06/04/2013

اڪٽر اعجاز سمون جي ڪتاب جو پيش لفظ - امر اقبال (Amar Iqbal)


اسان جي دل جي هر ڪهاڻي عجيب آهي!
ڊاڪٽر اعجاز سمون جي ڪهاڻي ڪتاب
”فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ جو پيش لفظ
امر اقبال (Amar Iqbal)
    اڪيلائيءَ  ۾  روئڻ  کان  سُٺو  آهي  ته
سُڏڪن مان هڪ  نظم  ٺاهي  وٺجي
      يا هڪ اڌوري ڪهاڻي.........
(رولاڪ شاعر جي هڪ نظم مان)

سنڌي ادبي سنگت پاران ڪجهه سال اڳ خيرپور ۾ ڪرايل ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي سنڌي ڪهاڻيءَ (اصل ۾ عظيم سنڌي ڪهاڻي)کي گولي لڳڻ واري ڪيل ڳالهه کي بنياد بڻائي شروع ڪيل بحثا بحثيون ته پُراڻيون به ٿي چڪيون، پر ڪهاڻي ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيڻي. ”ڪهاڻي“ ته هر ايندڙ پل، هڪ نئون جنم وٺي ٿي ۽ انهيءَ ئي ”ڪهاڻيءَ“ کي لفطن جا خوبصورت اسٽروڪس ڏئي ڪاغذ جي ڪئنواس تي محفوظ ڪري ڇڏيندڙن جي قافلي ۾ اسان جو دوست ڊاڪٽر اعجاز سمون پڻ شامل آهي.

هن کان اڳ ڊاڪٽر اعجاز سمون، وک وک تي وکريل ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻين کي، پنهنجين فنڪار آڱرين سان سهيڙي پنهنجي پهرين ڪتاب ”ڪمري ۾ لڳل تصوير“ جي صورت ۾ اسان جي هٿن تائين پهچائي چڪو آهي، جنهن نه صرف ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيو، پر ڊاڪٽر اعجاز کي پڻ هڪ خوبصورت سڃاڻپ ڏئي ڇڏي.
1899ع ڌاري، چيخوف جي هڪ ڊرامي جو هڪ ڊائلاگ سَڄي رُوسَ ۾ مشهور ٿي ويو هو ته: ”ماڻهوءَ وٽ هر شيءِ اعليٰ درجي جي هئڻ گهرجي، چهرو به، لباس به، رُوح به ۽ خيالَ به“.... ۽ هتي پنهنجي دوست اعجاز متعلق سوچيندي، مون کي اهو محسوس ڪندي خوشي ٿي ٿئي ته اعجاز بلڪل اهڙو ئي ماڻهو آهي، جهڙي هُجڻ جو اظهار چيخوف جو ڪردار ڪري رهيو آهي. هونئن به رُوح ۽ خيالن جي خوبصورتي ئي دنيا جي ”عظيم خوبصورتي“ هوندي آهي، ۽ ڊاڪٽر اعجاز ته زندگي جي هر aspect ۾ ”خوبصورتيءَ“ کي دريافت ڪري وٺندو آهي. خوبصورت ڪتابن کان وٺي خوبصورت گلن تائين ۽ خوبصورت لباس کان وٺي خوبصورت ڇوڪرين تائين، جهڙيون انيڪ خوبصورتيون، ڪنهن وقت به اعجاز جي ايمان جي عمارت کي درهم برهم ڪري سگهن ٿيون.
ادل سومري جي هڪ شعر وانگر، ”دوستيءَ کي روشني سمجھي، راهَه ۾ رُلجي ويندڙ“، ڊاڪٽر اعجاز ”ڄمندي ئي ڄام“ به ناهي، ۽ نه ئي هُنَ پهرين ڪهاڻي ”ٻَنڌڻن“ ۾ لکڻ جي هامَ هنئين آهي. هُن ته ”اداڪار“ ٿيڻ پئي چاهيو. لفظن جي رنگين دنيا ۾ ته هو الاهي پوءِ آيو. (توڙي جو انهيءَ عرصي ۾ هُو پنهنجي زخمي اوجاڳن کي رنگن ۽ برشن سان پڻ ورهائيندو رهيو هو، مگر پوءِ سندس ٺاهيل ڪيتريون ئي اڌوريون تصويرون به پنڌ ۾ رهجي ويون).
