سندهه
ڪا مقدمه
تنقيدي جائزو
ليکڪ:
رڪ سنڌي
جڏهن مان ”پنجاب ڪا مقدمه“، ”سندهه ڪا مقدمه“ ۽ ”آج ڪا سندهه“ پڙهڻ شروع ڪيا ته پڙهندي، جيڪي به ڳالهيون
غلط محسوس ڪيون ۽ جيڪي تاريخي ڪوڙ ۽ بد ديانتيون نظر مان گذريون، انهن تي ان ئي
وقت ڪتاب جي حاشين تي پنهنجو نقطي نظر لکندو ويس. جيئن ته انهن مڙني ڪتابن تي
باضابطه نموني تنقيدي مقالا لکڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. ان ڪري اهي حاشين تي لکيل
ٽڪرا جيئن جو تيئن بنا ڪنهن مددي ڪتاب استعمال ڪرڻ جي، هن شڪل ۾ آندا اٿم. جيئن
انهن ڪتابن پڙهڻ وقت منهنجي ذهن ۾ انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڳالهين بابت پيدا ٿيل تنقيدي
رايا محفوظ ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ ”پنجاب ڪا مقدمه“ جا حاشيه هڪ ننڍڙي ڪتاب ”سنڌي قوم
جو مقدمو“ ۾ اچي چڪا آهن. ان ڪري هاڻ ”سندهه ڪا مقدمه“ جا تنقيدي حاشيه هن مقالي
جي صورت ۾ حاضر آهن.
مان پنهنجي مقالي ”سنڌي قوم جو مقدمو“ جي مهاڳ ۾ جناب شڪيل احمد ضياء صاحب
جي ڪتاب ”سندهه ڪا مقدمه“ تي ڪجهه هن ريت نظر وڌي هئي:
”جڏهن شڪيل صاحب جو اهو ڪتاب منهنجيءَ نظر مان گذريو ته دل کي سخت صدمو
پهتو، جو اهو ڪتاب حنيف رامي جي ڪتاب (پنجاب ڪا مقدمه) جي جواب ۾ گهٽ پر اردو
ڳالهائيندڙن جي حمايت ۽ بچاءَ ۾ وڌيڪ لکيل هو. شڪيل صاحب ڪتاب جو نالو ته ”سندهه
ڪا مقدمه“ رکيو هو، پر اصل ۾ اهو ڪتاب ”سنڌ جو مقدمو“ نه پر ”مهاجرن جو مقدمو“
هيو. ان ۾ حنيف رامي کي مظلوم قومن خاص ڪري سنڌين مٿان ڪيل جارحانه حملن جو جواب
ته ڏنل ڪونه هو، پر اردو ٻوليءَ ۽ يوپي، سي پي جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ اردو
ڳالهائيندڙ طبقي کي بنا ڪنهن شريڪ جي هن ملڪ جو وارث ڄاڻائڻ جي وڌيڪ ڪوشش ٿيل هئي.
ان صورتحال معلوم ٿيڻ بعد منهنجي اندر ۾ ان ستل جذبي وري ڪر موڙيو ته مان نه صرف
حنيف رامي کي جواب ڏيان، پر شڪيل صاحب، جنهن مٺڙي ۽ ٻاجهاري نموني سنڌ جو نالو
استعمال ڪري، اسان مٿان پنهنجي حاڪميت مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جو به کيس جواب
ڏيان.“ (رڪ سنڌي، ”سنڌي قوم جو مقدمو“ مهاڳ، ص-۴)
مان شڪيل صاحب جي ڪتاب جي ذري پرزي تي ته ڳالهائڻ ڪونه ٿو گهران ۽ نه وري
ان جي ضرورت آهي. ڇو جو شڪيل صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪا غلط بياني ڪئي آهي ۽ جيڪا تاريخي
حقيقتن سان هٿ چراند ڪئي آهي، سا سندس لاءِ اردو ليکڪ هجڻ ناتي ڪا نئين ڳالهه ڪانه
آهي. پر پاڪستان ۾ رهندڙ هر اردو ليکڪ پوءِ چاهي اهو ٺيٺ رجعت پسند هجي يا ترقي
پسنديءَ جي ويس ۾ ويڙهيل جديد رجعت پسند هجي، ان جي هتان جي قومن، انهن جي قومي
ٻولين ۽ تهذيبن ڏانهن اهڙو ئي اڻ وڻندڙ ۽ منافقت تي ٻڌل رويو رهندو آيو آهي. سندس
ان منافقت جي جواب ۾ سنڌي ٻولي اندر ڪيترائي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. جيڪي
پنهنجي جاءِ تي مستند ۽ تنقيدي لحاظ کان معتبر آهن. ان ڪري مان هن مقالي اندر چند
اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ گهران ٿو، جن کي ليکڪ منجهائڻ ۽ پردي ۾ رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي
آهي.
* * *
شڪيل احمد ضياءُ جو ڪتاب ”سندهه ڪا مقدمه“ ڪراچي،
اپريل ۱۹۸۷ع منهنجي آڏو آهي. مصنف صفحي ۹ تي لکي ٿو ته، ”پاڪستان ٻن تهذيبن جي
ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو. اهو ٽڪراءُ انهن صوبن ۽ علائقن ۾ نه ٿيو، جيڪي اڄ
پاڪستان ۾ شامل آهن. هندو مسلم تهذيبن جو منطقي ٽڪراءُ انهن علائقن ۾ ٿيو، جيڪي اڄ
ڀارت ۾ شامل آهن. مسلمانن جي تهذيب غالب تهذيب هئي.“ جناب شڪيل صاحب جو واسطو ان
ٽولي سان آهي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ جي صورت ۾ هتي مسلم قوميت جي سهاري هيٺ اچي، هتان جي
اصل قومن جي ٻولي، ڪلچر ۽ اقتصادي وسيلن تي قابض بنجي ويو. ان ڪري هن پنهنجي ان
قبضي ۽ ڦرلٽ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دنيا جي مڙني تسليم ڪيل اصولن ۽ نظرين کي پٺي
پاڏو اڇلائي، اهڙا نظريا ۽ تخيل گهڙي ورتا، جيڪي سندن ناجائز قبضي جو بچاءُ ڪن
پيا. ان ڪري شڪيل صاحب پاڪستان جي وجود کي ٻن تهذيبن يعني هندو مسلم تهذيب جي
ٽڪراءُ جو منطقي نتيجو ڄاڻايو آهي. پهريون عرض ته شڪيل صاحب اهو مذهبي تهذيبن وارو
نظريو خبر ناهي ته ڪٿان هٿ ڪيو آهي يا ڪهڙي بنياد تي پاڻ گهڙيو آهي؟ تهذيبون قومن
جون هونديون آهن، نه مذهبن جون. مذهب تهذيبن کي پنهنجي بدن مان جنم ڪونه ڏيندا
آهن. پر قومون پنهنجي جاگرافيائي وطنن اندر هزارها سالن جي جدوجهد جي نتيجي ۾
تهذيبن جي تشڪيل ڪنديون آهن. ان تشڪيلي دؤر ۾ انهن قومن جا مذهبي نظريا ۽ فڪر
تبديل ٿيندا رهندا آهن. اسان هتي سنڌي قوم جو مثال وٺون ٿا: ان جي تهذيب، سنڌي
ماڻهن جي لکين سالن جي جدوجهد جو عظيم ثمر آهي. ان وچ ۾ هتي جي ماڻهن جا مذهبي
نظريا تبديل ٿيندا رهيا. ڪڏهن هتي جي ماڻهن هندو ڌرم قبول ڪيو ته ڪڏهن ٻڌمت جا
پيروڪار رهيا. ڪڏهن جين مت ته ڪڏهن وري اسلام جا پوئلڳ ٿيا. پوءِ به انهن مذهبي ۽
نظرياتي تبديلين ڪري ڪڏهن به سندن تهذيب نه هندو بڻجي وئي ۽ نه وري اسلام سان
نوازجي مسلم تهذيب ٿي وئي. اها اول کان سنڌي تهذيب رهي ۽ هميشه سنڌي تهذيب رهندي.
پوءِ چاهي سڀاڻي سندن مذهب يا نظريو ڪهڙو به رهي. اڄ به سنڌي هندو توڙي مسلم، جين
توڙي ٻڌ جي ساڳي تهذيب آهي، ساڳي ٻولي آهي، ساڳيو لباس، ريتون رسمون ۽ هيرا آهن.
