ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي غزل
بخشل باغي (Bakhshal Baghi)
ٽين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ”سمر
قند“ جي علائقي پنج رودڪ ۾ جنم وٺندڙ اُستاد الشعرا ۽ ايراني شاعريءَ جي جڳ مشهرو
شاعر ”رودڪي“ (941-880ع) اهو تصور به نه ڪيو هو ته ڪو کائُونس تخليق ٿيل ۽ سندس
نالي سان منسوبُ صنف ”غزل“ اڳتي هلي ڏيهان ڏيهه، ڪاميابيءَ جون منزلون طيءِ ڪندي.
”رودڪي“ فارسي زبان ۾ مثنوي، رُباعي، قصيدي وغيره جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
پر هُن قصيدي جي شروعاتي حصي يعني ”تشبيب“ کي ڌار ڪري اُنَ جو نالو غزل رکيو. جنهن
ڪري (910ع جي آس پاس ڏهين صديءَ ۾) هڪ نئين صِنفَ تيار ٿي وئي. جنهن کان پوءِ غزل
گوئيءَ جو هڪ اُڻ کُٽ سِلسلو شُروع ٿي ويو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾
جاري آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ به غزل جي شروعات ڪلهوڙن
جي دؤر (1784ع ــ 1700ع) ۾ ٿي چُڪي هُئي. پر سنڌ ۾ غزل ڪهڙي شاعر مُتعارف ڪرايو.
اُنَ لاءِ تحقيق جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو وقت جي وهڪ سان کوڙ ساري شاعري
به هلي ويئي. محمد خان غنيءَ 1936ع ۾ پنهنجي ڇپيل ڪتاب ”سنڌ
جي جديد شاعري“ ۾ ارڙهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ (1717ع ۾) نُور محمد خسته
ٽِکڙائي کي سنڌ جو پهريون غزل گو شاعر سڏيو آهي. جنهن کان پوءِ مرزا تقي، حافظ
عالي، ميان ڇتن، سچل سرمست، خليفو گل محمد گل هالائي (سنڌي ۾ پهريون غزل جو ديوان ڏيندڙ
شاعر)، سيد غلام علي شاهه، مير صوبدار خان مير، خان جعفري، مير شهداد خان ”حيدري“،
مير حسن علي خان ”حسين“ وغيره اهم نالا چئجن ٿا. پر خليفي گل کان پوءِ غزل جو اهم
شاعر آخوند محمد قاسم ”قاسم“ هالائيءَ کي چيو وڃي ٿو. خليفي گل جي وقت جا غزل جا
تمام ٿورا شاعر ٿيا. پر گذريل صديءَ جي اَڌ ۾ انهن جو تعداد وڌي ويو، جنهن کان
پوءِ غزل شاعرن جي اظهار جو ڀرپور وسيلو ٿي پيو ۽ عبداللطيف ”لطيف“، امام بخش
”خادم“، فاضل، يار محمد ”قانع“، عبدالواحد ”سائل“، صوفي آسورام، جشن مل مُنشي،
ريواچند مير چنداڻي ”جشن“، مُنشي لڇيرام ”خفتي“، ليلا رام، وطڻ مل ”خاڪي“، پڻ غزل
غزل لکيا، تنهن کان سواءِ ان وقت عبدالقادر ”بيدل“، آخوند لطف الله ”لطف“، امام
بخش ”خادم“، عبداللطيف ”لطيف“ چڱا مشهور شاعر هئا. قاسم ۽ فاضل جي وقت ۾ ئي هڪ
نوجوان شاعر سانگي اڀريو، جنهن جا ديوان پڻ ڇپيا. ”سانگي“ جي وقت ۾ يا ايئن کڻي
چئجي ته گُذريل صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري انداز بيان وڌيڪَ شوخ ۽ لطيف ٿيو. تخيل، نازڪ
خيالي، اِختصار، اِشارن ۽ ڪناين، تشبيهن ۽ اِستعارن جو ڀرپور واڌارو ٿيو. گل ۽
قاسم جي وقت ۾ خيال سادي نموني بيان ڪيا ويا. پر سانگيءَ جي اچڻ کان پوءِ بيان کي
پرواز مليو. سانگيءَ کان سواءِ ان وقت جي ذڪر لائق شاعرن ۾ فضل محمد ”هاشم“، حامد
علي ”حامد“، آخوند فقير ”عاجز“، غلام محمد شاهه ”گدا“، دوست محمد ”دوست“، محمد
هاشم ”مخلص“، مرزا قليچ بيگ، غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“ اچي وڃن ٿا. ويهين، صديءَ
جي پهرين اڌ کان ورهاڱي تائين واري دؤر ۾ طرحي مُشاعرن جي شروعات ٿي. ڪيترن ئي
شهرن ۾ ”بزم مُشاعره“ برپا ٿيون. سنڌ ۾ جتي ڪٿي مُشاعره ٿيڻ لڳا. انهن ۾ اڪثر غزل
پڙهيو ويندو هو. ڪلاسيڪي صنف وائي، ڏوهيڙو، ڪافي، بيت تي طبع آزمائي شان جي خلاف
سمجھيو ويندو هو. اُنهيءَ دور ۾ سياسي سُجاڳي به آئي. ۽ عشقيه غزل سان گڏ ڪيترو ئي
قومي غزل به لکجڻ لڳو. اُنهيءَ دؤر جا اهم شاعر ميان محمد علي قادري ”حڪيم“، سوڀراج
نرمل داس ”فافي“، مرزا محمد علي بيگ ”مدد“، لعل چند عرف لعل محمد ”مجروح“، ڪشنچند
”بيوس“، غلام سرور ”فقير“، نواز علي ”نياز“، محمد بخش ”واصف“، شيخ محمد ابراهيم
”خليل“، عبدالرحمان ”انجم“، محمد خان غني، لطف الله ”بدوي“، الله بخش ”سرشار“
عُقيلي، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، انور علي شاهه، اظهر گيلاني اچي وڃن ٿا.
