06/04/2013

حبيبَ! ماڻهو ٿيءُ امر اقبال (Amar Iqbal)


حبيبَ! ماڻهو ٿيءُ
امر اقبال
اِها حقيقت آهي ته حبيب ساجد جو ذڪر منهنجي اڪثر لکڻين ۾ اڪثر جاين تي ته ملندو ئي، پَر حبيب جي مُتعلق مون ڪڏهن سيڙجي ويهي ڪو مضمون ناهي لکيو. جڏهن ته حبيبَ مُنهنجي پهرئين (غزلن جي) مجموعي ”سمنڊ اڪيلو آهي“ جي مُهاڳَ سميت منهنجي شاعري ۽ مُنهنجي ذات متعلق هڪ کان وڌيڪَ لکڻيون لکيون آهن. انهيءَ حوالي سان مون کي پنهنجو پاڻ کي حبيبَ جو قرضي قرضي محسوس ٿيڻ فطري آهي. پندرنهن سال اڳ (اِهو قرض چُڪائڻ جي خيالَ کان) مون حبيبَ کي چيو: ”اَڄُ ويههُ تُنهنجو تفصيلي انٽرويو ڪرڻو آهي.“ حبيبَ جي پندرنهن سالَ اڳ ڪيل نهڪر اڃا قائم آهي. انهيءَ وچ ۾ الائي ڇا ڇا ٿي وَيو، الائي ڪهڙا ڪهڙا طوفانَ آيا ۽ پُلين جي هيٺان الائي ڪيترو پاڻي گذري وَيو. ماڻهو الائي ڇا مان ڇا ٿي وَيا پَر نه بدليو ته حبيب نه بدليو. اُهي ئي ٽهڪَ، بيپرواهه ٽهڪ ۽ ٽهڪن کان پوءِ هڪ طويل خاموشي...

ٻروچڪي ڪَلچر جي اڏيءَ تي قربان ٿيل ”حبيب الله کورکاڻي“ بنهه ڪچڙي عُمر ۾ ان وقت شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو هو، جڏهن کيس شاديءَ جي ”شين“ جي به خبر ڪونه هُئي، اِهو ئي سبب آهي جو، جيتوڻيڪ هُنَ عُمر جا چار ڏهاڪا به ڪراس ناهن ڪيا پر خيرن سان ”نانو“ ۽ ”ڏاڏو“ به بڻجي چُڪو آهي. الائي ڇو مون کي ”حبيب الله کورکاڻي“ ۽ ”حبيب ساجد“ هِڪَ ئي ماڻهوءَ جا ٻه  ٻهروپَ لڳندا آهن. (شيخ اياز سان ڪيل اسان جي گڏيل مُلاقات ۾ پنهنجو نالو ”حبيب ساجد“ ٻڌائڻ تي، اياز کانئنس اُمالڪ پُڇيو هو: ”سنڌي آهين يا مهاجر؟!ٰ“)
ريلوي جي نوڪريءَ ۽ ”گھر“ کان دُوريءَ، ”سفر در سفر“ کي ئي حبيبَ جي  زندگيءَ جو مقدر بنائي ڇڏيو آهي.