ان مسئلي تي اڳتي وڌڻ کان اڳ اسان تهذيب تي ڳالهائڻ
گهرون ٿا. تهذيب ڪنهن قوم جي ريتن رسمن، اٿڻين وهڻين، فن اڏاوت، رهائشي طور طريقن،
کاڌي، لباس، تفريح، ٻولي ۽ ادب وغيره جو نالو آهي. مصنف جنهن مسلم تهذيب جو تصور
گهڙيو آهي، سو خبر نه آهي ته ڪهڙي بنياد تي گهڙيو آهي. جڏهن عربستان جي ڌرتي تي
اسلام آيو ته ان کان اڳ عربن جي رهڻي ڪهڻي، رسمون رواج، لباس وغيره جيئن اڳ هيو،
سو اسلام جي نزول کان پوءِ به ائين رهندو آيو. ان ڪري عربن جي تهذيب کي اسلامي
تهذيب ڪونه ٿو سڏي سگهجي. اها عربي تهذيب آهي. ڇا هندوستان ۾ رهندڙ اردو
ڳالهائيندڙ مسلمان، اسلام جي اچڻ کان اڳ جڏهن ڪنهن ٻئي ڌرم جا پوڄاري هئا، ان وقت
غير مهذب هئا يا ان وقت سندن اهائي ساڳي تهذيب يعني ڪڙتو پاجامو، شيرواني، پان،
قوالي ڪانه هئي، جيڪا اسلام جو شرف حاصل ڪرڻ بعد به سندن رهندي آئي. ڇا هنن اسلام
جو شرف حاصل ڪرڻ بعد پنهنجو اڳيون ڪڙتو ۽ پاجامو لاهي، عربن وارو جبو پائي، عربن
واريون رسمون رواج اختيار ڪري، هندو تهذيب مان مٽجي اسلامي تهذيب جي دائري منجهه
اچي ويا. جي نه ته پوءِ اهو مذهبي تهذيبن واري نظرئي ۽ تخليل جو مطلب ڇا آهي.
جيڪڏهن صرف ان بنياد تي هتان جي قومن مٿان غلبو حاصل ڪري انهن کي اسلام جي نالي ۾
پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي تان هٿ کڻائڻ ۽ اردو ٻولي ۽ مغليه ثقافت اختيار ڪرڻ لاءِ
مجبور ڪرڻ جو حربو آهي ته ٺيڪ آهي. نه ته اهڙي واحيات ۽ غير سائنسي تصور گهڙڻ جي
ڪابه ضرورت ڪانه آهي. ضياءُ صاحب جنهن ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ تي تنقيد ڪندي، اهو
تصور پيش ڪيو آهي، ان جي ليکڪ حنيف رامي، ضياءُ صاحب کان وڌيڪ حقيقت پسندي جو ثبوت
ڏيندي، پنهنجي ڪتاب ۾ ان تصور کي رد ڪيو آهي ۽ پنجابي قوم کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽
ثقافت جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ تيار ڪري اڳتي وڌڻ جو سڏ ڏنو آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن به
طرح مذمت لائق نه آهي.
هاڻ اصل مسئلو، جنهن کي شڪيل ضياءُ صاحب پنهنجي فن
تحرير سان لڪائڻ ۽ منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو آهي ”پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو
سوال“. شڪيل صاحب، ان پرماري طبقي جو ڀرجهلو آهي، جنهن جون پاڙون عالمي سامراجي
نظام ۾ کتل آهن. ان ڪري هن صاحب پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي اصل سبب کي وڏي
هوشياريءَ ۽ ڏاهپ سان لڪايو ۽ منجهايو آهي. اصل ۾ پاڪستان مسلمانن کي هندن کان
تحفظ ڏيڻ جي ڪارڻ ڪري وجود ۾ ڪونه آيو آهي. پر ان جو اصل سبب عالمي سامراج کي هن
علائقي ۾ پير کپائڻ ۽ برصغير ۾ ورهاڱي کان اڳ هلندڙ سامراج دشمن تحريڪ کي ناس ڪرڻ،
گڏيل هندستان جي مڪمل آزادي ۽ خودمختياري کي روڪڻ، عالمي سماجوادي نظام جي ٿيندڙ
پيش قدمي آڏو هڪ مذهبي رجعت پسند ديوار اڀي ڪرڻ ئي پاڪستان جي وجود جو اصل سبب
آهي. جڏهن برصغير ۾ هندو مسلم عوام متحد ٿي انگريز سامراج خلاف جنگ آزادي شروع ڪئي
۽ برصغير ۾ ترقي پسند، عوام دوست ڌريون رجعت پسند حڪمرانن ۽ انهن جي ڏيهي ڇاڙتن
مٿان فتحن مٿان فتحون حاصل ڪرڻ لڳيون ته سامراجي حڪمرانن عوام دوست قوتن جي ان پيش
قدمي کي روڪڻ ۽ برصغير کي وڌيڪ عرصو پنهنجن ظالم چنبن ۾ سڪ رکڻ لاءِ مذهبي بنيادن
تي پنهنجي ڇاڙتن طرفان مذهبي تنظيمون ۽ پارٽيون جوڙائڻ شروع ڪيون. جيئن عوام مذهبي
بنيادن تي تفرقي جو شڪار بنجي پنهنجو اصل مقصد ڀلجي مذهبي جنونيت جي اهڙي باهه ۾
وڃي پئي جو صدين تائين ان مان پنهنجو پاڻ آزاد نه ڪرائي سگهي. سامراجي ڌريون، جن
مٿان سوويت يونين ۾ آيل پهريون پورهيت انقلاب، هڪ ڀوت جيان لامارا ڏئي رهيو هو ۽
سندن ذهنن ۾ اهو ڊپ ڇائنيل هو ته جيڪڏهن برصغير ۾ ترقي پسند قوتون ڪاميابيءَ سان
همڪنار ٿين ٿيون ته پوءِ سامراجي ڌرين جا ڏکڻ ايشيا مان هميشه لاءِ ٽپڙ ٻڌجي ويندا
۽ برصغير پڻ سماجوادي انقلابين جو هڪ اڏول اتحادي بنجي ويندو. ان ڪري ضروري هيو ته
برصغير ۾ ايندڙ انقلاب جو رخ موڙيو وڃي. ان لاءِ صرف هڪ حربو بچيو هو، سو هيو
مذهبي جنون. جنهن کي استعمال ڪري برصغير ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ ڏار وڌا ويا. هٿراڌو
مذهبي جماعتون کڙيون ڪري، انهن سان ساز باز ڪري برصغير جي قسمت جو فيصلو اهڙو ڪيو
ويو جو برصغير مان سامراجي ڌرين سڌي طرح نڪري، ان تي اڻ سڌي طرح اڳ کان به وڌيڪ
مضبوط قبضو ڪري ورتو. اڳ برصغير انگريزن جي سڌي غلامي يعني هڪ ڪالوني هيو، پر پوءِ
اهو هڪ جديد بيٺڪيت بنجي ويو. برصغير جو ورهاڱو ڪنهن هندو يا مسلم ليڊر يا ڪنهن
گروهه جي قربانين جو نتيجو ڪونه هيو، پر اهو عالمي سامراج جي هڪ سازش جو نتيجو هو.
ان ڪري برصغير جي ورهاڱي يا پاڪستان جي وجود کي ڪن تهذيبن جو ٽڪراءُ يا اردو
ڳالهائيندڙ مسلم عوام جي جدوجهد جو ثمر ڪوٺڻ غلط ۽ حقيقتن سان هڪ مذاق آهي. ان جو
جيئرو جاڳندو ثبوت اهو آهي جو اڄ پاڪستان ۽ هندستان ۾ ترقي پسند تحريڪ ڪچلجي ۽
تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي مڪمل خودمختياري حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
پاڪستان سامراجي ملڪن جي جديد بيٺڪي راڄ جو شڪار آهي. پاڪستان عالمي اشتراڪي
تحريڪن، مظلوم قومن جي آزادي پسند تحريڪن، پورهيت انقلابن خلاف هڪ سامراجي اڏي جي
حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي.
