30/06/2016

جنهن دل پيتا عشق دا جام - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr Fayaz Latif)

جنهن دل پيتا عشق دا جام
ڊاڪٽر فياض لطيف


تصوف دل جي دنيا آهي ۽ دل جي دنيا کي، حُسن ۽ حقيقت جو هڪ پنهنجوحسين جهان هجي ٿو. دنيا ۾ جن ماڻهن دل جي راه ورتي آهي، انهن کي دنيا جا رند ۽ پنڌ راس نه آيا آهن ۽ جن دنيا جو دڳ ورتو آهي، انهن کان دل جو دڳ وڃايل ئي رهيو آهي.
دنيا جي دڳ ۾ ڪنڊا ۽ ڪدورتون آهن. دوکا ۽ فريب آهن، پر دل جي دڳ ۾ پيار ۽ پريت آهي. خواب ۽ خوبصورتيون آهن ۽ وڏي ڳالھ ته ان ۾ عشق جو آجپو ۽ آجپي جو عشق به آهي، ته موھ جي مجذوبي ۽ مجذوبيءَ جو موھ به. تڏهن ئي ته سچل، سرمست بڻجي، ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
گِھڙن جي گھيڙاءُ، تانگھو عشق تن جو،
جن کي عشق عليل ڪيو،سي اينديون اوَتڙاءُ
جي سُور چَکنديون سُاءُ،ميهر سي ماڻينديون!

12/04/2016

’زيب النساءِ‘ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

زيب النساءِ‘
طويل ڪهاڻيءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب
مٺل جسڪاڻي
سنڌي ادب ۾ نثر، نثر ۾ ڪهاڻي، بحث جو دلچسپ موضوع رهيو آهي. هڪ طرف ڪهاڻي ختم ٿيڻ جا افواه عام آهن. ٻئي طرف ڪهاڻيون لکجي به رهيون آهن، ترجمو به ٿينديون رهيون آهن. طويل مان مختصر ڪهاڻي جو صفر وڌندو رهيو آهي ۽ هاڻي ته "هڪ لفظي ڪهاڻي" به "ايجاد" ٿي چڪي آهي.
زيب النساءِ، محمود مغل جي هڪ طويل ڪهاڻي آهي، جيڪا پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي اٺاسيهين ۽ محمود مغل جي ٻارهين ڪتاب طور شايع ٿي چڪي آهي. ڊيمي سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيه آهي. هي ڪهاڻي، پهرين قسطوار، اخبار ۾ ڇپجي ته چڪي آهي، پر هڪ سئو قسطون پابنديءَ سان گهڻن تائين پهچنديون رهيون ۽ اهي پڙهبيون به رهيون ۽ هاڻي سانڍي رکيل به هونديون. ان نسبت سان، هن ڪتاب جي اهميت کي نظر انداز ڪرڻ بي واجبي ٿيندي.  

10/04/2016

دراوڙ دل جي تنهائي جو اڀياس - امر پيرزادو (Amar Pirzado)

اي درد قرب تنهنجا جو ساٿ تو نڀايو
اياز جاني جي ڪتاب دراوڙ دل جي تنهائي جو اڀياس
امر پيرزادو
فيبروري 2016 جو مهينو سنڌي شاعري لئه بهار بڻجي آيو هن مهيني ۾ سنڌ جي ٻن سرموڙ شاعرن روبينه ابڙو ۽ اياز جاني جي شاعري جو پهريون مجموعو شايع ٿيو . انهن ٻنهي ڪتابن جو شاعري سان عشق ڪندڙن کي وڏي وقت کان انتظار هيو.
ايازجاني مون کي درد جو شاعر لڳندو آھي. اهو درد ئي آھي جيڪو اياز جاني جي سموري شاعري جو اتساهه آھي. اهو درد ئي آھي جنهن زاتي زندگي ۾ جاني کي پريشان رکيو ۽ شاعري ۾ کيس جيئدان ڏنو . انور پيرزادي انور ابڙي جي نثري نظمن جي ڪتاب جي مهاڳ( جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آھي) ۾ لکيو آھي ته نثري نظم جي گهاڙيٽي جو جيڪڏھن نالو رکجي ته اهو درد رکي سگهجي ٿو. مون کي ايازجاني جي سڄي شاعري جو تت به لفظ درد ۾ ئي ملي ٿو . مان هن ڪتاب جو نالو درد رکان هان. 7 جنوري تي منهنجي موبائيل تي ايازجاني جي نالي جي رنگ وڳي مون جيئن ئي موبائيل رسيو ڪندي ڪن تي رکي ايازجاني اوڇنگارون ڏيندي چئي رهيو هو اڙي امر منهنجو حسين گزاري ويو اڙي مان ڇا ڪيان يار.. منهنجي دل تي زور سان ڌڪ لڳو مون کي ڪو جواب نه پيو سجهي ڪا اٿت ساٿ نه پئي ڏي منهنجي واتان به بس اڙي يار ئي نڪتو. هڪ مجبور پي رئندو رهيو. اهو ڏينهن بابا جي ورسي جو ڏينهن هيو اهو ڏينهن شايد پار ڪڍڻ جو ڏينهن آھي. مون سوچيو ايڏو درد ملڻ کان پو جاني پاڻ کي سنڀالي نه سگهندو مري نه به ويو کري ضرور ويندو ذهني توازن وڃائي ويهندو ڇو ته هو اڳ ئي وڏا صدما سهي چڪو هو مٿان وري پٽ جو وڇوڙو. پر اسان ڏٺو سي ته ايڏي وڏي ڏک کان کيس بچائڻ وارو به درد ئي هو جنهن کيس لفظن جا ڳوڙھا ڳاڙڻ سيکاريا، جاني لکيو
اي درد قرب تنهنجا جو ساٿ تو نڀايو
ٽھڪن ڦٽي ڪيو جيئن لڙڪن ۾ تو لڪايو
جنهن وقت تو سڏيو پئي مصروف ئي رهيس مان
هاڻي پيو ٿو سوچيان ڇا آھ مون ڪمايو

