04/04/2013

شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)


ڌارِ دل جون اکيون
(شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري)
احسان دانش
 مان جڏهن به ’آنند‘ فلم ڏٺي آهي ته اکيون آليون ٿي ويون آهن. مناڊي جي آواز ۾ ”زندگي ڪيسي هي پهيلي هاءِ، ڪبهي تو هنسائي، ڪبهي يه رُلائي“ روئاري وجھندو آهي. پر اها مووي وڏي همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي. جيون کان بيزاري واري ڪيفيت ۾ هڪ دفعو ٻيهر جيئڻ جو ولولو پيدا ڪري ٿي. مان زندگيءَ ۾ جڏهن به اداس ۽ مايوس ٿيندو آهيان ته ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ان خوبصورت نوجوان مريض کي ياد ڪندو آهيان، جيڪو ڪينسر جي آخري اسٽيج تي هجڻ باوجود ڪنهن ڪنڊ ۾ روئڻ بدران سڀني کي کلائيندو هيو. هو کلائي کلائي سڀني کي روئاري ويو هو...

اسين ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي ڪوڙي سچ کي ڳيت ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون، پر اها ڪوڙي گوري ئي ڪي پل اسان جي ساهن جي سلامتي جو سبب بڻجندي آهي، جنهن کي ڪڏهن خوشي خوشي ته ڪڏهن نڪ ٻوساٽي ۽ اکيون بند ڪري ڳيهڻو ئي پوندو آهي. جڏهن اسان جون اکيون بند هونديون آهن ته خواب انهن ۾ آکيرا جوڙيندا آهن. ڪير ڄاڻي ته بند اکين جي پويان خوابن جا اهي آکيرا ڪيسيتائين سلامت رهندا. ڪڏهن ڪڏهن وحشت جا واسينگ اهي آکيرا اجاڙي ڇڏيندا آهن ۽ سپنن جي دنيا انڌي کاهيءَ جهڙي ٿي ويندي آهي. کاهي، جنهن ۾ دور دور تائين اوندهه ۽ انڌوڪار هوندو آهي.... مان هڪ اهڙي شخص کي سڃاڻان جنهن ان اونداهيءَ کاهيءَ کي آس جي ٽانڊاڻن سان روشن ڪيو آهي. هاڻي اها کاهي ڪاري آسمان تي ٽمڪندڙ لکين تارن جيان ڏسجي ٿي. هن جي سوچ جي آڪاش تي رڳو جگنو ۽ تارا ئي نه آهن پر هزارين رنگ ۽ سڳنڌون به آهن.
هن سان منهنجو پهريون مکاميل يارهن سال اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي ان انتظارگاهه ۾ ٿيو هو، جتي مون جيان هو به ليڪچررشپ جي انٽرويو لاءِ منتظر هيو. ڏهن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ به ڪمري ۾ خاموشي هئي. شايد هر ڪنهن کي انٽرويو جي اڻ تڻ هئي. ان خاموشيءَ کي ٽوڙيو هڪ ڳاڙهي ڳٽول نوجوان اياز لاکير جي گفتگو. ائين ڪمري ۾ ڳالهين جو هڳاءُ ڦهليو. جبار عاطف جوڻيجو، فياض لطيف، نياز سرڪي، شبير هاليپوٽي ۽ ٻين دوستن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڪچهريءَ جو مچ ٻري پيو.
شبير کي اکين تي ڪارو چشمو ۽ چپن تي خوبصورت مرڪَ هئي، ان مرڪ ۾ وڏو اطمينان هيو. شبير پنهنجي سهڻي سُڀاءَ ۽ پياري گفتگو وسيلي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو... انٽرويو ٿي ويو، ٻين دوستن سان گڏ شبير به ڪاميابي ماڻي جنهن جي مون کي دلي خوشي ٿي. ان خوشيءَ سان گڏ جڏهن ان داستانِ درد جو پتو پيو، جنهن جوانيءَ ۾ شبير جي حياتي اونداهي ڪري ڇڏي هئي ته دل ڏکي پئي. علي دوست عاجز لکيو آهي ته: ”شبير جي Tragedy جو ذڪر خود شبير لاءِ به اهڙو ئي اڻ وڻندڙ آهي، جهڙو وفا ناٿنشاهي لاءِ اهو ذڪر اڻ وڻندڙ هوندو هو ته، هو سنڌيءَ جو بهترين پنجابي شاعر آهي. پر ڪي حادثا اهڙا ٿيندا آهن، جن جي ڄاڻ هوندي به ماڻهو انهن جو شڪار ٿي ويندو آهي. قدرت هن جي زندگيءَ جي ڪئنواس کي Black Board جهڙو بڻايو، ته هن وري ان تي رنگين چاڪن (Chalks) سان ڪيئي خوبصورت تصويرون ۽ منظر جوڙڻ شروع ڪيا“.
