26/01/2014

پيرل قنبر جي شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)


دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجهان
(استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ)
احسان دانش

مون جڏهن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هو، تڏهن لاڙڪاڻي تي مشاعرن جي موسم لٿل هئي. تقريباً هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن ادبي تنظيم طرفان مشاعرو ٿيندو هيو. انهن مشاعرن ۾ طرحي مشاعرا پڻ هوندا هيا. مون کي طرح تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو هيو. مون کي هميشه شاعريءَ ۾ پابندي جو خيال ته رهيو پر شاعري ڪرڻ لاءِ پابندي مون کي ڏاڍي اوکي لڳندي هئي. پر اهو دور اهڙو هيو جو ’طرح‘ تي نه لکڻ، شاعري نه ڪري سگھڻ جهڙي الزام وانگر هوندو هيو. ’قادرالڪلام‘، ’ڪهنه مشق‘، ’همه تن گوش‘، ’مردم خيز‘ ۽ ’ملڪو‘ جهڙا لفظ مون پهريون ڀيرو انهن ئي مشاعرن ۾ ٻُڌا هئا. اها 1988ع جي ڳالهه آهي. مان اڃا شاعريءَ جا ابتدائي سبق سِکي رهيو هيس. اهي سبق سِکندي سِکندي اهڙا سبقَ به مليا جو هڪ لڱا شاعري ڪرڻ تان ئي ارواح کَڄي ويو هيو. هڪڙا جھونڙا استاد شاعر ته وزن بحر واري تور تڪ جا ايڏا وڏا ڪاريگر هيا جو ڪوئي شاعر مشاعري ۾ شعر پڙهندو هيو ته اُهي اشهد آڱر کي هڪ خاص لئي ۾ کاٻي ساڄي پيا ڦيرائيندا هيا. ٻيا همراهه وري ڪنهن نئين ۽ سيکڙاٽ شاعر جي عمده خيال کي ان خيال سان ڏسندا هيا ته اهو خيال ان سيکڙاٽ شاعر جو ٿي ئي نه ٿو سگھي. وري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نئين شاعر جو ڪو رشتيدار به شاعر هوندو هو ته کين پَڪ ٿي ويندي هُئي ته اهو شعر سندس انهيءَ رشتيدار جو لکيل آهي. ابتدائي ڏينهن ۾ جواد جعفري ۽ مون اهي عذاب سَٺا. ڳچ سالن بعد رضا بخاري ۽ رضوان گل به اهڙن مظلوم نوجوان شاعرن طور ان سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. ڪجھه شاعر دوست ته هٿ ڌوئي اسان جي ڪڍ پيا پر اسان چارئي نٺر نڪري پيا سي ۽ پوءِ به شاعريءَ تان هٿ نه کنيوسين.

انهن ئي ڏينهن ۾ مان پنهنجي ارد گرد ڪجھه اهڙن سينئر شاعرن کي به ڏٺو، جن منهنجي ڪچن ڦڪن شعرن مان به حسن پئي تلاش ڪيو. حقيقت ۾ سندن اتساهه مون ۾ ادب جي رند تي پنڌ ڪرڻ لاءِ ساهس پيدا ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انهن مشاعرن ۾ مقامي شاعرن کان علاوه ٻين شهرن جا شاعر به اچي شامل ٿيندا هيا. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، اميد خيرپوري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، ناظم منگي، نثار بزمي، گل حسن گوپانگ، احمد خان مدهوش، علي نواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي، قطب الدين تاب، نظير جروار وغيره اهم هيا. انهن ئي محفلن ۾ مان اڪثر استاد پيرل قنبر جو گھڻو ذڪر ٻڌندو هيس. ڪو چوي ته ”استاد پيرل جي ڇا ڳالهه ڪجي....!“ ڪو آکي ”سائين، استاد پيرل، اصل چئي چُپ ڪر.!!“ چڱا ڀلا استاد شاعر به چون ته ”استاد پيرل کي غزل تي ڪمال جو ملڪو حاصل آهي.“ مان چُپ چاپ ويٺو ٻڌندو هيس. انهن ئي مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جا جھونڙا خادم حسين مرکنڊ (مرحوم) ۽ محمد ابراهيم جمالي (مرحوم) اڪثر استاد پيرل قنبر جا غزل پنهنجي سريلي آواز ۾ پيا ٻُڌائيندا هيا. مون کي انهن مان ٻن غزلن جا مطلع اڃا به ياد آهن. هڪڙو غزل خادم حسين مرکنڊ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ڳائيندو هيو جيڪو اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ساڳي ڌن ۾ ٻُري پيو:
وارَ آلا جي ڪُلهن تي تون سنواري وجھندين،
ڪيئي مهمير خدا ڄاڻي تون ماري وجھندين.