جيئن ته سنڌي شاعريءَ ۾ ٻه ”اسڪول
آف ٿاٽ“ شروع کان گڏوگڏ سفر ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ هڪ اسڪول آف ٿاٽ ابراهيم خليل جو
آهي. جنهن تحت غزل جي ٻاهران آيل صنف کي غزل جي اصل روايتي رُخَ ۾ ئي رهڻ کي ترجيح
ڏني وئي ۽ ان ۾ انهيءَ ڌاري ٻوليءَ واريون شاعراڻيون ترڪيبون، تشبيهون، تمثيلون،
استعارا ۽ غزل جو فارسي زده لهجو جيئن جو تيئن قائم رکيو ويو ۽ هِنَ فِڪرَ جا سنڌ ۾
ڪيترائي پيروڪار رهيا آهن. جن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، فيض بخشا پوري، شيخ عبدالرزاق
”راز“، غلام محمد گرامي، عطا محمد حامي، علي محمد ”مجروح“، احمد خان آصف مصراڻي،
نشتر ناٿن شاهي، احمد خان مدهوش، عبدالحليم ”جوش“، آثم ناٿن شاهي، مُحسن ڪَڪڙائي، ڪريم
پلي، وفاپلي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هيٺ مان هڪ نالو خاص طور تي کڻن چاهيان ٿو. جيڪو آهي وفا ناٿن شاهي. هيءُ ٻنهي ڌارائن جو سنگم
آهي. گڏوگڏ سنڌ جا ٽکڙائي شاعر ۽ اتر سنڌ جا ٻيا ڪيترائي شاعر ان ساڳي ئي فڪر سان
واڳيل رهيا.
مان جڏهن سنڌي غزل بابت ويچاريندو
آهيان ته اُنَ ۾ ٿيل روايت جي به روايتي ورجاءَ واري ڀرمار، منهنجي تخليقي شعر
واري مطالعاتي حِس جي ذائقي کي ڪڙي بادام جي ڪوڙاڻ وانگر مُتاثر ڪري وجھندي آهي ساڳي
ئي وقت سنڌي غزل جي نازڪ، نفيس ۽ سٻاجھڙي شاعر نارائڻ شيام جون هي سٽون پڻ پنهنجي
ماڪ ڀنل سرهاڻ سان حواسن تي ڇانئجي وينديون آهن ته:
گيت جي لي ۽ سُر جي سمجھون
ڳايون پريت جو گيتُ ۽ جھومون
هانءُ تي هلڪي تون گل وانگر
ڪيڏيون ڳوريون تنهنجون نظرون
جڏهن ته ٻيو ”اسڪول آف ٿاٽ“ شيخ
اياز جي شاعراڻي ڏاهپ مان روايت جي گهرن ڪارن ڪڪرن کي چيري چوڏهينءَ جي چنڊَ جيان
روشن ٿي بيٺو، جنهن جي ٿڌي، مٺي ۽ روحَ کي راحت بخشيندڙ ڇانو ۾ ”گيڙو ويس غزل“ جو
جنم ٿيو، جنهن سان پڻ ڪيترن ئي شاعرن جي قافلي سفر ۾ سلهاڙجي گيڙو ويس غزل کي
پنهنجي جيءَ ۾ مُرڪي جاءِ ڏئي اُن جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ غزل جي نئين روپَ ۾ ڪيترائي
نوان نوان رنگَ ڀريا ۽ هُنَ کي دل جو آواز
بڻايو. جيتوڻيڪ منهنجو مقصد غزل جي تاريخ بيان ڪرڻ نه آهي. تنهن هوندي به تعارف
طور مونکي غزل جي باري ۾ ڪُجهه لکڻو ضرور پيو، جنهن جي ڪري مون مَٿيون مختصر تعارف
ڏنو آهي ۽ هاڻي مان پنهنجي موضوعَ ڏانهن اچان ٿو. جيڪو آهي، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل“. مون کي شديد احساس آهي ۽ اهو