شڪيل ضياءُ صاحب ان ئي صفحي 9 تي اڳتي فرمائي ٿو ته،
”اوڀر پاڪستان ۽ موجوده پاڪستان جي ڪنهن به علائقي جي ثقافت جو هندو ڪلچر، هندو
زبان ۽ هندو تهذيب سان ٽڪراءُ نه هيو. پنجاب جا غير مسلم پنجابي، سنڌي جا غير مسلم
سنڌي، صوبي سرحد جا غير مسلم پشتو ڳالهائيندا هئا. مذهب جي بنياد تي ڪڏهن ڪڏهن
وقتي فساد جي فضا يا ذهنيت پيدا ٿي. هي بنياد صرف انهن علائقن ۾ هيو، جتي اردو
ڳالهائي ويندي هئي.“ شڪيل ضياءُ وڏي ڪوشش ڪندي به حقيقت کي لڪائي نه سگهيو ۽
پنهنجي هندو مسلم تهذيب واري نظرئي جي ساڳئي صفحي تي ترديد ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي
قومن جي تهذيبن کي مسلم تهذيبن جي بدران اتان جون علائقائي تهذيبون يا ٻوليون سڏي
وڌو آهي. اهڙي طرح پنهنجي ڏنل تصور جي پاڻ ئي نفي ڪئي آهي. پر چوندا آهن ته، ”چور
چوري کان ته وڃي پر هيرا ڦيري کان ڪونه وڃي.“ سو وري هن دنيا جي مڃيل نظرئي ۽
سماجي سائنس جي اصولن جي نفي ڪندي، هندستان جي تهذيب کي مذهبي نظرئي تحت هندو
تهذيب ڪوٺيو آهي ۽ هندي زبان کي هندن جي قومي زبان چوڻ بدران ان کي مذهبي زبان
هندي ڪوٺيو. جڏهن تان مان اڳئي چئي چڪو آهيان ته زبان ۽ ڪلچر نه هندو ٿيندا آهن ۽
نه وري مسلمان، پر اهي قومن جي نمائندگي ڪندا آهن. هندي ٻولي نه هندو مذهب جي
پيداوار آهي نه وري ان جي نمائنده آهي. جهڙي طرح عربي زبان نه اسلام جي پيداوار
آهي ۽ نه وري ان جي نمائندگي ڪندڙ آهي. پر اها عربستان ۾ ان وقت به موجود هئي جڏهن
اڃا اتي اسلام ڪونه آيو هو. ضياءُ صاحب جنهن ڳالهه کي اسان سنڌين، بلوچن ۽ پختونن
جي ڪمزوري ڪوٺيو آهي، يعني اسان جي علائقن ۾ هندو مسلم مذهبي فساد جو نه ٿيڻ ۽ ان
ڳالهه کي هندستان جي اردو ڳالهائيندڙن جي خوبي ڄاڻايو آهي ته اتي هندن ۽ مسلمانن
جو ٽڪراءُ ٿيو. اصل ۾ اهائي اسان جي قومن جي خوبي آهي. جو اسان سيڪيولر رهيا
آهيون. اسان مذهبي فتنن ۽ فسادن کان ان ڪري آجا رهيا آهيون، جو اسان کي ملن ۽
مولوين جي فسطائي فرقيواريت توڙي هندن جي پنڊتن جي فتني ۽ فساد تي ٻڌل تعليم نه
ملي آهي. پر اسان شاهه، سچل، سامي، سلطان باهو، گرو نانڪ، بلي شاهه، خواجه فريد جي
صوفي ازم جا وارث رهيا آهيون. جڏهن ته هندستان جي يوپي، سي پي جي مسلمانن کي
اقبال، سر سيد احمد خان جي فسطائي تعليم ملي آهي. اورنگزيب جي فتني ۽ فساد جو
فلسفو مليو آهي. ان ڪري هو اڄ تائين ان جي اثر هيٺ جتي به رهيا آهن، اتي فتني ۽
فساد کي جنم ڏنو اٿن. مذهبي جنون ۽ ڪٽرپڻو سندن حيات جو فلسفو رهيو آهي. هو جي هن
وقت هندستان ۾ آهن ته به اتي فرقيوارنه فسادن جا خالق آهن، جي بنگال ۽ سنڌ ۾ رهيا
آهن ته به هتان جي امن ۽ سڪون کي مذهبي جنون سان تباهه ڪيو اٿن. هتي رهي به هنن
هندو مسلم فساد ڪرايا آهن، شيعه سني، ديوبندي، بريلوي فساد ڪرايا آهن. جڏهن ته سنڌ
برصغير جو اهو خطو رهيو آهي، جنهن هميشه مذهبي رواداري امن عالم، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
جي سيڪيولر سوچ جي بنياد تي برصغير کي امن ۽ آشتي جو سبق ڏنو آهي. اسان جي صوفين
جي تعليم جي ئي نتيجي ۾ جڏهن برصغير ۾ مذهبي جنون عروج تي هيو، تڏهن به سنڌ ۾ شاهه،
سچل، سامي، ڀڳت ڪنور رام، دلپت، ڄيٺمل پر سرام، آءِ آءِ قاضي، گربجشاڻي سنڌي هندن
توڙي مسلمانن جا گڏيل قومي هيرا رهيا آهن ۽ انهن جي تعليم جي روشنيءَ ۾ سنڌ کي
عظمتن جي مينار تي رسايو آهي. جڏهن ته ان انساني ماڻهپي کان اسان جا اردو دان جتي
به رهيا آهن، محروم رهيا آهن.
* * *
شڪيل ضياءُ صاحب ”پاڪستان تهذيب جي حوالي سان“ واري
باب ۾ پاڪستان جي تهذيب کي يو پي، سي پي جي اردودانن جي فتني ۽ فساد واري تهذيب
ڪوٺيو آهي ۽ ان جي ٻولي اردو قرار ڏني آهي. ضياءُ صاحب جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته
پاڪستان اندر نه ڪا اردو تهذيب ڪو وجود رکي ٿي ۽ نه وري اها نام نهاد تهذيب،
پاڪستان جي تهذيب آهي ۽ نه وري سندن ٻولي پاڪستان جي وارث ٻولي آهي، پاڪستان وٽ نه
ڪا پنهنجي الڳ تهذيب آهي ۽ نه وري ڪا پاڪستاني ٻولي آهي، نه وري پاڪستان کي پنهنجو
جدا تاريخي تشخص آهي. پاڪستان چئن جدا قومن جو ملڪ آهي، جن کي پنهنجون الڳ الڳ
قومي زبانون، قومي تهذيبون ۽ قومي تشخص آهن. سي نه شڪيل ضياءُ جي پاڪستاني تهذيب
نه وري اردو ٻوليءَ جون محتاج آهن. ان ڪري شڪيل ضياءُ کي عرض آهي ته هو اسان
مسڪينن مٿان اهو سڀ ڪجهه اسلام ۽ پاڪستان جي پياري نالي ۾ مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري.
اصل ۾ اردو ڪا مسلم تهذيب نه آهي، پر اها هندستان جي يوپي، سي پي جي تهذيب آهي.
سندن پاجامو پائڻ، شيرواني اوڍڻ، پان کائڻ ۽ قوالي ڳائڻ واري تهذيب کي هندستان جي
تهذيب ته چئي سگهجي ٿو. پر اها صرف پاڪستان ۾ ٽپڻ سان اسلام جو شرف حاصل ڪري،
اسلامي تهذيب ٿي نه ٿي سگهي. نه وري سندن ٻولي اردو جيڪا هندي جي بگڙيل صورت آهي،
اها صرف پاڻ ۾ عربي، فارسي ۽ ترڪي زبانن جا لفظ سمائي، مسلمانن جي مذهبي ۽
پاڪستانين جي قومي ٻولي ٿي سگهي ٿي.
جناب شڪيل صاحب کي اها بخوبي خبر هوندي ته اردو جي
عمر ۲۵۰ سال مس آهي. اها ٻولي مغل حڪمرانن جي دؤر ۾ ان جي شاهي فوج کان شروع ٿي.
اردو ترڪي ٻولي جو لفظ آهي. جيڪو اردو= فوجي خيمه گاهه مان ورتل آهي. اردو ٻولي
هندستان جي ڪا فطري ٻولي ڪانه آهي، پر نظريه ضرورت تحت مغل حڪمرانن پنهنجي لشڪرين،
جيڪي جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هئا، انهن جي وچ ۾ رابطي لاءِ هندي زبان منجهه
ڪجهه عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ ٽنبي جوڙي وئي. ان ڪري شڪيل ضياءُ صاحب لاءِ عرض آهي
ته اردو ٻولي ڪا جدا ٻولي ڪانه آهي، پر هندي جو هڪ بگڙيل نمونو يا ان جو هڪ لهجو (Dialect) آهي. ان ڳالهه تان هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته هڪ پاڪستاني آفيسر
ترڪي جي دوري تي وڃي نڪتو. اتي جڏهن هن هڪ جڳهه تي ”اردو اڪيڊمي“ جو نالو پڙهيو ته
ڏاڍو خوش ٿيو ته اتي ڪو اردو ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ڦهلاءَ لاءِ ادارو قائم ڪيل آهي.
سو پنهنجي ترڪي ميزبانن تي زور ڀريائين ته مان پهريون ”اردو اڪيڊمي“ ڏسندس. سو
جڏهن موصوف اتي پهتو ته ڏاڍو شرمندو ٿيو جو اتي اردو ٻولي جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ
ڪا اڪيڊمي ٺهيل ڪانه هئي. پر اها ترڪن جي هڪ فوجي اڪيڊمي هئي. ڇو جو ترڪيءَ ۾
اردو=لشڪر جي معنيٰ ۾ ڪم ايندي آهي.
* * *
اسان جنهن ڳالهه جو گهڻي وقت کان رئڻو رئندا هئاسين
ته پاڪستان اسان لاءِ نه پر صرف يوپي ۽ سي پي جي مسلمانن ۽ انهن جي ٻوليءَ کي ٻين
مٿان مڙهڻ ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اها ڳالهه نه چاهيندي به شڪيل ضياءُ
ص-۱۷ تي ظاهر ڪري وڌي آهي. پاڻ لکي ٿو ته ”هي ئي (اردو) زبان هئي، جنهن کي تحفظ
لاءِ پهريان نظرئي پاڪستان ۽ پوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو.“ يعني نظرئي پاڪستان جو
مطلب اردو زبان جو تحفظ ۽ ترقي آهي. ان جو ڪنهن به طرح اسلام سان واسطو نه آهي.
