18/05/2020

يوال نوح حراري جو پهريون ڪتاب - حبيب سنائي (Habib Sanai)


حبيب سنائي
يوال نوح حراري جو پهريون ڪتاب
Sapiens: A Brief History of Human Kind
 چند سال اڳ پياري لياقت رضوي صاحب جي فيسبڪ تي جوڙيل گروپ تي ڪنهن صاحب جي نشاندهي تي مون يوال حراري جا ٻه ڪتاب Sapiens: A Brief History of Humankind ۽ Homo Dues: A brief History of Tomorrow ريڊنگ ڪتاب گهر لاهور تان گهرايا. پهرئين ڪتاب جو هڪ اڌ باب پڙهي ڇڏي ڏنم. اصل ۾ منهنجو خيال هو ته  ان ڪتاب ۾ شروع کان وٺي هيستيائين جي دور جي عالمي سياسي، سماجي يا اقتصادي تاريخ هوندي، پر ان ۾ ته رڳو حضرت انسان جي پنهنجي سماجي ۽ ذهني ارتقا جو قصو هو، تنهنڪري مايوسي مان ڪتاب کي پڙهڻ ڇڏي ڏنم.
پر ڀلو ٿئي پياري منوج جو، جنهن يوال جي ٽئين پر تازي ڪتاب 21 Lessons for 21 century جي تعريف ڪئي، سو هرکجي اهو ڪتاب به ريڊنگ تان گهرايم ۽ پڙهڻ لڳس. ڪتاب دلچسپ لڳو ۽ پڙهي پورو ڪيم. ان ڪتاب تي ڪافي صاحبن لکيو آهي، تنهن ڪري ان جي مکيه نڪتن کي نٿو ورجائجي. ان کان پوءِ ياد آيم ته سندس ٻه ڪتاب ڪٻٽ ۾ پيل آهن، جيڪي به پڙهڻ گهرجن. ائين سندس پهرئين ڪتاب سيپيئنس Sapiens کي نئين سر پڙهڻ شروع ڪيم.

ياد رهي ته يوال جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي ۽ پهريون ڀيرو سندس مادري ٻولي هيبرو ۾ سال 2011ع ۾ شايع ٿيو هو. انگريزي ترجمو، جيڪو هن جان پورسيل ۽ هائم واٽزمئن جي مدد سان ڪيو هو، سو 2014 ۾ شايع ٿيو هو.
هن ڪتاب ۾ بني نوع انسان جي جيڪا ارتقا، ابتدا کان وٺي ويجھي زماني تائين، ٿي آهي، تنهن کي سائنسي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هي ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي جو عنوان آهي ذهني انقلاب The Cognitive Revolution ۽ اهو حصو چئن بابن ۾ ورهايل آهي. ٻئي حصي جو نالو زرعي انقلاب The Agricultural Revolution آهي، جيڪو به چئن بابن ۾ ورهايل آهي. پنجن بابن ۾ ورڇيل ٽئين حصي جو عنوان آهي: انسانذات جو ميلاپ The Unification of Humankind. چئن بابن تي مشتمل چوٿين پر آخري حصي جو نالو آهي: سائنسي انقلاب The Scientific Revolution.
پهرئين باب جي شروع ۾ يوال اهو نڪتو پيش ڪري ٿو ته اڄ کان 13.5 بلين سال اڳ بگ بينگ جي نتيجي ۾ مادي، توانائي، وقت ۽ خلا space جو قيام ٿيو. ان واقعي کان ٽي لک سال پوءِ مادو ۽ توانائي، ڳتيل ڍانچن ـــــ جن کي اسان ائٽم چئون ٿا ـــــ  ۾ ڳنڍجڻ شروع ٿيا. جڏهن اهي پاڻ ۾ مليا ته ماليڪيول جڙيا. ائٽمن ۽ ماليڪيولن جي ڪهاڻي ۽ انهن ۾ باهمي رابطي کي ڪيمسٽري سڏجي ٿو.
3.8 بلين سال اڳ وري ڌرتي نالي گرههه تي ڪن ماليڪيولن جي ميلاپ سان ڪي وڏا ۽ منجهيل ڍانچا جڙيا، جن کي اسان جيو ڌاري Organisms سڏيون ٿا. انهن جيوتن يا آرگنزمن جو اڀياس بايولاجي Biology سڏجي ٿو.
70 هزار سال اڳ هومو سيپيئنس جي نوع Species سان لاڳاپيل آرگنزمن تفصيلي ڍانچا جوڙڻ شروع ڪيا، جن کي اسان ڪلچر چئون ٿا. انهن ڪلچرن جي پوءِ واري واڌ کي اسان تاريخ سڏيون ٿا.