وڏو سچ به آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل ته ڇا پر مجموعي سنڌي شاعريءَ جو اُهو
جامع اِڀياس اڄ ڏينهن تائين نه لکيو ويو آهي، جنهن ۾ آڌار تي اُنَ کي پرکيو. وڃي
جيڪڏهن لکيو به ويو آهي ته اهو سدائين اڌورو، مخصوص شاعرن کي فوڪس ڪري هڪ ئي دور
تائين محدود ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به مون سنڌي غزل بابت لکيل اڪيلي ڪتاب ”سنڌي
غزل جي اوسر“ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ڄاتو، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ غزل بابت اهو هڪ ئي ڄاڻڻ جوڳو
ڪتاب آهي. پر صفحن جي محدودگي سبب آئون ان جا ڪي به ضروري ۽ غير ضروري حوالا ڏيڻ
نه چاهيندس. حوالي طور مان سنڌ جي انهن حالتن کي جيئن جو تيئن ڄاڻائڻ چاهيان ٿو.
جن ۾ سنڌي غزل اڄ تائين ايندي پنهنجي آبرو برقرار رکي سگهيو آهي. هونءَ ورهاڱي اسان
کي ڇا ڏنو آهي؟ اُنَ جو مختصر ذِڪر ڪُجهه هيئن آهي ته سنڌ جيڪا ستيتاليهه واري
ورهاڱي جي زخم منجهه جُهري پئي هئي ۽ پنهنجو هڪ وڏو ۽ مضبوط حصو وڃائڻ سان گڏوگڏ
بُنياد پرستي جو شڪار ٿيل ڪيترن ئي تخليقي شاعرن کان پنهنجو پاندُ خالي ڪري ويئي
هئي ۽ هر طرف بيگانگيت جي ور چڙهي پنهنجي جوهر ۾ مُنتشر ٿي چُڪي هُئي. جڏهن ته
عالمي تناظر ۾ نون رجحانن، نظرين ۽ فڪرن جو اثر پڻ سنڌ جي سيڪيولر سرزمين تي چڱي
طرح سان پنهنجا پر پکيڙي چُڪو هو. ورهاڱي، جنهن ذهنن، ضميرن، دلين، مُقدس گُذر
گاهن، پيار ۽ پنهنجائپ جي احسانن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا هئا ۽ درد جون ڪروڙين ڪايائون
پنهنجو چهرو پسائي رهيون هيون. ۽ سنڌ پنهنجي ورحاني مڪملتا کي اڌورو ڀانئين رهي
هئي. اهڙي سوڳوار ماحول، سنڌي غزل کي هڪ نئون رُخ، نئون آواز، نئون انداز عطا ڪري ڇڏيو.
ان موڙ تي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته سنڌي غزل اڄ جنهن صورت ۾ آهي. ان ۾ اسان جي
شاعرن جي قلم جي مس کان وڌيڪَ انهن جي رڳن جو رت شامل آهي. ۽ اهو اياز ئي هُيو جيڪو
حالتن پٽاندڙ پنهنجي غزل کي گيڙو ويس، اوڍائي سنڌي شاعريءَ جي رنگ منچَ تي نمودار ٿيو:
شاعري جا روحَ گرمائي نه ٿي
منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي
ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن
ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس، ون
سنڌڙيءَ کي سيباءِ اياز!
