نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار
رکيل مورائي

سنڌي شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ نصير سومرو اهڙو نالو آهي
جنهن وٽ شاعري پنهنجي مڪمل روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو سندس شاعراڻو شعور عام شاعر
کان مٿاهون آهي. اهڙو احساس سندس هن نثري ڪتاب ”شاعراڻا
ويچار“ پڙهڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ هن جا اهي ليک آهن، جيڪي
سندس سينئر ۽ همعصر اديبن ۽ دوستن جي ڪتابن ۽ شخصي حوالن کي کڻي لکيل آهن، جن ۾ به
نصير جي ٻولي رويو ۽ ويچار شاعراڻا هوندي به هڪ تنقيد نويس ۽ ويچارڪ جا وڌيڪ محسوس
ٿين ٿا. ان ڪري ته هو شاعري ڪرڻ سان گڏ ادب جو اعليٰ شعور رکندڙ ويچارڪ آهي، جنهن جي
اڄ جي سنڌ کي وڌيڪ ضرورت آهي.
سنڌي شاعريءَ جا ۶۵ سال هڪ سنجيده اڀياس گهرن ٿا ۽
نصير جهڙي اسان جي دوست جو هيءَ ڪتاب پڙهي مون کي اميد جاڳي آهي ته هن کي جيڪڏهن
وقت ۽ ماني ميسر ڪري ڏجي ته اهڙو تاريخي ڪم نصير بنهه اعتماد سان ڪري سگهي ٿو. ان
ڪري جيڪڏهن اسان جا ادارا ان حوالي ۾ ڪا ڪوشش وٺندا ته سنڌي ادب تي سندن احسان
ٿيندو. ايئن ڪرڻ سان هڪ ذهين نوجوان کان سنڌي ادب بابت هڪ نهايت اهم ڪم وٺي سگهبو
۽ تمام ٿورڙن نوجوانن مان پنهنجي دوست نصير ۾ اهڙي اميد اڳ به هئي ۽ هاڻ به آهي.
سندس هيءُ ڪتاب اڄ جي ڇپجندڙ ڪتابن ۾ هڪ اهم اڀياسي ڪتاب
آهي، جنهن کي بار بار پڙهڻ گهرجي. ڪتاب ۾ ٽيون ڀاڱو انهن تصويرن جو ڏنل آهي جيڪي
نصير پنهنجي زندگيءَ ۾ اهم سمجهيون آهن ۽ جن کي هو محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو. تجريدي آرٽ
سان سينگاريل حسين ٽائيٽل ۽ نهايت اعليٰ پني ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ تصويرن کان
سواءِ 160 صفحا آهن. ڪتاب جو مهاڳ بيدل مسرور صاحب جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي
تنقيد ۽ فلسفي تي لکندڙ نهايت اهم نالي، اڪبر لغاريءَ کي منسوب ڪيل آهي ۽ ڪتاب جو
مُلهه 300 رپيا آهي. ٻي طرح هي اڻ ملهه ڪتاب سنجيده پڙهندڙن لاءِ آهي، جنهن کي
بلال پبليڪشينز ڪراچي شايع ڪيو آهي.
رياضت صاحب توهان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو.
ReplyDeleteGreat effort.... congratulations
ReplyDeleteRubina Mumtaz Ruby
DeleteCongratulations ....u r doing a great work......Rubina Mumtaz Ruby ( Poetess & bureau chief Rawabit international magazine)
ReplyDelete