يوال جي خيال ۾ تاريخ جي ڌارا کي ٽن انقلابن ٺاهيو آهي: پهريون ذهني Cognitive انقلاب 70 هزار سال اڳ شروع ٿيو. 12 هزار سال اڳ وري زرعي انقلاب شروع ٿيو، جنهن ان کي اڳتي وڌايو. 500 سال اڳ سائنسي انقلاب شروع ٿيو، جيڪو شايد تاريخ کي ختم ڪري ڪا ٻي صفا مختلف شڪل شروع ڪري وجھي.
هيءُ ڪتاب اهو ٻڌائي ٿو ته اھي انقلاب انسان توڙي سندس ساٿي جيوتن Organisms تي ڪھڙي نموني اثر انداز ٿيا آھن. هن جي خيال ۾ جديد انسانن جهڙا جانور 2.5 ملين سال اڳ ظاهر ٿيا، پر اهي اڻ ڳڻين نسلن تائين ڪو خاص مقام نه ماڻي سگهيا.
حياتيات جا ماهر جيوتن کي مختلف انواعن Species ۾ ورڇين ٿا. جڏهن ڪو گروهه پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪري سگهي ۽ زرخيز اولاد پيدا ڪري سگهي ته ان کي هڪڙي نوع ۾ رکيو وڃي ٿو.
جيڪي انواع ڪنهن گڏيل وڏي Common Ancestor مان وڌيا ويجهيا ته انهن کي وري  ھڪ ذات  Genus جي نالي سان ڳنڍيو وڃي ٿو. اسڪالر جيوتن جي ٻٽي لاطيني نالي (پهريون ذات پوءِ نوع) سان تشخيص ڪن ٿا. سياڻو ماڻهو يعني هومو سيپيئنس جو نوع سيپيئنس آهي ۽ ذات هومو آهي.
هومو سيپيئنس جو به ڪو خاندان هوندو، پر اسان ان ڳالهه کي لڪائيندا رهيا آهيون. ڳالهه وڻي نه وڻي، پر اسان وڏن باندرن جي خاندان سان تعلق رکون ٿا. اسان جا ويجها مائٽ گوريلا، چمپانزي وغيرہ آهن. قريبن ڇهه ملين سال اڳ هڪ باندرياڻي کي ٻه نياڻيون هونديون هيون. هڪڙي چمپانزين جي وڏڙي هئي ته ٻي وري اسان جي ڏاڏي ٿي.
جيتوڻيڪ ڌرتي تي رڳو اسان ماڻهو ڪونه آهيون، پر اسان جا به ڪي ٻيا ڀائر ۽ ڀينرون آهن.
يوال جي خيال ۾ انسان پهريائين اوڀر آفريقا ۾ 2.5 ملين سال اڳ وڌڻ شروع ٿيا. اهي قديم مرد ۽ عورتون ٻه ملين سال اڳ اتر آفريقا، يورپ ۽ ايشيا ۾ پهتا. يورپ ۽ اولهہ ايشيا ۾ جيڪي انسان ويجھيا، تن کي Homo Neanderthalensis (نيندر ماٿري جو ماڻهو) يا مختصر طور نيندرٿال سڏيو ويو. هي ماڻهو سيپيئنس کان وڌيڪ ڀت ۾ ڀاري ۽ جانٺا هئا. ايشيا جي اوڀري علائقن ۾ وري Homo Erectus (اڀو ماڻهو) جو نوع رهندو هو، جيڪو ويهہ لک سال جالي سگهيو.
جاوا ۽ انڊو نيشيا جي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهو کي Homo Soloensis (سولو ماٿري جو ماڻهو) چيو ويو، جيڪو اهڙي گرم ماحول واري ايراضي Tropics ۾ ئي جالي سگهيو ٿي. انڊونيشيا جي هڪڙي ٻي ٻيٽ فلورس تي قديم ماڻهو ڍينڍڙا ٿيڻ واري عمل مان گذريا. اهي جڏهن هتي پهتا ته سمنڊ ۾ ايترو پاڻي نه هو، پر جڏهن سمنڊ ۾ پاڻي وڌيو ته اهي اتي ڦاسي پيا. جيئن ته ان ٻيٽ تي وسيلن جي کوٽ هئي، تنهن ڪري ڀاري جسم وارا ماڻهو گذاري ويا، پر ننڍي قد وارا ڪجهه عرصو وڌيڪ جالي سگهيا. ائين اڳتي هلي ڪري اتي جا ماڻهو ننڍي قد وارا ٿي ويا. انهن کي سائنسدانن Homo Floresiensis جو نالو ڏنو. انهن جو قد هڪ ميٽر ۽ وزن 25 ڪلو هو.