ان پهرين ملاقات کان پوءِ ڪا خبر نه هئي ته شبير ڪٿي آهي، پر هو مون کي اڪثر ياد ايندو هيو ۽ جڏهن به کيس ياد ڪندو هيس ته درد جي هلڪي لهر سان گڏ مون ۾ هڪ نئون اتساهه ساهه کڻندو هيو. لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان پوءِ منهنجي شعبي جو هڪ ڪاليجي استاد جوش ابڙو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ هڪ ڏينهن مون کي چيائين: ته ”احسان، شبير هاليپوٽو توهان کي ڏاڍو ياد ڪندو آهي“. دل ۾ چيم مان به ته هن کي ڏاڍو ياد ڪندو آهيان. کانئس فون نمبر ورتم ۽ ان ڏينهن شبير سان ڪيئي پل ڳالهيون ڪيم. هن وٽ منهنجي لاءِ جيڪا سڪ ۽ پيار هيو ان تي مان حيران هيس. ان چند گھڙين جي هڪڙي ملاقات کي هن پنهنجي من ۾ ائين سانڍي رکيو هيو ڄڻ اها ڏهه سال نه پر ڏهه منٽ اڳ جي ڪا ڳالهه هجي. پر پوءِ مون سوچيو اسان ماڻهو، هن دُرنگي دنيا ۾ سدا وڃايل رهون ٿا شايد تڏهن ئي پلَ به سالن جيان گذرن ٿا ۽ شبير جهڙا ماڻهو سالن کي پلن ۾ توريندا آهن ۽ خوبصورت لمحن کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ فريز ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪجھ مهينا اڳ شبير جي فون آئي ته سندس آواز چچريل لڳو، پر سندس مدعا سمجھي ويس. هو ٻئي ڏينهن علاج جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي اچڻو هيو. اها هڪ گرم منجھند هئي جڏهن شبير جي ڪار ڪاليج ۾ اچي بيٺي هئي. مان هن لاءِ ئي منتظر هيس ۽ هن سان سندس ڀاءُ نظير احمد، مامو جاويد علي ۽ دوست رفيق سيال گڏ هئا. مهراڻ هوٽل تي جيڪي پَل گڏ گذريا سي يقيناً انمول هئا. انهن خوبصورت پلن جا گواهه منهنجا دوست فياض لطيف ۽ رضوان گل به آهن. مون کي ياد آهي ته فياض، شبير کي پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ چيو هو ۽ هن پنهنجي دوست رفيق کي پنهنجي ڪوتا پڙهي ٻڌائڻ جو چيو هو. رفيق سيال پاڻ به نظم جو سٺو شاعر آهي، خاص طور سندس پيشڪش جو انداز ڏاڍو پيارو آهي. هن شبير جو ڪتاب ”هينئڙو هيرڻ پن“ وچ مان کولي سندس نظم ”لڳي ٿو تون به خوش آهين“ پنهنجي من موهڻي انداز ۾ پڙهي ٻُڌايو. مون کي لڳو هو ته ان ملاقات تي جيترو مان خوش هيس شبير به اوترو ئي خوش هيو، پر مون کي ان پل اداسي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي هئي جنهن پل شبير کي ڪار ۾ ويهاريو پئي ويو. ان لمحي مون پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي اذيت ۽ پيڙ پئي محسوس ڪئي. Advance vesicular eiles disease هاڻي شايد سندس اعصاب تي حملو ڪري رهي هئي، پر مان سندس اها مرڪ نه ٿو وساري سگھان جيڪا سندس لبن تي رقصان هئي. هن وڏي پيار سان موڪلائي مون کان اهو واعدو ورتو هيو ته مان سندس شاعريءَ تي ڪجھ لکان. پر حقيقت اها آهي ته اڄ جڏهن لکڻ ويٺو آهيان ته سوچيان ٿو ته پنهنجي هن اسپيشل دوست لاءِ مون وٽ ڪجھ به اسپيشل لکڻ لاءِ نه آهي، تنهنڪري هتي سندس شاعريءَ بابت جيڪو ڪجھ لکندس سا هڪ عام راءِ هوندي.
