17/01/2014

سنڌي ادب ۾ ”ڪوتا ناول“ جو انوکو تجربو - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)

سنڌي ادب ۾ ”ڪوتا ناول“ جو انوکو تجربو
زرار پيرزادو
ناليواري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جنهن ڪجهه سال اڳ بنا ڊائلاگ جي هڪ ٽي وي ڊرامو پيش ڪرڻ جو انوکو تجربو ڪيو هو، تنهن هاڻي ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون...“ لکڻ جو پڻ هڪ نئون تجربو ڪيو آهي.

ڪو تخليقڪار پنهنجي اندر ۾ سرجيل لفظن، جملن، اڌمن ۽ آدرشن کي ڪهڙي فني ڪيفيت ۾ اظهاري ٿو سو اظهاريندڙ تخليقڪار جي ڏات، ڏانءُ ۽ تخليقي صلاحيتن تي مدار رکي ٿو. عام ماڻهو اظهاري ناهن سگهندا پر جيڪي خوبصورت ۽ فنائتي نموني اظهارڻ جو ڏانءُ رکندا آهن سي فنڪار بڻجي ويندا آهن. تخليقڪارن لاءِ اهو به مسئلو هوندو آهي  ته هو پنهنجن خيالن ۽ ويچارن کي ڪهڙي فنائتي قالب ۾ اوتين يا صنفن ۾ اظهارين جو پاڻ سان ۽ پنهنجي تخليق سان انصاف ڪري سگهن. باوجود ان جي ته فنڪار جي ڏات مست درياهه وانگر هوندي آهي، جيڪا پنهنجا گس ۽ پيچرا پاڻ ٺاهيندي ويندي آهي پر پوءِ به ڪيترائي تخليقڪار هوندا آهن، جيڪي محدود ۽ مخصوص صنفن ۾ پاڻ کي اظهاريندا آهن، پر جيڪو شاهوڪار تخليقڪار هوندو آهي سو ئي گهڻ صلاحيتو هوندو آهي ۽ گهڻ صلاحيتو هئڻ ڪري هو مختلف طريقين ۽ اندازن سان اظهارڻ جي صلاحيت رکندو آهي. محمد علي پٺاڻ به اهڙن گهڻ رخن ۽ گهڻ صلاحيتن وارو اديب آهي.
اهڙو تجربو يقينن اهڙو تخليقڪار ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو هر فن موالا شاعر هجي، پابند ته آزاد شاعر به ۽ اڃا به نثري شاعر. محمد علي پٺاڻ سڀني صنفن جو ليکڪ آهي. ڪوتا ناول جو تجربو اهو تخليقڪار ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار به هجي، ناول نگار به ته ڊراما نگار به. محمد علي پٺاڻ انهن صنفن جو به مڃيل ليکڪ آهي. انهن سڀني صنفن ۾ اظهار جي مهارت حاصل ڪندڙ ئي ڪو تخليقڪار ”ڪوتا ناول“ جهڙو بيحد ڏکيو تجربو ڪري سگهي ٿو.
اهو تجربو محمد علي پٺاڻ ڪو سوچي سمجهي ڪري ناهي ڪيو، پر اصل ۾ اها سندس اظهارڻ جي هڪ انوکي، وسيع ۽ گهڻ صلاحيتي اُٿل آهي جو هو پنهنجي اندر ۾ سرجيل مواد کي نثري نظم ۾ اتاريندو ويو آهي ۽ ڪالم مان ڪهاڻي ۽ ڪهاڻيءَ مان ناول ٺهي نڪتو آهي ۽ ايئن محمد علي پٺاڻ جو اهو اظهار ”ڪوتا ناول“ بڻجي آڏو آيو آهي، جنهن خود ناول کي جدت ڏئي ڇڏي آهي.
ان ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون...“ ۾ هڪ ڪردار آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڦرن ٿيون، جن ۾ ڪردار به آهن، ڊائلاگ به آهن، پلاٽ به آهي، منظر نگاري به آهي، تشبيهون به آهن، ته ڪهاڻين توڙي واقعن جا ڪلائيميڪس به آهن. مطلب ته اهي سڀ لوازمات آهن، جيڪي ڪنهن ناول ۾ هئڻ گهرجن. نئين ڳالهه رڳو اها آهي ته ان جو اظهار يا تحرير نثري شاعري ۾ آهي.
محمد علي پٺاڻ جي ”ڪوتا ناول“ بابت سندس ڪتاب ۾ ڪن دوستن لکيو آهي ته ڏسون ته سندس ”ڪوتا ناول“ کي قبوليت ملي ٿي يا نه، پر اها قبوليت ملي چڪي آهي. اسان جي سينيئر ناول نگار غلام نبي مغل هڪ ايس ايم ايس ذريعي ڏنل ڪمينٽ ۾ ڪوتا ناول جي تجربي کي نه رڳو قبول ڪيو آهي ۽ ان کي ڪامياب قرار ڏنو آهي، پر ان کي بهترين ناول پڻ قرار ڏنو آهي.
پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ملڪ يا صوبي جي ادب ۾ اهڙا انوکا تجربا ٿين ها ته اهڙيون خبرون بريڪنگ نيوز طور هلن ها ۽ اهڙو تجربو ڪندڙ اديب کي جيڏانهن ڪيڏانهن مبارڪون پيون ملن ها پر اسان وٽ اهڙو ماحول آهي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي.

No comments:

Post a Comment