۽ ٻيو غزل محمد ابراهيم جمالي پنهنجي منفرد انداز ۽ گونجندڙ آواز ۾ ٻڌائيندو رهندو هيو، جنهن جو مطلع هن طرح هيو:
يا ته تيرِ نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر.
ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن، بند بحرِ خدا تون قتل عام ڪر.
استاد پيرل قنبر جو ايڏو ذڪر ٻڌڻ بعد مون کي استاد سان ملاقات جو شوق پيدا ٿي پيو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو استاد پيرل سان مکا ميلو ٿي ويو. ايڪويهه سال اڳ واري شهدادڪوٽ جي اها منجھد مون کي اڄ به چٽي طرح ياد آهي. اوسي پاسي جا هڙئي چڱا شاعر اچي گڏ ٿيا هئا. هڪ ڪُشادي ڪمري ۾ سينئر شاعرن لاءِ مانيءَ جو الڳ بندو بست ٿيل هو. مان جونيئر هجڻ باوجود ان ڪمري ۾ ان ڪري وڃي سگھيس جو بابا سائين (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) سان گڏ هيس. جتي شاعرَ گڏ هجن اتي ڪهڙو منظر هوندو سو هر ڪو ڄاڻي ٿو.... سو اُتي به اهو ئي حال هيو. مٿان وري سڀ جھونا شاعر هيا سو رڳو هيو شعر مٿان شعر ۽ وري انهن شعرن تي بحث ۽ تبصرو. انهيءَ ڪمري ۾ استاد پيرل سان پهرين ۽ آخري ملاقات ٿي. مون کي چڱيءَ پَرِ ياد آهي اهو هڪ موضوعاتي مشاعرو هيو، جنهن جي صدارت استاد پيرل قنبر پئي ڪئي. آخر ۾ هن پنهنجا کوڙ غزل ٻڌايا ۽ خوب داد ماڻيو. هن جو شعر پڙهڻ جو انداز نرالو هيو ۽ هن پل مون کي رڳو اهو ئي ياد اچي ٿو ته هن جي شعر ۾ وڏي رواني هئي. انهن ڏينهن ۾ مون کي سندس وڌيڪ شاعري پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو هيو پر سندس ڪوئي ڪتاب شايع ٿيل نه هجڻ ڪري اهو شوق پورو نه ٿيو. ان پهرين ملاقات کان پوءِ ستت ئي هڪ ڏينهن خبر پئي ته استاد پيرل قنبر گذاري ويو....... ۽ اڄ جڏهن استاد پيرل جي وڇوڙي کي ڀريا 19 سال گذري چُڪا آهن، تڏهن سندس ڪتابَ منهنجي هٿن تائين پُڳا آهن، پر انهن 19 سالن ۾ گھڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي.
هاڻي لاڙڪاڻي ۾ نه اُهي مشاعرا آهن، نه طرحون ۽ گرهون، نه ڪُهنه مشق ڪوي، نه وزن بحر توريندڙ تکا شاعر ۽ نه ئي وري اُها الزامن جي بوڇاڙ جيڪا اسان جهڙن نون شاعرن تي ٿيندي هئي. هاڻي گھڻو ڪجهه بدلجي چُڪو آهي. سوچ ۽ فڪر جا زاويا مَٽجي ويا آهن، هاڻي شاعريءَ ۾ رڳو فن کي سڀ ڪجهه نه ٿو ڄاتو وڃي، هاڻي رڳو رواني جو درياهه ئي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هاڻي ته جدتِ خيال ۽ فڪر جي تازگيءَ جو دور آهي. هاڻي ته اندر جي اڇل ۽ اڻ ڇهيل احساس ئي روح جي تارن کي ڇُهن ٿا.  هاڻي عشق، وفا ۽ جفا جا قصا، مجنون ۽ فرهاد جون فريادون، جنون ۽ خرد جو چوٻول ڪو وساريل قصا ٿا لڳن. هاڻي شاعري تازي هوا جي جھوٽي وانگر ٿي ڀاسي، جنهن ۾ هڪ اهڙي سڳنڌ آهي جيڪا روح کي شگفتگي بخشي ٿي. هاڻي شاعري محبوب جي زلفن جي پيچ ۽ خم کان ٻاهر نڪري آئي آهي. هاڻي ته دل ۽ ڌرتي هڪ ٿي ويا آهن. هاڻي نوان آڪاش ۽ نيون اُڏامون آهن. ان ڪري اڄ جڏهن مان پنهنجي ادبي ماضي تي سوچيان ٿو ته گھڻو ڪجھه تبديل لڳي ٿو ۽ تبديلي ئي ارتقا جو اصول آهي، تبديلي ئي زندگيءَ جي علامت آهي.
