موهن جي دڙي جي آخري رڙ
امر سنڌوءَ جي هڪ نظم جو مطالعو
ادل سومرو
ادبي دنيا ۾ مختلف دورن ۾ حالتن
جي اثر هيٺ، فڪري تضاد اُڀرندا رهيا آهن ۽ اُنهن تضادن مان مختلف سوالن جنم پئي
ورتو اهي. اهڙن سوالن مان اَديبَ جي وابستگيءَ وارو سوالُ به گهڻو بحث هيٺ رهيو
آهي. سنڌي ادب جي معروضي حالتن ۾، کاٻي ۽ ساڄي ڌُر وارو سوالُ يا ترقي پسندي ۽
رجعت پسندي/پرستيءَ وارا تضاد، ون يونٽ واري دؤر جيان ٽڪراءَ ۽ شدت وارا نه رهيا
آهن. پر پوءِ به اُهي ذهنن ۾ اُڀرن ضرور ٿا. اهڙا فڪري بحث، تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿين
يا نه ٿين، پر سنڌي ادبُ مجموعي طور تي فڪري حاصلات جي نسبت سان ترقي پسنديءَ ۽
روشن خياليءَ جو پاسدار رهيو آهي.
”اوجاڳيل
اکين جا سپنا“ اهڙي شاعره جو تخليقي اظهار آهي، جنهن جي فڪري وابستگي ۽
سماج ڏانهن ذميواري پڌري ۽ چٽي آهي. انتهاپسنديءَ ۽ تنگ نظريءَ جي سرد حالتن ۾ ڪوئي
ڪنهن نظريي جو ڪمبل اوڙهي ٿو يا نه، اِها فر د جي پنهنجي پسند جي آزادي آهي. نظريو
اهم آهي يا تخليق؟ اِهو به هڪ ڌار سوالُ آهي. جڏهن رضي
عابديءَ، اقبال ۽ فيض جي نظرياتي
وابستگيءَ جو حوالو ڏيندي لکيو هو ته:
”آئيڊيلزم جي، وهڪري ۾ وهي اقبال
اُنهن مسلمانن کي شاهين بڻجڻ جي تلقين ڪئي هئي، جن کي اڃا ڌرتيءَ تي پير کُپائڻ به
نٿي آيا ۽ فيض وري خواص جي رهنمائيءَ ۾ عوامي انقلاب آڻڻ جا خواب پئي ڏٺا.“ (ماهوار
سپوتنڪ لاهور. ڊسمبر 1995ص 275)
رضي عابديءَ جي اُنهيءَ تنقيد ۾
به ڪيئي سوالَ ساههُ کڻي رهيا آهن.
ويجھي ماضيءَ ۾ انقلابي نعرن جي ڇانوَ
۾، وابستگيءَ جون تقريرون ڪندڙ، ڪيترائي وجود جڏهن ٿڪجي ۽ حالتن کان لنوائي ٿڌن ڇانورن
جي ڳولا ۾ نڪري پيا، تڏهن به امر سنڌوءَ پنهنجي
لاءِ ڌرتتيءَ وارو پنڌ چونڊيو. هُنَ، عوام دوست فلسفي ۾ پنهنجو ويساههُ قائم رکيو ۽
آدرشن جي دنيا ۾ اڪيلي بيٺل نظر آئي. فهميده رياض
لکيو آهي ته: ”خوش قسمت آهي سنڌي ادب جو اُن ۾ امر سنڌوءَ جهڙي عورت جا پير پيا
آهن“. انهيءَ راءِ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، پر اِها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو سنڌي
سماجُ، مڃتا ڏيڻ ۽ اعتراف ڪرڻ ۾ گهڻي دير ڪري ڇڏيندو آهي.
امر سنڌوءَ جو تخليق ڏانهن رويو
فلسفياڻو آهي. سندس تخليقي اظهار، عام رواجي يڪسانيت ۽ روايتي هڪجهڙائپ کان پرڀرو
آهي. هُوءَ ديس جي اڪيلائيءَ کي پنهنجو ساٿُ آڇي ٿي ۽ انياءَ جي رتو ڇاڻ گهٽين ۾
انسانيت جي ڳوڙهن جهڙا لفظ لکي، ٿي. ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ انساني المين، دانهن ۽
اندر جي وارتائن ۽ بيچين ڪيفيتن جو هڪ منفرد تخليقي دستاويز آهي، جنهن ۾ گهاڙيٽي
جي مليل رعايت جو پورائو، فڪري اُڏام وسيلي ڪيو ويو آهي. انهيءَ شاعريءَ ۾ ٽِڙڪي
پيل دلين جي اوسارن سان گڏ، اروڙ جون اوڇنگارون به آهن ته موهن جي دڙي جي رڙ به
آهي. هر نظم کي پنهنجو ڌار ڌار چهرو آهي. هر نظم ۾ سمايل فڪر يا خيال ڪهڙو به آهي،
پر ان ۾ نُدرت ۽ تازگيءَ جو احساس آهي.