زندگي  ڪا  مقدر  سفر  در  سفر
آخر  سانس  تڪ  بيقرار آدمي
انهيءَ شعر وارو ”آدمي“ مون کي ته بس ”حبيب ساجد“ ئي محسوس ٿيندو رهيو آهي. حبيبَ جو چوڻ آهي ته هُن زندگيءَ ۾ ”گهر“ کي هميشه Miss ڪيو آهي ۽ انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ هُنَ جي زندگي ۾ وري جيڪا به ”مس“ آئي، انهيءَ جي ۽ هِنَ جي وچ ۾ وري هميشه ”مس انڊر اسٽينڊنگ“ ئي رهي ۽ نتيجي ۾ حبيبَ جي زندگي وري به خال خال ئي رهي. حبيب مون کي سدائين اِهو مِهڻو ڏيندو آهي ته مان هميشه زندگيءَ جي مُعاملن ۾ ڪيلڪيوليٽيڊ رهندو آهيان، جيڪا ڳالهه هِڪَ ”شاعر“ کي نه ٿي سونهين، ۽ موٽ ۾ مان حبيبَ جي لائيف اسٽائيل تي سوچيندو ئي رهجي ويندو آهيان، جنهن ۾ ڪنهن به حوالي سان ڪئلڪيوليشن نالي ڪائي به شيءِ شامل ناهي هوندي. ڪجهه سالَ اَڳُ وڏڙن پاران ورثي ۾ مِليل زمين جو ٽُڪر وڪڻي، سکر ۾ جڳهه خريد ڪيائين (”گهر“ مان ڄاڻي واڻي نه ٿو لکان) اڳتي هلي جڳهه کي ”تين“ ڪري هِڪَ سيڪنڊ هئنڊ ڪار ورتائين. پڇيومانس: ”ائين ڇو ڪيئه؟!“ چيائين: ”منهنجي پُراڻي خواهش هئي ته ”پنهنجي ڪار“ ڊرائيو ڪندي، جگجيت ۽ چترا جا غَزَلَ ٻُڌان“.
نوي جا شروعاتي سالَ، ڇا ته سالَ هُئا. حبيب، لطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهي رهيو هو، ريلوي ۾ سندس نوڪري به هُئي، شادي شده هو ان وقت به هُيو ۽ ”گهر“ کي هُو ان وقت به مِس ڪري رهيو هو. شايد اهو ئي سبب هو جو حبيبَ لطيف ڪئمپس ۾ توڙي سکر جي هڪ ننڍڙي هوٽل جي ”اَٺ باءِ اَٺ“ جي پتڪڙي ڪمري ۾ (جتي هو ماهوار ڪرائي تي رهندو هو) پنهنجو پاڻ کي دوستن ۽ ڪتابن جي هُجومن ۾ گم ڪري رکيو هو. (صرف لطيف يونيورسٽيءَ ۾ گذاريل حبيبَ جي ڪُجھه سالن تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو، پر اهو ڪنهن ٻئي ڀيري، الڳ مضمون جي صورت ۾ لکبو). لطيف يونيورسٽيءَ ۾ حبيبَ مون کي ادل ۽ اياز سان انٽروڊيوس ڪرايو. هتي مُون کيس ڇوڪرين جي جھرمٽ ۾ ڏٺو ۽ دوستَ پوپٽن جيان سندس چوڌاري نظر ايندا هُئا. انهن ڏينهن ۾ هُو نثري نظم ۽ وايون لکندو هو. ”ڇورين کي شيشي ۾ لاهڻ جو وڏو ڏانءٌ آ، هـِنَ حراميءَ کي“،  اِها ڳالهه ان زماني ۾ اسان جي هڪ گڏيل دوست حبيبَ متعلق مون کي چئي هُئي. تعريفَ جو ڊوز ڏئي ڪنهن کي به پنهنجو ڪري وٺڻ واري حبيبَ جي ايڪسرسائيز کي اسان جو هڪ دوست ”حبيب فارمولا“ جي نالي سان ياد ڪندو آهي. انهن ئي سالن ۾ حبيبَ جي وايُن جو هڪ مُختصر ڪتاب ڇپيو هو. ڪتابَ ۾ ساڻس گڏ ٻه ٻيا شاعِرَ دوستَ به هُئا ۽ ڪتابَ جي مهورت لطيف يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ آءِ قاضي هالَ ۾ ٿي هُئي. مهورت ۾ پنهنجو پيپر پڙهندي مون ان وقت به چيو هو ته: ”هِن ڪتاب ۾ حبيب ساجد جون وايون ئي آهن جيڪي ڪتاب جي ”ڪجهه هُجڻ“ کي جسٽيفاءِ ڪن ٿيون“. واين جو اُهو مجموعو ”تنهنجي وئي کان پوءِ“ هِن وقت نه مون وٽ موجود آهي ۽ نه ئي حبيبَ وٽ، پر مون کي ان دؤر ۾ پڙهيل حبيبَ جي واين جا ڪيترائي بند اَڄُ به ياد آهن:
اَچ تون ڏس اي ٽئگور!