پنهنجو گيڙو ويس غزل
هي مٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويل جمنا گهاٽ
من ۾ سنڌوءَ جا سوَ سپنا ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
سنڌڙي توکي ساري ٿي توکي سنڌڙيءَ سار
دلڙي توکان ڌار نه آهي، ڌار نه ٿي سگهندي
ڪير چوندو ته هي غزل آهن
پيار جا ڪي ٻه چارپل آهن
ڳل تنهنجا ائين لڳا مون کي
ننڊ ۾ موتيا سُتل آهن
جيئن ته سنڌي غزل ورهاڱي کان پوءِ
ٻن ضدن يا ٻن اثرن هيٺ پرورش پاتي آهي. يا ان کان خائف رهيو يا ان جي سنگ ۽ ساٿ ۾
سفر طيءِ ڪندو رهيو آهي. هڪ پاسي روايتي غزل جو سفر رهيو ته ٻئي پاسي سنڌ راڄ
نيتيءَ جي حوالي ۾ ايترو ته گھيرجي وئي جو اسان جو سمورو ادب ان جي رد عمل ۾ سِرجڻ
لڳو. نتيجي طور تخليقي غزل جي ڪئنواس تي هن جا رنگَ ايترا چٽا اڀري نه بيٺا. سنڌ ۾
اياز جو گيڙو ويس غزل پنهنجي جاءِ تي پر تخليقي ۽ فطري غزل پنهنجا پير سنڌُ جي
سرزمين تي پختا نه ڪري سگهيو. ان ڪري ورهاڱي کان وٺي ستر جي ڏهاڪن تائين سنڌي
شاعريءَ جو مزاحمتي دور رهيو. جڏهن ته اَسي کان اَٺاسي تائين. اَٺَ سال رزميه دور
طور ڳڻائي سگهجي ٿو. ان ڪري سنڌي شاعريءَ جو حقيقي معنيٰ ۾ تخليقي دؤر، مان اڄوڪي تاريخَ
تائين، ائين سمجھندو آهيان ته اهو دؤر 1990ع کان پوءِ ئي شروع ٿئي ٿو. جيڪو اڄ
تائين پنهنجي تخليقي قوت سان روان دوان آهي. جنهن سنڌي غزل جي من موهيندڙ مالها ۾ ڪيترائي
غزلن جا موتي مڙهي ڇڏيا آهن ۽ ورهاڱي کانپوءِ ان کي جديد/نئون سنڌي غزل چئجي ته ڪو
واڌارو نه ٿيندو. مان واس ديو موهيءَ جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته ”جديد نئين
غزل ۾ ڪافي تخليقيت آهي. چالو اصطلاحن کان پاڻ کي آجو ڪري غزل هر طرح سان شاعريءَ
تي ڇانيل آهي. تخيل ۾ اُڏام آهي ۽ پيشڪش ۾ اعتماد آهي. هنن غزل کي پنهنجي زمين ۾
اُونهو پوکيو آهي. ڪو عجب ناهي ته ويجھي وقت ۾ غزل جو ڀلو فصل سنڌ جي سرزمين تي
پچي راس ٿئي“. ورهاڱي کان پوءِ پهريون ۽ اهم دؤر شيخ اياز جو چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾
عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، نياز همايوني، شمشير الحيدري، بردو سنڌي، قمر شهباز
۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جن ادب جي رستي تخليقي غزل سميت سنڌي شاعري کي نوان رُخَ، نوان
موڙ ۽ هڪ نئون جهان ارپيو. ته ٻئي پاسي تحريڪن جي رستي ون يونٽ جي ٺهڻ کان پوءِ،
ابراهيم مُنشي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، اُستاد بُخاري، تاجل بيوس، عبدالحڪيم
”ارشد“، خاڪي جويو، راشد مورائي ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي وڃن ٿا. جن قومي ڌارا جي
اثر هيٺ سنڌي، غزل توڙي شاعريءَ ۾ مزاحمت جو هڪ نرالو احساس اُجاڳر ڪيو. اها ٻي ڳالهه
آهي ته اسين اڄ تائين به اُنَ مزاحمتي دؤر مان گذري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ جو ورهاڱي
کان پوءِ مُني صديءَ جي گُذرڻ بعد به سنڌ ۾ ڪا خاص تبديلي ۽ خوشحالي نه آئي آهي.
پر پوءِ به مزاحمتي حالتن ۾ رهندي به سنڌي شاعرن پنهنجي تخليقي شاعريءَ کي به ڌيان
۽ وقت ڏنو، جنهن جي نمائندگي غزل ٿي ڪئي.