مون پنهنجي راءِ جي اظهار لاءِ
امر سنڌوءَ جي شعري ڪتاب مان فقط هڪ نظم: ”موهن جي دڙي
جي آخري رڙ“ جي چونڊ ڪئي آهي. انهيءَ شاهڪار نظم ۾ هڪ دؤر جي مڪمل احساساتي
تاريخ سمايل آهي، جنهن جا ڌار ڌار باب آهن ۽ هر بابَ جي فڪري وسعت، داخلي ڪيفيتن
کان وٺي خارجي حقيقتن تائين ڦهلجي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان نظم سان گڏُ سفر ڪندا ته
اهو اوهان کي فهم ۽ ادارڪ جي اهڙين گهٽين مان وٺي ويندو جتي اوهان سوچَ ويچار جي
نئين ڌارائن سان متعارف ٿيندا ۽اوهان جو ذهن تخليق جي نواڻ محسوس ڪندي، منفرد اظهاري
اندازَ سان گڏ خيالن جي نئين دريافت (New discovery of ideas) جو اعتراف ڪندو. نظم جي ابتدا هيءَ آهي:
موت، طئه هو
سو خوابن، نظمن ۽
پاڻَ کي ڪا به
بُليٽ ـــ پروف جيڪٽ
ڪو نه پارايم
۽ هڪ ڏينهن
نظم، مان ۽ خواب،
اوچتوئي اوچتو
مرڻ کان اڳي مري
وياسين.
مرڻ کان اڳ مرڻ وارن جو مانُ
مرتبو ته لطيف سائين به ٻُڌائي ويو آهي، پر شيخ اياز جي خوابن جا جنگي قيدي (جن کي
تلوارن جيان پيرن ۾ اُڇلايو ويو هو) کان وٺي امر سنڌوءَ جي خوابن تائين، موت تي
فتح جو فيصلو، نظم ئي ٻڌائيندا آهن. توڙ تائين هار نه مڃيندڙ ۽ فڪري پابندي قبول
نه ڪندڙ تخليقڪار، آئيندي جا روشن خواب ۽ زندگيءَ جي بشارت ڏيندڙ نظم، ڪڏهن به موت
کان شڪست نه کائيندا آهن. فنا جو فلسفو اُنهن سان لاڳو نه ٿيندو آهي. تنهن ڪري
خوابن ۽ نظمن جي آخري آرامگاهه جو ڏس پتو پاڇولي کي ٻڌائڻ جي ضرورت نٿي رهي:
دوست مون کي ڏاڍو ننڍو
ماپيو
مُنهنجي قد کان به
گهڻو ننڍو
مان دوستيءَ جو جواب
لکان ٿي
۽ آسمانُ، مون سان گڏ
جاڳي ٿو
اکين جي اوپرائپ کان
پوءِ
سڀُ پنڌ ويڳاڻا آهن
پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻڻ کان
انڪار ڪرڻ وقت
مون ڪو به نظم ڪونه لکيو
وڇوڙي، جي ٻولي
توڙَ تائين مون کي سمجھهه ۾ نه آئي سو
ويساهن جا سڀئي Chapter
بند ڪيان ٿي.
نظم جو اِهو حصو داخلي ڪيفيتن جو
انتهائي نپوڙيندڙ احساس آهي، جنهن ۾ فرد اندران اندران ڀُرندو ويندو آهي. انساني
وجود ۾ اکيون ئي آهن، جيڪي خاموش هوندي به سڀ ڪجهه ٻڌائينديون آهن. اکين جو اوپرو ٿي
وڃڻ، احساساتي رشتن ۾ نظر انداز ڪرڻ يا لنوائي ڇڏڻ، اِهي سَڀُ پلصراط جا پنڌَ آهن ۽
ويساههَ جي ويڳاڻپ ۾ واسطيداري، تعلقُ ۽ سڃاڻپ جو هجڻ يا نه هجڻ ڪا معنيٰ نٿا رکن.
