ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جي ڪتاب
”دل جي دنيا“ جو اڀياس
پروفيسر سليم ميمڻ
ڊاڪٽر
جگديش لڇاڻي هند ۾ سنڌي اديبن ۽ عالمن ۾ هڪ اهم جڳهه والاري ٿو. گذريل
پنجاهه سالن کان سنڌي ادب جي مختلف کيترن ۾ پنهنجي قلم جو زور هلائيندو اچي ٿو.
سندس تصنيفن ۾ تحقيق ۽ تنقيد کي نمايان حيثيت حاصل آهي.
پاڻ تنقيد سان گڏوگڏ ٻاراڻي ادب تي به
تمام گهڻو ڌيان ڌريو اٿس ۽ ٻارن لاءِ 12 ڪتاب جوڙيا اٿس، جيڪي مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهيا آهن، جڏهن
ته تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان ۾ 21 ڪتاب لکيا اٿس. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند ۾ تنقيد کي ڪيتري اهميت حاصل آهي.
ڊاڪٽر
جگديش لڇاڻي جي تصنيف ”دل جي دنيا“ ادبي ۽
سوانحي خاڪن تي ٻڌل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي پنجن برک ادبي شخصيتن جي
زندگيءَ جي احوال سان گڏوگڏ انهن جي ادبي لکڻين جو تنقيدي جائزو پڻ ورتل آهي.
ڊاڪٽر
جگديش لڇاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ جن پنجن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، تن ۾:
ڊاڪٽر
هرو مل سدارنگاڻي
محترم
پرڀو وفا
محترم
سڳن آهوجا
محترم
گنو سامتاڻي
محترم
تاجل بيوس شامل آهن.
ڊاڪٽر
لڇاڻي ان کان اڳ ساڳئي نوعيت جا ٻه ٻيا کوجنائي ۽ تنقيدي ڪتاب ”لاهوتي لڏي ويا“ ۽ ”يادن
جا ورق“ جي عنوان سان لکي پيش ڪيا آهن، جن ۾ هند جي ٻين برک ادبين جي
زندگي، فن ۽ فڪر جو ذڪر ملي ٿو، انهن ۾ ”لاهوتي لڏي ويا“ ۾ ايم. ڪمل، ارجن شاد،
اسيتور آنچل، پوپٽي هيرا ننداڻي، پرسرام ضيا، موهن ڪلپنا، لعل پشپ ۽ شيام
جئسنگهاڻي
شامل آهن، جڏهن ته ”يادن جا ورق“ ۾ ليکراج عزيز، ڪلياڻ آڏواڻي، پروفيسر رام
پنجواڻي، هري دلگير، گوورڌن ڀارتي ۽ ڪرشن راهي شامل آهن. اهي ٽئي ڪتاب هند ۾ سنڌي
ادب جي تاريخ آهن ۽ مستقبل ۾ کوجنا ڪندڙن ۽ ادبي تاريخ لکندڙن لاءِ بنيادي ماخذ يا
بنيادي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا.
زيرنظر
ڪتاب ”دل جي دنيا“ ۾ ڊاڪٽر لڇاڻي ادب جي دنيا جي مٿي ڄاڻايل پنجن ئي ڏات ڌڻين جي
زندگيءَ سان گڏوگڏ انهن جي فن ۽ فڪر جو به گهرو مشاهدو ماڻي، پڙهندڙن کي ان مشاهدي
۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آهي. پاڻ خوش قسمت آهي جو کيس انهن سڀني علمي ۽ ادبي شخصيتن جي
صحبت ۽ محبت حصي ۾ آئي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انهن سان ٿيل ملاقاتن، ادبي ۽ علمي ڪچهرين
جو پڻ پيرائتو ذڪر ڪيو اٿس. اهي سڀئي عالم ۽ اديب اڄ دنيا ۾ موجود ڪونهن، پر سنڌي
ادب ۽ تاريخ ۾ انهن جو نالو سدا جيئرو رهندو. هن ڪتاب ۾ ڏنل خاڪا انهن جي ياد جي
سرهاڻ کان سواءِ سندن فن، فڪر، ڏات، ڏان ۽ ڏاهپ، ادبي ۽ علمي خدمتن جو پيرائتو
وچور پيش ڪن ٿا.
جگديش
هڪ دوست يا ساٿيءَ جي حيثيت ۾ انهن اديبن جي شخصيتن جا شخصي خاڪا وڻندڙ ۽ دلچسپ
انداز ۾ پيش ڪيا آهن، ته گڏوگڏ هڪ پختي نقاد جي حيثيت ۾ سمورا شخصي ۽ ذاتي نات هڪ پاسي
رکي انهن جي قلمي پورهئي جو اڻڌريو ۽ بيباڪ نقاد ٿي تنقيدي جائزو به ورتو اٿس ۽
ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي اٿس. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن انهن علمي ۽ ادبي شخصيتن
کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن ادبي پورهئي کي تارازو ۾ توري تڪي پيش ڪيو آهي. ان
حوالي سان هي تصنيف، تحقيق جو پڻ اهم ڪتاب بڻجي ويو آهي.