تنهنجو هي گيتا نجلي
                   رديءَ منجھه وڪامي ٿو.
تنهنجو منهنجو نانءٌ رڳو ڇا
هت نانءٌ خدا جو ڀي
                   رديءَ منجھه وڪامي ٿو.

Ÿ
بُت جيان بيٺل مان
۽ ايئن رن وي تان
هڪ خواب اڏامي ويو.
پنبڻين جا پهرا رکيم
پوءِ به يَرَ! ڪٿان
هڪ خواب اڏامي ويو.

Ÿ
کڻندي به خوف ٿئي
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.
چئني پئجن تي پئي
ڪيڏي باهه ٻري
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.
(انهن ڏينهن ۾ چئن صفحن تي مشتمل سنڌي اخبارن مقبوليت ماڻي ورتي هئي.)
بس هڪ منٽ اڳي
مون کان يَرَ! هُنَ جي
ٽرين نڪري وئي!
جھونو سگنل ڊائون ٿيو
لُڏي ساههَ جھنڊي
ٽرين نڪري وئي!
گھُنجن مُرڪي آکيو:
تنهنجي جوڀن جي
ٽرين نڪري وئي!
حبيب جي هيءَ وائي ان ڪري به مشهور ٿي هئي ۽ دوستن جي زبان تي هوندي هُئي جو هڪ سال ”سچل مُشاعري“ ۾ حبيبَ جڏهن اُها وائي پڙهي هئي ته هيٺان هالَ مان وائيءَ جي وراڻيءَ ”ٽرين نڪري وئي“ جي موٽ ۾ ڪنهن دوست کيس رڙ ڪري چيو هو: ”لُنڊو پڪڙ....“
ڌرتي! تنهنجي سيني تان
اڏري، ميزائيل
آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
رُوپ ٽئنڪن جو وٺي
ايڏا عزرائيل
آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
جيون جي آفيس مان
مُرڪن جا فائيل
آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
هتي مان هڪ دفعو ٻيهر اِهو لکندو هَلان ته حبيب جا هي شِعرَ مان پندرنهن سورنهن سال پراڻي حافظي جي بُنياد تي هِتي اُتاري رهيو آهيان. ٿي سگهي ٿو انهن ۾ ڪا معمولي هيٺ مٿاهين به ٿيندي هجي، جيڪا منهنجي کاتي ۾ ليکي وڃي. اجھو هاڻ مون کي سندس هڪ ٻي وائي ياد ٿي اچي:
تنهنجو خَط مليو
مون کي ايئن لڳو
اڃا جيئندس مان.
ڪوئي ڪئنسر وارڊ ۾
آهستي ڀُڻڪيو:
اڃا جيئندس مان.
ڪوئي قبرستان مان
ايئن چئي موٽيو :
اڃا جيئندس مان.