ڪڏهن نه اهڙا جھڙا
هيل
مون وٽ باک ڀنا
رابيلَ
آئي سٽ صفحي تي يا،
ڊوڙي سانوڻ رت ۾ ڊيل
(اياز)
هن عشق جي ڪهڙي ڳالهه
ڪريان آسان به آ، دشوار به
هي واديِ الفت آهه
عجب، پُر خار به آ، گلزار به آ
(عبدالڪريم گدائي)
جڏهن به دوست ٿا توسان
ملڻ جا ڏينهن اچن
لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي
ٽڙڻ جا ڏينهن اچن
(تنوير عباسي)
آءُ ته چارڻ! چاتر
وانگي، اُڀ ۾ اُڏري جھُڙ جھاڳيون
هيٺا هينءَ ۾ مير مڙيوئي،
گدلو ٿيندو سارو راڳ
(نياز همايوني)
اسين حالَ هيڻا،
اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي
هلي پئي اڃا زندگيءَ
جي لڙائي، وڏي ڳالهه آهي
(شمشير الحيدري)
هلڪا، هلڪا ٽهڪ ائين
پڳ پڳ ڇمڪي ٿي پايل
(بردو سنڌي)
چوري چوري ڪوئي ڪنهن
سان نيڻَ ملائي ويٺو آ
هيڏيءَ ساري محفل ۾ ڪو
پاڻُ ڦُرائي ويٺو آ
(عبدالحڪيم ارشد)
هن دؤر جو غزل جديد ۽ قديم جو
سنگم هو، جنهن ۾ ٻولي، تشبيهون، ماحول، مواد، منظر نِگاري، زندگيءَ جي مُختلف ڪيفيتن
۽ حالتن جو اُپٽار، رومانس سميت، پر اهو نئين شاعريءَ جي تقاضائن تحت اڃا ڀرپور ٿي
ڪونه اُڀريو هو. اُنَ ۾ بين الاقوامي شاعراڻي طاقت ڪونه هئي، جيڪا ڪلاسيڪ ۾ ڀٽائيءَ
وٽ ۽ جديد دؤر ۾ اياز جي شاعراڻي ڪمالَ جو مُقدر هُئي. ان دؤر جو غزل پنهنجي جوهر ۾
جِتي ڏاڍو سگهارو به آهي ته اُتي ڍِلو به آهي. مڪمل طور تي هڪ ڀرپور تخليقي ڌارا
اياز کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شاعر کي گهٽ نصيب ٿي. جنهن بابت اياز چيو هو ته:
”مُستقبل فيصلو ڪندو ته اسان جي جديد شاعريءَ تي به ڪي صديون ڀونئر ڀنڀولبا يا نه“.
اياز جي ان ڳالهه جي تناظر ۾ ان جڏهن سنڌي شاعريءَ جي ٽين دؤر جو غزل پرکيان ٿو ته
مون کي ان غزل ۾ اياز جي گيڙو ويس غزل واري پوک پچندي نظر اچي ٿي ۽ ان جي ڀنل واسَ
۾ واسجڻ لڳان ٿو. ادل سومرو، اياز گل، آسي زميني، وسيم سومرو، حسن درس، اياز جاني،
رکيل مورائي ۽ ٻين جو غزل پنهنجي تخليقي سگهه، خيالن جي اُڏامَ، فني صلاحيتن ۽ غزل
جي جديد تغزل سميت هڪ خاص اهميت رکن ٿا. ۽ ان جي حسين پختگي ۽ فڪري تسلسل کي نڀائيندي،
اڳتي سفر ڪن ٿا.
گل ٽاريءَ مان ڇِني
پوءِ آڱريون سوچڻ لڳيون
سازجون تارون ڇُهي پوءِ
آڱريون سوچڻ لڳيون
(ادل سومرو)
هُنَ جا نيڻَ ڪڏهن تو
ڏٺا ڪينَ نه آهن
سمنڊَن جي گهرائي،
توکي ڇا معلوم؟
(اياز گـــل)
هر دفعي هر موڙ تي ڪي
مسئلا
پنهنجي واٽن ۾ ڦُٽا ٿوهر
جيئان
(آسي زميني)
سڏ منهنجو نديءَ سان
ٽڪرايو
لهر اُڀري مگر نه پاڻيءَ
۾
(وسيم سومرو)
مُرڪي مِلڻ جو ماڻو،
کلندي روئڻ جو کٽڪو
آغازَ جو انديشو،
انجام جو تصور
(حسن درس)
ڪنهن نه سنڌوءَ کي کڻي
ٿر ۾ رکيو
وقت سنڌوءَ ۾ ويو آ ٿر
رکي
(اياز جاني)
ڪڪر جي ڇانو ۾ اَڏي ٿو
گهر
۽ رُڃَ کان ٿو آبشار
وٺي
(رکيل مورائي)
هِنَ غزل جي مختصر چونڊ، تخليقي ۽
جديد غزل جي ڪينواس کي وسعت بخشي، دل لُڀائيندڙ رنگن سان انڊلٺ جو روپ ڏئي ڇڏيو
آهي. ننڍي توڙي وڏي بحر وزن ۽ غزل جي اُڻت ۾ پنهنجي دل ڪشي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو غزل
