28/09/2014

شيخ اياز - انجنيئر اوڀايو خشڪ (Engr. Obhayo Khushk)

شيخ اياز
ھڪ مزاحمتي شاعر
انجنيئر اوڀايو خشڪ
شيخ اياز جنهن سنڌ جي نالي واري شهر شڪارپور ۾ اڄ کان ذري گهٽ هڪ صدي اڳ ۾ جنم ورتو ته ان وقت سندس آسپاس هڪ پُر امن گلشن هيو ۽ ان شڪار پور شهر ڪيترائي ناليوارا شاعر، اديب، استاد ۽ سياستدان پيدا ڪيا. اياز کي ننڍپڻ ۾ سٺا استاد مليا جن نه رڳو سندس تعليم تي ڌيان ڏنو، پر تعليم کان سواءِ ٻين صنفن جهڙوڪ ادب، شعر و شاعري ڏانهن پڻ سندس ڌيان ڇڪايو ۽ سندس تربيت ڪئي. انهن استادن جي تربيت جو نتيجو ئي هيو جو اياز اسڪول جي زماني ۾ اسڪول جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ وقت سان گڏ اهو پوکيل ٻوٽو وڌندو ويجهندو رهيو. اياز اڃا جواني کي مس پهتو ته سنڌ ۾ هڪ سياسي هلچل ڏٺائين، اها هئي سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ. سنڌ جيڪا صدين کان هڪ خود مختيار ۽ آزاد حيثيت ۾ رهي هئي، انهي کي انگريزن ۱۸۴۷ع ۾ انتظامي سهولتن خاطر بمبئي پرڳڻي جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ جي تاريخدان ۽ عظيم قوم پرست اڳواڻ محترم جي-ايم سيد طرفان لکيل ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“ ۾ ان تحريڪ جو تفصيلي ذڪر آهي، سنڌ جي ماڻهن جي ڪوششن سان آخر ۲۳ جنوري ۱۹۳۶ع تي سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي هڪ رياست جي حيثيت ماڻي.

سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي هلچل دوران برصغير ۾ انگريزن جي خلاف ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ شروع ٿي“. انهي تحريڪ ۾ سنڌ جو اهم ڪردار هيو. انهي هلچل دوران سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو انگريزن خلاف احتجاج ڪندي سنڌ ڇڏي افغانستان لڏي ويا. انهي عرصي دوران شيخ اياز ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۽ خاڪسار تحريڪ پُڻ ڏٺي ۽ ۱۹۴۷ع ۾ برصغير کي ٻن حصن  يعني هندستان ۽ پاڪستان ۾ ورهائيجندي ۽ انگريزن کي هندستان مان نڪرندي ڏٺو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل، جنهن ۾ سنڌ جي اصلي رهاڪن يعني هندن جو  سنڌ ڇڏڻ، ڌارين ۽ اوپرن ماڻهن جو وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ اچڻ ۽ ان کان پوءِ ڪراچيءَ جو سنڌ کان ڌار ٿيڻ ۽ ون يونٽ جو  ٺهڻ، انهن سڀني ڳالهين هڪ شاعر ۽ حساس طبيعت شخص تي اثر ڪيو. شيخ اياز، گُل ۽ بلبل جي شاعري ڇڏي وطن ۽ عام ماڻهن لاءِ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. اياز پنهنجي ننڍ پڻ ۽ جواني جن شاعرن ۽ دوستن سان گڏ گذاري اهي سڀ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي هليا ويا. انهي جو اياز تي تمام گهڻو ناڪاري اثر پيو. پنهنجن لکڻين ۾ اياز انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته نارائڻ شيام ۽ ٻين دوستن جي وڇوڙي ڪري هو نااميديءَ ۽ نراسائيءَ جو شڪار ٿيو، پر اياز وري جلدي انهيءَ ڪيفيت مان نڪري آيو. نارائن شيام کي آخر تائين وساري نه سگهيو ۽ ۱۹۶۵ع واري هند پاڪ جنگ کان پوءِ چيل هڪ شعر ”هي سنگرام، سامهون آهي نارائڻ شيام“ تي مٿس غداري جو الزام لڳو ۽ جيل جو منهن ڏسڻو پيو. وطن دوست ۽ قوم پرستي واري شاعري جي ڪري  اياز جي جواني جا ڪيئن سال زندان ۾ گذريا. انهيءَ ڳالهه جي شاهدي سندس لکيل ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ڏئي ٿو.
اياز هندستان جي آزادي لاءِ وڙهندڙ ڀڳت سنگهه تي شاعري ڪري ان کي آزاديءَ جي علامت بڻائي ڇڏيو، نه رڳو ايترو پر اياز سنڌ جي امر ڪردارن دودي سومري ۽ دولهه درياءَ خان تي شاعري ڪري انهن کي سنڌ جي ماڻهن آڏو هڪ هيرو طور پيش ڪيو ۽ تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. اياز، دودي سومري جي موت تي لکيل منظوم ڊرامي ۾ دودي کي ٻاگهي جي واتان اها ڳالهه چوائي:
جي تون وڙهندين ماريون ويندين
هن ڌرتي تان واريو ويندين
دودا تنهنجو ساهه ته ويندو
پر ماڻهو جو ويساهه نه ويندو.
يا دولهه درياهه خان جي پٽ جي نالي ڪيل وصيت
تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾
اڄ ناهر وانگر ڇال ڏيئي
تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾
تون گوليون هيٺ هلائي ته ڏس
۾ مزاحمتي شاعري جي عروج تي پهتل ڏسجي ٿو. اياز جي شاعري تي تفصيل سان لکڻ هڪ مضمون جي وس کان ٻاهر آهي، انهيءَ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکڻا پوندا. اياز جيتوڻيڪ مڇيءَ مانيءَ لائق گهراڻي سان تعلق رکندو هيو پر هن سنڌ جي عام ۽ غريب ماڻهن جي تڪليفن، ڏکن، ڏولاون کي محسوس ڪندي ائين چيو آهي:
مٺڙو آ هر چيز کان سنگهارن جو ساهه
پٽيون ٻڌن پيٽ سان، ٿين بُکن ۾ پاهه
ڏيکاريان ڪيئن ڏکين کي، چانڊوڪي ۽ چاهه
ڪٿي آهي الله، انسان جو آسرو
يا
سنهي سنهي بوند، سڃن کي ساڙي وڌو
اڳيئي اڻ هوند، ويتر جهرين جهوپڙيون.
يا هي شعر
هائي بکيون، اڌ ننگيون نياڻيون تن جي لڄ بچاءِ
آءِ هوا! هن ڀونگي ۾ ڏيئي جي وٽ وسائي.
اياز جي شاعري ۾ وطن دوستي به عروج تي نظر اچي ٿي، جيئن هيٺين چيل نظم مان ظاهر آهي:
اها سنڌ ڪعبو به ڪاشي به آ
چوي ڇا به  ڪو شيخ يا برهمڻ،
اتي ئي اسان جي خدائي کُٽي
نه فردوس بهتر نه باغ عدن.
اياز جي هر موضوع جي لکڻي ۾ سنڌ نظر اچي ٿي، مثلاً
توکي ڪهڙي ڪل
جي نه اچي جهل،
مون کان سنڌ نه وسري.
يا وري ٻئي هنڌ چوي ٿو:
ڏس باک ڀليري آئي آ، ڏس سنڌو مٿان سرهائي آ
ڇو تن لاءِ اياز رنين، جي مارو ماڳ مٽائي ويا
سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار
هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي، پر سنڌ اياز نه مرڻي آهي
اياز جي شاعري اهڙن شعرن سان ڀريل آهي.
اياز جي مزاحمتي شاعري جو عروج ملڪ ۾ مارشل لائي ۽ غير جهموري دَور سان گڏ سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ وارو دور هيو جنهن ۾ سنڌ جا نوجوان اياز جي شاعري ڳائيندا هيا ۽ جيل ۽ ڪال ڪوٺڙين جون تڪليفون برداشت ڪندا هيا پر پوئتي هٽڻ انهن لاءِ مهڻو هيو. آخر اياز جي شاعريءَ ۽ عوام جي قربانين ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڊاٺو. ون يونٽ مخالف تحريڪ جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻيا ڪيترائي عوامي شاعر پيدا ٿيا جن ۾ نياز همايوني، تنوير عباسي ۽ لاڙ سان تعلق رکندڙ محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ ابراهيم منشي ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. شيخ اياز اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي، پر سندس اها اردو شاعري برصغير ۾ اها مقبوليت نه ماڻي سگهي جا مقبوليت سنڌي ۾ ڪيل شاعريءَ کي ملي.
سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ، دانشور ۽ اديب محترم عبدالواحد آريسر، شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”سنڌ جي شاعري جي تاريخ ۾ ڌرتي کي موضوع بڻائي، ان سان پيار، پرستش ۽ سر گهورڻ جي جيڪا صدا شيخ اياز بلند ڪئي آهي تنهن جو سنڌي شاعري ۾ ته ٺهيو پر سموري دنيا جي شاعريءَ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي.“
اياز جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، اياز شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. انهي جو ثبوت سندس ڇپيل ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب آهن. سنڌ ۾ لاکيڻي لطيف ۽ خليفي نبي بخش کان پوءِ منهنجي خيال ۾  ڪو وڏو شاعر پيدا ٿيو آهي اهو اياز آهي. اياز جيڪو اڄ اسان وٽ نه آهي پر سندس شاعري ۽ نثر اسان جي رهنمائي لاءِ موجود آهن. اياز ان ڌرتي سان وڃي مليو جنهن لاءِ پاڻ چيو اٿس:

تنهنجي مٽي مجهه ملان جي، آئون امرتا ڀانيان.

No comments:

Post a Comment