هونءَ
به هند ۾ سنڌ جي ڀيٽ ۾ تنقيد ڏانهن وڌيڪ لاڙو رهيو آهي، نتيجي ۾ تنقيد کي هند ۾
وڌڻ ۽ ويجهڻ جو وڌيڪ ۽ اثرائتو موقعو مليو آهي.
ڊاڪٽر
هرو مل سدارنگاڻي جي شاعري ۽ خاص طور تي رباعي جي حوالي سان سندس راءِ آهي ته ”هرو
مل سدا رنگاڻي خادم رباعيءَ کان سواءِ شعر جي ٻين صنفن ۾ به تخليقي جوهر پسايو
آهي، هن شعر جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر رباعيءَ ۾ هو سڀ کان مٿي اُڀري
بيٺو آهي. هرو مل سدا رنگاڻي خادم رباعيءَ جو هن ننڍي کنڊ جو هڪ وڏو شاعر آهي. هڪ
سٺي رباعيءَ جون سڀ صفتون، هن جي رباعين ۾ نمايان ٿي بيٺيون آهن. جنهن ترتيب سان،
هن رباعين جي تخليق ڪئي آهي اهڙو شعور ۽ ڏانءُ هن ننڍي کنڊ جي تمام ٿورن قلمڪارن
وٽ موجود رهيو.“
ڊاڪٽر
لڇاڻي، هرومل سدا رنگاڻي جي شاعري جي سڀني صنفن تي مثالن سان پيرائتو بحث ڪري سندس
شاعراڻي ڏات جي سڀني جوهرن کي کولي بيان ڪيو آهي، ته ساڳئي وقت سندس نثري خدمتن جي
پڻ اپٽار ڪئي آهي. هن سوانحي خاڪي کي ادبي خاڪي جو رنگ ڏيئي، هڪ محقق جو ڪردار به
ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجي ماخذن جا پيرائتا حوالا به ڏنا اٿس.
جنهن
ٻي شخيت جو خاڪو بيان ڪيو اٿس، اهو برک شاعر پرڀو وفا آهي. هن خاڪي ۾ ڊاڪٽر لڇاڻي،
پرڀو وفا جي شاعريءَ جي مختلف رخن جو پيرائتو جائزو وٺندي لکي ٿو ته ”سادن سودن
لفظن ۾ شاعر نفيس احساسات جو اظهار تمام فنائتي ۽ پراثر انداز ۾ ڪيو آهي. چست بندش
خواه شعريه فني نڪتن سبب، سندس شاعري دل کي ڇهي ٿي. جڏهن شاعر احساسات جي شدت کان،
پنهنجي تجربي کي، شاعريءَ ۾ اظهاري ٿو، تڏهن هن جا احساس، پڙهندڙن جا احساس بڻجيو
ٿا پون. پرڀو وفا جا ڪيترا رومانوي شعر ٻوليءَ جي سادگيءَ ۽ روانيءَ سبب جلد ئي
زبان تي چڙهيو ٿا وڃن.“
سنڌ
مان هند لڏي ويل هر ليکڪ جي لکڻين ۾ سنڌي کي ساريندي ڏک درد جو گهرو احساس ملي ٿو.
اهو ساڳيو احساس پرڀو وفا جي شاعريءَ مان به جهلڪندو نظر اچي ٿو، جيڪو هيٺين
پنجڪڙيءَ مان پسي سگهجي ٿو.
اکين ۾ جرڪي ٿو هڪ خواب
پسان شل جيون ۾ هڪ وار
سنڌين ۾ ساهت لاءِ هڪ پيار
سنڌين جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب
اکين ۾ جرڪي ٿو هڪ خواب.
پسان شل جيون ۾ هڪ وار
سنڌين ۾ ساهت لاءِ هڪ پيار
سنڌين جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب
اکين ۾ جرڪي ٿو هڪ خواب.
پنهنجن
پنجڪڙن بابت پرڀو وفا لکي ٿو:
”منهنجا
پنجڪڙا منهنجي دل جو آئينو آهن، جنهن ۾ منهنجي دل جا عڪس کينچل آهن. منهنجي دل جي
تهخانن جي اونداهين جا عڪس، منهنجي دل جي جهروڪن مان جهانڪيندڙ ڪجهه نوراني ڪرڻن
جا عڪس ٻئي گهليل مليل عڪس اوهان جي اڳيان آهن“.