جهڙي طرح ”ٽيسٽ ڪرڪيٽر“ ٿيڻ جا خواب ڏسندي ڏسندي ”امر جليل“ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽيسٽ مَٽائي ڇڏيندڙ ڪهاڻيڪار بڻجي ويو، ايئن اسان جو دوست اعجاز، ”اداڪار“ ٿيڻ جا خوابَ ڏسندي ڏسندي ”ڪهاڻيڪار“ بڻجي ويو.... ۽ ميڊيڪل؟!، ميڊيڪل ته سندس ۽ سندس ننڍڙي خوبصورت فئمليءَ جي مُعاشي Survival جو ذريعو آهي.... ۽ هتي مون کي الائي ڇو هڪ دفعو ٻيهر چيخوف جا ئي جملا quote ڪرڻا ٿا پون، جيڪي هن پنهنجي پبلشر دوست سووورين کي لکيا هئا ته: ”ادب منهنجي ”محبوبا“ آهي ۽ ڊاڪٽري منهنجي ”قانوني زال“.... تون مون کي صلاحين ٿو ته مان هڪ ئي وقت ٻه گدرا مُٺ ۾ نه جھليان... مون کي ته اهو محسوس ڪندي خوشي ٿي ٿئي ته مون وٽ ڪرڻ لاءِ، هڪ جي بجاءِ ٻه ڪم آهن“.
۽ ڊاڪٽر اعجاز سمون به ته خوشنصيب آهي جو وٽس هڪ جي بجاءِ ٻَه ڪم ڪرڻ لاءِ آهن ۽ هِتي منهنجي Observation ۾ ايندڙ هڪ حقيقت اها به آهي ته اعجاز به پنهنجين ڪهاڻين سان ڪنهن محبوبا وانگر ئي Behave ڪري ٿو. انهن جا ناز نخرا کڻي ٿو، فرمائشون پوريون ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ وقت ڪڍي ٿو.
اسڪول جي زماني ۾ والي بال جي بهترين رانديگر طور سڃاپجندڙ، اعجاز، لفطن جي پڙ ۾ ڪيئن  ٿو لهي؟، اهو هڪ الڳ داستان آهي. رانديون، رنگ، برش ۽ اداڪاريءَ جا خواب.... انهن سڀني شين کي پاسيرو رکي جڏهن اعجاز ”ڪهاڻيءَ“ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ اچي ٿو، تڏهن هُو حيرت انگيز طور دريافت ڪري ٿو وٺي ته: ”منهنجو اصل ماڳ ته ”ڪهاڻي“ ئي آهي ۽ ٻيون سڀ activities  محض ڪوئي ”سنگ ميل“...!“
ڪجھه سال اڳ جڏهن مان اين اِي ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ آخري مهينا گذاري رهيو هئس، تڏهن هڪ ميرانجھڙي شامَ جو ”ايم بي ڪِيو ون“ هاسٽل جي ڪمري نمبر 212 جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل، ڊاڪٽر اعجاز کي ڪجھه ٻڌائڻ ئي وارو هيس جو اعجاز، ڀرسان رکيل ريڪ ۾ جگجيت ۽ چترا جي ڪئسٽس جي ڪليڪشن کي ڏسندي چيو هو: ”امر! تنهنجو ڪمرو ته واقعي ڪنهن شاعر جو ڪمرو ٿو لڳي!“ ۽ مان ڪوئي جواب ڏيان ئي ڏيان، هُنَ ساڳئي ئي چمڪندڙ لهجي ۾ چيو هو: ”مون به ڪهاڻيون لکيون آهن، امر!“
مان، جيڪو اعجاز کي هڪ پياري دوست ۽ هڪ سُٺي ڊاڪٽر جي تعارف سان ئي سڃاڻندو هيس، هي نئون انڪشاف مون لاءِ تمام گهڻي حيرتَ مليل خوشي کڻي آيو هو ۽ ان کان پوءِ گرم چانهن کي سِپ ڪندي مون دل ئي دل ۾ چيو هو: ”اعجاز! تون هاڻي سنڌ ۾ رهندڙ هزارين ڊاڪٽرن جهڙو عام ڊاڪٽر بلڪل به ناهين رهيو. هاڻي تون هڪ منفرد ۽ خاص شخص بڻجي چڪو آهين. ڇو ته تون لفطن جي پناههَ ۾ اچي چُڪو آهين ۽ هاڻي تنهنجيون آڱريون، ٺيڪ هِنَ سماجَ جي نبض مٿان رکيل آهن...“، ۽ پوءِ ايئن ٿيو جو 1998ع ۾ اعجاز جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ڪمري ۾ لڳل تصوير“ ڇپجي ويو، جنهن جي مهورت بعد ۾ پريس ڪلب خيرپور ۾ ٿي.
