڻ وارو ”دان-شعور“، ”عا-لم“ ۽ ”ڏا-هو“ ٿيو ويٺو آهي. ته پوءِ اهڙا سوال ۽ ان طرح سان سوال اٿندا، جيڪڏهن ڪنهن جو مٿو ڦريو آهي ۽ هروڀرو بزرگن تي تنقيد ڪرائڻ ٿو چاهي ته پوءِ اهو هتان هليو وڃي. هتي فڪر ۽ فن تي تنقيد ٿي ئي نٿي سگهي. هتي قائم ”ادبي ٿاڻن“ تي، قلم وسيلي ڪنهن کي ڪيتري ”ڪٽ“ ڪڍڻي آهي، ان لاءِ هر ڪو تيار ويٺو آهي. رڳو مٿان جو اشارو ملي، بدلي ۾ هر شيءِ تيار آهي.

No comments:

Post a Comment