شبير جي شاعريءَ ۾ اوندهه ۽ انڌيري جو فطري احساس جھجھو نظر اچي ٿو. ان ڪري سندس شاعريءَ تي ڪارو رنگ حاوي آهي.
ڪاري ڪاري هيءَ اداسي
کائي ويندي زندگيءَ کي
موت تنهنجو صبح ڪيڏو آ پري
جي اڃا اڌ رات منهنجي زندگي!
آهي اندر سڄو صفا اوندهه
من ستارو مسين متو مون کان
ان اوندهه ۽ انڌوڪار جي جهان کي شبير ڪيترن ئي رنگن سان سجائي پنهنجي ڪائنات کي حسين به بڻايو آهي. اهي رنگ يقيناً زندگيءَ جا رنگ آهن:
۽ اڃا به زرد هئا
پَنَ اهي بهار ۾
آءٌ انتظار ۾
سنڌ منهنجي دنگ تنهنجا رنگ گيڙو
چپ ڏوڏا ڏنگ تنهنجا رنگ گيڙو
جيئن مڪئي سنگ تنهنجا رنگ گيڙو
ڳاڙهو، ناسي، نيرو، پيلو
رنگ رنگيلو
۽ نخريلو منهنجو ساجن
شبير جي دل ۾ ان رنگ رنگيلي ۽ نخريلي ساجن اهڙي ته جاءِ جوڙي آهي جو هو کيس هڪ پل لاءِ به وساري نه ٿو سگھي. شبير سندس تصور ۽ حسن کي ئي جيئڻ جو سبب بڻائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز صحيح لکيو هو ته: ”حسن جو احساس موت جي شڪست آهي.“  شبير پرينءَ جي چمي کي خضر جي زندگيءَ سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ سندس سمنڊ جهڙن نيرن گھرن نيڻن وري سندس من کي پيار سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو آهي. هن جي سڄي شاعريءَ تي اهي حسن جا جلوا ۽ رومانوي رنگ گھرا نظر اچن ٿا.
ٿي شروع توکان، ختم توتي ٿئي
ڏانءُ منهنجو، ڏات منهنجي زندگي
نه ٿي وسري، نه ٿي وسري، نه ٿي وسري، نه ٿي وسري
خضر جي زندگيءَ جهڙي، چمي هن جي چپن واري
نيڻ تنهنجا سمنڊ نيرو
پيار جو آ دل ذخيرو
ٻيو هتي ڇا يار ناهي
هار مون لئه هار ناهي، جي آ تنهنجي جيت
گيت منهنجا ميت
شبير هاليپوٽي هونءَ ته شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هو گيتن کي پنهنجو ميت سمجھي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين شايع ٿيل سندس ٻن شعري مجموعن مان سندس هڪ سڄو سارو مجموعو گيتن تي مشمل آهي. هو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مون سان موبائيل مسيج وسيلي پنهنجي جيڪا شاعري شيئر ڪندو آهي ان ۾ به اڪثر گيت ئي پڙهڻ لاءِ ملندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو گيت جو پختو شاعر آهي ۽ سندس گيت نه رڳو فڪري طور پختا آهن پر فن ۽ گھاڙيٽي جي لحاظ کان به نرالا ۽ جديد آهن. رفيق سيال سچ لکيو آهي ته: ”شبير هاليپوٽي جي گيتن ۾ فني پختگيءَ سان گڏ، گيت جو گھاڙيٽو، اسلوب جو اوجر، تخليق جو مروج روحاني عمل، فن، فڪر ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جا جذباتي احساس پڻ موجود آهن. سندس گيتن ۾ پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو درد، سوچڻ ۽ سرجڻ جي ترڪيبي جزن سان گڏ جمالياتي عنصر پڻ محسوس ٿئي ٿو پر اهو تيستائين محسوس نه ٿيندو جيسيتائين پڙهندڙ شاعر جي تخيل سان گڏ سفر نه ٿو ڪري“. شبير وٽ جيڪا تخيل جي گھرائي آهي اها کيس همعصر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي.