اڄ جڏهن استاد پيرل قنبر جا ڪتابَ ”اُگھاڙا پير ٽانڊن تي“ ۽ ”سجدو اداس آ“ منهنجي سامهون آهن ته منهنجي اندر ۾ اهو احساس گھرو ٿي ويو آهي ته ڪاش! اهي ٻئي ڪتاب جيڪي استاد جي موت پُڄاڻان شايع ٿيا سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿين ها. منهنجي خيال ۾ جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪو ڪتابُ يا ڪتابَ سندس حياتيءَ ۾ شايع ٿين ٿا ته ان سان ٽي فائدا ٿين ٿا. پهريون شاعر پنهنجي اکين سان پنهنجي تخليق يا تخليقن جي پذيرائي ڏسي ٿو ۽ ٻيو ته هو پنهنجي مرضيءَ مطابق شاعريءَ جي چونڊ ڪري مجموعن ۾ شامل ڪري ٿو. ٽيون ان ۾ غلطين جي گُنجائش گھٽجي ويندي آهي. ڪنهن شاعر جي مُئي پڄاڻان سندس پوئنيرن کي اها ڄاڻ نه ٿي رهي ته شاعر پنهنجون ڪهڙيون تخليقون ڪتابن ۾ شايع ڪرڻ جو خواهشمند هيو ۽ ڪهڙين کي هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي رَد ڪري چڪو هيو. مون کي استاد پيرل قنبر جي ذڪر ڪيل ٻنهي ڪتابن جي مطالعي بعد اهو شديد احساس ٿيو. انهن ڪتابن ۾ پروف جي غلطين ۽ ڪجھه ڪَچن ڦڪن شعرن شامل ٿيڻ ڪري سچ ته استاد پيرل جي شعري حسن ۽ حيثيت کي ڇيهو رسيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ پيرل جهڙي استاد شاعر جي شاعري ڪٿي ڪٿي وزن ۾ به کُٽل لڳي ٿي. اهي ڪتابَ استاد پيرل جي جيئري شايع ٿين ها ته منهنجي خيال ۾ انهن ۾ هن قسم جا شعر نه هجن ها:
ائين ته شينهن پُٺيءَ تي به عشق سواريون ڪيون،
سندس جـــو دوش چنگيزيءَ تــــي اف اثر نه رهيو.
ڪونه ساقي جــــو ڇڏيو مـــــون کي وڃڻ محفل ۾
اشڪ شراب ڪيم لبـــــن کــــــي پئمانــــو ڪيو.
رهـــزن اچــن ٿــــا سامهون اکــــيون تـه پَٽِ غريبَ،
اُٿ غار چُر ۾ گـــــم هـــي پنهنجو نه ڪاروانُ ڪر.
پيرن کان چوٽي تـــائين تــه سنـگ دل صفا هـــو آ،
پـــٿـــر کـــي ڪهڙي خيال سان اڄ ٿا خـدا ڪيون.
انهن غلطين جي باوجود استاد جي چاهيندڙن ۽ شاگردن کي جَسُ آهي، جن اهي ڪتابَ ڇپائي ساڻس محبت جو اظهار ڪيو پر اهو اظهار تِهان ئي خوبصورت ٿي پوي ها جيڪڏهن انهن ڪتابن ۾ استاد جي چونڊ شاعري ڏني وڃي ها ۽ سندس شعرن کي ڌيان ڏئي ڇپيو وڃي ها.
