06/04/2013

اڪٽر اعجاز سمون جي ڪتاب جو پيش لفظ - امر اقبال (Amar Iqbal)


اسان جي دل جي هر ڪهاڻي عجيب آهي!
ڊاڪٽر اعجاز سمون جي ڪهاڻي ڪتاب
”فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ جو پيش لفظ
امر اقبال (Amar Iqbal)
    اڪيلائيءَ  ۾  روئڻ  کان  سُٺو  آهي  ته
سُڏڪن مان هڪ  نظم  ٺاهي  وٺجي
      يا هڪ اڌوري ڪهاڻي.........
(رولاڪ شاعر جي هڪ نظم مان)

سنڌي ادبي سنگت پاران ڪجهه سال اڳ خيرپور ۾ ڪرايل ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي سنڌي ڪهاڻيءَ (اصل ۾ عظيم سنڌي ڪهاڻي)کي گولي لڳڻ واري ڪيل ڳالهه کي بنياد بڻائي شروع ڪيل بحثا بحثيون ته پُراڻيون به ٿي چڪيون، پر ڪهاڻي ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيڻي. ”ڪهاڻي“ ته هر ايندڙ پل، هڪ نئون جنم وٺي ٿي ۽ انهيءَ ئي ”ڪهاڻيءَ“ کي لفطن جا خوبصورت اسٽروڪس ڏئي ڪاغذ جي ڪئنواس تي محفوظ ڪري ڇڏيندڙن جي قافلي ۾ اسان جو دوست ڊاڪٽر اعجاز سمون پڻ شامل آهي.

حبيبَ! ماڻهو ٿيءُ امر اقبال (Amar Iqbal)


حبيبَ! ماڻهو ٿيءُ
امر اقبال
اِها حقيقت آهي ته حبيب ساجد جو ذڪر منهنجي اڪثر لکڻين ۾ اڪثر جاين تي ته ملندو ئي، پَر حبيب جي مُتعلق مون ڪڏهن سيڙجي ويهي ڪو مضمون ناهي لکيو. جڏهن ته حبيبَ مُنهنجي پهرئين (غزلن جي) مجموعي ”سمنڊ اڪيلو آهي“ جي مُهاڳَ سميت منهنجي شاعري ۽ مُنهنجي ذات متعلق هڪ کان وڌيڪَ لکڻيون لکيون آهن. انهيءَ حوالي سان مون کي پنهنجو پاڻ کي حبيبَ جو قرضي قرضي محسوس ٿيڻ فطري آهي. پندرنهن سال اڳ (اِهو قرض چُڪائڻ جي خيالَ کان) مون حبيبَ کي چيو: ”اَڄُ ويههُ تُنهنجو تفصيلي انٽرويو ڪرڻو آهي.“ حبيبَ جي پندرنهن سالَ اڳ ڪيل نهڪر اڃا قائم آهي. انهيءَ وچ ۾ الائي ڇا ڇا ٿي وَيو، الائي ڪهڙا ڪهڙا طوفانَ آيا ۽ پُلين جي هيٺان الائي ڪيترو پاڻي گذري وَيو. ماڻهو الائي ڇا مان ڇا ٿي وَيا پَر نه بدليو ته حبيب نه بدليو. اُهي ئي ٽهڪَ، بيپرواهه ٽهڪ ۽ ٽهڪن کان پوءِ هڪ طويل خاموشي...

05/04/2013

ڪتاب ”گلشڪر“ جو پيش لفظ - ناز سنائي (Naz Sanai)


ڪتاب ”گلشڪر“ جو پيش لفظ
ناز سنائي
سنڌي ٻولي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاهوڪار ٻولي آهي. علم، ادب، ڏاهپَ جا ڪيترائي پهلو منجهس موجود آهن. شاعريءَ کي ڏسجي ته هزارين ڪتابَ موجود آهن ۽ اسان جي ادب ۾ اُن جو مقام به ڪنهن درجي تي پهتل آهي. جي نثر کي ٿو ڏسجي، تڏهن به اسان جو ڪنڌ اوچو ٿيو ٿو وڃي. ڪهاڻيون، مضمون توڙي ٻين صنفن ۾ به اسان پنهنجي اُن سرمايي جو ذڪر فخر سان ڪري سگهون ٿا. اڃا به جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ سان ٻيائيءَ وارا ڪرتب نه ٿيندا هُجن ته اسان سان ڪو برميچي نه سگهي. هاٿيءَ ۽ ڪُئي جي ٻچن جي گڏ بيهڻ واري ڪَٿا ٻڌل هوندوَ، ته هاٿيءَ جي ٻچي کان ڪنهن پڇيو ته: ”عمر گهڻي اٿئي؟“ چي ”ڇهه مهينا“. وري ڪُئي جي ٻَچي کان پڇيئين ته ”ڀلا تنهنجي؟“ ان ويچاري پهرين هاٿيءَ جي ٻچي کي ڏٺو. وري وري ڏٺو ته پهرين لنوائڻ لڳو. سوال جي ورجاءَ تي جواب ڏيندي چيائين: ”آهي ته منهنجي به عمر ڇهه مهينا، پر لاڳيتين بيمارين هڻي ضعيف ڪري وڌو آهي.“