پاڪستان مسلمانن کي هڪ الڳ ملڪ وٺي ڏيڻ ۽ نظرئي اسلام جي واڌ ويجهه لاءِ حاصل ڪونه
ڪيو ويو، جيئن اڄ تائين ڄاڻايو پئي ويو آهي. پر ان جو اصل مقصد اردو ٻوليءَ جو
تحفظ، اردو ڳالهائيندڙن جي جارحانه مفادن جو تحفظ ئي هيو. جناب شڪيل ضياءُ صاحب،
حنيف راميءَ جي پنجابي ٻولي کي ترقي وٺائڻ ۽ ان کي پنجاب جي قومي ٻولي بنائڻ واري
خيال جي جنهن نموني اسلام، پاڪستان ۽ اردو جي آڙ وٺي مخالفت ڪئي آهي. سا اسان سنڌي
قوم جا ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ رهواسي صرف پنجاب جي بالادست رويي کي نظر ۾
رکي، ڪڏهن به برداشت ڪرڻ ۽ ان کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسان پنجابي
زبان کي پنجاب ۾ ان جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ان مٿان اردو کي مڙهڻ واري سوچ جي حمايت
نه ٿا ڪري سگهون. اسان جنهن نموني پنهنجي ٻولي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
اهڙي نموني جي پنجاب وارن پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر لاءِ ڪا به جدوجهد ڪئي ته اسان
انهن سان هزارين اختلافن هوندي به اخلاقي طور حمايت ڪنداسين. ڇو جو جيڪا ٻولي اسان
پاڻ مٿان مڙهڻ لاءِ تيار نه آهيون، سا اسان ڪنهن به صورت ۾ بلوچستان، پختونستان ۽
پنجاب مٿان مڙهڻ جي حق ۾ نه هونداسين. اسان صرف پنجاب جي بالادست ڪردار کي نظر ۾
رکندي، اردو کي پنجابي زبان مٿان مڙهڻ واري پاليسيءَ جي حمايت ڪري، ان کي ٻين
مظلوم قومن جي ٻولين کي ختم ڪرڻ لاءِ جواز مهيا ڪرڻ جو موقعو نه ڏينداسين. جيڪڏهن
رامي صاحب، پنجاب وارن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر جي حوالي سان قومي تشخص حاصل ڪرڻ
لاءِ جدوجهد جو سڏ ڏئي ٿو ته اها ڳالهه اسان پاڻ لاءِ نيڪ شگون سمجهون ٿا. شل اها
رامي صاحب واري سوچ پنجابين جي وڏي آباديءَ ۾ اچي ۽ هونه صرف پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر
جي احياءُ لاءِ جدوجهد ڪن پر ان سلسلي ۾ اردو جي حاڪميت، جيڪا ٻين قومن جي ٻولين
مٿان مڙهيل آهي، ان جي حمايت ڪرڻ جي دعويٰ تان پڻ دست بردار ٿين.
جناب شڪيل ضياءُ صاحب، اردو جي حق ۾ ۽ ان کي پاڪستان
جي اصل وارث ٻولي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي پنهنجي ڄاڻ جا موتي پکيڙيا
آهن. ص-۱۱۶ تي لکي ٿو ته: ”اردو پاڪستان جي قومي زبان آهي، ان کان سواءِ پاڪستان ۽
پاڪستاني قوم جو وجود بي معنيٰ ٿي ويندو.“ وري صفحي 72 تي اردو جي تعريف ڪندي لکي
ٿو ته ”جيستائين اردو زبان جو واسطو آهي ته اهو واضع ڪيو ويو آهي ته اها پاڪستان
جي، پاڪستاني قوميت جي واحد نشاني ۽ واحد ضرورت آهي. ان کي انهن تاريخي قوتن هي
نالو ۽ مقام عطا ڪيو آهي، جن ئي پاڪستان تشڪيل ڪيو آهي.“
اسان شڪيل ضياءُ صاحب جي اردو ٻولي بابت اٿاريل حجتن
کي هڪ حقيقت پسند اردودان جي لفظن ۾ جواب ڏيون ٿا. محمود الحق عثماني پنهنجي مقالي
”پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ ۾ لکي ٿو ته ”اردو ٻولي کي مسلمانن جي ٻولي چوڻ يا
اسلام سان اردو جي رشتي کي ڳنڊڻ جي ڪوشش ڪرڻ غلطي ۽ حقيقت کان انڪار ٿيندو. اردو
جي ترقي ۾ هندو اديبن جو به ايترو ئي حصو آهي، جيترو مسلمان اديبن جو ۽ اڄ به
حالتن جي ناسازگيءَ جي باوجود به هندستان ۾ اردو ادب تخليق ٿي رهيو آهي ۽ ٻولي
ترقي ڪري رهي آهي.“ (رڪ سنڌي، مرتب، ”سنڌي ٻولي رت رتولي – مارچ ۱۹۸۵ع ص-۳۵)
اسان سنڌ جا سيڪيولر ۽ ترقي پسند ماڻهو ڪنهن به
ٻوليءَ جي خلاف نه آهيون. جهڙي طرح دنيا جون مڙئي ٻوليون محترم ۽ معتبر آهن، اهڙي
طرح اردو ٻولي جي به پنهنجي هڪ حيثيت آهي. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اردو ٻولي
کي ڪن نظرين ۽ تخيلن جي سهاري ڪنهن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙن مٿان ٿاڦيو وڃي. اسان صرف
اردو جي بالادست حيثيت جا مخالف آهيون. ڇا اردو ٻولي جا نادان دوست اردو ٻوليءَ کي
هڪ مذهبي گروپ تائين محدود رکي، ان ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ غير مسلم اديبن
جي ڪيل ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ چاهين ٿا. يا انهن جي تخليقن کي غير مسلم اردو قرار
ڏيئي اردو ادب جي خزاني مان ڪڪ آئوٽ ڪرڻ چاهين ٿا. ڇا اردو ڳالهائيندڙ مسلمان صرف
مذهبي جنون جي بنياد تي ڪرشن چندر، راجندر سنگهه بيدي، ساحر لڌيانوي ۽ ٻين غير
مسلم اردو اديبن کي مذهب جي حوالي سان اردو ادب مان خارج ڪرڻ چاهين ٿا. جي ها ته،
پوءِ هو اسان جا نه پر اردو ٻوليءَ جا نادان دوست آهن.
* * *
جناب شڪيل ضياءُ صاحب اردو جي حق ۾ اڳتي ص-۸۹ تي لکي
ٿو ته، ”مسلمانن ۹ سؤ سال برصغير تي حڪومت ڪئي. ان حڪومت جي مختلف دورن ۾ هڪ تهذيب
جي تشڪيل ٿي. ان عظيم الشان دؤر ۾ هڪ گڏيل زبان وجود ۾ آئي، جنهن کي اردو ڪوٺن ٿا.
پاڪستان جو قيام ان تهذيب ۽ تاريخ جي حوالي سان وجود ۾ آيو.“ مٿين مڙني حوالن مان
هڪ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان اسلام جي تحفظ ۽ برصغير ۾ رهندڙ مڙني مسلمانن جي
تحفظ ڪرڻ لاءِ وجود ۾ ڪونه آيو. جنهن ڳالهه جو چاليهن سالن کان پٽڪو پٽيو ٿي ويو.