حبيبَ هِڪَ وائي سکر جي گهنٽا گهر کان ٿيندي، مُختلف روڊ لتاڙيندي سنڌوءَ ڪناري ”پرين گهاٽ“ وٽ پهچندي پهچندي جوڙي هُئي. ان رات مان ۽ مرحوم جميل شهزاد ساڻس گڏ هياسي (آهه...... جميل شهزاد) ۽ مون ساڻس انهيءَ وائيءَ جي جوڙجڪ ۾ ساٿُ ڏنو هو. اها وائي هُئي:
ڪيڏا ڙي اڇا
وارن منجهه پيا
مان يَرَ! پوڙهو ٿي ويس
وقت ڪڍي ويو اوچتو
چهري تي لينگھا
مان يَرَ! پوڙهو ٿي ويس
هوءَ لڳي ٿي پئي اڃا
ڄڻ ته ڪنواري ڪا
مان يَرَ! پوڙهو ٿي ويس
حبيب پوڙهو ته ڪونه ٿيو آهي پر اڃا هڪ ننڍڙي ٻارَ وانگر ئي آهي، توڙي جو اسان جي پهرئين ڀاڄائي (جنهن کي هُو ”خاتون اول“ سڏيندو آهي) مان جنميل سندس اولاد جوان به ٿي چُڪو ۽ ”صاحب اولاد“ به ٿي چُڪو. هونئن ته حبيبَ جي زندگيءَ ۾ (منهنجي ذاتي معلومات مطابق) ڪيتريون ئي ڇوڪريون/عورتون آيون آهن، پَرَ ”گهر“ ٺاهڻ جي سندس اوائلي خواهش کي پورو ڪرڻ جي خيالَ کان، ”خاتون اول“ کان پوءِ ”خاتون دوئم“ ۽ ”خاتون سوئم“ جي رُوپَ ۾ ٻَه خواتين سندس زندگيءَ ۾ ”گهر واري“ جي حيثيت ۾ آيون، پر الائي ڇو ٿورو ٿورو وقت ساڻس گڏ رهڻ کان پوءِ ٻئي کيس سندس ئي گهر ۾ ”بي گهر“ ڪري هليون ويون (يا وري هي هُنن وٽان هليو ويو، اهو وري حبيبَ جي زندگيءَ جو الڳ چئپٽر آهي جنهن تي پڻ الڳ صفحن ۾ ئي لکي سگهجي ٿو).
حبيب، نثري نظم جو هڪ سگهارو ۽ منفرد شاعر ته آهي ئي آهي، پَر عام زندگيءَ ۾ سندس  مختصر جُملا ۽ ڪمينٽس به بَلا جا هوندا آهن، جن جي پويان هڪ گهري معنيٰ لِڪل هوندي آهي. سال 95 ــ 1994ع ۾ ناميارو ڪهاڻيڪار دوست جان خاصخيلي ”جاڳو“ ۾ هَفتيوار ادبي صفحو ”عڪس“ ترتيب ڏيندو هو. سندس ئي چوڻ تي مون ”ديپڪ جاڳي ٿو“ ۽ حبيب ”جپسي ڪالم“ جي سِري سان ادبي صُفحي ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا هُئا. مذاق مذاق ۾ لکيل انهن ”اوٽ پٽانگ“ لکڻين کي جان خاصخيلي مانُ ڏئي پيارَ سان پنهنجي صفحي ۾ جاءِ ڏيندو هو. ڪراچيءَ ۾ گذاريل عرصي دوران حبيبَ، سکر ۽ خيرپور مان مون ڏانهن ڪيترائي خَطَ پڻ لکيا، جيڪي سَڀُ مون وٽ هٿيڪا آهن (منهنجي لکيل جوابن مان پَڪَ سان وٽس هڪ صفحو به موجود نه هوندو). حقيقت اها آهي ته حبيبَ جي خطن ۾ موجود خوبصورت نثر کي پڙهي پڙهي ئي مان ٿورو گهڻو نثر لکي سگھڻ جو ڏانءٌ حاصل ڪري سگهيس. اهڙي ڳالهه حبيبَ ۽ منهنجو گڏيل دوست  خوبصورت ناول نگار پرويز ابڙو پنهنجي لاءِ به ڪندو آهي. ”تون هڪ خواب آهين“ واري پرويزَ جي دوستي به مون کي حبيبَ جي معرفت ئي نصيب ٿي. پرويز ۽ مان جڏهن گڏبا آهيون تڏهن حبيب کي ”گُرو“ چئي ياد ڪندا آهيون. پرويز، حبيب ۽ مون گڏجي ڪراچيءَ ۾ الاهي وڻندڙ وقت گذاريو آهي. اسان ٽنهي جي دوستي ڄڻ ته هِڪ سُهڻي Triangle وانگر ئي رهندي آئي آهي.