سال 2010ع ۾ سائيبيريا جي ھڪ غار Denisova مان هڪ پٿرايل Fossil آڱر ملي، جنهن جو تعلق ڪنهن ڄاتل انساني نوع سان ناهي، تنهن ڪري ان کي Homo Denisova جو نالو ڏنو ويو.
جڏهن ايشيا ۽ يورپ ۾ انسانن جي ارتقا ٿي رهي هئي، تڏهن اوڀر آفريقا ۾ ٻين انسانن جي ارتقا ڪا رڪجي نه وئي هئي. اتي نوان نوع Homo Rudolfensis (روڊولف ندي جو ماڻهو)، Homo Ergaster (ڪم ڪندڙ ماڻهو) ۽ آخرڪار اسان جو پنهنجو نوع Homo Sapiens (سياڻو ماڻهو) پيدا ٿيا.
يوال جي خيال ۾ اسان وٽ اهو مغالطو ڦهليل آهي ته ڪم ڪندڙ ماڻهو (Homo Ergaster) اڀي ماڻهو Homo Erectus)) کي پيدا ڪيو، وري ان نيندرٿال کي پيدا ڪيو، جنهن اسان واري نسل کي پيدا ڪيو. پر قصو ائين ڪونهي. حقيقت اها آهي ته ويهه  لک سال اڳ واري زماني کان وٺي 10 هزار سال اڳ تائين واري عرصي دوران دنيا ۾ ڪيترائي انساني نوع رهندڙ هئا. يوال جي خيال ۾ انساني انواع جا گهٽ ۾ گهٽ ڇهہ قسم هئا.
انهن انواعن ۾ ڪافي تفاوتن جي باجود ڪجھه هڪجهڙايون به هيون. انهن جا دماغ ٻين جانون جي ڀيٽ ۾ وڏا هئا. مئملز Mamals جي دماغ جي سائيز 200 ڪيوبڪ سينٽيميٽر هئي، پر جديد انسان جي دماغ جي سائيز 12 کان 14 سو ڪيوبڪ سينٽيميٽر آهي. نيندر ٿال جو دماغ اڃا وڏو هو.
انسان جو دماغ ڪل وزن جو 2 کان 3 سيڪڙو والاري ٿو، پر اهو 25 سيڪڙو جسم جي توانائي کپائي ٿو. قديم انسان کي وڏي دماغ جي قيمت ٻن صورتن ۾ ڀرڻي پئي. هڪ ته کيس کاڌي لاءِ گهڻو وقت ٿي وڃائڻو پيو ۽ ٻيو ته هن جي ٻين جسماني عضون کي سڪڙجڻو پئجي ويو.
يوال جي خيال ۾ انسان کاڌي جي قطار ۾ پهرئين وچ تي هو، پر تازو ئي اڳياڙي تي آيو آھي. ان جي نتيجي ۾ ڌرتي جي ماحولياتي نظام تي اگرا اثر پيا آهن. سيپيئنس بنانا ريپبلڪ جي آمر وانگر آهي، جيڪو پنهنجي نئين حيثيت تي ڊپ ۽ ڳڻتين جو شڪار آهي، جنهن ڪري وڌيڪ بي رحم ۽ خطرناڪ ٿي پيو آهي. انسان جي تڪڙي ٻرانگهہ جي ڪري خطرناڪ جنگين توڙي ماحولياتي تباهي جا سانحا ظهور ۾ آيا آهن.
باهه جي گهرائتو ٿيڻ Domestication به ان کي مٿي تائين پهچايو. اٺ لک سال اڳ تائين ڪي ٿورڙا انسان باه کي استعمال ڪندا هئا. پر ٽي لک سال اڳ نيندرٿال توڙي هومو سيپيئنس جا وڏڙا باه کي روزانو استعمال ڪندا هئا. باه هڪ پاسي روشني ۽ گرمي جو سبب هئي ته ٻئي پاسي شينهن جي حملي کان بچائيندي هئي. پر باه  جو مکيه  ڪارج کاڌي جو رڌپچاءُ ٿيو، جنهن ڪري کاڌي واپرائڻ تي گهٽ وقت ٿي لڳو، ۽ ننڍن ڏندن ۽ آنڊن مان ڪم هلي ٿي ويو. يوال جي خيال ۾ ڪي عالم کاڌي جي رڌپچاءَ کي، انسان جي آنڊن جي Track جي ننڍي ٿيڻ ۽ انسان جي دماغ جي واڌ سان ڳنڍين ٿا.