هر شاعر جي شعري اوسر دوران الڳ الڳ دور ٿين ٿا. اهو اصول دنيا جي هر ننڍي وڏي شاعر تي لاڳو آهي. ساڳي طرح اُستاد پيرل جي شاعريءَ جي مطالعي مان به پروڙ پوي ٿي ته هن جي شاعري به جدا جدا دورن تي مشتمل آهي. انهن دورن کي اسين هن طرح ورهائي سگھون ٿا. پهريون ابتدائي دور، ٻيون عبوري يا وچون دور ۽ ٽيون آخري دور. انهن دورن جي حوالي سان هونءَ ته سندس شاعريءَ بابت تفصيلي اڀياس پيش ڪري سگھجي ٿو پر هيٺ خاص طور پيرل قنبر جي غزليه شاعريءَ جي حوالي سان انهن ٽنهي دورن جو نهايت مختصر اڀياس پيش ڪري رهيو آهيان.
پهريون دور: ــ روايتي، فارسي زده ۽ عوامي شاعري.
استاد پيرل جي شاعريءَ جي مطالعي بعد مون کي ائين محسوس ٿيو ته هو بنيادي طور هڪ روايتي ۽ عوامي شاعر آهي. هن وٽ شعري فن جي حوالي سان سگھڙائپ به موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو ڪلام مختلف ڌنن ۽ طرزن تي به لکيو. اهڙي ريت هن في البديهه شعر به چيا. هن جي شاعريءَ جو پهريون دور جيڪو پنجاهه واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ روايتي ۽ فارسي زده شاعريءَ تي مشتمل آهي، پر ساڳي دور ۾ سندس ڪلام ۾ عوامي رنگ به نظر اچي ٿو. ان کان علاوه هن ڪيترين ئي شخصيتن جي مانَ ۾ قصيدا پڻ لکيا. هن دور ۾ پيرل جي شاعريءَ ۾ فارسي ترڪيبون ۽ استعارا ججھا نظر اچن ٿا، جيڪي اصل ۾ ان دور جي تقاضا مطابق آهن ۽ اڪثر روايتي شاعر انهن جي استعمال کي سٺو سمجھندا هيا. اهو ئي سبب آهي جو سندس ان دور جي شاعريءَ ۾ زيرِ اصافت توڙي فارسي لفظن ۽ علامتن جو هڪ جھنگ نظر اچي ٿو. لطفِ پيار، نغمهءِ بهار، دلسوز، برقِ آشيان، قفس، صياد، مئه، مئخانو، ساقي، عابد، زاهد، اشڪ، ڪاشانو، خسخانو، مه لقا، بادِ صبا، لعاب، دهن وغيره جهڙا لفظ سندس شاعريءَ جي پهرين دور ۾ اڪثر ملن ٿا. ان دور ۾ هن جي شاعريءَ ۾ شيرين، فرهاد ۽ ليلا مجنون، وامق عذرا، ممتاز دمساز جهڙن قصن جي گونج به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته ديوَ پريون به نظر اچن ٿا. ان دور جي اڪثر روايتي شاعرن وانگر پيرل قنبر به فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ رهندي گل ۽ بلبل، شمع ۽ پرواني، مئه ۽ مئه خاني، زاهد ۽ ساقي جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙي هڪ جھلڪ سندس هيٺين شعر مان ڏسڻ ۾ ايندي.
دوستو مون کي ڇڏيو بلبل مري گل ڀي مري،
دفن بلبل کي ڪيان يا گل ڪيان گلزار ۾.
مهه لقا جو ڪونه آيو باهه لائي مـــون ڇڏي،
بزم ۾ مئه ۾ صـــــراحي ســاغر و مئــخوار ۾.
مئه کــپي، ســـاقــي ۽ مئخانو کپي.
شمع جي خدمـــت ۾ پروانــو کپي.
زنــدگي پــيـرل گــــذارڻ لاءِ بــس،
مون کي ڪاشانو ۽ خسخانو کپي.
قــــيــس نـــه رو، وامـــق نـه رو، ليلا نه رو، عذرا نه رو،
ڪنهن مرادان ڪين ڪي من جي مطابق پاتيون.
ديس جا سورهيه هيا ٻئي سولجر،
هڪ هــيو ممتاز ٻــيو دمساز هو.
جھنگ جھر سارو خوشبو خوشبو،
پَـــريءَ جــو شـــايـــد پرُ تـرڪيو آ.
لب خشڪ، چشم تر ۽ جگر ۾ گداز و غم،
مون وٽ زمان ماضي جي ملڪيت اڃا به آ.
گھُري ٿو رند کان زاهد ٻه قطرا،
خدا ڄاڻي ته هي ڇا ٿي رهيو آ.
اهڙي ريت ساڳي دور ۾ استاد پيرل جي شاعريءَ ۾ عوامي لب ۽ لهجو به نظر اچي ٿو، جنهن ۾ سادي ٻوليءَ اندر سادا خيال عوامي رنگ ۾ رچيل محسوس ٿين ٿا. اهڙن شعرن ۾ وري موضوعاتي حوالي سان رومانوي رنگُ گھڻو جھلڪي ٿو.
پڪي ته ثابتي مون کي به ناهي پر هُل آ،
چون ٿا عشق انڌو آ ڪندڙ هو ڪاڻو آ.
پيار جا پاور ســڀئي پنهنجي حـــوالي تو ڪيا،
عشق ۾ هڪڙو ته ڪو مون کي سڄڻ اختيار ڏي
هي اٿئي مون وٽ شيون، جنهن کي الم، غم، درد ڏئين،
جــسم، جـــان، جـــيرو، ڦڦڙ، ســـينو، جـگر، دل، ڇاتيون.
مٿين شعرن ۾ عشق بابت هُلَ ۽ عشق انڌو آ ۽ اهو ڪاڻو ڪري وجھندو آ، پاور جي لفظ جو استعمال يا جيري، ڦڦڙ، جگر ۽ ڇاتي کي ان انداز ۾ پيش ڪرڻ مان استاد پيرل جي شاعريءَ جي عوامي رنگ کي ڀلي ڀت محسوس ڪري سگھجي ٿو.
وِچون/ عبوري دور ـــــ عشقيه ۽ رومانوي شاعري.
پيرل قنبر جي شاعريءَ جي مطالعي منجھان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هن جي شاعري جو ٻيو دور عشقيه ۽ رومانوي شاعري تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ جي پهرين دور ۾ به اهو رنگ نظر اچي ٿو پر لڳي ٿو عشق جي چوٽ ۽ فراق جي عذاب کي هن پنهنجي ٻئي دور جي شاعريءَ ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو پنهنجي محبت جي معاملي کي موضوع بڻايو آهي پر شڪوه ۽ شڪايتون به ڪيون آهن، پر سندس شڪوه جو انداز نج شاعراڻو آهي ۽ ان حسن کي هر صاحبِ بصيرت محسوس ڪري سگھي ٿو.
اي دل! مان توکي چيري به ڪنهن وٽ کڻي هلان
اڄ ڪلهه ته هڪ به قطري جي قــيمت نه ٿي ملي.
چنڊ جــي تون روشنيءَ سان جھول ڀر،
مـــون کي ٻُڪ ۾ يــــار ٽـــانڊاڻو ته ڏي.
استاد پيرل جي ڪتابي صورت ۾ آيل سموري شاعري پڙهندي مان ان راءِ تي پهتو آهيان ته هن جي شاعريءَ جو حاوي موضوع رومانس آهي. پر ها ان رومانس جا هن جي شاعريءَ ۾ مختلف رنگ ۽ روپ آهن.
سُلجھائي ڪــير، ڪير نبيري ۽ طئي ڪري،
عــــرشـــن تـــي پــهتو آ وڃي الفت جو معاملو.
ڪو ڏينهن جو نه ننڊ نه ڪي رات جو قرار،
الله مـــار ڪـــا وجــھي هـــــن انــتـــظار کي.
الائــي ڪاڏي اُڏي ويو اسان جي الفت جو،
برن جي خاڪ به جاچيم اُتي ڀرم نه رهيو.
گلشن ۾ وڃــي هـــي تـــون زلفن کي نه ڦيرائج،
ڪنڊن جي ڀي چُهنبن تي سو گونچ ڦٽي پوندا.
اک ان جيءَ جو ڳوڙهو، مون چپن سا پي ڇڏيو،
ڪاٿــــي جو خـــزانو هـــو مون ڪاٿي لڪايو آ.