حبيبَ جو هڪ خوبصورت نثري نظم مون کي ياد اچي رهيو آهي. چاهيان ٿو ته پنهنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪريان:
هُنَ چيو: ”آءِ هيٽ يُو“
۽ مون سڀئي آئينا ڀَڃي ڇڏيا
هُن چيو: ”گيٽ آئوٽ“
۽ مان گلوب مان ئي نڪري ويس
هن چيو: ”آءِ لو يُو“
مگر افسوس مان اِهو ٻُڌي نه سگهيس
وکريل ڪاغذن ٻڌو
اداس هوائن ٻُڌو
۽
هڪ نئين ٺهيل قبر ٻُڌو.
حبيبَ جي هڪ غزل جون چار سِٽون به مون کي ياد آهن:
توکان  وڇڙي زندگيءَ کي ڇا ڪندس؟!
پاڻ  کي  ڪاغذ   جيان   ٽڪرا  ڪندس
تون  رڳو  هڪ  منٽ جي دوري ته ڏي
پاڻ   کي  صدين  جي  لئه  تنها  ڪندس
ڪنهن زماني ۾ اسان جي دوستَ ۽ ڪلاسيڪل راڳي عبدالغفور سُومري، حبيب جو هڪ خوبصورت غزل ڪمپوز ڪيو هو ۽ مختلف محفلن ۾ ڳائيندو به هو، غزل جي مطلع ڪجهه ايئن هئي ته:
سنگ پل ڀي جي سانوري هلندي
ها  سَڄي   عُمر  شاعري   هلندي
”سانورين“ ۽ حبيب جو ساٿ ته هلي نه هلي، شاعريءَ جو ساٿُ اڃا حبيب سان قائم آهي. انهيءَ ڏينهن ٻڌايائين ته: ”سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي حوالي سان نظم لکيو اٿم“ ۽ پوءِ نظم جي صرف هِڪَ سِٽَ ئي ٻڌائي سگهيو هو ته: ”۽ هاڻي سنڌو اسان جي اک مان ڪريل هڪ ڳوڙهو به افورڊ نه ٿو ڪري سگهي“. خيرپور ريلوي اسٽيسن جي پليٽ فارم تي رکيل پٿريلي بئنچ تي ويٺي مون سان گڏ چانهه پيئندي حبيبَ پورو نظم ٻُڌائي ها، پر اوچتو ڀرسال بيٺل مال گاڏيءَ جو خوفناڪ هارُن وڄي پيو هو ۽ حبيب نظم ۽ چانهه جي ڪوپَ کي اڌ ۾ ڇڏي مون کان موڪلائي مال گاڏيءَ جي ڊرائيور واري پورشن ۾ هليو وَيو هو.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته حبيب جي حوالي سان ڇڙ وڇڙ ڳالهين جو سلسلو جُڙندو ٿو وڃي ۽ مان انهن کي بنا ڪنهن ترتيبَ جي، هتي لکندو ٿو وڃان. ڳالهه جڏهن حبيبَ جي شاعريءَ جي ٿي نڪري ته هُن ڪيترائي سُهڻا هائيڪو به لکيا، پَر مون کي سندس هڪ هائيڪو ياد ٿو اچي جيڪو مُنهنجي ذهن جي ديوار تي ڄڻ ته سالن کان پينٽ ٿي ويو آهي:
ڄڻ ڪو وڳو ساز
خالي ڪلاس رُوم ۾
چُميءَ جو آواز
ڇا ته قهر جي منظر نگاري آهي!، ۽ هيءَ مَحض لفطن جي فوٽو گرافي ته ناهي، هيءَ ته سَنئين سڌي وڊيوگرافي آهي، ٽن مختصر سِٽُن ۾ سمايل هڪ حسناڪ وڊيو ڪلپ.
