22/01/2014

سماجي اڀياس جو ڪتاب - ڄام اقبال اُنڙ (Jaam Iqbal Unnar)


سماجي اڀياس جي ڪتاب ۾ به سنڌ سان ٻه اکيائي!
ڄام اقبال اُنڙ / ڇور (عمرڪوٽ)
دنيا جي سُڌريل ملڪن، خاص طور تي گهڻ قومي وحدتن وارن ملڪن جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾، مستقبل جي معمارن کي پڙهائجندڙ نصاب کي هر پنجين سال جديد دور جي تقاضائن موجب تبديل ڪري، ملڪ ۾ شامل قومي وحدتن جي ماضي ۽ انهن جي حقيقي هيرن بابت معلومات ڏني ويندي آهي، انهن ملڪن ۾ مستقبل جي معمارن کي ملڪ جي ترقي سڌاري، واڌاري ۽ بقا جي ضمانت ۽ امن، محبت ۽ پنهنجائپ جو پُل سمجهيو ويندو آهي، پر حيرت انگيز ڳالهه اها ته، اسان جي مستقبل جي معمارن کي سرڪاري ادارن ۾ پڙهائجندڙ نصاب ۾ به ان سچائيءَ جي سونهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي محبوب ماضي ۽ اسان جي حقيقي هيرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ٻه ٽي ڳالهيون عرض آهن ته، اسان وٽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ نالي ادارو سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ آهي، جنهن جو ڪم ۽ اهم ذميواري، سرڪاري ادارن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب، تعليمي ماهرن، عالمن، استادن ۽ محققن کان لکرائي، ڇپرائي تعليمي ادارن ڏانهن موڪلڻ آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پرائمري درجي پنجين، چوٿين ۽ ٽئين جي سماجي اڀياس تعليمي ماهرن، عالمن، استادن ۽ محققن کان لکرائي، ڇپرائي تعليمي ادارن ڏانهن موڪليو آهي. ان ۾ درجي پنجين جي سماجي اڀياس جا مصنف ڊاڪٽر برناڊيٽ ايل ڊين، مسز روبينه امين قريشي، الڪريم داتو ۽ پروفيسر نذير احمد قاضي آهن. ان درجي پنجين جي سماجي اڀياس جي باب ٽئين عنوان ”پاڪستان جي تاريخ آزاديءَ جي جدوجهد“ (صفحو ۲۴)، هن عنوان کي ۱۷ حصن ۾ ورهايو ويو آهي پر ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن به سنڌي سياستدان ۽ عالم جو نالو به لکيل ناهي. حيرت انگيز ڳالهه ته، انهن ۱۷ حصن ۾ ڪٿي به ”سنڌ“ لفظ به لکيل ناهي! ان ساڳئي ڪتاب جي باب ۱۴، صفحو، ۱۱۵ عنوان ”اهم شخصيتون“ ۾ ڪنهن به سنڌي شخصيت جو احوال نه آهي.
هاڻي اچون ٿا چوٿين ڪلاس جي سماجي اڀياس طرف، ان جا مصنف به ساڳيا آهن. ان سماجي اڀياس درجي چوٿين جي باب ٻيو، صفحو ۱۹، عنوان ”سنڌ جي تاريخ“، هن عنوان کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ان جي حصي ۲ ۾ ”سنڌ جي قديم تاريخ“ ۾ عربن، غزنوين، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي حاڪميت جو احوال ته آهي، پر سومرن ۽ سمن جي حاڪميت جو نالو نشان ناهي. ان ساڳئي ڪتاب جي جي باب ۱۲، صفحو ۹۳، عنوان ”سنڌ جون ڪجهه اهم شخصيتون“ ۾ مير معصوم بکري، جهڙي ڌارئي محقق جو احوال ته آهي پر مخدوم بلاول سمي، حيدر شاهه سنائي، مخدوم سرور نوح، جهڙن ڌرتي ڌڻين، اعلى پائي جي عالمن جو ذڪر ئي ناهي. غلام حسين هدايت الله  جو احوال ته آهي، پر سائين جي ايم سيد ۽ شهيد الهه بخش سومري جهڙن صالح سياستدانن جو ذڪر ئي ناهي!
هاڻي اچون ٿا سماجي اڀياس درجي ٽئين طرف، جيڪو ضلعي سطح جي حساب سان تيار ڪرايل آهي. اسان جي ضلعي عمرڪوٽ جي ٽئين ڪلاس جي شاگردن لاءِ لکيل سماجي اڀياس جو مصنف پروفيسر مراد علي راهمون صاحب آهي. ان درجي ٽئين جي سماجي اڀياس جي باب ٽيون، صفحو ۱۷، عنوان ”عمرڪوٽ ضلعي جي تاريخ“ ۾ سوڍا، راجپوت، مغل اڪبر بادشاهه، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريز حاڪميت جو احوال ته آهي، پر سومرا ۽ سمان دور جو ذڪر ئي ناهي. حالانڪه سومرا دور جي احوال کان سواءِ عمرڪوٽ ضلعي جي تاريخ ائين آهي، جيئن ستارن کان سواءِ آسمان جي تاريخ. ان ساڳئي باب جي آخر ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي اهم شخصيتن جو ذڪر آهي پر عمرڪوٽ جي سيد مظفر حسين شاهه، راڻا چندر سنگهه، صوفي صادق فقير ۽ جمن دربدر جو نالو به لکيل ناهي. حيرت انگيز ڳالهه ته، عمرڪوٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ضلعي جي حيثيت ۱۹۹۳ع ۾ سيد مظفر حسين شاهه ڏياري ۽ جيڪا ۲۰۰۰ع ۾ ختم ڪئي وئي ۽ وري ان کي ۲۰۰۴ع ۾ بحال ڪيو ويو، جيڪا حيثيت اڄ تائين موجود آهي. اهڙو ڪارائتو ڪردار ادا ڪندڙ کي ضلعي جي اهم شخصيت ۾ شمار نه ڪرڻ ڪيڏو نه سچ جي سونهن سان دوکو ۽ حقيقت جي حُسن سان مذاق آهي!

No comments:

Post a Comment