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي پهرئين ڀاڱي جو جائزو - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي
پهرئين ڀاڱي جو جائزو
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جن موضوعن تي تحقيقي نُڪتي نظر کان لکيو، تن مان هڪ ”انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ ٻيو ”اصطلاحسازي“ پڻ آهن. انهن ٻنهي موضوعن تي هن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي لحاظ کان پنهنجا خيال ۽ خواب ۽ تعبير جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي. ٻنهي موضوعن تي ڊاڪٽر محبت مختلف وقتن تي ننڍا وڏا مقالا ۽ مضمون لکيا جيڪي سندس وفات جي هڪ سال کان پوءِ اپريل 1998ع ۾ سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ پاران ڇپرايل پهرين ڪتاب طور ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي نالي سان، هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڇپيا. اهي مضمون مون پنهنجي ترتيب ۽ سهيڙ سان پيش ڪيا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هي ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ انسائيڪلوپيڊيا جو تعارف ۽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ/مرتب ڪرڻ بابت طريقيڪار واضح ڪيل آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي گھڙتِ ۽ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازيءَ تي بحث ڪيل ۽ هڪ واٽَ ڏسيل آهي، جنهن تي هَلي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ لاءِ سائنسي ۽ فني توڙي ٻِي ضروري اصطلاحسازي ڪري سگھجي ٿي.
پهرين ڀاڱي جو مکيه مضمون ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ــــــ ٿوري ڄاڻ سڃاڻ“ آهي جيڪو هنن 12- ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي:
(1) انساني سمجھه،
(2) ٻولي،
(3) لکيت،
(4) انسائيڪلوپيڊيا،
(5) انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ،
(6) سنڌ جو ماضي،
(7) سِنڌ جو حال،
(8) اسان جو فرض،
(9) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي مها ٻولَسُڌ،
(10) هڪ اداري جي گھرج،
(11) سنڌي مها ٻولَسُڌ جو ابتدائي ڪم، ۽
(12) ايڪيهين صديءَ جي آجيان.

ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙَ“ جا ٻه اکر - عبدالڪريم سنديلو (Abdul Kareem Sandilo)

ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙَ“ جا ٻه اکر
عبدالڪريم سنديلو

 وينجهار“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ ”تحقيق لغات سنڌي“ لکندي، جيڪي به پھاڪا، اک تي چڙهندا هئا، سي يڪ جاءِ ڪندو ويندو هوس. تنھن کان سواءِ ٻُڌ سُڌ مان هٿ پئي آيا، سي پڻ گڏيندو ويندو هئس. جڏهن ڏٺم ته ڏسڻ جھڙو مواد موجود ٿي ويو آهي، تڏهن ميدانِ عمل تي آڻڻ جو ارادو ٿيو. پر وري خيال آيو ته هر هڪ پھاڪي جي اصليت ڏجي ته بھتر. ڪيڏو نه ڪٺن ڪم!
اها ڪا اهڙي سولي ۽ سُٿري ڳالهه نه هئي، جا کِنَ ۾ کڻي وٺجي. هِت ته رُڪُ ٿو ريھون ڪري! جَرَ مان گڏون ڳولڻو هو يا ائين کڻي چئجي ته لَٽِيلَ لوڙهَه پَٽڻا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جي زبان تي هڪ ٻوليءَ جو اثر هجي ته ان جي پويان پئجي ۽ خيالن کي به اوستائين ڇڏجي، پر هِت ته ”پَنجَ ڪَڻي، مِھر گهڻي“ لڳي پيئي آهي.

نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار

رکيل مورائي

نصير سومرو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت خوبصورت شاعر آهي، سندس باري ۾ اهو لکندي ذاتي طور مون کي خوشي ٿيندي ته نصير شاعر ته آهي ئي، پر هو هڪ ذهين پڙهندڙ ۽ ادب بابت پنهنجا نجا ويچار رکندڙ تنقيد نگار به آهي. بنيادي طور هو انجنيئر آهي، ان ڪري هن جي هر لکڻي منطق ۽ سائنسي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ مڪمل ٿيندي آهي. نصير سنڌي ادب ۽ عالمي ادب، نظرين توڻي ڌارائن بابت هڪ سوچيندڙ ۽ پوءِ لکندڙ نوجوان آهي، جنهنڪري ڪنهن به شخص کي هن کي پنهنجو دوست سڏيندي خوشي ٿيندي آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب اچي چڪا آهن. هو شاعريءَ جي سڀني باريڪين کان واقف آهي، جنهن جو مثال هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ آيل ڇهه اڀياس آهن جن کي هن شاعريءَ جي فني ۽ فڪري ڌارائن جي سائنسي اوک ڊوک ڪوٺيو آهي. نصير نثر ۾ گهڻو ئي لکيو آهي، پر هن ڪتاب ۾ سندس اهي لکڻيون شامل آهن، جيڪي نج ادب سان تعلق رکن ٿيون، ٻيءَ طرح نصير نظرين، سياست ۽ صحافت جي حوالي ۾ به نهايت اعتماد سان ۽ سچائيءَ سان پنهنجي حصي جون لکڻيون سنڌ کي ڏنيون آهن.