باهه درياهه ۾ ويو ترڻ
هو ڏيئو مينهن ۾ ويو ٻرڻ
هو اٻهرو اهو ڪيترو!؟
سمنڊ گھرو اهو ڪيترو!؟
شبير هاليپوٽو هڪ غير روايتي شاعر آهي، هو مون کي ڀٽائي جي انوکي فڪر ۽ نقشِ قدم تي پير ڌريندي پيو محسوس ٿئي. شاهه سائين چيو هو:
اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار
شبير به بلڪل اهڙي ريت زندگي گھارڻ گھري ٿو. هو دنيا جي دستور ۽ ڪوڙي ريت کي نه ٿو مڃي ۽ ان وهڪري ۾ وهڻ نه ٿو چاهي، تنهن ڪري ابتو وهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو:
مون کي هيڻو ٻيڻو ٽيڻو ڀل بي ست ڪر
دنيا لوڙهي ويندي سڀ ڪجھ مون تي پَتِ ڪر
ابتو پيو وهبو
تنهنجو ئي رهبو

جهولو تون ۽ پارو تون
مون جهڙن لئه مارو تون
لوڪ وهي لهوارو تون
اُلٽو وههُ
سار ته لههُ
سانول وو سانول وو!
شيلي چيو هو ته ”شاعري هر شيءِ کي حسين بڻائي ڇڏيندي آهي. اها حسين کان حسين شيءِ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي ۽ خراب کان خراب شيءِ کي به ڦيرائي حسن بخشيندي آهي.“ شاعريءَ ۾ اهو جادوئي اثر تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي جڏهن شاعر جو تصور حقيقت کان به حسين بڻجي لفظن ۾ اوتجي ايندو آهي ۽ لفظ احساسن جون خوبصورت تصويرون بڻجي پوندا آهن. شبير جي شاعريءَ ۾ تصور جو جهان ڏاڍو نرالو آهي. جڏهن هو اندر جي اک کولي پنهنجن شعرن ۾ منظر ۽ احساس چٽي ٿو ته سندس من جو اجرو عڪس لفظن ۾ لهي اچي ٿو.
اک رستي ۾
۽ دل در ۾
مون تصور ۾، تون ئي تون

نيڻن ناتو ناهي ننڊ سان
ڏينهن سمنڊ سان، راتيون چنڊ سان
ساڻ سفر ۾، تون ئي تون
 هن جي اندر ۾ اڻ ڪٿ اُجالا آهن. هو دل جي اکين سان جيڪي منظر ڏسي ٿو، سي ڪڏهن ڪڏهن پُر نور اکين کان به اوجھل رهن ٿا. کيس دردُ نديءَ جا منظر ٿو ڏيکاري، ان ڪري هو پلن ۾ صدين جا نظارا ٿو ڏسي ۽ سڀني کي اهڙو ئي ڏس ڏئي ٿو:
درد ۾ آ نديءَ جو نظارو
ڌار دل جون اکيون
ڏينهن ڏيندئي صديءَ جو نظارو
شبير جي شاعريءَ ۾ جيڪي منظر آهن اهي سندس گھري مشاهدي جا ساکي آهن. هن پنهنجي نيڻن ۾ جيڪي عڪس سانڍي رکيا آهن تن کي جڏهن هو ڪنهن ماهر مصور شاعر وانگر ڪاغذ جي ڪئنواس تي چٽي ٿو ته منظر مسڪرائڻ لڳن ٿا.
چنڊُ ڪڪرن جي پٺيان
ڪيئن ٿو لڪندو وتي.
ــــــــــــ
هوءَ نمن جي ڇانوَ
پاڻيارين ٿانوَ
واٽ ڪارا ڪانوَ
هو ڀٽن تي مور سائين!
ڳوٺ جي ڪر ڳالهه
شاعريءَ ۾ عڪسن جي تمام وڏي اهميت آهي. عڪس ڪُل ڇهن قسمن جا ٿين ٿا جن ۾ نظري عڪس (Visual Image)، ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image)، سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image)، چکڻ جو عڪس (Taste Image)، ڇهڻ وارو عڪس (Tactile Image) ۽ ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس (Thermal Image) شامل آهن. ٿورن شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهي سمورا عڪس پنهنجي پوري احساس سان شامل هوندا آهن. اصل ۾ انهن عڪسن جو تعلق انساني حواسن سان آهي. سئنڊرس لکي ٿو ته: ”شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري، اهڙي معنى ٿو پيدا ڪري، جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگھجي ٿي. ان کان پوءِ هو ڇهون حواس ڪتب ٿو آڻي، جيڪو آهي نون خيالن کي جذب ڪري ترتيب ۾ آڻڻ. نتيجي طور پڙهندڙ نه رڳو شعر جو تاثر ٿو وٺي، پر پنهنجي حواسن کان باخبر ٿي، شاعر سان گڏ و گڏ شاعراڻي سمجھ به ماڻي ٿو.“
سنڌي شاعريءَ ۾ عام طور نظري عڪس گھڻو نظر اچي ٿو ۽ اڪثر شاعر ڏٺل عڪسن ۽ منظرن کي شعرن ۾ چٽين ٿا، اهڙي ريت ٻيا عڪس ٿورن شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. شبير هاليپوٽي 1994ع تائين، يعني زندگيءَ جا 19 سال جيڪي عڪس پنهنجن نيڻن سان پسيا، اهي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ريت پينٽ ڪيا آهن، جو هن جي شاعري پڙهندي هن جي بي نور هجڻ جو گمان ئي نه پيو ٿئي. جڏهن هن جي ڪائنات ۾ انڌيرو ڇانئجي ويو ته هن پنهنجي ٻين حواسن جي بنياد تي شين کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اها محسوسات هن جي شاعريءَ ۾ مختلف عڪسن جي روپ ۾ نظر اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي ڇهن ئي قسمن جا عڪس ملن ٿا.