پنهنجي مخصوص هئيت ۾ اندروني طور تي هڪ وشال ڪائنات سمائي ٿو. جنهن ۾ هن ڪائنات جي
مختلف موضوعن، دل جي ڪيفيتن، فن ۽ فڪر جي پئمانن کي سلهاڙڻ غزل گوئي کي هڪ نئون
اظهار ڏنو آهي. جيڪو سنڌ جي غزل لکندڙ شاعرن جو خاص حِصو آهي. نئين غزل جي سفر ۾
مان سمجھان ٿو ته غزل لکڻ لاءِ ”وان گوگ“ واري آرٽسٽڪ ديوانگي به انتهائي ضروري
آهي. جنهن ۾ شاعر کي لکندي اها خبر نه پوي ته سندس هٿ جي آڱرين ۾ پڪڙيل قلم جي مس
سان لکي رهيو آهي يا مسلسل لکندي بيخوديءَ جي عالمَ ۾ گهايل آڱرين جي رت سان. ڇو
ته غزل جهڙي نازڪ، نفيس صنف ۾ بي ساختگيءَ جو رنگ هجڻ، غزل جي تغزل واري سونهن کي
نکاري نروار ڪري ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل پنهنجي
نئين جنم جي عمر ماڻيندو اڳتي وڌي رهيو آهي. ان حسين تسلسل ۾ چوٿين دؤر جي شاعرن
ته غزل کي آبرودار سڃاڻپ ڏئي ڇڏي آهي. يعني اڄوڪو غزل پنهنجي موضوعاتي دنيا ۾ ڏاڍو
وشال ۽ پختو ٿي پيو آهي. جديد غزل جي تقاضائن تحت هن غزل ۾ پنهنجي ڪلچرل خوشبوءِ
سميت فطرت جا سڀئي رنگ ۽انگ، ٻوليءَ جي سونهن، فني ۽ فڪري پختگي، رديف ۽ قافيي جو
نئين اندزَ سان انوکو استعمال، بحر وزن جا نوان نوان تجربا، غزل جي پڙهڻ واري پياس
کي وڌائي ڇڏين ٿا. هڪڙي ڳالهه جيڪا سنڌي غزل جي ذهين پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو.
سا، هي ته 1990ع کان پوءِ شروع ٿيندڙ دؤر جنهن کي مان پنهنجو دؤر ڳڻائڻ چاهيان ٿو،
اهو دؤر اصل ۾ سنڌي تخليقي شاعريءَ جو چوٿون دؤر آهي. جيڪو سنڌي غزل جو نج تخليقي
دؤر چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ان دؤر ۾ لکندڙ تخليقڪارن سنڌي غزل کي هڪ حسين
رنگَ رتو پيچرو ڏنو آهي، جنهن پيچري تي هلي سنڌي غزل پنهنجي سموري سونهن، سوڀيا سان نروار ٿيو آهي، جنهن سفر جي سٿ ۾ اسان جا
سينيئر شاعر به هم سفر آهن. شاعري جيئن ته مُسلسل جستجوءَ جو نالو آهي. اُنَ ۾
کنيل سڀئي قدمَ ضروري ناهي ته ڪو اُهي صحيح سمت ڏانهن ويندڙ هُجن. اُنَ ڪري ضرور
کنيل ڪجهه قدم صحيح هوندا ته ڪجهه غلط، تنهنڪري اسان جي دؤر جو سمورو غزل نه سڄي
جو سڄو ڀرپور آهي ۽ نه وري ڪو سمورو ڍلو آهي. پر اُنَ جي ڪيل مطالعي کان پوءِ اُنَ
نتيجي تي پهچون ٿا ته غزل پنهنجو تخليقي سفر اڳتي کان اڳتي ڪندو پئي آيو آهي. جيئن
ڪڪر مان ڪرندڙ هر بوندَ سِپَ ۾ موتي نه بڻبي آهي، تيئن هر ڪوتا روحَ ۾ ڪڪورجي ريٽي
نه ٿي بڻجي.
هن دؤر جي شاعرن ۾ سعيد ميمڻ،
احمد سولنگي، اقبال رند، اسحاق سميجو، ايوب کوسو، رخسانه پريت ، روبينه ابڙو، اظهر
ٻانڀڻ، امر اقبال، معصوم بخاري، بدر شاهه، منور سولنگي، ساحر راهو، سعيد سومرو،
حفيظ باغي، مشتاق گبول، امداد سولنگي، ستار سندر، حاجي ساند، عامر سيال.، امر ساهڙ،
وشال، بادل، حبدار سولنگي، روشن ظفر راهو، زاهد راڄپر، حنيف عاطر، ممتاز عباسي، عبدالحميد
آس ٻٻر، فياض چنڊ ڪليري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جن غزل جي سر زمين تي غزل جي نئين
تخليقَ جو هڪ فنڪاراڻو ۽ انوکو عالم جوڙيو آهي. جيتوڻيڪ نالن جي فهرست ڊگهي آهي.
