19/05/2020

ناول: مون کي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
ناول: مون کي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ


نوبل انعام يافته ليکڪ، ڪازوئو اشيگرو جو هي ڊسٽوپيائي ناول ”Never Let Me Go هڪ اهڙي نام نهاد مهذب دنيا متعلق آهي جنهن ۾ سفاڪيت ۽ غير انساني عمل کي خوبصورت تهذيبي لباس پارائي پنهنجي خاص مقصدن جي پورائي ڪئي ويندي آهي. جتي افاديت کي انسانيت مٿان ترجيح ڏني وڃي ٿي.
انگلئنڊ جي هڪ دور دراز علائقي ۾، هيلشئم نالي هڪ بورڊنگ اسڪول آهي جنهن ۾ ڏاڍا پيارا خوبصورت ۽ صحتمند ٻار پڙهن ۽ رهن پيا. اسڪول جو ماحول ڪافي سخت آهي. ٻار پڙهڻ کان پوءِ راند روند ڪن ٿا. ٽن ٻارن جي پاڻ ۾ گھري دوستي آهي، ٽامي، رٿ ۽ ڪيٿي. سندن عمر تيرهن سال آهي.

ٽامي انتهائي حساس ڇوڪرو آهي جنهن سبب ٻيا ٻار کيس تنگ ڪندا آهن ۽ چيڙائيندا آهن. کيس ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان راند به نه کيڏائيندا آهن. هو ڪاوڙ ۽ بيوسي جي مليل جذبي تحت، پنهنجي منهن زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳندو آهي ته ڪيٿي کيس پرچائيندي آهي، جنهن سبب هو ڪيٿي جي موجودگي ۾ پرسڪون ۽ خوش رهي ٿو. ٻئي هڪٻئي لاءِ ، محبت جا جذبا رکن ٿا پر رٿ وچ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ هو ٽامي جي ويجھو رهڻ لڳي ٿي.
هيلشئم ۾ شاگردن کي پينٽنگ ٺاهڻ تي گھڻو اتساهيو وڃي ٿو. وقفي وقفي سان، اتي هڪ مادام اچي ٿي جيڪا سندن پينٽنگز جي تعريف ڪندي چوي ٿي، ”هي ته صفا گيلري ۾ رکڻ جهڙيون آهن. هنن ۾ توهان جو روح ٿو نظر اچي“، جنهن تي شاگرد ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. مادام سندن ٺاهيل تصويرون پاڻ سان گڏ کڻي ويندي آهي. ٽامي سٺيون تصويرون نه ٺاهي سگهندو آهي، جنهن تي سڀ مٿس چٿرون ڪندي، چون ٿا ته تخليقيت نالي جي ته تو ۾ ڪا شيءِ ئي ناهي.
سٺي چال چلت ۽ سٺين مارڪن جي عيوض، ٻارن کي ٽوڪن ملندا آهن جن سان هو خريداري ڪري سگھندا آهن. اها خريداري ڪنهن شهر مان نه پر اتي اسڪول ۾ ئي ڪندا آهن ۽ ان لاءِ سامان ٻاهران ايندو آهي. شاگرد ننڍيون ننڍيون شيون خريد ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. ماحول ۾ هڪ خاص قسم جي پراسراريت آهي جنهن کي ناول پڙهندڙ شدت سان محسوس ڪري ٿو پر آهستي آهستي ڳالهه کلڻ لڳي ٿي ته، اتي پڙهندڙ سڀ ٻار، قدرتي طور نه پر سائنسي طريقي سان ڪلوننگ ذريعي، هڪ خاص مقصد لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن. اهي جڏهن جوان ٿيندا ته انهن کي عضوا ڏيندڙ (Donar) ٿيڻو پوندو ۽ اهي هڪ هڪ ڪري، پنهنجا چار عضوا عطيو ڪندي مڪمل (Complete) ٿيندا، يعني سندن موت ٿي ويندو.
جوان ٿيڻ کان پوءِ ٽامي، رٿ ۽ ڪيٿي کي به ٻين وانگر، اسڪول کان ٻاهر، حقيقي دنيا ۾ هڪ ڪاٽيج ۾ رهايو ويندو آهي ته جيئن ضرورت وقت سندن عضوا ڪڍي سگهجن. ڪاٽيج ۾ ٽامي ۽ رٿ جنسي عمل ڪن ٿا جن جي کين ڪا جھل پل ناهي. کين ٺاهڻ وارن، انهيءَ ڳالهه جو خاص رکيوهو ته هو ٻار پيدا ڪري نه سگھن.
ڪيٿي دل ئي دل ۾ ٽامي سان محبت ڪندي هئي ۽ کيس رٿ سان جنسي عمل ڪندي ڏسي اداس ٿي وڃي ٿي. ڪاٽيج ۾ کين ٻڌڻ ۾ آيو ته جيڪي عضوا ڏيندڙ، هڪٻي سان سچي محبت ڪن ٿا اهي جيڪڏهن درخواست ڏين ته ڪجههه عرصي تائين سندن آپريشن موخر ڪري سگهجن ٿا. پر اها درخواست ڪنهن کي ڏجي، ان جي ڪا خبر ناهي.
عضوا ڏيندڙن مان ڪجهه تيماردار (Carer) به ٿي سگهن ٿا، جيڪي عضوا ڏيندڙن جو خيال رکندا ۽ ڪجهه عرصي تائين انهن جا عضوا نه ورتا ويندا. ڪيٿي تيماردار بنجي وڃي ٿي ۽ کيس هڪ شهر کان ٻي شهر تائين مسلسل سفر ڪرڻو پوي ٿو. ڏهاڪو کن سال گذري وڃن ٿا.

