02/01/2014

ڪتاب ”سپنن جو انت“ جو مــهـاڳ - سڪندر عباسي (Sikandar Abbasi)


رضوان گل جي ڪهاڻي-ڪتاب ”سپنن جو انت“ جو مــهـاڳ
وهندڙ پاڻيءَ جو آواز
سڪندر عباسي
رضوان الحق جنهن کي ادبي دنيا رضوان گل جي نالي سان سڃاڻيندي آهي، سان منهنجي واقفيت 18 سال پراڻي آهي جڏهن مان به ادبي دنيا ۾ وارد ٿيڻ لاءِ ’سچل ادبي مرڪز‘ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو هيس جيڪو اڄ به بڙ جھڙي ڇانوَ رکندڙ ادبي شخصيت ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي. احسان دانش جيان رضوان گل به سائين بشير احمد شاد جھڙي ادبي قد ڪاٺ رکندڙ وڻ جي ٻي مضبوط ٽاري آهي.

اڄ جڏهن مان رضوان گل جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سپنن جو انت“ جو مهاڳ لکڻ ويٺو آهيان ۽ يادگيرين جا پنا 18 سال پوئتي ورڻ لڳن ٿا ته بنا هٻڪ ۽ وڌاءَ جي اهو اعتراف ڪرڻ تي دل ٿي چئي ته رضوان گل انهيءَ عرصي دوران نثر توڙي نظم ۾ جيڪا مڃتا ماڻي آهي اها سندس مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جو ثمر آهي. هڪ اهڙو ادبي سفر جنهن ۾ رضوان ڪڏهن به ڪٿي به هڪ لمحي لاءِ به ٿڪيو ناهي. هن جي ڏات وهندڙ پاڻيءَ جو اهڃاڻ آهي جيڪا پنهنجي روانيءَ سان رستا ٺاهيندي اڳتي وڌندي رهندي آهي. مونکي سندس ادبي سفر ۾ ڪٿي به ڪا ننڍڙي ڪاما به نظر ڪونه ٿي اچي... هن پئي لکيو آهي ۽ بهتر کان بهتر لکيو آهي.
ڪهاڻيءَ جو وجود هڪ پوپٽ جھڙو هجي ٿو جنهن جا رنگين پرَ ڪنهن ياد جيان نازڪ ٿيندا آهن ۽ رضوان گل ان پوپٽ کي اهڙي ته پيار سان پنهنجي تخليق جي تريءَ تي ويهاريو آهي جو ان پوپٽ جا پر اڃا به وشالتا سان وکري دلفريب بڻجي ويا آهن.
دراصل اهو آرٽ صرف هڪ اديب کي ايندو آهي ته هو ڪنهن به ڪردار جي اکين رستي سندس روح ۾ لهي وڃي ۽ اهو اظهار ڪري جيڪو اظهار انهيءَ ڪردار جي وس ۾ نه هوندو آهي. رضوان گل جي ڏات کي به اها اک عطا ٿيل آهي جنهن وسيلي هو پنهنجي ڪهاڻي جي ڪردارن جي روح ۾ لهي سندن احساسن، اڌمن، ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي لفظن جي لڙيءَ ۾ پوئي دنيا آڏو آڻي ٿو.
ادب اندر جي سائنس آهي (Science of Soul). جيڪڏهن ادب نه هجي ته اهو پتو ڪيئن پوي ته ڪو تبسم مجلسي به ٿيندو آهي... چمڪندڙ چهرن پٺيان بي انتها اونداهيون به هونديون آهن... ڪا اُس ٿڌڪار جو احساس به ارپيندي آهي... ته ڪو ڇانورو لڱ ساڙيندڙ به هوندو آهي... ڪي لفظ گونگا به هوندا آهن ته ڪي خاموشيون رڙ به بڻجي پونديون آهن.
جھڙي ريت سائنس ٻاهرين ڪائنات ۾Discoveries  ڪندي رهي ٿي اهڙي طرح ادب انسان جي اندرئين ڪائنات ۾ مسلسل Discoveries ڪري ٿو. ٻاهرين ڪائنات جو توازن مادي قانونن تي بيٺل آهي ۽ اندريئن ڪائنات جو توازن انهن جذبن ۽ احساسن تي بنياد رکي ٿو جنهن جي پرک صرف ادب آهي.
رضوان گل پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جي خيالن، احساسن ۽ سوچن جو غيرمعمولي سفير آهي. هو يونانين ديوتا ’ميڊاس‘ وانگر جنهن لفظ، خيال، ڪردار ۽ سوچ کي پنهنجي فني پارس سان ڇُهي ٿو اهو سون بڻجي وڃي ٿو.
رضوان گل جون ڪهاڻيون زندگيءَ جون ڪهاڻيون آهن سندس ڪهاڻين ۾ اسان کي زندگي هر روپ ۾ ملي ٿي. زندگيءَ جا جيڪي به رنگ آهن، زندگيءَ جا جيڪي به عڪس آهن اهي سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن... جدائي جو رنگ هجي... پيار جو رنگ هجي... ميلاپ جو رنگ هجي... درد جو رنگ هجي... پيڙا جو رنگ هجي... مجبوريءَ جو رنگ هجي... ضرورت جو رنگ هجي... اَنا جو رنگ هجي... خوديءَ جو رنگ هجي... پڇتاءَ جو رنگ هجي... نيڪيءَ جو رنگ هجي... بديءَ جو رنگ هجي... مرڪ جو رنگ هجي... اکين جي آلاڻ جو رنگ هجي... وفا جو رنگ هجي... دوکي جو رنگ هجي... مطلب ته سندس ڪهاڻيون زندگيءَ جي دلفريب رنگن سان ٽمٽار آهن.