پر ان جو واحد مقصد هندستان جي اردو ڳالهائيندڙ جي ٻولي، ڪلچر ۽ جارحانه مفادن کي
بچائڻ، وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ وجود ۾ آيو. مسلم قوم ۽ بعد ۾ پاڪستاني قوم جو جيڪو
ڍنڍورو پٽيو پي ويو. ان جي پويان صرف هڪ مقصد لڪل هيو. اهو هيو پاڪستان ۾ رهندڙ
قومن جي ٻولين ۽ تهذيبن کي فنا ڪري انهن مٿان جبري طور اردو ٻولي ۽ اردو دان طبقي
جي مخصوص تهذيب مڙهڻ. جيڪڏهن پاڪستان برصغير جي مسلمانن جي تحفظ لاءِ وجود ۾ آندو
ويو هو ته پوءِ مسلمان صرف اردودان ڪونه هيا. پر سنڌي، بلوچي، پختون، بنگالي ۽
پنجابي به مسلمان هيا. ان ڪري انهن جي به تهذيبن ۽ ٻولين جو بچاءُ ڪرڻ پاڪستان جي
عظيم تر مقصد ۾ شامل هجي ها. ڇا صرف مسلمانن جي ٻولي يا برصغير جا سڀ مسلمان هڪ ئي
ٻولي اردو ڳالهائيندا هئا، يا ڇا انهن مڙني جي تهذيب ۽ ڪلچر هڪ ئي هو. جي نه ته
پوءِ انهن مٿان اردو مڙهڻ جو ڪهڙو جواز رهي ٿو. شڪيل صاحب جي سڄي ڪتاب مان معلوم
ٿئي ٿو ته:
اردو معنيٰ اسلام ۽ اسلام معنيٰ اردو
اردو معنيٰ پاڪستان ۽ پاڪستان معنيٰ اردو
پاڪستان جو تحفظ معنيٰ اردو ڳالهائيندڙ جو تحفظ ۽
باقي پاڪستان ۾ شامل غير اردو ڳالهائيندڙن تي منڌيئڙو. جي اردو ڳالهائيندڙن کان
سواءِ باقي قومن جا ماڻهو ختم ٿيڻ نه چاهين ته پاڪستاني ٿيڻ لاءِ اردو ٻولي ۽ اردو
تهذيب قبول ڪن. ڇو جو اردو دانن اسلام جي نالي ۾ هتان جي قومن کي بنا ڪنهن جنگ ڪرڻ
جي فتح ڪري ورتو هو. اردو ٻوليءَ بابت اهي خيال نه صرف شڪيل ضياءُ صاحب جا آهن، پر
اردو دان طبقي جا مڙئي اديب ۽ دانشور ان ڳالهه تي هم خيال آهن. اردوءَ جي ان
اسلامي مرتبي تي اردو ڳالهائيندڙن جي ترقي پسندن کان وٺي ٺيٺ رجعت پسندن تائين هم
خيال ۽ هڪ راءِ آهن، ان لاءِ هڪ مولانا جناب اشرف علي ٿانوي جي هي فتويٰ خاص ڪري
پڙهڻ لائق آهي. جيڪا ماهانه ”اخبار اردو“ فيبروري ۱۹۸۷ع جي شماري ۾ شايع ڪئي وئي
آهي. مولانا اشرف علي چوي ٿو ته: ”هن وقت اردو زبان جي حفاظت دين جي حفاظت آهي، ان
ڪري هي حفاظت حسب استطاعت واجب ۽ اطاعت آهي ۽ باوجود قدرت جي ان ۾ غفلت ڪرڻ معصيت
و موجب مواخذة آخرت ٿيندي.“
جناب شڪيل ضياءُ صاحب نه صرف اسان مٿان اسلام ۽
پاڪستان جي نالي ۾ پنهنجي ٻولي ۽ مغل حڪمرانن جي ثقافت مڙهڻ چاهي ٿو پر اصل ۾ هو
هتان جي اصل قومن جي وجود جو به انڪاري آهي. پاڻ ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي پاڪستان ۾ رهندڙ
چئن مختلف قومن جي ماڻهن کي هڪ پاڪستاني قوم جي زمري ۾ آڻي، انهن جي علحده قومي
وجودن تي منڌيئڙو ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن پهريان پهريان برصغير جو ورهاڱو
ٿيو هو ته اهو به انگريزن ان مذهبي فرقي پرستي جي بنياد تي ڪيو هو ۽ پنهنجي
سامراجي پاليسي تحت ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي بنياد تحت پنهنجن مسلمانن ۽ هندو
ايجنٽن رستي مذهبي قومن يعني هندو قوم ۽ مسلمان قوم جي غير سائنسي تصور کي هوا
ڏيئي، هندو ۽ مسلم قوم جي بنيادن تي برصغير کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. پهريان پهريان
مسلم جاگيردارن، سيٺين ۽ سرمائيدارن ان قومن بابت مذهبي تصور کي گهڙي مسلم قوم جي
نعري هيٺ الڳ مسلمان ملڪ بنائڻ لاءِ ماڻهن کي بيوقوف ڪري ورتو هو. پر جڏهن ان تصور
جي بنيادن تي سامراجي سازش تحت پاڪستان حاصل ٿي ويو ته ان بعد ان هوائي نظرئي کي
پاڻ ئي محمد علي جناح رد ڪري، وري ٻيهر هڪ ٻئي غير سائنسي تصور يعني پاڪستاني
قوميت جي بنياد تي هتان جي ماڻهن کي زوري پنهنجا الڳ قومي وجود ڇڏڻ ۽ هڪ پاڪستاني
قوميت اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ شروع ڪيو، جناح جي ان تصور کي هتان جي قومن ۽ ان
جي عوام شروع ۾ ئي رد ڪري پنهنجن پنهنجن الڳ تاريخي قومي وجودن هئڻ جو اعلان ڪيو ۽
انهن قومي وجودن جي بقا لاءِ هڪ ڊگهي ويڙهه جي شروعات ڪئي. ان لاءِ شڪيل ضياءُ کي
عرض آهي ته سائين جيئن اوهان جي آقائن جو مسلم قوميت وارو نظريو پنهنجي موت پاڻ
مري ويو ۽ ان عوام جي هٿان اهڙي شڪست کاڌي جو ان جو خالق پڻ ان تان لا دعويٰ ٿي
ويو. سو هاڻ پاڪستاني قوم جو ڍونگ به پنهنجو جادو ئي اثر وڃائي چڪو آهي. ان ڪري
هاڻي اوهان ۽ اوهان جي ٽولي کي ڪڙي منهن به ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته
پاڪستان ۾ ڪابه پاڪستاني قوميت وجود ڪانه ٿي رکي. پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي.
جنهن ۾ هن وقت چار قومون هر هڪ پنجابي، سنڌي، بلوچي ۽ پختون، پنهنجن الڳ قومي
وجودن، قومي ٻولين، قومي ڪلچرن سان گڏ هزارين سالن جي تاريخ جي مالڪي رکندڙ رهن
ٿيون. انهن کي ڪنهن به مذهبي نظرئي يا تصور سان هڪ قوم ۾ ضم ڪري يا انهن جو وجود
ختم ڪري نه ٿو سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ هاڻ جڏهن هتان جو عوام، اوهان جي کل جهڙين دعوائن
کي سمجهي چڪو آهي ۽ انهن کي اعلانيه رد ڪري چڪو آهي. ان ڪري اوهان کي به هاڻ هوڏ
تان لهي، هرڀرو ڪوڙ کي سچ ڪرڻ واري مغالطي مان نڪرڻ گهرجي.
* * *
جناب شڪيل ضياءُ صاحب ۽ سندس ٽولو جيڪا ٻولي ۽ تهذيب
اسان مٿان مڙهڻ چاهي ٿو. ان بابت صفحي ۹۵ تي هن طرح رقم طراز آهي: ”واضح هجي ته
اهي سلطان ۽ شهنشاهه جن جي گاديءَ جو هنڌ دهلي هيو، سڄي هندستان جا حڪمران تسليم
ڪيا ويندا هئا. انهن مڙني صوبائي ۽ مرڪزي سلطانن ۽ شهنشاهن ان تهذيب کي پيدا ڪيو،
جيڪا مسلمانن جي تهذيب چوائي ٿي. انهن ئي تاريخ ساز فاتحن ۽ حڪمرانن ان زبان کي
تخليق ڪيو، جنهن کي اردو ڪوٺجي ٿو.“ يعني اردو مسلمانن جي تهذيب، عوام جي محنتن ۽
مشقتن جو ثمر نه آهي. جيئن سنڌ، بلوچستان وغيره جي قومن جون تهذيبون اتان جي عوام
جي تاريخي جدوجهدن، تخليقي ۽ تعميري ڪوششن جي ارتقا جي نتيجي ۾ هزارين سالن جو ثمر
آهن. اردو تهذيب ان جي ڀيٽ ۾ عوام کان مٿانهين ۽ اعليٰ آهي. اها انهن بادشاهن ۽
وزيرن، نوابن ۽ جاگيردارن جي تهذيب آهي، جيڪي عياش، ظالم ۽ عوام دشمن هئا. جن تي
سدائين اقتدار جي هوس سوار هوندي هئي. ڪمزور قومن تي حملا ڪرڻ، انهن جي وسيلن جي
ناجائز ڦرلٽ ڪرڻ، انهن کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ، اقتدار جي ڪرسي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ
ٻين کي ته ڇڏيو پر پنهنجي اهل اولاد کي به سوري جو سينگار بنائي ڇڏڻ، جن جو
پسنديده شغل هوندو هيو. اهڙن بادشاهن ۽ شهنشاهن جي ئي حرم سرائن، محلن ۽ محلاتن،
عشرتڪدن ۽ ظلمتڪدن ۾ اردو ٻوليءَ ۽ تهذيب جي تشڪيل ٿي. ان ڪري اردو تهذيب ۽ اردو
ٻولي عوامي قدرن ۽ جذبن کان هتان جي قومي ٻولين جي ڀيٽ ۾ بلڪل اياڻي ۽ اٻاڻڪي آهي.