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ئي حبيبَ هڪ ٻيو هائيڪو به لکيو هو:
پوڙهو ليڪچرار
ڇوڪريءَ جي سامهون
ڄڻ ته لڳي ٿو ٻارُ
سکر جي بازار ۾ آوارگي ڪندي، حبيب ڪهڙا هائيڪا لکيا، اچو ته پڙهون:
اچن وڃن ٿا
ڪيڏا ڙي بازار ۾
شعر گهمن ٿا

هر هر مرڪي ٿي
هڪڙي ڪُنواري شاعري
شاپنگ ڪري ٿي

مُرڪن جو واپار
ڪيڏي رَش رهي پئي
سکر جي بازارِ
حبيب، بيتَ به لکيا ۽ گهڻا لکيا. بنهه جديد موضوع، ۽ انهن سان سندس منفرد ورتاءُ. حبيب شعرن ۾ مخاطب ٿيڻ لاءِ ”سانوري“، لفظ گهڻو استعمال ڪندو آيو آهي. سندس زندگيءَ ۾ (لطيف يونيورسٽيءَ ۾) هڪ دؤر اهڙو آيو جو، هڪ اِهڙي ڇوڪري سندس ساهن سان سلهاڙجي وَئي جنهن جو رنگ ”سانورو“ بلڪل به نه هو ۽ پوءِ مون کي ياد آهي ته حبيبَ پنهنجي شعرن ۾ ”سانوري“ جي جاءِ تي ”گوري“ لکڻ شروع ڪَيو. نه صرف ايترو پَرَ انهيءَ ”گوريءَ“ لٺ کڻي حبيب جي ڊائريءَ ۾ موجود شاعريءَ کي ايڊٽ پڻ ڪرايو ۽ ايئن ”سانوريءَ“ کي ”گوريءَ“ سان re-place ڪندي، حبيب جي ڪيترن ئي شعرن جا وزن بحر، درهم برهم ٿي ويا. (۽ حبيب جي زندگي ته وزن بحر ۾ ڪڏهن رهي ئي ناهي).
حبيب هڪ نئين صنف ”نظارا“ (Scenes) لکڻ جي به ”حرڪت“ ڪئي هُئي. اُها ڪامياب ٿي يا نه ان تي شاعريءَ جا ”پارکو“ ئي راءِ ڏئي سگهن ٿا. مان فقط سندس لکيل ٻه  ”نظارا“ بغير تبصري جي هتي ڏيان ٿو. پڙهندڙ پاڻ انهن کي محسوس ڪن:
ڪتاب
قيمت
شوڪارو
                  
ولر
ٺڪاءُ
وڇوڙو
مون مٿي ذڪر ڪيو حبيبَ جي بيتن جو ته هڪ بيت پڻ مون کي ياد آهي. اچو ته گڏجي پڙهئون:
ڪالهه  ويس  پئي  مان،  سمنڊ ڪناري سان
لهرن وٺي  هٿڙا،  پُڇيو  پيارَ  منجھان
”ساجد! تون ڇا  ڪان،  ايڏو  تنها ٿو رهين؟“
ڪجھه وقت اڳ حبيب فيس بُوڪ تي سورنهن سترنهن سال اڳ جو هڪ گروپ فوٽو رکي ڇڏيو. فوٽوءَ ۾ موجود ۽ مختلف شهرن ۾ رهندڙ درجن کن دوست پنهنجي پنهنجي ٽين ائج کي ڏسي حيران ٿي ويا. حبيب حيران ته ان وقت به ڪيو هو جڏهن هڪ اڻ ڏٺل خاتون (فون تي رابطو ضرور هين) سان (هن وقت تائين جي آخري) شادي طئه ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ ڪيائين به.