هڪ ڏينهن ڪيٿي کي خبر پوي ٿي ته آپريشن کان پوءِ ، رٿ جي طبيعت خراب آهي. ڪيٿي ساڻس اسپتال ۾ ملي ٿي جتي کيس خبر ٿي پوي ته رٿ ۽ ٽامي ڪافي عرصو اڳ ئي الڳ ٿي ويا هئا. ڪيٿي، رٿ کي ساڻ ڪري، ٽامي سان ملڻ اچي ٿي جيڪو ٽي دفعا عضوا ڏيئي چڪو آهي. رٿ، اتي اعتراف ٿي ڪري ته کيس ننڍي هوندي کان، ڪيٿي سان ساڙ ٿيندو هو ۽ ٽامي ۽ ڪيٿي کي گڏ ڏسي نه سگهندي هئي. هو ٽامي جي ويجهو محبت سبب نه پر حسد سبب آئي هئي. رٿ، ٻنهي کي چوي ٿي ته توهان ٻنهي جي محبت سچي آهي تنهنڪري توهان ٻئي درخواست ڏيئي تاخير ڪرايو ۽ ڪجهه سال محبت سان گڏ گذاريو.
رٿ کين مادام جي گهر جي ائڊريس ڏي ٿي. ٽامي معصوميت مان چوي ٿو ته انهن کي ڪيئن خبر پوندي ته اسان جي محبت سچي آهي؟ ڇو ته سچي محبت ته روح سان ٿيندي آهي ۽ روح پينٽنگز ۾ نظر ايندو آهي. منهنجيون پينٽنگز ته هيون ئي بي روح. پوءِ ٽامي ٻيهر، پينٽنگز ٺاهي ٿو ۽ هي ٻيئي مادام جي گھر اچن ٿا ۽ کيس چون ٿا ته سندن هي تصويرون ڏسي ۽ گيلري ۾ رکي ته جيئن ٽامي جو روح نظر اچي. ائين تاخيريت (Deferral) وٺي ڏيڻ ۾ سندن مدد ڪري. مادام هنن ڏانهن حيرت مان ڏسي کين ٻڌائي ٿي ته اهڙي ڪا گيلري نه هئي جتي سندن پينٽنگز رکبيون هيون. اهي ته سڀ سندس گهر ۾ ڍڳ لڳيون پيون آهن. ها، پينٽنگز ۾ روح نظر اچي ٿو پر ان جو تاخيريت سان ڪو تعلق ڪونهي، بلڪ تاخيريت نالي ته ڪا شئي آهي ئي ڪانه. ٽامي ۽ ڪيٿي ٽٽل دل سان واپس اچن ٿا ۽ هڪ ويران رستي تي ٽامي گاڏي مان لهي، زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو ائين جيئن ڪاوڙ ۽ بيوسي وچان، هيلشئم ۾ ڪندو هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ، ڪيٿي جي اکين جي اڳيان، آپريشن ٽيبل تي هڪ معصوم ۽ اداس مسڪراهٽ سان ٽامي جي تڪميل ٿئي ٿي ۽ ڪيٿي جي عضوا ڏيڻ جي شروعات.
هن ناول جي شروعاتي ستر اسي صفحن تائين ته خبر ئي نٿي پوي ته هي ناول ڇا جي باري ۾ آهي. بوريت به ٿيڻ لڳي ٿي پر آهستي آهستي ڪوهيڙو هٽڻ لڳي ٿو ۽ پڙهندڙ جي نڙي خشڪ ٿيڻ لڳي ٿي. اڳتي هو تجسس کان وڌيڪ دهشت جي زيرِاثر ناول پڙهي ٿو. پنهنجي تصور ۾، هڪ طرف ٻارن جي مظلوميت ۽ معصوميت جو جهان ته ٻي طرف کيس ڪاتيون تکيون ٿيندي نظر اچن ٿيون. لرزاهٽ ٿي طاري ٿئي اهو سوچي ته هي ذهين، معصوم، خوبصورت ٻار انهيءَ ڪري پاليا پيا وڃن ته جيئن هنن جا گردا، جگر، ڦڦڙ، دل، اکيون ڪڍي، امير ماڻهن جون زندگيون طويل ڪري سگھجن!
هي جيڪي هيلشئم ۾ پلجندڙ ٻار آهن، انهن نه ته ماءُ جي محبت ۽ نه وري پيءُ جي شفقت ڏٺي. سندن ڪو ڀاءُ ڀيڻ يا مٽ مائٽ ڪونهي. ستم ظريفي اها آهي ته وٽن نه ته پنهنجي ڌرتي، پنهنجا سورما ۽ ابن ڏاڏن جا قصا آهن جن تي هو ڪوڙو سچو فخر ڪري سگهن نه ئي مستقبل جا سهانا خواب آهن جن جي حاصلات لاءِ هو ڪا جدوجهد ڪن. هو قرباني جي جانورن وانگر تاتي وڏو ڪري پوءِ ذبح ڪيا وڃن ٿا. اهڙن نوجوانن جي نفسيات ۽ اندر جي دنيا ڇا هوندي؟ ڪهڙا طوفان هلندڙ هوندا انهن جي اندر جي دنيا ۾، اهو سمجهڻ ڪو ايترو مشڪل به ڪونهي.