سنڌي ادب کي ”دونهاٽيل زندگي“ ۽ ”ڪشمڪش“ جهڙا خوبصورت ڪهاڻي ڪتاب ڏيندڙ نامياري ڪهاڻيڪار سليم ڪورائيءَ (جيڪو اعجاز جو ڀيڻيوو پڻ آهي) جي شخصيت ۽ سندس ڪهاڻين کي سونهون بڻائي، اعجاز جيڪو سفر شروع ڪيو هُو، اُهو سفر اعتمادَ جي روشنيءَ ۾ ”فائيلَ ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ تائين پهتو آهي. (۽ ”حقيقتن جهڙا خواب“ جي عنوان سان ڪتاب جي مهڙ ۾ ڊاڪٽر اعجاز پاران لکيل، سندن ”پنهنجين ڳالهين“ کي پڙهي، هتي مان وري هڪ نئين اعجازَ سان Introduce ٿيان ٿو. هُو جيڪو بظاهر ته هٿ جي ڪرائيءَ ۾ ”يا علي مدد“ جا لفظ اڪريل پتل جا ڪڙا ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل ڪاري ڌاڳي ۾ مڙهيل ”نادِ علي“ پائي، ڪڏهن جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ ته ڪڏهن هوا ۾ جھولندڙ ويڪري ويڪري سنڌي لباس ۾، ”فردوس هوٽل“ ۾ چانهه جي ٽيبل تي مُرڪندي، ڪڏهن پياري دوست ۽ شاعر ايم. بي سومري جي آفيس ۾ ڪچهرا هڻندي، ته ڪڏهن رات جو ”هاءِ وي ان“ تي دوستن سان ٽهڪ ورهائيندي، ملندو رهندو آهي... پر سندس اندر جي شام جهڙي ماحول ۾ ويٺل هڪ ”ٻيو اعجاز“ به آهي، جيڪو بنهه ”روئڻو“ ماڻهو آهي ۽ جنهن جي دل جون اکيون سدائين ڀَريل ڀَريل ئي رهنديون پئي آيون آهن... ڪنهن به وقت ڇُلڪي پوڻ جي انتظار ۾). ڪهاڻين جي حوالي سان هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو آهي ته اعجاز جي ڪهاڻين جي خاص خوبي ئي اها آهي ته اهي پنهنجو پاڻ ۾ مضبوط پلاٽ رکن ٿيون. هُو Plotless ڪهاڻي لکڻ کان avoid ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻين جو گهڻو حصو پنهنجو پاڻ ۾ dramatize ٿيڻ جي ڀرپور گنجائش رکي ٿو. اعجاز جي هر ڪهاڻي هڪ سگھاري ڊرامي لاءِ ”بنياد“ محسوس ٿيندي آهي. (ريڊيو خيرپور لاءِ اعجاز جي لکيل خوبصورت ۽ ڪامياب ڊرامن تي الڳ صفحن ۾ لکي سگهجي ٿو). هتي انهيءَ حقيقت جو ذڪر به ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي (۽ پڻ اردو) ”ڪهاڻي“ ئي آهي، جنهن اسان وٽ ڪامياب ڊرامه نويس پيدا ڪيا آهن. عبدالقادر جوڻيجي کان وٺي نورالهديٰ شاهه تائين ۽ نورالهديٰ شاهه کان وٺي رحمت الله ماڃوٺيءَ تائين، سڀئي ڊرامه نگار بنيادي طرح ”ڪهاڻيءَ“ جا ئي ته ماڻهو آهن.
هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين مان هر هڪ ۾ موضوع، ڪردارن، پلاٽ ۽ ٽريٽمينٽ جي variation ملي ٿي، جڏهن ته لفطن جي چونڊ ۽ ڊائلاگس جي نفيس اُڻت پڻ اعجاز جي ڪهاڻين جي سونهن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿا پون. اعجاز جي ڪهاڻيءَ جو هڪ غير متوقع climax تي اچي، پنهنجو پاڻ ۾ ختم ٿيڻ، پڙهندڙ کي رنگين مَڇين سان ڀريل ڪنهن شيشي جي Jar جي ڇناڪي سان اوچتي ٽُٽي پوڻ جو احساس ڏياري ئي ٿو، پر گڏوگڏ اهو ليکڪ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن پُختي ۽ پُر اعتماد ائپروچ کي پڻ ظاهر ڪري ٿو.
ڪنهن چيو هو، زندگيءَ جا حقيقي رنگ ويجھڙائيءَ کان ڪنهن ريل گاڏيءَ جي ٿرڊ ڪلاس ڪمپارٽمينٽ ۾ سفر ڪندي يا ڪنهن سرڪاري اسپتال جي ماڻهن سان سٿيل ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ رکيل بئنچ تي ويهي observe ڪري سگهجن ٿا، جتي وچولي ۽ هيٺئين ڪلاس جي ماڻهن جي نفسيات جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. ڪافي سالَ خيرپور جي سول هاسپيٽل جي مختلف مريضن کي تپاسيندي، جڏهن اعجاز، اسٽيٿو اسڪوپ پاسي تي رکي رائيٽنگ ٽيبل تي آيو آهي، تڏهن هُنَ پنهنجي سمورا مـشاهدا ڪهاڻين ۾ سمائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻ جڏهن هُو خيرپور جي سينٽرل جيل ۾ ميڊيڪل آفيسر آهي تڏهن قيدَ ۽ قيدين جو جَهانُ، کيس تخيل جي هڪ نئين جهان ڏانهن وٺي اچڻ ۾ الاهي مددگار ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر اعجاز، ريشمي ڏورين جهڙن رشتن جي ڪشمڪش ۽ بي وفائين هٿان زخمي ٿيل احساسن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ کوڙ جاين تي موضوع بڻايو آهي. ”بيوفائين جي صليب تي ٽنگيل محبتون“، ”اکين ڏانهن موٽي ايندڙ اوجاڳا“ ۽ ”پنهنجو ئي گهر مقتل گاهه“ اهڙن ئي موضوعن جي نيوڪلئيس جي چوڌاري ڦرندڙ ڪهاڻيون آهن.
”ڌنڌ ۾ وڪوڙيل چنڊ“ ڳوٺاڻي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ منهنجي انهيءَ ڳالهه کي ٽيڪ ملي ٿي ته شهري زندگيءَ جو حصو هوندي به، اعجاز جيڪڏهن ڳوٺاڻي زندگيءَ کي صحيح نموني پورٽري ڪري به سگهيو آهي ته انهيءَ ۾ سندس پروفيشن ئي سندس مددگار ٿيو آهي. جنهن کيس اهڙي مشاهدي ماڻڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پير جي درگاههَ ۽ ميلي جي موقعي جي منظر نگاري ڏاڍي خوبصورت نموني ڪئي وئي آهي.