پر مون ڪوشس ڪري ڪجهه نالا نمائندگيءَ طور ئي استعمال ڪيا آهن. ٻيا به ڪيترائي غزل
جا شاعر آهن. جن سنڌي نئين غزل جي سونهن ۾ اضافو آندو آهي پر فهرست ڏيڻ منهنجو
مقصد نه آهي اُنَ ڪري مان پنهنجي موضوع تي لکندي اڄ جي نمائنده شاعرن جا اهم غزل
مثال طور ڏيڻ ضرور چاهيندس. جيڪي هِنَ طرح آهن:
جن تي ڪوسا چپ رکيا
ها محبوبا
سي به قبر ۾ نيڻ
اسان جا گم ٿي ويا
(سعيد ميمڻ)
ميڻ جو ڌاڳو ٻَري ٿو
واءُ ۾
سِجَ جو دامن سِبيان آهي ڪٿي؟
(احمد سولنگي)
لَٿو سج ته پنهنجي
گنهگار دل
وڃي ڳوٺڙي جي ڳليءَ ۾
ٻُڏي
(اقبال رند)
ڇڄي اوندهه کان جي
سگهنديون الائي نه
اکين کي آزمائڻ لئه
بتي ٻاريان
(اسحاق سميجو)
رابطي جا رڱي، ريشمي
تاڪيا
بِرهه جي بوسڪي رات
مون تي لٿي
(امر ساهڙ)
سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري
پوءِ هلون
ترس ٿورو هوءَ نهاري
پوءِ هلون
(ايوب کوسو)
عڪس اندر جو نه آ چٽجي
سگهيو
آرسيءَ ۾ آ ڪمي رهجي
وئي
(رخسانه پريت)
بي يقينيءَ جو تِکو
طوفان لنگهي ويو هاڻ مان
وقت جي دز ۾ لٽيل
ويساهه پيئي ڳوليان
(روبينه ابڙو)
چنڊ چهرن کي چُمڻ جي
چاهتن ۾ ٿي رهي
دل جنوني آ لڳي ٿو
مارجي ويندي ڪٿي
(اظهر ٻانڀڻ)
مون ۾ ڪيئي در آهن
پر
مون ۾ ڪا ديوار نه
آهي
(بادل)
ڪنهن جو نفرت رکي
زندگيءَ جي مٿان
دز ويئي چڙهي آرسيءَ
جي مٿان
(حبدار سولنگي)
تنهنجي ڳالهين جا ڪبوتر
ٿا اُڏن
۽ هوا جو رنگ مٽجي ٿو
وڃي
(امر اقبال)
مان مزدوريءَ جي
چنتا ۾ تڪڙو هئس
سو دريءَ جا اشارا وڃائي
ڇڏيم
(معصوم بُخاري)
عمر جي درد کي ديوار
ساڻ اوريون ٿا
اکين ۾ رات وري هيڪلي
سُتي آهي
( عبدالحميد آس ٻٻر)
هوءَ لفظن مان ڪُجهه نه ٿي ڄاڻي
هُنَ اڳيان دل ڪڍي رکي ڏسجي
(فياض چنڊ ڪليري)
گهٽ نه ٿيو دردَ جو
بار سگريٽَ سان
ياد تيئن ٿو اچي
پيار سگريٽَ سان
(منور سولنگي)
تنهنجي لفظن جا
ريشمي لهجا
تنهنجي نيڻن جون ڌار
معنائون
(زاهد راڄپر)
ڀنل واريءَ تي ڀٽڪن ٿا،
پدم جهڙا قدم ڪنهن جا
ڪناري جي وهاڻي تي، ٿڪل
ساگر سُتل آهي
(ساحر راهو)
هي اُفق ۾ شفق جي
پوياڙي
ڪو ڪريل جام آ خدا
جو ڄڻ
(سعيد سومرو)
منهنجي خوابن کي ڪٿي
رولي ڇڏيئه
تنهنجي پويان او
چري! نڪتا هئا
(حفيط باغي)
سٽون به ڦٽ پون ٿيون
بڻجي
اسان جا زخم ڪُرن ڪاڳر
تي
(مشتاق گبول)
ڇو ٿين ها خواب چوري
ننڊ کي جي در هجي ها
(امداد سولنگي)
سنڌ ايڪيهين صديءَ ۾
زندگي ڳولي پئي
جيئن مڇي سنڌو نديءَ
۾ زندگي ڳولي پئي
(سائل پيرزادو)
خوابن جون دريون
کُليون واڱڻائي
سڄي ننڊ ٿي وئي ڦُليون
واڱڻائي
(ستار سندر)
اکين جو نُور ننڍپڻ ۾
ڀريندي ڀَرت گُم ٿي ويو
لَڪُڻ جي ٽيڪَ تي
رستو، اَنڌيءَ جو درد سمجهي ٿو
(روشن ظفر)
موت جو به عشق هو ۽
زندگيءَ ڇڏيو نه ٿي
هو شخص ڀي ته ڇا هيو
جو عاشقيءَ ڇڏيو نه ٿي
(حاجي ساند)
ڀري ڀاڪر ۾ جو توکي
چميءَ سان چاهه ارپيو هو
اها اڄ يادگيريءَ جي
ندي نيڻن کي ٻوڙي ٿي
(اياز امر شيخ)
عجب تنهنجي سڳيءَ جا
رنگ جاڳيا
اکين ۾ زندگيءَ جا
رنگ جاڳيا
(حنيف عاطر)
مٿي مون غزل جي عيوضي نوجوان
شاعرن جو تفصيل سان ذڪر ان ڪري ڪيو آهي. جو ان کي مان پنهنجو شاعراڻو دؤر سمجھان ٿو