مٿي ڏنل شعرن کي پڙهندي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته استاد پيرل هڪ صاحب طرز شاعر هو جيڪو نه رڳو شعر جي فن ۽ آرٽ کان واقف هيو پر هن جي شاعري انوکي فڪر ۽ نازڪ خيالي جي خوبين سان به مال مال هئي. محبت کي ڌرتيءَ کان آڪاس تائين کڻي وڃڻ، انتظار کي بي قراري جي ڪيفيت سان جوڙي شعر جو معنوي حسن ظاهر ڪرڻ، الفت جي ڀرم جو اڏامي وڃڻ ۽ برن جي خاڪ ۾ جاچڻ، باغ ۾ وارن کي ڇنڊڻ سان ڪنڊن تي به گونچ ڦٽي پوڻ ۽ اک جي ڳوڙهي کي چپن سان پيئڻ ۽ انهن موتين کي من ۾ لڪائڻ وارن خيالن ۽ احساسن ۾ هڪڙي عجيب بي ساختگي ۽ نازڪ خيالي آهي. اها بي ساختگي ۽ نازڪ خيالي ئي غزل جو اصل حسن آهي. استاد پيرل جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪافي حسين غزل ملن ٿا جيڪي تغزل سان ڀرپور آهن. جيئن:
ويڄن جو در وٺان يا تنهنجو خاڪِ پا وٺان.
هــن درد نـــامــراد جي ڪنهن کان دوا وٺان.
(پورو غزل: ”سجدو اداس آ“ ص 49)
نه کڻ اکيون مان ادا کي قضا چئي نه وجھان،
دوا کـــي زهـــر، زهـــر کــي دوا چئي نه وجھان.
(پورو غزل: ”سجدو اداس آ“ ص 104)
ٽيون دور ــــ فڪري اڏام ۽ گھڻ رُخي شاعري.
استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جو ٽيون ۽ آخري دور سندس فڪري اڏام ۽ گھڻ رخي شاعريءَ جو دور آهي. هن دور ۾ رڳو رومانس ئي سندس موضوعِ سخن ناهي پر سندس شاعريءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي اهم سماجي موضوع نظر اچن ٿا. ٻين لفظن ۾ سندس شاعريءَ جي آخري دور ۾ هن جي شعرن ۾ ’دل‘ ۽ ’ڌرتي‘ ٻئي نظر اچن ٿا. استاد جي هن دور واري شاعري ۾ جديد شاعريءَ واري جھلڪ به محسوس ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن دور جي شاعريءَ ۾ هن سچَ، سماجي ناتن، غربت، بُک ۽ تنگ دستي، وطن پرستي ۽ سنڌ دوستي جهڙن موضوعن تي به قلم کئيو آهي.
ســدائـــين سچ مان چوان سچ چوڻ آ سرويچي،
وڃي هي ڪٽجي بدن، ڪٽجي پر زبان نه وڃي.
چڱائي تنهنجي کان ايڏو رهان به منڪر ڇو؟
نه لاهي ٿورو سگھان جي ته مان دعا ته ڪيان.
منهنجي تون هٿ تي آڻي ٿو ٽانڊو ٻريل رکين،
تنهنجي مان هٿ تي آڻي ٿو دل جي دُعا رکان.
اڃـــا تــــه تـــن جــي نصيبن ۾ آهي لوڻ لَسي،
مارن کي مولا کنڊون کير ڪـڏهن بخشيندين.
ان کـــي چـــيم او چــور! ڇا ڪڇ ۾ لڪايو ٿي،
ڊڄـــندي اٿـــي چيائين، هــــي مانيءَ جو ڀور آ.
مــــان ڇا ڪيان به نيٺ مــسيحا مون کي ڏسيو،
هـــڪڙو هــجي جـــي درد تـــه ان جــي دوا وٺان.
اســـان سنــــڌ خــــاطر تـــه سِرَ ڀي ڏيندا سي،
ڪنڌن جـــا هــي ڪنگرا اڏائــي ڀـلي ڪو.