پنهجي اسلوب ۽ فڪر ۾ هي ناول مون کي علامتي به لڳي ٿو ته وجودي به. ڪٿي ائين ته ناهي ته اسان به ان ڪري ٺاهيا ويا آهيون ته جيئن ڪجهه مخصوص ماڻهن جي اڌوري زندگين کي پورو ڪري سگهون! ڇا وقت ۽ حالات جي تيز ڇري، اسان جا سڀ عضوا ڪوري، اسان کي، ”مڪمل“ ته نه ڪري رهي آهي؟ اسان سڀني رشتن کان ڏور ٿيندي ٿيندي، هيلشئم جا ٻار ٿي ويا آهيون.
ٽامي هڪ انتهائي معصوم، سچو ۽ صفا سادو ڪردار آهي. پڙهندڙ ان وقت ته ضبط ڪري ٿو وڃي جنهن وقت ٽامي کي خبر ٿي پوي ته، نه ته ڪنهن گيلري جو وجود آهي نه ئي وري تاخيريت جو، پر جڏهن ويران رستي تي، هو بيوسي وچان رڙيون ٿو ڪري، ان وقت شايد ئي ڪو پڙهندڙ اهڙو هجي جنهن کي دنيا ڊهندي نظر نه اچي. هتي هڪ نه پر ٻه دنيائون آهن. هڪ تهذيب يافته ڏاهن، مدبرن، مفڪرن ۽ سائنسدانن جي دنيا آهي جن وٽ تيز دماغ ۽ تيز ڇريون آهن، ٻي معصومن، مظلومن، سچن ۽ سادن ماڻهن جي دنيا آهي جن وٽ ساده دماغ ۽ سچيون دليون آهن.
ٽامي جي بيوسي واري رڙ، دراصل اڄ جي باشعور انسان جي رڙ آهي، جڏهن سندس اکين تان پٽي لهي ٿي ۽ هو بي رحم ادراڪ جي ور چڙهي وڃي ٿو. اهو ادراڪ کيس وجودي پيڙا ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي. کيس پنهنجي داخل توڙي خارج ۾ وسيع خلائون ڀان ڀان ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ کيس زندگيءَ جي بي معنويت ۽ لغويت جي اجگر کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان وقت هو ڪيٿي واري اڪيلائي جي ڀيانڪ ڪرب ۾ مبتلا ٿيو وڃي. ڪيٿي، جنهن وٽ صرف ۽ صرف ٽامي هو، اهو به سندس اکين اڳيان ”مڪمل“ ٿيو وڃي. صفا اهڙي اڪيلائي جنهن جي دامن ۾ ڪجهه به نه بچيو هجي، جيئڻ جي خواهش به نه.
جيئن ساراماگو شروعات ۾ پڙهندڙ جو گلو پڪڙي وٺي ٿو ۽ آخر تائين، پڙهندڙ، ان مان نٿو نڪري سگهي، تيئن اشيگرو، آهستي آهستي، غير محسوس طريقي سان، سيني ۾ خنجر کپائي ٿو ڇڏي ۽ خونِ جگر، پڙهندڙ جي اکين مان ڳوڙها بنجي ٽمڻ لڳي ٿو. پڙهندڙ کي زبردستي، پنهنجي رڙ کي گلي ۾ ئي گھٽڻو پوي ٿو. هي ناول هر حساس پڙهندڙ جي دماغ ۾ زلزلو ۽ دل جي دنيا کي ته بالا ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو.
هن ناول جي تباهه ڪن اثرن کان آئون شايد، ڪافي عرصي تائين نڪري نه سگهان.

No comments:

Post a Comment