اهڙا درد سٽن ۾ سمائڻ بدران، ڪنهن تيز ڌارا سان اندرَ ۾ اُڪرجي ويندا آهن. ڪنهن کي
حد کان وڌيڪَ چاهڻ ۽ ٻئي جي نسبت سان پنهنجي سُڃاڻپ رکڻ، اِهي سڀئي احساس جڏهن لتاڙجي
وڃن ته پوءِ ڪنهن نظم لکڻ جي ضرورت نٿي رهي. جڏهن روحن جا رابطه رُڪجي ويندا آهن
ته پوءِ ڪنهن ڪنهن تي ميار نه رهندي آهي ۽ ويساهن جا بابَ پنهنجو پاڻَ بند ٿي
ويندا آهن.
انهيءَ منفرد نظم جو هِڪَ بابَ جي
ابتدا هِنَ ريت آهي.
مون سان ملڻ وقت
پنهنجي اندر جي آرڪيالاجسٽ
کي
سمهاري ڇڏجو
مون کي کولڻ سان
ڪا به نئين بستي
دريافت ناهي ٿيڻي
جيڪي به چهڪَ
هن صديءَ جي وڍيل
جسمن تي آهن
اندر ۾ اُنهن جو ئي
رت ٽِمي ٿو.
امر سنڌو، هڪ روشن خيال تخليقڪار
جي حيثيت سان قومي حالتن جو ادراڪ ته رکي ٿي پر سندس شعور جو دائرو عالمي انسانيت
جي درد تائين ڦهلجي وڃي ٿو. ڪنهن سان به ٿيل انياء کي هوءَ پنهنجي ئي تڪليف سمجھي ٿي.
ديوارن کي روئندو ڏسندڙ امر سنڌو،
بين الاقوامي انسان دوستيءَ جي شعور ۾ وهنتل آهي. هُوءَ مئل جسمن جي گونگي دانهنِ
کي محسوس ڪري ٿي. هُنَ جي پين جي چُهنبَ بوسنيا کان روانڊا تائين، اُڇلايل لاشن جا
آخري ساهه ميڙي ٿي:
قتل گاهن جي ڌرتيءَ
تي
ماڻهن قومون ورهايون
۽ مان دل ڳوليندي
رهيس.
قومن جي نوحن تي
پوڙهي تاريخ ڇاتي ڪُٽيندي
رهي
۽ ڪُتن رت چٽيو
مان ڪپيل زبانن کان
سندس خواب پڇان ٿي.
ڪپيل زبانن کان خوابن بابت پڇڻ
کان قومي وحدت جي وکرڻ تائين، اظهار جي اُنهيءَ نيم ابهامي اندازَ ۾ امر سنڌو
پنهنجي دور جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حالتن کي هڪڙي ئي فڪر ۾ سمائي اِهو احساس ڏياريو
آهي ته تخليق، صرف مقصد واري واٽ جو اِشارو ناهي، پر هڪ مقصد آهي ۽ ڪمٽمنٽ آهي ۽ فڪر
کان عاري قافيائي تُڪبنديءَ کان آزاد پکين جان اُڏامندڙ تخليقون، دلين تي وڌيڪَ اثر
اندازَ ٿين ٿيون.
ساڳئي نظم جي هڪ ٻئي حصي ۾ مقصديت
کي اهميت ڏيڻ واري تصور هيٺ هن ريت اظهار ٿيل آهي:
منهنجي پاڳل ڌرتيءَ
هن عجب نشان جهڙي
آخري ڏهاڪي ۾
رُڳو شاعر ڄڻيا آهن
جن شيزوفرينا جي قي
سان
اُهي پنا وڃايا آهن
جن تي زندگي لکڻي
هئي.