اهو فڪر جيڪو مٿين شعرن ۾ نظر اچي ٿو استاد پيرل جي شاعريءَ کي جديد شاعريءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. سچ خاطر جسم جو ڳڀا ڳڀا ٿيڻ قبول ڪرڻ ۽ زبان جي سلامت رهڻ جي خواهش هڪ اهڙي سماجي قدر کي زنده رکڻ جي خواهش آهي، جنهن سان سماج مان ڪوڙ ۽ برائي جي پاڙ پٽي سگھجي ٿي. اهڙي ريت چڱائيءَ کان منڪر ٿيڻ جي عمل کان بيزارگي ۽ ٿورو لاهي نه سگھڻ واري صورت ۾ دعا ڪرڻ اصل ۾ ان اعتدال پسند معاشري کي جنم ڏئي سگھن ٿا، جنهن ۾ سماجي رشتا ۽ ناتا توازن ۾ رهي سگھن ٿا. اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻون ٿا اُتي حقيقت ۾ نيڪي جو بدلو به بَديءَ جي شڪل ۾ ملي ٿو، تنهن ڪري اُتي اها سوچ وڏي اهميت رکي ٿي ته ڪنهن جو ٿورو لاهي نه سگھجي ته ڳائجي ضرور. پر اسان جي سماج ۾ هڪڙا ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي احسان جو بدلو به ڌڪار سان ڏيندا آهن. استاد اهڙو اظهار مٿي پنهنجي هڪ شعر ۾ هٿ تي ٻريل ٽانڊي رکڻ ۽ بدلي ۾ سندس هٿ تي دعا رکڻ جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي. ان مان برائيءَ جو بدلو به چڱائي سان ڏيڻ وارو سنيهو ملي ٿو.
استاد پيرل سنڌ جو شاعر آهي ۽ سنڌ جي مسڪين مارن جي حال کان چڱيءَ ريت واقف آهي، تنهن ڪري هن مارن جي لوڻ لَسي تي گذران جو ذڪر ڪيو آهي. پر هڪ حساس شاعر جي من جي آس آهي ته ڌڻي کين کنڊون ۽ کير بخشي. کنڊ ۽ کير اصل ۾ خوشحالي جون علامتون آهن. يعني شاعر ديس جي دکي ماڻهن کي سُکيو ڏسڻ چاهي ٿو. ساڳي طرح اهو شعر ڏاڍو دل کي ڇهندڙ آهي جنهن ۾ هن مانيءَ جي ڀورَ جي چورَ جو ذڪر ڪيو آهي. اصل ۾ بک انساني جبلتن منجھان هڪ جبلت آهي. پيٽ جو دوزخ ڀرڻ انسان جي بنيادي ضرورت آهي، جنهن لاءِ هو وڏي کان وڏو گناهه ڪري سگھي ٿو. استاد جي مٿين شعر ۾ اسان جي سماجي نطام تي وڏي طنز آهي، جنهن کي هر حساس ماڻهو دل ۾ چڀندي محسوس ڪندو.
پيرل قنبر جِي آخري دور واري شاعري رڳو غمِ جانان جو ورجاءُ نه آهي پر ان ۾ غمِ دوران به ڀرپور نموني سمايل آهي، انهيءَ ڪري هو مسيحا کي چوي ٿو ته منهنجي دل ۾ ڪو هڪ درد نه آهي، جنهن جي مان توکان دوا وٺان. ان درد ۾ سنڌ جو درد به شامل آهي ۽ شاعر سهڻي سنڌ تان پنهنجو سر به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي جديد شاعرن وٽ به پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اهڙو ئي انداز ملي ٿو. جيئن شيخ اياز جو مشهور شعر آهي ته:
سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو،
ســـــــهـــــــندو ڪـــيــر مـــيـــار.
استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جو جهان بيشڪ وسيع آهي، جنهن تي گھرائي سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. مان سندس شاعريءَ جي مطالعي مان سندس فن جي جن پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي، انهن جي بنياد تي استاد جي شاعريءَ جو وسيع اڀياس ٿي سگھي ٿو. اصل ۾ هن کي پنهنجي شاعريءَ جي وسعت جو اندازو هيو ۽ کيس اها به پروڙ هئي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن ڌرتيءَ تي سندس شاعراڻي حيثيت جي ڪٿ ڪئي ويندي.
اول ته ڌرتــــي جـــي مـــان پيٽ تي به پاس ٿيان،
فلڪ جي سيني تي پنهنجو پو نام ٿي سگھندو.

No comments:

Post a Comment