11/03/2016

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟ - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟
سرواڻ سنڌي


شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو مشاهدو ۽ تجزيو قومن کي سمجهڻ ۾ ڪارگار ثابت ٿيندو آهي، ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پرکڻ جي لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي پڙهيو ۽ پرکيو ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس مشاهدو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي ڀٽائي کان پوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان ويندي کوڙ سارن شاعرن پڻ ڀٽائي جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڻ وهايا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائي جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب ”هينئڙو ڏاڙهون گل“ جيئن ۾ هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
”ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،
متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائئين!“

10/03/2016

سنڌ جو عطار (سچل سرمست) - آزاد ”انور“ ڪانڌڙو (Azad Anwar Kandhro)

آزاد ”انور“ ڪانڌڙو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي سنڌي ادب جا اهڙا انمول رتن آهن، جن تي سنڌ واسين کي هميشه ناز آهي ۽ رهندو. شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، پر سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سچل سرمست جي شاعريءَ، فن ۽ فڪر تي پهريون ۽ بنيادي عملي ۽ تحقيقي ڪم 1902ع ۾ مرزا علي قلي بيگ ڪيو. ان کان پوءِ سچل سرمست رحه جي مختلف شارحن ۽ پارکن سندس شاعري ۽ پيغام جو جائزو وٺي سندس ڪلام جي آسان سمجھاڻي پڙهندڙن جي سامهون پيش پئي ڪئي آهي. 1959ع کان وٺي هر سال سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. 1980ع کان وٺي ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل تحقيقي مقالن کي شايع ڪرڻ جو بندوبست شروع ٿيو. 1959ع کان وٺي 1999ع تائين جي ڊگھي عرصي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پر مغز مقالا ۽ مضمون پڙهيا ويا. انهن مقالي نگارن ۾ ڪي اهڙا به شارح آهن، جيڪي تقريباً هر ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ پنهنجا مقالا پيش ڪندا ٿا رهن. انهن خاص عالمن ۾ محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق به آهي.

25/01/2016

پهرين جنوري نصير سومرو (Naseer Soomro)

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم ڏينهن
پهرين جنوري
نصير سومرو
”پهرين جنوري“ زماني جي چڪر اندر چڪر سٿيل ڏينهن مان هڪ ڏينهن آهي، جيڪو هونءَ ته عيسوي سال جي پهرين مهيني جو پهريون ڏينهن آهي پر اسان جي گهڻ گهريي دوست ۽ نامياري ليکڪ انور ابڙي جو جنم ڏينهن به آهي ته هن جي نڪور ڪهاڻين جي ڳٽڪي جو نانءُ به آهي.
حياتيءَ جي آس پاس جنم وٺندڙ ڪهاڻين منجهان سرجيل ڪهاڻين جا رنگ جدت ۽ ”صوفيت“ جي گڏيل احساس جو اديباڻو اظهار آهن. هوند ۾ ڪهڙي اڻهوند آهي ۽ اڻهوند ۾ ڪهڙي هوند آهي جينيس ليکڪ ئي ڳولي پنهنجن پڙهندڙن آڏو علامتي انداز ۾ آڻيندو آهي. احساس جو هي دريافتي شعور پڙهندرن جي ستل شعور کي سجاڳ ڪرڻ ۽ حياتيءَ جي هاڃن کي هر حال ۾ سهڻ جي سڪت جا امڪان ڳولي لهڻ ۾ ٻانهن ٻيلي بڻجندو آهي. هي امڪان ٻين ذريعن سان پڻ ڳولي لهڻ جون ڪوششون ڪبيون رهبيون آهن ته جيئن روحاني اوسر جو سفر جاري رهي، پر ڪتاب جو پڙهڻ رومانيويت سان ڀرپور شغل آهي جيڪو هجوم کان الڳ ٿلڳ بيهاري مهذب انسان طور سڃاڻپ ڪرائي ٿو.

سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

مختيار احمد ملاح جي لکيل
سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
سنڌ ۾ لکيل سنڌي ادب جون تاريخون ڪي گهڻيون نه آهن، پوءِ به ڪي اهم تاريخون آهن، جن کي وقت سر اپ ڊيٽ نه ڪرڻ سبب اهي اهم هوندي به مڪمل گهٽ آهن.
اسان جي نوجوان دوست، مختيار ملاح چڱي عرصي کان ان سلسلي ۾ پئي پاڻ پتوڙيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن هڪ بيمثال ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي ۾ لکيو آهي، ” سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ هي هزار کن صفحن جو گرنٿ هاڻ مارڪيٽ ۾ موجود نه هجڻ سبب هو ان کي وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ ڪيترائي واڌارا ڪري رهيو آهي، ساڳئي وقت هن سنڌي ادب جي تخليقي صنفن تي پڻ هڪ سيريز لکي آهي، جنهن جو پهريون جلد آهي، سنڌي ناول جي مختصر تاريخ ٻيو جلد آهي سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ ۽ هاڻ ان سلسلي جو آخري ڪتاب آيو آهي ” سنڌي ڪهاڻي جي مختصر تاريخ“ مختيار ملاح انهن نوجوانن مان آهي، جن ۾ سچ پچ بيپناھ جذبو آهي، محنت ڪرڻ جو کوجنا ڪرڻ جو ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪنهن به ڪم کي توڙ تائين پڄائڻ جو. اهڙيون صلاحيتون اڄ جي نوجوان ۾ خاص طور تحقيق واري پاسي وقت ڏيندڙن ۾ گهٽ ئي آهن.

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“ اسير امتياز (Aseer Imtiaz)

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“
اسير امتياز
منهنجي ڪمري جي ڪٻٽ ۾ ڪيئي اهڙا ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي مون بار بار پڙهيو آهي ۽ انهن سان گڏ ڪجھ اهڙا بہ ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي اڃا تائين مون کوليو بہ ڪونهي، اُھا سُستي چوان يا بدذوقي، پر الائي ڇو اُهي ڪتاب بنا پڙهڻ ۽ پرکڻ جي اڄ تائين منهنجي مطالعي جي انتظار ۾ رهن ٿا.
شاعر جو پنهنجو موڊ هجي ٿو، هُو پنهنجي موڊ تحت سوچي ٿو ۽ پنهنجي ئي موڊ تحت لکي بہ ٿو تہ پڙهي بہ ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن من جي بيقراري دور ڪرڻ لا ڪتابن ۾ پناھ وٺبي آهي تہ ڪڏهن وري ڪتابن کان پري بہ رهڻو پوي ٿو. اها هڪ ڪيفيت هوندي آهي.جنهن ۾ شاعر هر وقت گم رهندو آهي.
منهنجي تنهائي مون کي هر وقت ڪتابن سان ملايو آهي ۽ ڪتابن وري سٺن خيالن سان روشناس پئي ڪرايو آهي.

08/01/2016

ڪتاب ”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)

 سعيد سومري جي ڪتاب
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو
غوث پيرزادو
مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر سعيد سومري جي شعري مجموعي جو نالو آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته تخليقي حوالي سان سندس چوٿو ن ڪتاب آهي. هن مجموعي کان پهرين هو ”سرءُ جي اداس سانجهه“ جي نالي سان (2000ع) ۾ غزلن جو مجموعو پڙهندڙن کي پيش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو شعري مجموعو ”درد جي باک“ (2001) ۾ ڇپيو ۽ وري 2006ع ۾ هن ”دعا مان ڪريل لفظ“ جي نالي سان شاعراڻي نثر جو هڪ ٻيو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آندو.

02/01/2016

ڪتاب ”بارش جي دعا“ - بنسي خوبچنداڻي (Bansi Khubchandani)

ڪتاب ”بارش جي دعا“
بنسي خوبچنداڻي
منهنجو وشواس آهي ته هر ڪنهن انسان جي اندر ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي ڪوتائون، ڪيئي ڪتاب اُڪريل آهن. ڪن کي وجهه ملي ٿو اُهي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ۽ گهڻا آهي افسانا پاڻ سان کڻي ٿا وڃن. ائين به ٿيندو آهي ته اُهي ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ وارتائون ڪيترا سال اندر ۾ پچي ڪري راس ٿيون ٿين ۽ پوءِ هڪ ٻوڏ وانگر من جون سڀيئي ديوارون ٽوڙي اکرن جي ڇوھ کڻي اچي ٿيون پڙهندڙن جي من کي ڌونڌاڙين!
ائين ديوي ناگراڻيءَ سان به ٿيو هوندو، نه ته هوءَ ٿورن سالن ۾ ئي سنڌي ۽ هندي ادب کي ايترا ڪتاب ڪيئن ڏيئي سگهي ها؟
ڪراچيءَ(سنڌ) ۾ جنم وٺي هوءَ ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ آئي ۽ پوءِ وڃي آمريڪا جو شهر نيو جرسي وسايائين جو نيويارڪ جي بلڪل ئي ويجهو آهي. نيوجرسي ئي ديوي ناگرانيءَ جي ڪرم ڀومي ٿي رهيو. هاڻي ديوي ڪجهه وقت نيو جرسيءَ ۾ رهندي آهي ۽ شايد انکان گهڻو وقت باندرا-ممبئيءَ ۾.