هنن سٽن ۾ تخليقڪارَ، آرٽ ۾
وابستگيءَ واري سوالَ کي اُٿاريو آهي. هڪ شاعر کي پنهنجي اظهار ۾ ڪيتري حد تائين
آزادي هئڻ زندگيءَ ڏانهن هن جي ڪهڙي ذميواري هئڻ کپي، ان قسمَ جا سوالَ پنهنجيءَ
نشانيءَ سميت، ادبي تنقيد ۾ موجود رهندا آيا آهن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، شاعريءَ
کي لکجڻ ۽ ڇپجڻ کان وٺي ڳائڻ وڄائڻ تائين، بنا ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي سڌا رستا فراهم ڪيا
آهن. اهڙي شاعريءَ وسيلي سنڌي ٻولي جي ڪهڙي اوسر ٿي رهي آهي ۽ ڇا ان قسم جي پنا
ضايع ڪرڻ واري شاعري، انسانذات جي گڏيل ورثي بڻجڻ وارو اهو اجتماعي تصور قائم ڪري
سگهندي؟
ڪلچر جي بقا واري موضوع تي جولاءِ
1935ع ۾ پئرس ۾ دنيا جي روشن خيال اديبن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن جي اعلان
نامي جو هڪ حصو آهي ته:
”اسان جو قلم، اسان جو فن، اسان
جو علم اُنهن طاقتن خلاف رُڪجڻ نه گهرجي، جيڪي موت کي دعوت ڏين ٿيون. جيڪي انسانيت
جو ڳلو گُهٽين ٿيون، جيڪي دولت جي آڌار تي حڪومت ڪن ٿيون. جيڪي ڪارخانيدارن ۽
سگهارن ڌرين جي آمريت قائم ڪن ٿيون ۽ آخرڪار فاشزم جي رُوپَ ۾ آڏو اچن ٿيون. هي
اُهي قوتون آهن، جيڪي معصوم انسانن جو رُت پيئن ٿيون“.
امر سنڌوءَ کي انهن پنن جو، ارمان
آهي، جنهن تي زندگي تحرير ٿيڻي آهي. اديب ۽ شاعر جي اهڙي وابستگيءَ وارو سوالُ، اَڄُ
به ادبَ ۾ موجود آهي. پر انهن کي اُٿارڻ لاءِ، اِنَ نظم جهڙي بيباڪي درڪار آهي.
نظم جي آخري حصي ۾:
=
منهنجي واريءَ اچڻ کان اڳُ ئي
وقتُ، پنهنجي راند
ختم ڪري چڪو هو.
=
دل ديش جو عجيب پاڳلپڻو آ
خاموشيءَ جي ٻوڏ ۾
دعائن جا سَڀُ ڪتابَ
لُڙهي ويا.
=منهنجي ديوانگي ته
موهن جي دڙي جي آخري
رڙ هُئي.
انهن سٽن ۾ ديوانگيءَ جو استعارو،
اِدراڪ جي، مٿانهين درجي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن ۾ درد ۽ مذاحمت جي گڏيل ڪيفيت
جو اظهار آهي. زوال جي سرحدن ڏانهن ڌڪجندڙ پوڙهي تهذيبَ ۽ ثقافت جوڄڻ ته اِهو آخري
مرثيو تخليق ٿيو هجي. وقت ڪڏهن به ديوانن جو ساٿُ نه ڏنو آهي ۽ هُو پنهنجي راند،
اُنهن جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
هزارن ورجايل سٽن ۽ خيالن جي ڀيٽَ
۾ نئين فڪر جي تازگيءَ جو احساس ڏياريندڙ هڪڙي سٽ وڌيڪَ بهتر آهي ۽ اهڙيون سوين سٽون
امرسنڌوءَ جي ڏات مان کُنڀين جيان ڦُٽي نڪتيون آهن. آسمان کي پاڻ سان گڏ جاڳائڻ واري
امر جي شاعريءَ ۾ مزاحمت جا ڪيئي رنگ آهن ۽ هاڻ ته سندس نالو ئي مزاحمت جو استعارو
بڻجي ويو آهي. تخليق ڏانهن آدرشي رويو رکندڙ امرسنڌو جي جاڳيل اکين ۾ بنا خوف
واري، مُعاشي طور خوشحالَ ديسَ جا خواب آهن. پرولتاري پرماريت کان وٺي رشتن ناتن
جي کوکلائپ تائين، اظهار جي هر رُخَ ۾ هُنَ وٽ آرٽ آهي. حسن جمالَ جو شعور آهي ٻين
جي ڏکن ۽ ڳوڙهن ۾ جيئڻ جو حوصلو آهي ۽ آسمانُ، هِنَ جُرئتمند (Bold) عورت جي چادر کان وسيع ناهي.
No comments:
Post a Comment