نظري عڪس (Visual Image):
هو مسلسل چنڊ جُھڙَ ۾
ويو وڃائي پاڻ لُڙ ۾
ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image):
هلڪي هلڪي هير گھلي ٿي
سَرِ سَرِ جو آواز اچي ٿو
وري ڪجھ دير اچ مون وٽ
وڄايان ڇير، اچ مون وٽ
سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image):
هي هوا هيءَ چيڪي مٽي
جيءَ جياري آ
سنڌ پياري آ
چکڻ جو عڪس (Taste Image):
کير مان، کنڊُ تون، اچ ته گڏجي رهون
هاڻي جيئڻ گھڻو ڏکيو آهي
زهر پيئڻ گھڻو ڏکيو آهي
ڳل ڳاڙها، گُل تازا تازا ۽ چَپَ ماکي تازي
ڇهڻ جو عڪس (Tactile Image):
گھڻي مدت کا نصيب ناهي هنن هٿن کي
ڇهاءُ تنهنجو
ٻانهون جو ڳلي ۾ هون
سينگار سريلو هو
چورِ نه مون کي چور
جاني جيءُ نه جھور
ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس (Thermal Image):
آهي ڪوسي يا ٿڌي
حالتن جي آ ٻَڌي
هيءَ دنيا آ ڀيڻ دوزخ جي
کيس ايڏو نه چاهه، ساڙيندي
اهي سمورا عڪس سندس حسي تجربن کي ظاهر ڪن ٿا. ان ڪري شبير جي عڪسي شاعري ٻين شاعرن کان نرمل ۽ نياري آهي.
شو پنهار چيو هو ته:
“Every day is a little life, every waking and rising a little birth, every fresh morning a little youth and every going to rest and sleep a little death.”
 (هر ڏينهن هڪ ننڍڙي زندگي آهي، هر جاڳ ۽ اٿارَ هڪ نئون جنم آهي. هر نئين باک هڪ نئين جواني آهي ۽ هر آرام ۽ ننڊ ٿورڙو موت آهي.)
شبير هاليپوٽي جي شاعري پڙهندي به موت جهڙي مايوسيءَ جا هلڪا ترورا محسوس ٿين ٿا، پر اهي گھڙي پل جي خمار جيان ئي آهن. هن جي شاعريءَ ۾ عزم ۽ بيداري آهي. هن جي لفظن ۾ زندگيءَ سان جھيڙڻ جو حوصلو ۽ اميد جو سورج جرڪندي محسوس ٿئي ٿو. هو زندگيءَ جي جنگ ۾ ڪٿي به ٿڪل ۽ هارايل سپاهي نه ٿو لڳي، هو پير پساري نه ويٺو آهي، هو اڄ به جيون جي ويڙهه ۾ جھيڙيندي نظر اچي ٿو ۽ سڄي جڳ کي انهي عزم ۽ همت جو سنيهو ڏئي ٿو.
دل مسافر، يقين آ منزل
ڪير ڇا لاءِ پير ساهيندو
نه گھٻرايو
نه گھٻرايو
اسين دل کي جھلينداسين پلينداسين
نه گھٻرايو
اهو اوکو اهو ئي گس
انهيءَ تي جو انهيءَ کي جس
اسين شبير جو ئي وس ٿي وينداسين
نه گھٻرايو
وقت ڏاڍو قيمتي آهي پر ان کان اڳ جو ماڻهوءَ کي وقت جي قيمت ڏيڻي پوي، محبت جو قرض لاهي ڇڏڻ کپي ۽ اڄ مان هن اڻ پوري مضمون وسيلي شبير جي محبت واري ان قرض جي پهرين قسط ادا ڪئي آهي.

No comments:

Post a Comment