ٽيون
خاڪو ”سڳن آهوجا“ جي شخصيت، فن ۽ فڪر بابت آهي. هن خاڪي ۾ سڳن آهوجا جي زندگي جي
مختلف ورقن کي ورائڻ کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن جو تفصيل بيان
ڪندي سڳن آهوجا جي غزليه شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس ڪيو اٿس ۽ سڳن آهوجا سنجيده
اظهار، طنزيه لهجي، علامت نگاري، تمثيل ۽ تصوير ڪشي تي مثال ڏيئي پيرائتو بحث ڪيو
اٿس. اڳتي هلي سڳن آهوجا جي افساني نگاري تي پيرائتي تنقيد ڪئي اٿس، پلاٽ،
ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري، مقصديت ۽ موضوعن جو پيرائتو اڀياس پيش ڪيو اٿس.
دل
جي دنيان جو چوٿون خاڪو ”گنو سامتاڻي“ بابت آهي. ڀارتي سنڌي افساني نگاريءَ ۾ موهن
ڪلپنا، گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ ٽه مورتي جي حيثيت ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. انهن ٽنهي
برک ليکڪن ۾ گني سامتاڻي جي ڪهاڻين جو انگ جيتوڻيڪ ٿورو آهي، پر گني جي فني پيشڪش،
دلچسپ لهجي، ٻولي ۽ فن جي پختگي وڻندڙ ۽ نرالين تشبيهن سبب هن سنڌي ڪهاڻيءَ جي
معيار کي بلندين تائين رسايو. ڊاڪٽر لڇاڻي، گني بابت لکي ٿو، جيترو گني لکيو آهي،
ان کان وڌيڪ صفحا گني جي ادب جي تورتڪ ٿي ميدان ۾ آيا آهن. گني جي ڪهاڻين تي ڪافي
بحث ٿيا آهن. گني جي فن تي وضاحت سان لکيو ويو آهي ۽ ان جي ڪمزورين ۽ محدودگين کي
به وائکو ڪيو ويو آهي. گنو هڪ ڪلاسيڪي ۽ رومانوي اديب آهي.
دل
جي دنيا جو پنجون خاڪو ”تاجل بيوس“ جي زندگي ۽ شاعري بابت آهي. لڇاڻي خاڪي جي
شروعات نهايت دردناڪ انداز ۾ ڪئي آهي. جڏهن پاڻ تاجل بيوس جي طبيعت پڇڻ لاءِ سندس
گهر فون ڪري ٿو ۽ کيس وفات جي خبر ملي ٿي. هن خاڪي ۾ ليکڪ تاجل سان مختلف موضوعن
تي ٿيل پنهنجي گفتگو کي شامل ڪرڻ کان سواءِ الهاس نگر بابت هڪ نظم به شامل ڪيو آهي
(الهاس نگر جو شهر ڀارت لڏي ويل سنڌين آباد ڪيو هو. ڪو وقت هو جو اتي جي سؤ سيڪڙو
آبادي سنڌين تي ٻڌل هئي، پر هاڻي صورتحال بدلجي ويئي آهي.) گڏوگڏ تاجل جا ڏانهس
لکيل خط به شامل ڪيا اٿس ۽ آخر ۾ تاجل بيوس جي جڳ مشهور گيت ڏنو اٿس.
سنڌ منهنجي امان! سونهن
تنهنجيءَ مٿان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان
ڇا لکي ڇا لکان…….
شال تنهنجي ئي ڪک مان پيو هر هر ڄمان
کير تنهنجو پيئان، وير تنهنجو وٺان…
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان
ڇا لکي ڇا لکان…….
شال تنهنجي ئي ڪک مان پيو هر هر ڄمان
کير تنهنجو پيئان، وير تنهنجو وٺان…
هو
لکي ٿو ته، ”تاجل جي پابند شاعريءَ ۾ جيڪو ميٺاج ۽ لطافت آهي، ساڳي مڌرتا ۽ سرتا
سندس آزاد شاعري ۾ به نمايان آهي. تاجل بيوس جي شاعريءَ تي خيالن جو اظهار ڪندي
لکي ٿو، تاجل بيوس شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. روايتي شاعري، بيت،
ڪافيون، وايون، غزل ۽ نظم کان سواءِ آزاد نظم، نثري نظم، قطع، هائڪو، ٽه سٽا، چو
سٽا، لوڪ گيت وغيره به تخليق ڪيا آهن. ان کان سواءِ شاهه جي سُرن تي به قلم هلايو آهي. تاجل روايتي
شاعريءَ جي صنف بيت، وائي ۽ ڪافي کي نه صرف زنده رکيو، پر کين ڪافي اڳتي به سوريو.
هن جهڙيون وايون ۽ بيت، هن جي ٻئي ڪنهن همعصر شاعر تخليق ڪين ڪيا آهن.“
No comments:
Post a Comment