ڪهاڻيءَ کي شروع ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جي وچ واري Time period جو احاطو ڪرڻ ته ممڪن ئي ناهي. اهو وقت هڪ صديءَ جيترو به ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ لمحي جيترو به. ”پناهه گاهه“ ڪهاڻي، پنهنجو پاڻ ۾ ٽرين جي هڪ مختصر سفر دوران گذرندڙ وقت کي سمايو بيٺي آهي. اسٽيشن، پليٽ فارم ۽ ٽرين جي اندرئين ماحول جي منظر ڪشيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر اعجاز هن ڪهاڻيءَ ۾، ٽرين ۾ بم رکيل هجڻ جي اطلاع کان پوءِ مختلف عُمرين ۽ مختلف نفسيات جي ڪردارن اندر پيدا ٿيل پهريان خاموش ۽ پوءِ آهستي آهستي زور وٺندڙ افرا تفريءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني لکيو آهي.
”دلين جي اوتارن ۾ ويٺل نانگ“ اسان جي پوئين پيرين ويندڙ سماج ۾ صدين کان استحصال جي جنڊ ۾ پيسجندڙ هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ”مَردن جي سماجَ“ ۾ پنهنجي اڻ ڪيل گناهن جي سَزا ڀوڳيندي ٿي رهي. هر قدم تي سندس جسماني، نفسياتي ۽ جذباتي استحصال ٿيندو ٿو رهي ۽ ان وقت هزارين عجب جون نشانيون اکين اڳيان اچي وڃن ٿيون، جڏهن انهيءَ استحصال ۾ هڪ ٻي عورت (سندس سس) به شامل نظر اچي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي نفسيات مطابق مخصوص لهجن ۾ ادا ڪيل ڊائلاگ ۽ ڪهاڻيءَ جو احساس جي آڱر ۾ چُڀي پوندڙ climax ڪهاڻيءَ کي ڏاڍو خوبصورت بڻائي ڇڏين ٿا.
”صدين جيڏي وڇوڙي جو ميلاپ“ هڪ پيارَ ڪهاڻي آهي. اهڙي پيارَ ڪهاڻي، جيڪا چنبيليءَ جي ڦولن جيان ٽڙي پوندي آهي ۽ پوءِ سڪل پنن جيان بي موسم ڇڻي پوندي آهي. ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي بهاني سان ڊاڪٽر اعجاز پاڻ ”چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج“ جهڙي تعليمي اداري جو شاگرد رهي چُڪو آهي. جتي ”ٽِين ايج لورز“ پيار جي پهرين اڏام ۾ ايندا آهن. پر هِتي اعجاز ڪهاڻيءَ ۾ ”لطيف يونيورسٽيءَ“ جا مختلف منظر ڏنا آهن. ڪئمپس جي آخري ڏينهن تي، ڪهاڻيءَ جي هيرو ”روحل“ ۽ هيروئن ”روپ“ کي پنهنجي مستقبل لاءِ ”ڪجهه طئه ڪرڻ“ لاءِ ”سچل چيئر“ وٽ ڏيکاريو ويو آهي. (۽ ڪيڏو نه خوبصورت آهي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هي خواب ”سچل چيئر“، جيڪو لطيف يونيورسٽيءَ جي  ”پيار ڪندڙن“ لاءِ ڄڻ ته علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جهڙي اهميت وٺندو پيو وڃي. جتي جي اوٽ ۾ ويهي سرگوشيون، مرڪون، ٽهڪ،....... ۽ آخر ۾ لڙڪ ئي اڻ لکيل تاريخ جو حصو بڻجندا آهن)... ۽ هِنَ ڪهاڻيءَ جي پاڇيءَ ۾ پڻ هميشه جيان ”لُڙڪ“ ئي بچن ٿا. مگر سالن کان پوءِ ”مئڊم روپ“ جي آڱر مان اڇلايل ڇلو جڏهن ٻي ڏينهن، هڪ اسٽوڊنٽ ڇوڪريءَ جي آڱر ۾ جرڪي ٿو ته جهڙوڪر، ڪافي سال اڳ ماڳَ تي نه پهچي سگهيل پيارَ کي سفر لئه نئون اتساهه ملي ٿو پوي. .... ڄڻ هڪ دفعو ٻيهر چنبيليءَ جا هزارين ڦولَ حد نظر تائين ٽڙندا ئي وڃن ٿا. هن ڪهاڻيءَ جي آخري حصي ۾ ”روپ“ جو ”روحل“ کان پڇيل اهو سوال ته: ”تون موئن جو دڙو گهمڻ ويو آهين؟“، سچ پچ ته گڏ هوندي به ٻِن ڌار شخصن جي ”موئن جو دڙو“ بڻجي ويل اکين جي ڪُنڊن کي آلو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
هِن مجموعي ۾ شامل هڪ ٻي خوبصورت ڪهاڻي ”ڄامشورو 3 ڪلوميٽر“ پڻ آهي، جيڪا پڻ ڪنهن پرفيوم جي شيشيءَ مان اڏامي هوا ۾ رِلي ملي ويندڙ خوشبوءِ جهڙي پيارَ جي ئي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ”بوهيمين“ هيرو ”گل“ هڪ آرٽسٽ آهي ۽ ڄڻ ته اعجاز پنهنجي روحَ جي اوٽ ۾ لڪل ”مصور اعجاز“، جي Feelings کي هن ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾ ڪاغذن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪهاڻي ”آخري واردات“ جو موضوع جيتوڻيڪ هڪ عام موضوع آهي ۽ اهڙي قسم جون سوين ڪهاڻيون وکريون پيون آهن، اسان جي چوڌاري، مگر اعجاز هن ڪهاڻيءَ لاءِ Theme خيرپور ۾ ئي ڪافي سال اڳ پيش آيل هڪ واقعي تان ورتو آهي ۽ اهو واقعو جيتوڻيڪ ماڻهن جي دلين ۽ اخباري ڪالمن ۾ ڪافي سال اڳ دفن به ٿي چُڪو، پر اعجاز انهيءَ کي خوبصورت نموني فڪشنائيز ڪري ڄڻ ته هميشه لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڊاڪٽر اعجاز جي دسترخوان تي اسان سندس ڪجهه دوست ”ڊنر“ جي انتظار ۾ هئاسون ۽ ان رات اسان سڀني جي اکين ۾ سج لهڻ جي سمئي سمنڊ مٿان آهستگيءَ سان ڦهلجندڙ ڳاڙهاڻ جهڙو رنگ جھلڪي رهيو هو، تڏهن ”اعجاز“ پنهنجا کوڙ سارا نظم ۽ هائيڪو اسان کي ٻُڌايا ها (انهيءَ رات منهنجي اڳيان سندس ”شاعر“ وارو روپ به نروار ٿي چُڪو هو)، ۽ پوءِ اچانڪ هڪ هيوي رجسٽر، منهنجي اڳيان ڊائننگ ٽيبل تي اچي رکيو هئائين، مون کائنس پڇيو هو: ”هي ڇا آهي؟“
اعجاز وراڻيو: ”منهنجو پهريون ناول جيڪو جلد، ڪتاب جي صورت ۾ تنهنجي هٿن ۾ هوندو“ ۽ مون کيس چيو هو: ”ائين چوريءَ چوريءَ چُپ چپات ۾ ايڏو ضخيم ناول تون لکي به ورتو ۽ اسان کي خبر ئي نه پئي ۽ مان جيڪو سالن کان هڪ اڻپوري ۽ عجيب پيارَ تي هڪ ڊگهو ناول لکڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان لِکي ئي ناهيان سگهيو!!“
اعجاز ڪجهه، ڪونه چيو هو، بس هڪ ڀرپور ٽهڪ ڏنو هئائين.
شالَ هُو ائين ئي ٽهڪ ورهائيندو رهي،
۽ پنهنجي دل جي هر عجيب ڪهاڻي اسان کي آڇيندو رهي!

No comments:

Post a Comment