حبيب ساجد بس ڏاڍو عجيب، ڪنهن ڳجھارت جهڙو شخص آهي. سکر جو هڪ دوست چوندو آهي: ”حبيب ملنگ ٿي يارَ ملنگ...“، خيرپور جي هڪ دوست مطابق هُو ”وڏو ڪمينو“، سندس هڪ پراڻي ڪلاس فيلو کيس ”چريو“ چئي ياد ڪندي آهي. ڪجهه دوستَ حبيب لاءِ ڪمينٽس وٺڻ تي صرف هڪ ٽهڪ ڏئي خاموش ٿي ويندا. مون کي ياد آهي ته لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾ حبيبَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ پنهنجي متعلق مختلف دوستن کان ڪمينٽس لکرايا هُئا. انهن مان هڪ دوست جا ڪمينٽس اِهي هُئا ته: ”حبيب! ماڻهو ٿيءُ....“
هيلوڪي عيدالفطر جي ٽئين ڏينهن تي مون حبيب ڏي صُبح ساڻ فون ڪئي ته: ”ڪٿي آهين؟ ڪيترو وقت ٿيو آ مليا ئي ناهيون“.
چيائين: ”ٿوري ئي دير ۾ روهڙي اسٽيشن تان مالَ گاڏي ڪاهرائي، خيرپور اسٽيشن اچي رهيو آهيان، جتان وري ٻي گاڏي وٺي روهڙي اسٽيشن واپس ايندس. وچ ۾ ٿورو وقفو ملندو، اچ ته ملي وٺئون....“
مان خيرپور اسٽيشن آيس، حبيب مال گاڏيءَ مان لٿو، هَٿَ ۾ ڪوئي ناول، پري کان ٻانهون کولي، آسمان ڏي منهن ڪري وڏو ٽهڪ ڏنائين.
چيومانس: ”گهر ٿا هلئون اُتي هلي ناشتو ٿا ڪريون“.
چيائين: ”نه وقت ٿورو آ، ناشتو هتي ئي ڪينٽين تي ڪنداسي.... ۽ ان جو بل به مان ڀريندس“.
چيومانس: ”اهو ته ٺهي ئي نه ٿو“.
چيائين: ”اصل ۾ گاڏي ڪاهرائي اچڻ جا ڪجهه پئسا (مٿئين ڪمائي) مليا آهن.... ۽ توکي ته خبر آهي ته حرامَ جي ڪمائي ٻچن کي نه کارائبي آهي.... دوستن کي ضرور“. مٿان وري هڪ ٻيو ٽهڪ.
 حبيب پرڏيهي ادب (نظم توڙي ڪهاڻيون) ترجمو به ڪندو رهيو آهي، ممتاز بُخاريءَ سان گڏ ترجمو ڪيل سندس ڪتاب ”چونڊ نوبيل ڪهاڻيون“ شايع به ٿيو، پَرَ سندس حَسين شاعري اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ ناهي آئي. سمجھان ٿو، انهيءَ ۾ سندس خانه بدوش طبيعت جو به ڏوهه  آهي. جتي ماڻهو پنهنجي ڪينَ جهڙين شين کي به ڇپائي ڇپائي ڪتابن جو مينارُ ٺاهڻ جي چَڪر ۾ هُجن، اُتي جيڪڏهن هِن يارَ کان پنهنجو سون جهڙو سامان صرف سنڀاليو به نه ٿئي ته اِن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ باقي اِها حقيقت آهي ته شاعِرَ حبيب ساجد سان نه ته ڪڏهن ڪائي شامَ (يا رات) ملهائي وئي آ، نه ئي سندس شاعريءَ جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ نقادن قلم (يا ڪات) اُڀو ڪيو آهي، نه ئي ڪنهن اخبار يا رسالي سندس لاءِ ڪا ڪُنڊَ (ڪارنر) سيڙايو آهي ۽ نه ئي وري ريڊيو يا ٽي وي وارن سندس ڪوئي غزل يا وائي ڪنهن راڳيءَ کان ڳارائي رڪارڊ ڪيا آهن. انهي سڀني شين جي پرواهه کڻي کيس نه به هُجي پَر اِها ڳالهه حقيقت ضرور آهي.

No comments:

Post a Comment