۽ اهو مون لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته مان پنهنجي دؤر، جنهن کي مان سنڌي غزل جو
تخليقي دؤر سمجھان ٿو ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيان. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو سفر سنڌ ۾
جاري آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي اُنَ جا پيرَ ڌنڌلا نظر اچن ٿا ته ڪٿي چٽا ۽ اهو مارڳ
جنهن ماڳَ تي پُهچندو اُنَ ۾ منهنجو يقين ان ڪري به آهي جو سنڌ ۾ اڃا تائين نه
تخليقي کوٽَ آهي، نه سنڌي تخليقڪار سون تي سيڻَ مٽايا آهن. مان سمجھان ٿو ته ورهاڱي
کان پوءِ سنڌي غزل جيترو منهنجي دؤر يعني 1990ع کان پوءِ تخليقي طور اُڀري آيو آهي
اوترو مُني صديءَ ۾ به نه اُڀري سگهيو آهي. جيتوڻيڪ مان سنڌي غزل جي ٻين پهلوئن،
سياسي/ مزاحمتي پهلوئن جو ذڪر ان ڪري نٿو ڪريان جو اُنَ ڊگهي پيچري تي هلندي شايد
مان سنڌي غزل جو ورهاڱي کان پوءِ وارو تخليقي سفر اَڌَ ۾ ڇڏي ڏيان. اُنَ ڪري جو
مان سمجھان ٿو ته اڄ جي سنڌ کي جيتري تخليقي ادبَ جي ضرورت آهي اوتري شايد ڪنهن به
دؤر ۾ نه رهي آهي. شخصي طور مان ان ڳالهه جو اعتراف به ڪيان ٿو ته سنڌي تخليقي غزل
جيترو هند ۾ پنهنجو چهرو چٽو ڪري بيٺو آهي. اوترو سنڌ ۾ ان جو چهرو چٽو نظر نٿو
اچي. جڏهن ته مان سمجھان ٿو ته سنڌ جي سنڌي غزل ۾ ٻوليءَ جي سونهن، روايت جي
خوبصورتي، مسئلن جي اُپٽار ۽ ڌرتيءَ جي دردَ جو جيڪو اظهار آهي اهڙو اظهار عالمگير
سطح تي تمام ٿورين ٻولين جي شاعريءَ کي حاصل ٿيو هوندو. اڄ اسين سنڌي شاعر سرحدن
کان سواءِ سڄي دنيا جي باري ۾ جيڪو ويچار رکون ٿا، ان ويچار جي تِکائي هند ۾ لکئي
ويندڙ غزل ۾ ضرور آهي. پر اُنَ ۾ مٽيءَ جي خوشبو ڪٿي آهي، جيڪا اسين سنڌ جي
شاعريءَ کي پڙهي دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊَ ۾ محسوس ڪري سگهون ٿا. دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊَ
۾رهندڙ ذهين سنڌي پڙهندڙ کي جيڪڏهن مٽيءَ ۾ هوائن جي هٻڪار کي محسوس ڪرڻو آهي ته
اهو فقط سنڌ جي شاعري ئي پڙهي محسوس ڪري سگهندو. ورهاڱي کانپوءِ اسان کي ايترا ته
گهاءَ رسيا آهن، جو اوهين هِند ۾ رهندڙ، سنڌي به اسان جي غزل ۾ محسوس ڪري سگهو ٿا.
اوهان هِند ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ته فقط هڪ درد آهي ته:
الائي ڪهڙي گهڙي
اُنَ مان ”شيام“ نڪتاسين
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد
ڏسڻ نصيب نه ٿي
(نارائڻ شيام)
پر اسان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جو درد
ته اِهو آهي ته اسين پنهنجي وطنَ ۾ هوندي به به وطن آهيون.
مددي ڪتابَ
1.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل
جو هيئنڊ بوڪ: واس ديو موهي
2.
سنڌي غزل جي اوسر ـــ اياز
قادري
3.
سنڌي شاعريءَ جا مُختلف ڪتابَ
۽ رسالا
4.
سنڌي غزل ـــ ارجن شاد
5.
غزل اور غزل کي تعليم.
اختر انصاري
Assalamualaikum sir
ReplyDeleteSir ma Sindhi literature g student aahya mkhi than g thori help pae khapi
ReplyDelete