امر سنڌوءَ جي هڪ نظم جو مطالعو - ادل سومرو (Adal Soomro)


موهن جي دڙي جي آخري رڙ
امر سنڌوءَ جي هڪ نظم جو مطالعو
ادل سومرو
ادبي دنيا ۾ مختلف دورن ۾ حالتن جي اثر هيٺ، فڪري تضاد اُڀرندا رهيا آهن ۽ اُنهن تضادن مان مختلف سوالن جنم پئي ورتو اهي. اهڙن سوالن مان اَديبَ جي وابستگيءَ وارو سوالُ به گهڻو بحث هيٺ رهيو آهي. سنڌي ادب جي معروضي حالتن ۾، کاٻي ۽ ساڄي ڌُر وارو سوالُ يا ترقي پسندي ۽ رجعت پسندي/پرستيءَ وارا تضاد، ون يونٽ واري دؤر جيان ٽڪراءَ ۽ شدت وارا نه رهيا آهن. پر پوءِ به اُهي ذهنن ۾ اُڀرن ضرور ٿا. اهڙا فڪري بحث، تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿين يا نه ٿين، پر سنڌي ادبُ مجموعي طور تي فڪري حاصلات جي نسبت سان ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جو پاسدار رهيو آهي.

04/04/2013

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي غزل - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي غزل
بخشل باغي (Bakhshal Baghi)
ٽين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ”سمر قند“ جي علائقي پنج رودڪ ۾ جنم وٺندڙ اُستاد الشعرا ۽ ايراني شاعريءَ جي جڳ مشهرو شاعر ”رودڪي“ (941-880ع) اهو تصور به نه ڪيو هو ته ڪو کائُونس تخليق ٿيل ۽ سندس نالي سان منسوبُ صنف ”غزل“ اڳتي هلي ڏيهان ڏيهه، ڪاميابيءَ جون منزلون طيءِ ڪندي. ”رودڪي“ فارسي زبان ۾ مثنوي، رُباعي، قصيدي وغيره جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پر هُن قصيدي جي شروعاتي حصي يعني ”تشبيب“ کي ڌار ڪري اُنَ جو نالو غزل رکيو. جنهن ڪري (910ع جي آس پاس ڏهين صديءَ ۾) هڪ نئين صِنفَ تيار ٿي وئي. جنهن کان پوءِ غزل گوئيءَ جو هڪ اُڻ کُٽ سِلسلو شُروع ٿي ويو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ جاري آهي.

شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)


ڌارِ دل جون اکيون
(شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري)
احسان دانش
 مان جڏهن به ’آنند‘ فلم ڏٺي آهي ته اکيون آليون ٿي ويون آهن. مناڊي جي آواز ۾ ”زندگي ڪيسي هي پهيلي هاءِ، ڪبهي تو هنسائي، ڪبهي يه رُلائي“ روئاري وجھندو آهي. پر اها مووي وڏي همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي. جيون کان بيزاري واري ڪيفيت ۾ هڪ دفعو ٻيهر جيئڻ جو ولولو پيدا ڪري ٿي. مان زندگيءَ ۾ جڏهن به اداس ۽ مايوس ٿيندو آهيان ته ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ان خوبصورت نوجوان مريض کي ياد ڪندو آهيان، جيڪو ڪينسر جي آخري اسٽيج تي هجڻ باوجود ڪنهن ڪنڊ ۾ روئڻ بدران سڀني کي کلائيندو هيو. هو کلائي کلائي سڀني کي روئاري ويو هو...

امر پيرزادي جي شاعري - حبيب ساجد (Habib Sajid)


تون ستل آن چنڊ هيٺان
(امر پيرزادي جي شاعري)
حبيب ساجد
سچي ڳالهه اگر ڪجي ته شاعري هن حسين دنيا جي چند حسين رهواسين جي سڀ کان حسين حرڪت آهي. اسان قرآن مجيد ۾ ته اهو ئي پڙهيو آهي ته پهريون عشق ڏاڏا آدمَ ڏاڏي حوا سان ڪيو هو. ڏاڏا سائينءَ اسان جي ڏاڏي سائنڻ کي پيار جو پهريون جملو ڪهڙو چيو هو، ان تي تحقيق جي بي انتها ضرورت آهي. آسمانن مان تڙجي اچڻ ۽ وري هڪ ٻئي کي ديوانن جيان ڳولڻ ۽ سري لنڪا جي هڪ پهاڙ ڀرسان وري ملڻ، ڪنهن به رومانٽڪ اسٽوريءَ کان گهٽ ڪونهي. ڏاڏا آدم ڏاڏي حوا کي ڏسي پهريون جيڪو به جملو چيو هوندو، اهو جملو شاعريءَ جي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان حسين سٽ هوندي.