ان ئي شهنشاهي تهذيب جي اثر ڪري اردو ڳالهائيندڙن ۾ ملڪ گيريءَ، ڦرلٽ ۽ قبضي
گيريءَ جي هوس اڃا تائين باقيات جي صورت ۾ موجود آهي. ان ئي سندن تهذيب جي اثر کين
هندستان منجهان دربدر ڪيو، بنگلاديش جي ڌرتي تان ڌڪاريو ۽ اڄ پاڪستان اندر به سندن
ان فطرتي اوگڻ ڪري هتان جون اصل قومون کانئن خائف ۽ نالان آهن. اردو ڳالهائيندڙن ۾
فتني، فساد، فرقيواريت ۽ آمريت پسندي جون وصفون ان تهذيب جو ثمر آهن. جن جي ثنا
ڪندي جناب شڪيل ضياءُ، زمين آسمان هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان
جون قومي تهذيبون، مٿين مڙني اردو تهذيب وارين خصلتن کان محروم آهن. اسان جو ترقي
پسند ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ عوام ڪڏهن به بادشاهن جي تهذيب ۽ انهن جي حرم سرائن ۽
عشرتڪدن جي ٻولي کي پنهنجي مٿان اسلام ۽ پاڪستان جي خوبصورت نالي ۾ مڙهڻ جي اجازت
نه ڏيندو.
* * *
اسان کي شڪيل ضياءُ جي فتني ۽ فساد واري ذهنيت ڪيڏي
نه چوٽ چڙهيل نظر اچي ٿي ۽ سندس هندو مسلم فرقي پرستي واري سوچ سڄي ڪتاب مٿان
ڇائنيل آهي. پاڻ صفحي 21 تي خلافت تحريڪ ۾ هندن ۽ مسلمانن طرفان گڏيل جدوجهد کي به
خراب سمجهي ٿو ۽ هندن مسلمانن جي اتحاد کي به پنهنجي فرقيوارانه نظر سان ڏسندي
نندي ۽ خراب سمجهي ٿو ۽ ان اتحاد کي نام نهاد اتحاد سڏي ٿو. ضياءُ صاحب اردو
ٻوليءَ جو پاڻ کي عالم ۽ تاريخ جو مها ڄاڻو سمجهندي به خبر نه آهي ته ان ڳالهه جي ڇو
پرده پوشي ڪري ٿو ته اصل ۾ خلافت تحريڪ جيڪا هندستان جي ماڻهن ترڪ خلافت کي بچائڻ
لاءِ شروع ڪئي هئي. جنهن ۾ مسلمانن سان گڏ هندن جي اهم ليڊرن، شرڌانند، مدن موهن
مالويه ۽ مهاتما گانڌي سميت اتان جي سڄي عوام ان ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو
هو. ان سڄي تحريڪ جي پٺيان خلافت کي بچائڻ جو جذبو ڪارفرما ڪونه هيو. پر ان جي
پٺيان ٻيا مقصد پڻ ڪم ڪندڙ هيا. اهي هئا انگريز سامراج کان نجات ۽ سامراجي مداخلت
پوءِ جتي به ٿيندڙ هجي. ان جي مخالفت ۽ ان خلاف جدوجهد. ان ڪري جناب شڪيل ضياءُ
صاحب لاءِ عرض آهي ته هو تاريخ جي عملن کي پنهنجي مخصوص فرقي پرست نگاهه سان ڏسڻ
بدران ان کي صحيح نموني ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. کيس ڄاڻ هجڻ گهرجي ته خلافت
تحريڪ پويان اهوئي جذبو ڪم ڪري رهيو هو ته سامراج کي هر جڳهه تي ڪمزور ڪجي نه ته
هتان جي ماڻهن جو ترڪي سلطنت کي بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ ۽ ان ۾ هندن جي شموليت هڪ
تعجب خيز ڳالهه ضرور لڳي ٿي. جڏهن هندو ۽ مسلمان متحد ٿي انگريز سامراج سان پنهنجي
آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا ته اهو سندن ڪردار ترقي پسند ۽ تاريخ جي گهرجن مطابق
هيو. پر اڳتي هلي انگريزن جي گماشتن ان اتحاد کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ، انگريزن خلاف
هلندڙ تحريڪ جو رخ موڙي فرقيواريت ڏانهن ڪرڻ لاءِ انگريزن جي اشاري تي هندو مسلم
نفاق جو ٻج ڇٽيو. اهڙا ماڻهو انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ راڄ ڪرايو“ جي پاليسي جا مهرا
ٿي ڪم ڪري رهيا هئا. اهڙن ماڻهن جي مصنف پٺيرائي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙن
ماڻهن جي سوچ جي ترجماني ڪئي آهي. ڇو جو پاڻ به ان فرقيواريت جي مهرباني سان هن
منزل تي پهتو آهي ۽ سندس سڄو ٽولو ان فرقيواريت جو ڦل پاڪستان جي صورت ۾ کائي رهيو
آهي. مصنف جي ان فرقيوار ذهنن جي پٺڀرائي جو اندازو هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو
ته، ”جنگ جي خاتمي تي نام نهاد هندو مسلم اتحاد ختم ٿي ويو ۽ ان زماني ۾ محمد علي
جناح جي قيادت اڀري رهي هئي.“ (ص-۲۱)
* * *
هن ڪتاب ۾ لائق مصنف ص ۱۳۲ تي بمبئي کان سنڌ جي
علحدگيءَ جي تحريڪ جو سڄو سارو ڪريڊنٽ محمد علي جناح ۽ اقليتي صوبن جي مسلمانن کي
ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي تاريخ سان هڪ بيهودي مذاق ڪئي آهي. مصنف بمبئي کان سنڌ جي علحدگي
جي تحريڪ لاءِ ڏنل سنڌي عوام جي قربانين سان مذاق ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي بمبئي
کان علحدگي جي تحريڪ پهريان پهريان سنڌي هندن ئي شروع ڪئي ۽ پوءِ ان ۾ سنڌي مسلمان
۽ انهن جا ليڊر شامل ٿيندا ويا. جيڪڏهن برصغير سطح تي ڪا اسان کي مدد يا حمايت ملي
سا به سکڻي بيانن ۽ ٺهرائن تائين محدود هئي. سا به ان وقت جڏهن تحريڪ پنهنجي آخري
مرحلن تائين سفر ڪري چڪي هئي. اقليتي صوبن جي مسلمانن ان ڏس ۾ ڪهڙي مدد يا حمايت
ڪئي ان جو شڪيل ضياءُ صاحب کي ڪو مثال ڏيڻ گهرجي ها ته اسين به سندن ٿورا مڃيون ها.
اصل ۾ اقليتي صوبن جا مسلمان پنهنجي فرقيوارانه مفادن لاءِ ته هميشه وڙهندا رهيا
آهن پر هنن ڪڏهن به قومن جي سياسي، ثقافتي حقن لاءِ جدوجهد ته ڇا پر ان جي سکڻي
حمايت به ڪانه ڪئي آهي.
جناب شڪيل صاحب جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته جڏهن ۱۸۴۳ع ۾
سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ته هنن پنهنجي انتظامي سهولتن خاطر ۱۸۴۷ع ۾ سنڌ جي الڳ
وطني حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو. ان زوري الحاق ۽
ڳانڍاپي خلاف سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن کان ئي احتجاج ڪندا رهيا. ان شروعاتي احتجاج ۱۹۱۳ع
۾ هڪ باضابطه شڪل اختيار ڪئي. ان شروعاتي دؤر ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي
تحريڪ جا پهريان مهندار هرچندراءِ وشنداس ۽ غلام محمد ڀرڳڙي هئا. ان بعد انهن سان
ان تحريڪ ۾ ٻيا به سنڌي هندو توڙي مسلم ليڊر گڏجندا ويا. جن ۾ سيٺ غلام علي ڇاڳلا،
سيٺ يوسف علي علوي، سيٺ عبدالله هارون، ديوان ٽهلرام کيمچند، ديوان شيوارام ڏيون
مل، جمشيد مهتا، ڄيٺمل پرسرام، آچاريه ڪرپلاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر چوئٿرام
گدواڻي، غلام حسين هدايت الله جا نالا قابل ذڪر آهن. جن مان ڪي ته ان ڏکئي سفر ۾
گهڻو وقت هلي نه سگهيا. ته ڪي وري وقت سان ساٿ نه ڏيئي پوئتي ڌڪجي ويا. سنڌ جي
بمبئي خلاف هلايل تحريڪ ۾ سنڌ جا هندو ۽ مسلمان هڪ جيترا ڀاڳي ڀائيوار رهيا. سنڌ
جي بمبئي کان جدائي لاءِ ”سنڌ آزاد تحريڪ“ ۽ ”سنڌ پروانشل ڪانفرنسون“ ڪوٺائي ماڻهن
کي احساس ڏياريو ويو. نه صرف سنڌ سطح تي ان تحريڪ کي منظم نموني هلايو ويو، پر شيخ
عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي نمائندي جي حيثيت ۾ ۲۶ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي آل انڊيا ڪانگريس جي
سالياني اجلاس ڪانپور ۾ سنڌ جي علحدگيءَ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرائي. ان بعد آل
انڊيا يا خلافت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جيڪو مولانا ابوالڪلام آزاد جي صدارت هيٺ ڪانپور
۾ منعقد ٿيو، اتان پڻ شيخ صاحب ساڳي قرارداد منظور ڪرائي. انهن ٺهرائن بعد ئي مسلم
ليگ گهڻي بحث مباحثي بعد پنهنجي 31 ڊسمبر واري اجلاس ۾ جيڪو سر عبدالرحيم جي صدارت
هيٺ ٿيو، ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڀرپور ڪوششن سان سنڌ جي علحدگي جي حق ۾
ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
آخرڪار وڏي جهد ۽ جستجو بعد ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان
علحده ڪري، پنهنجي اصلوڪي حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو. هن تحريڪ ۾ جن مکيه ليڊرن نهايت
دليريءَ ۽ بي باڪيءَ سان حصو ورتو. انهن ۾ جناب غلام محمد ڀرڳڙي، ايوب کهڙو، ميران
محمد شاهه، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علي محمد راشدي، حاتم علوي، سوامي
گووند آنند، ڄيٺمل پرسرام، سنتداس منگهارام، جمشيد مهتا، ٽيڪمداس وڌو مل ۽ ٻيا
اڳواڻ شامل آهن.
