19/05/2020

”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد ٻيو) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
گرامر جو ڪتاب:
ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد ٻيو)


سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب، جنھن تي مٿان مٿان، انگريزي نالو ”Elementary Sindhi Grammar“ پڻ لکيل آهي، مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پاران، گڏيل طور، لکيل آهي. موجوده ڪتاب، ٻيو ڇاپو آهي جيڪو 1929ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائز ۾، 118 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڀيرومل پاڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي سر ورق تي لکيل آهي: ”پرائيمري ۽ سيڪنڊري سڪولن لاءِ منظور ٿيل درسي ڪتاب“. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي پاران منظور ڪيل ۽ ان جي ڏنل نصاب موجب آهي. ڪتاب جي ”منڍ“ ۾، ڀيرومل لکي ٿو، ”هن ٻئي ڀاڱي ۾ پھريون ڀاڱو سڄو ئي ڏنل آهي، ۽ منجهس ترڪيب جي واٽ، تفريق يا ڇيد، ۽ بيھڪ جي نشانين جو به ذڪر آهي. هيءُ ڀاڱو خاص طرح انگريزي ٻئي درجي کان وٺي چوٿين پنجين درجي جي شاگردن لاءِ آهي، تنھنڪري بلڪل سليس نموني ۾ لکيو ويو آهي.“ ڀيرومل منڍ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو آهي، ته مٿيَن درجن لاءِ سندس ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ڌار لکيل آهي.
هن ڪتاب جو متن 116 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن جو تفصيل هن ريت آهي: ڀاڱو پهريون: باب پھريون ’جملو‘، باب ٻيو ’ڳالهائڻ جا لفظ‘، باب ٽيون ’جنس‘، باب چوٿون ’عدد‘، باب پنجون ’حالت‘، باب ڇهون ’اسمن جو ڦيرو‘. ڀاڱو ٻيو: باب ستون ’اسمن جا قسم‘، باب اٺون ’ضميرن جا قسم‘، باب نائون ’قدت جا قسم‘، باب ڏهون ’فعلن جا قسم‘، باب يارهون ’فعل جو ڌاتو يا بنياد‘، باب ٻارهون ’اسم مشتق يا ڪردنت‘، باب تيرهون ’زمان‘، باب چوڏهون ’فعلن جون پڇاڙيون‘، باب پندرهون ’مرڪب فعل‘، باب سورهون ’پريوگ‘، باب سترهون ’ظرف جا قسم‘، باب ارڙهون ’ترڪيب جي واٽ‘، باب اڻويھون ’تفريق جا ڇيد‘، ۽ باب ويھون ’بيھڪ جون نشانيون‘.
سنڌي ٻوليءَ جي ٻن عالمن مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرُومل مھرچند آڏواڻيءَ جو هيءُ هڪ جامع ۽ مثالن سان سمجهايل وياڪرڻ جو سٺو ڪتاب آهي، جنھن جي مطالعي سان گرامر جا بنيادي تصور سمجهي سگهجن ٿا.

No comments:

Post a Comment