رياضت ٻرڙو
محمد علي پٺاڻ جو ’طويل نظم‘ تي مشتمل ڪتاب
”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا
هن جو
قلمي سفر ته گذريل 44 سالن تي پکڙيل آهي، پر ان سفر ۾ صدين جون ڳالهيون ۽ واقعا
آندل آهن. انهن صدين مان ڪي صديون گذري ويون آهن ۽ ڪي اڃا گذرڻيون آهن: ڇاڪاڻ ته
وقتُ نه اڳُ ڪڏهن بيٺو آهي، نه آئنده ڪڏهن بيهڻو آهي ۽ نه ئي هلندڙ ٽاڻي بيٺل آهي.
اها وقت جي خوبي به آهي ته خامي به، ته وقت کي بيهڻو آهي ئي نه!؟ جيڪڏهن وقت بيهجي
ويو، ته ڪائنات ڪيئن هلندي؟ اها به بيهجي ويندي! شايد اُهو ئي سندس انجام هجي!
پر، ڇا
سائنسي طور اهو ممڪن آهي، ته ڪائنات، يعني مادو ۽ توانائي بيٺل ۽ ڄميل هجن ۽ وقت
هلندو هلي؟ اهو اڃا تائين ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مادي ۽ توانائيءَ جو مسلسل چرپر
۾ هجڻ ئي، اصل ۾ سندن وجود جو بقاءُ آهي، ۽ انهن جي چرپر منجهان ئي وقتُ پنهنجي
موجودگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿو. دنيا جا ٻه وڏا ڏاها انسان ۽ سائنسدانَ، ارسطو ۽
نيوٽن، مطلق وقت (absolute time) ۾ يقين رکندڙ هئا يعني منجهس گهٽ
وڌائيءَ (variation) کي نه مڃيندا هئا. سندن ان يقين
کي، ويهين صديءَ جي مَها سائنسدان ۽ مفڪر البرٽ آئنسٽائن اچي ٽوڙيو، جڏهن هن ’خاص
نسبتي نظريو‘ (Special Theory of Relativity) پيش ڪيو. ان
نظرئي موجب: وقتُ مطلق يا مستقل (constant) نه آهي، پر
منجهس گهٽ وڌائي ممڪن آهي، جنهن جو دارومدار مادي جي رفتار تي آهي، يعني وقت جي
خاصيت ۾ ساڳيائپ يا هِڪَ ڪَرائي نه آهي. هُن اهو پڻ ٻڌايو ته مادو ۽ توانائي ڪي
ڌار ڌار ’هستيون‘ ناهن، پر هڪٻئي ۾ بدلجندڙ آهن. مادي ۽ توانائيءَ جي چرپر ۽ تبديل
جي لقائن منجهان ڦُٽي نڪتل، هڪ ’شيءِ‘ جيڪا اڳتي ئي اڳتي هلندي رهي ٿي، ان کي سادن
لفظن ۾ وقت سڏجي ٿو.