ان ڪري جناب شڪيل ضياءُ صاحب کي حقيقتن کان منهن نه
موڙڻ گهرجي ۽ ان تحريڪ ۾ سنڌي عوام ۽ انهن جي هندو توڙي مسلم ليڊرن جي ادا ڪيل
ڪردار کي پٺي پاڏو اڇلي، صرف محمد علي جناح ۽ اقليتي صوبن جي اردو دانن جي مٿي تي
اهو تاج نه رکڻ گهرجي. کيس عرض آهي ته قبلا گهٽ ۾ گهٽ سج جيان روشن حقيقتن کان
اکيون ٻوٽڻ نه گهرجن ۽ ڪنهن قوم جي تاريخ کي ائين ڄاڻي ٻجهي مسخ ڪرڻ ۽ انهن جي
قومي ڪردار کي لوئڻ نه گهرجي.
* * *
شڪيل ضياءُ صاحب ص-۴۲ تي ونيونٽ جو ذڪر ڪندي، جتي
پنجاب جي بيروڪريسيءَ کي نندي ٿو، اتي اردو ڳالهائيندڙن کي ان گناهه کان آزاد ڪري
ڇڏي ٿو. ان وقت هو اها ڳالهه ڀلجي وڃي ٿو ته جڏهن ونيونٽ ٺهي هئي ته ان کي نه صرف
پنجاب وارن جي حمايت حاصل هئي، پر اسان جا اردو ڳالهائيندڙ پڻ ان جا محافظ اول هيا
۽ هنن ئي ماڻهن سنڌ ۾ ونيونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ جي پٺ ۾ ڇرو هڻي، پنهنجي پنجاب
دوستي ۽ سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو. شڪيل ضياءُ صاحب ڪمال بيحيائي سان تاريخ کي ٽوڙڻ
مروڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ لکي ٿو ته ”ون يونٽ صوبي سنڌ جي اردو ۽ سنڌي
ڳالهائيندڙن جي تڪليفن جو نقطه آغاز هيو.“ حقيقت ۾ ونيونٽ سنڌ جي سنڌي ماڻهن لاءِ
اصل ۾ تڪليفن جي شروعات يا نقطي آغاز ڪونه هيو پر سنڌي ماڻهن مٿان اهي تڪليفون ته
ان ڏينهن کان شروع ٿيون هيون، جڏهن کان برصغير جو ورهاڱو ٿيو هو. سنڌ لاءِ پنجاب
وارا ته پوءِ تڪليف ڏيندڙ بنيا، پر سنڌي ماڻهن کي پهريان زخم انهن اردو
ڳالهائيندڙن رسايا، جيڪي پاڻ کي سنڌين جو خيرخواهه ۽ انهن جي حقن جو محافظ ظاهر
ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به وٺ نه ٿا ڏين. شڪيل صاحب لاءِ عرض آهي ته جناب اعليٰ، ونيونٽ
اردو ڳالهائيندڙن لاءِ ته خبر ناهي تڪليف جو نقطي آغاز بڻيو يا نه پر سنڌين لاءِ تڪليفن
جو نقطي آغاز نه صرف ونيونٽ پر اوهان پڻ بڻيا. جي اوهان منجهه ٿورڙي به سچ ڳالهائڻ
۽ لکڻ جي جرئت هجي ها ته اوهان ايئن ضرور لکو ها ته سنڌين لاءِ تڪليفن جو نقطه
آغاز ڀارت کان ايندڙ پناهگير بڻيا. جن اچي سنڌ جي نوڪرين، واپاري مرڪزن، ڪارخانن،
تعليمي ادارن، زمينن تي قبضو ڪيو. اها حقيقت ڪنهن کان به لڪل ڪانه آهي، تاريخ جا
ورق شاهد آهن ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ ۳۰ سيڪڙو زمين هندو سيٺين جي ملڪيت هئي.
جنهن کي مسلمان هاري کيڙيندا هئا. جڏهن سنڌ ۾ پناهگير پهتا ته انهن اصلي هارين کي
ڇڏيل زمينن جو ۵۰ سيڪڙو پناهگيرن جي حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. الاٽمينٽ جو سڄو
اختيار سنڌ گورنمينٽ کان کسي آبادڪاريءَ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو. جيڪو مرڪزي
حڪومت جي ماتحت هو ۽ صرف ان ڏانهن جوابدهه هو. جنهن تي وري اردو دان طبقي جي
ڪامورا شاهيءَ جو قبضو رهندو آيو. ٻيو ته ڇڏيو پر ان عهدي تي ڪنهن به سنڌي کي ڪونه
رکيو ويو. جيئن لٽ جي مال جي ورهاست ۾ ڪا دخل اندازي نه ٿئي. اهڙي طرح سنڌ ۾
ڪروڙها روپين جي زمين، گهر، واپاري مرڪز نه صرف انڊيا مان آيل پناهگيرن جي حوالي
ڪيا ويا پر ۱۹۵۰ع واري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ کي ختم ڪري سنڌ جون زمينون کيڙيندڙ سنڌي
هارين جي زمينن مٿان قانوني حقداريءَ کي پڻ ختم ڪيو ويو. جنهن ڪري ڪيترائي مورثي
هاري، ابن ڏاڏن واري دؤر کان کيڙيندڙ پنهنجن ٻنين کان بيدخل ڪيا ويا. نه صرف معاشي
طرح سنڌين مٿان پنهنجو ناجائز قبضو پڪو ڪيو ويو پر سنڌ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي پڻ
ختم ڪرڻ ۽ ان مٿان پنهنجي اردو ٻولي ۽ ثقافت مڙهڻ جي زبردستي ڪوشش ڪئي وئي.
پناهگيرن جي اڳواڻ ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان هڪڙي ڌڪ سان سنڌ مان
۲۵۰۰ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪري ڇڏيا. سنڌ جون نوڪريون ۽ واپاري مرڪز ته ائين نيلام
ٿيا، ڄڻ پڙيءَ ۾ بصرن جو نيلام ٿيندو هجي.
جناب شڪيل ضياءُ صاحب ونيونٽ کي اردو دانن لاءِ پڻ
تڪليفن جو نقطي آغاز سڏيو آهي. سو وري ڪيئن، اها دعويٰ پڻ عقل ۽ سمجهه کان مٿڀري
آهي. ٿي سگهي ٿو ته هاڻ اردودان طبقي ان کي پنهنجي مفادن خلاف سجهڻ شروع ڪيو هجي،
پر ان وقت ته ان جي حامين ۾ اردو ڳالهائيندڙ صف اول ۾ موجود هيا. جنهن وقت سنڌ
اسيمبليءَ جا ميمبر ان رٿ خلاف اسيمبلي ۾ آواز بلند ڪري رهيا هئا، ان وقت صرف اردو
ڳالهائيدڙ ئي ونيونٽ جي حمايت منجهه سنڌي ميمبرن کان الڳ ٿلڳ هيا. جيڪڏهن ونيونٽ
اردو دانن لاءِ تڪليف جو نقطي آغاز هيو، ته هنن ان خلاف ڪهڙي جدوجهد ڪئي، ڪو هڪ مثال
ته ڏيڻ گهرجي ها. ڇا اردو دانن جو ڪو ليڊر ان رٿ خلاف جيل ۾ ويو. ڇا اردو
ڳالهائيندڙن ان خلاف جلسا ۽ احتجاج ڪيا. ڇا اردو پريس ان خلاف پنهنجا ڪالم ڪارا
ڪيا، جي نه ته پوءِ شڪيل صاحب ڪهڙي بنياد تي ان کي اردو دانن جي تڪليف جو نقطي
آغاز سڏي ٿو.