مثال طور سندس ڪهاڻي ”ڇولين جو ماتم“ پڇتاءُ بڻجي ويل هڪ اهڙي پيار جي ڪهاڻي آهي جيڪا اسٽيٽس جي آڱر نه ٿي ڇڏي جنهن ۾ وفا دولت هي حشمت آڏو هيڻي ٿي پوي ٿي.
ڪهاڻي “بت بڻجي ويل شخص“ هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو ”سي چلولا چئجن، جيڪي در در لائن دوستي“.
ڪهاڻي ”مايوسيءَ جي خاڪ“ هڪ ناپائدار نيڪيءَ جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ شخص هڪ يتيم بي سهارا نياڻيءَ تي رحم کائي ٿو پر سندس گھر ڀاتي ئي سندس رستا روڪ ڪن ٿا.
ڪهاڻي ”دک جا ٿوهر“ هڪ وڃائجي ويل پيار جي ڪهاڻي آهي جيڪو جڏهن سالن کانپوءِ اکين آڏو اچي ٿو تڏهن هو وڪامجي ڪنهن ٻي جو ٿي چڪو آهي.
ائين ڪهاڻي ”نڪمو“ هڪ بيروزگار نوجوان جي اڌمن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪهاڻي ”اڻ تڻ“ ’جھڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي‘ جي پهاڪي کي سچ ثابت ڪري ٿي. هڪ ايماندار ڪلارڪ جي اهنجن ۽ پريشانين کي عام اک آڏو خوبصورت ڪوشش ڪندي رضوان گل ڪهاڻي ”پهرين تاريخ“ سرجي آهي.
ائين ڪهاڻيون ”اجھاڻيل ڏيئو“، ”اسسٽنٽ پروفيسر“، ”مونيڪا“، ”بي شرم“، ”ساروڻيون ۽ سورَ“ ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”سپنن جو انت“ موضوع جي اعتبار سان ته معتبر ۽ من کي مهٽو ڏيندڙ آهن ئي، پر انهن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿيل آهي ان تي رضوان کي مڪمل دسترس حاصل آهي ۽ لفظن جي جوڙ جڪ به رضوان بهترين انداز ۾ ڪئي آهي. سندس انداز ۾ اها رواني آهي جو ڪير به جڏهن ڪتاب جو پهروين پنو پڙهندو ته تيسين ڪتاب کي ٺپي رکي نه سگھندو جيسين ڪتاب جو آخري پنو نه پڙهي وٺي، ڇو ته ڪهاڻين جي موضوعن ۾ اها مقناطيست آهي جيڪا اوهانکي ڪتاب اڌ ۾ ڇڏي اٿڻ نه ڏيندي.
رضوان جي هر ڪهاڻيءَ جو ڪردار، هر هڪ لفظ هڪ رڙ آهي جيڪا اسان جي نظام، اسان جي سماج کان هڪ سوال ڪري ٿي ته ”ائين ڇو آهي!!؟؟“
سعادت حسن منٽو پنهنجي لاءِ لکيو هو ته ”مان تهذيب، تمدن ۽ سوسائٽي جو چولو ڇا لاهيندس جيڪا اڳ ئي اگھاڙي آهي ۽ نه ئي مان کيس ڪپڙا پارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ڇو ته اهو منهنجو نه پر درزين جو ڪم آهي“ سو رضوان به هن سماج جي سوچ، هن معاشري جي طرزِ حيات تي، سندس اوڻائين تي ڪک ڪونه رکيا آهن  پر انهن کي اڃا به وائکو ڪيو آهي جيئن هي معاشرو انهن جي آئيني ۾ پنهنجي اصل صورت ڏسي وٺي ۽ جيڪڏهن دل تي ڪا دستڪ ٿئي ٿي، ضمير ۾ ڪا جھنجھوڙ پيدا ٿئي ٿي، اکيون کلن ٿيون ته هو پاڻ کي تبديل ڪري سگھي ٿو.
دوستو وسڪي جڏهن پنهنجو مشهور ڪتاب “Poor Folk” لکي ورتو هو تڏهن سندس دور جي هڪ بهترين نقاد ’بيلنسڪي‘ ان ڪتاب تي رايو ڏيندي لکيو هو ته ”اوهان شين جي اصليت کي کوٽي ڪڍيو آهي ۽ هڪ ئي ڌڪ سان ڪيترين ئي سچائين کي بيان ڪيو آهي. انهيءَ شاهڪار کي مناسب مانُ ڏيو. آئون اوهانکي گذارش ٿو ڪريان ته انهيءَ سان هميشه سچا رهجو، اهو ئي رستو اهي جيڪو توهانکي عظيم ليکڪ بڻجڻ ۾ مدد ڪندو.“
مان ڪو نقاد ته ناهيان پر رضوان گل کي ايترو عرض ضرور ڪندس ته سندس ڪهاڻين ۾ جيڪا زندگيءَ سچائي آهي، دل جي دروازي تي جيڪا دستڪ ٿئي ٿي، موضوع جھڙيءَ طرح منَ کي مهٽو ڏين ٿا، ڪردار جھڙي طرح ڪک ۾ ڪان ٿي لڳن ٿا اهو سڀ سندس حسنِ بيان آهي هو ان انداز جي آڱر ڪڏهن به نه ڇڏي ته مونکي يقين آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن رضوان گل ادب جي گلستان جو اهو گل ثابت ٿيندو جيڪو پنهنجي خيالن جي خوشبو سان، پنهنجي سوچن جي سرهاڻ سان ۽ پنهنجي موضوعن جي مهڪار سان سموري گلستان کي واسي ڇڏيندو.
sikandar-03003426504@yahoo.com

No comments:

Post a Comment