ونيونٽ ٺهڻ کان اڳ جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري
هڪ علحده يونٽ بنايو ويو ته ان لاءِ اسان جي اردو ڳالهائيندڙن ۽ سندن پريس سنڌ جي
ان ورهاڱي کي ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ چئي، ان جي حمايت ڪئي. يعني ان وقت منجهن
مضبوط مرڪز جو فڪر موجود ڪونه هيو. ان ڪري ان ورهاڱي کي جائز قرار ڏنو ويو. وري
جڏهن ونيونٽ بنايو ويو ۽ ڪراچي سميت سنڌ ۽ ٻين صوبن جون علحده حيثيتون ختم ڪري کين
هڪ ڪيو ويو ته رات وچ ۾ اردو دانن ۽ سندن پريس جنهن پهريان ڪراچي کي علحده يونٽ
بنائڻ واري فيصلي جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان کي ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ چئي ان کي
جائز قرار ڏنو هو، سي هاڻ ونيونٽ کي ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ چئي ان جي حمايت
منجهه لڳي ويا. ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته اردو دانن ۽ اردو پريس جو ڪوبه نظر يو
يا دين ايمان نه آهي. هو صرف پنهنجي مفادن لاءِ هر روز نوان ۽ هڪ ٻئي کان ابتڙ
دليل گهڙيندا رهن ٿا. سندن ”وسيع تر قومي مفاد“ وارو نظريو مڙني قومن جي ڀلائي
لاءِ نه پر صرف پنهنجن گروهي مفادن لاءِ گهڙيل آهي.
* * *
شڪيل ضياءُ صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخي حقيقتن سان اهڙي ته
شرمناڪ مذاق ڪئي آهي جو ان جو مثال ڪنهن ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي. پاڻ ص-43 تي لکي ٿو
ته، ”فيلڊ مارشل ايوب خان مرحوم جي دؤر ۾ سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙن ڪيتريون ئي
تحريڪون شروع ڪيون، جن کان صوبي جا سنڌي ڳالهائيندڙ بلڪل لاتعلق رهيا.“ اسان کي
جيستائين خبر آهي يا تاريخي رڪارڊ جيستائين شاهدي ڏئي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي به ونيونٽ
خلاف يا مارشل لا حڪام خلاف تحريڪون هليون، سي سڀ سنڌين ئي هلايون. ان سلسلي ۾
ايوبي دؤر حڪومت ۾ جيترو سنڌين کي ڪلچيو ويو اوترو شايد ڪنهن ٻي قوم مٿان عذاب
نازل نه ٿيو هجي. ايوبي مارشل لا دؤر ۾ سنڌي ٻولي مٿان حملا ڪيا ويا، ان جي سنڌي
فائينل واري حيثيت ختم ڪئي وئي، سنڌ جون زمينون جيڪي گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراج ڪري تيار
ٿيون هيون، سي پنجابي آبادڪارن ۽ فوجي آفيسرن کي انعام ڏنيون ويون. اسان جون
نوڪريون اسان جي هٿن مان کسيون ويون. ان خلاف سنڌي ماڻهن جيڪي به تحريڪون هلايون،
انهن کان نه صرف اردو ڳالهائيندڙ لاتعلق رهيا، پر هنن انهن تحريڪن جي پٺ ۾ ڇرو هڻي،
سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ڪئي. اردو ڳالهائيندڙ ئي مارشل لا حڪومت جا پنجابين بعد
وڏا حامي ۽ مددگار رهيا. تن آخر ان خلاف ڪهڙي تحريڪ هلائي، ان جو هڪ ٻه مثال ڏنو
وڃي ها ته اسان به مستفيض ٿيون ها. اردو دان طبقي جا ڪهڙا ليڊر مارشل لا مخالفت ۾
جيل ويا، جلسا، جلوس ۽ مظاهرا ڪين. آخر ڪو ته هڪ اڌ مثال ڏنو وڃي ها. اٽلندو سنڌين
جي مارشل لا خلاف عظيم تر جدوجهد کي ملياميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اصل ۾ ايوبي
مارشل لا خلاف وڌ کان وڌ غم ۽ غصي جو اظهار بنگال ۽ سنڌ ۾ ٿيو ۽ ان خلاف هتان جي
ئي اصل رهواسين تحريڪون هلايون. مارشل لا دؤر ۾ ۴ مارچ جي جدوجهد، ٻوليءَ جي مسئلي
تي جدوجهد، ونيونٽ خلاف ”ائنٽي ونيونٽ فرنٽ“، ”نيلام بند ڪريو تحريڪ“،”سنڌي ٻولي
قومي ٻولي تحريڪ“، سنڌي هاري ڪاميٽيءَ طرفان هلايل ”الاٽي تحريڪ“، ”سنڌ متحده
محاذ“ جهڙيون تاريخ ساز تحريڪون سنڌ جي سنڌي رهواسين مارشل لا، ونيونٽ ۽ جابر
ڪامورا شاهي خلاف هلايون. مارشل لا ۽ ونيونٽ واري سڄي عرصي ۾ سنڌ جا بهادر ڪارڪن
جيلن جون اذيتون برداشت ڪندا رهيا. سنڌ مان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد،
سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري هميشه مارشل لا ۽ ونيونٽ جي مخالفت ڪري
جيلن ۾ رهندا آيا. سنڌ جي ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ ڪاڻ اسان جي مردن توڙي نياڻين
جلسا ڪيا، جلوس ڪڍيا، بک هڙتالون ڪيون، جيل ۽ تشدد برداشت ڪيا. پر ان وقت اردو
دانن جو ڪهڙو ڪردار رهيو. اردو دانن ونيونٽ ۽ مارشل لا خلاف حيدرآباد ۽ ڪراچي
منجهه نڪرندڙ جلوسن تي حملا ڪيا، بک هڙتالين جي ڪئمپن تي راتاها ڏنا. سنڌ جي عظيم
ليڊرن خلاف اخباري طوفان کڙا ڪيا ويا. حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي جي حقن لاءِ بک هڙتال
تي ويٺل قاضي فيض محمد، ڪامريڊ لغاري ۽ ٻين مٿان رات جو حملا ڪري کين رتوڇاڻ ڪيو.
سنڌي عوام جي عظيم تر جدوجهد ۾ شموليت اختيار ڪرڻ بدران ان خلاف ”مهاجر پٺاڻ
پنجابي متحده محاذ“ جوڙيو ويو. هن محاذ جي قيام جو اصل مقصد ونيونٽ کي تحفظ ڏيڻ،
سنڌ ۾ ڌاري آباد ڪاريءَ کي جاري رکڻ، سنڌ کي ٻن ٻولين ۽ قومن وارو صوبو قرار ڏيارڻ
وغيره وغيره هيو. هن سنڌ دشمن محاذ حڪومت کان مطالبا ڪيا ته سنڌ ۾ پنجابي آبادڪارن
کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن هو سنڌ تي پنهنجو قبضو پختو ڪري سگهن. هن محاذ جي فرقي
پرست سنڌ دشمن ليڊر نواب مظفر حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڀارت ۾ فرقيوارانه فسادن جي
متاثر اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌ جي سرحد کولي وڃي. جيئن سنڌين کي تيزي سان صفحه
هستي تان ختم ڪري ڇڏجي. آخرڪار شڪيل ضياءُ صاحب ڪيئن ٿو چوي ته سنڌي ماڻهن ايوبي
آمريت خلاف جدوجهد نه ڪئي يا اردو دان طبقي طرفان هلندڙ جدوجهد جو ساٿ نه ڏنو.
ايوب خان جي دؤر ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو ڪردار ڪنهن کان به لڪل نه رهيو، ان ڪري
شڪيل ضياءُ کي ان کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
شڪيل ضياءُ صاحب، پنهنجي پر ۾ حنيف رامي جي ڪتاب
”پنجاب کا مقدمه“ جي جواب ۾ ”سندهه ڪا مقدمه“ لکي سنڌي قوم تي وڏو ڪو ٿورو ڪيو
آهي. اسان کي سندس ان عمل لاءِ وڏي پئماني تي احسانمند رهڻ گهرجي. ڇو جو ڪنهن به
سنڌي اديب، دانشور ۽ ڏاهي ۾ ايتري علمي لياقت ۽ قابليت ڪانه هئي، جو حنيف رامي
جهڙي شعله بيان مقرر ۽ ڏات ۽ ڏانءَ جي ڌڻيءَ کي سندس ان ڪتاب جو جواب ڏئي سگهي يا
ان ڪتاب جي جواب ۾ پنهنجي قوم ۽ وطن جو ڪيس لڙي سگهي. ان ڪري جناب شڪيل ضياءُ صاحب
وڏي مهرباني ۽ ٿوري سان اهو ڪيس لڙي، اسان جو منهن مٿي ڪيو آهي! ان لاءِ هن مقالي
اندر حقيقتن کي بيان ڪندي، مون جيڪي ڪجهه جناب شڪيل ضياءُ صاحب لاءِ فرمايو آهي،
ان کي هڪ جذباتي ۽ اُٻهري نوجوان جي تنقيد سمجهي يا ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار سمجهي
صرف ان کي هڪ نظر مان ڪڍڻ گهرجي. جيئن ڪنهن به ٻئي سر ڦرئي لاءِ، ههڙي قابل محققن،
اديبن ۽ دانشورن جي مٿان ههڙي نموني لکڻ جي نوبت نه اچي.
(20 فيبروري 1988ع)
No comments:
Post a Comment