سائنسدانن جو خيال آهي ته 70 هزار سال اڳ هومو سيپيئنس آفريقا مان نڪري عرب اپٻيٽ ۾ وارد ٿيا، جتان وري هو يوريشيا جي ميدانن ۾ ڦهلجي ويا. جڏهن اهي عريبيا پهتا هئا ته يوريشيا ۾ اڳ ۾ ئي ٻيا انسان رهندا هئا. انهن جو ڇا حال ٿيو؟ ان حوالي سان ٻه متضاد نظريا پيش ڪيا وڃن ٿا. پهرئين باهمي افزائش واري نڪتي موجب اهي پاڻ ۾ ميل ميلاپ ڪري هڪ ٿي ويا. مثال طور اهي نيندرٿال علائقن ۾ ويا ته انهن سان ميل ميلاپ ڪري هڪ ٿي ويا. ان جو مقصد ته هاڻوڪا يوروشين نيندرٿال ۽ سيپيئنس جو ميلاپ آهن، ۽ ٻي پاسي اهي ايسٽ ايشيا ۾ مقامي اريڪٽس ماڻهن سان رلي ملي ويا، ان حساب سان چيني ۽ ڪوريائي سيپيئنس ۽ اريڪٽس نسلن جو ميلاپ آهن.
ان جي ابتڙ ٻيو ”ٻئي کي ختم ڪري ان جي جاءِ والارڻ“ يعني ريپليسپمينٽ وارو نظريو اسان کي هڪ ٻي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ان موجب جيئن ته ٻنهي نسلن جي جسماني ساخت، ميلاپ جي عادتن توڙي جسماني بوءِ ۾ فرق هو. تنهنڪري انهن وچ ۾ جنسي تعلق جو امڪان گهٽ هو. تنهنڪري اهي هڪ ٻئي کان ڌار رهيا. گهڻو امڪان اھو آهي ته مخالف نوع جي انسانن کي ماريو ويو.
جيتوڻيڪ علمي حلقن ۾ ريپليسمينٽ واري نڪتي کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. پر تازو جيڪو کوجنائون ٿيون آهن، تن پهرئين نظريي کي تقويت ڏياري آهي.
سيپيئنس ٻين انواع جي ماڻهن جي خاتمي جا ذميدار آهن يا نه، پر اها حقيقت آهي ته اهي جڏهن جن علائقن ۾ وارد ٿيا ته اتي جا مقامي ماڻهو ختم ٿي ويا. هومو سولينس جي آخري باقيات 50 هزار سال پراڻي آهي. هومو ڊينيسووا وارا به جلدي ختم ٿي ويا. نيندرٿال به  ٽيهه هزار سال اڳ ختم ٿي ويا. فلورس ٻيٽ جا ڍينڍڙا 12 هزار سال اڳ ختم ٿي ويا.
يوال جي خيال ۾ سيپيئنس دنيا کي پنهنجي ٻولي جي ذريعي فتح ڪيو.
70 هزار سال اڳ واري زماني کان وٺي ٽيهہ هزار سال اڳ واري عرصي ۾ ٻيڙيون، بتيون، تير ڪمان ۽ سويون ايجاد ڪيون ويون. انهي عرصي ۾ سوچ ۽ ابلاغ جا نوان رستا ظاهر ٿيا، جن کي ذهني Cognitive انقلاب وڃي ٿو. اهو ڪيئن آيو. پڪ ڪونهي. پر چيو وڃي ٿو ته ڪنهن حادثاتي جينياتي Genetic ڦيرگهير جي ڪري انسان جي دماغ جي وائرنگ ۾ ردوبدل ٿي، تنهنڪري هن ۾ سوچ جا نوان سلا اڀريا ۽ هڪ نئين ٻولي ۾ ابلاغ جا ذريعا پيدا ٿيا.
ڪتاب جي ٻي حصي جو عنوان آهي زرعي انقلاب. يووال موجب اڍائي ملين سالن تائين انسان شڪار ذريعي يا ٻوٽن يا وڻن مان خوراڪ حاصل ڪندو رهيو. پر ڏهہ هزار سال اڳ پهريائين انسان ڪن جانورن ۽ ٻوٽن جي انواع کي پنهنجي ڪم لاءِ تبديل ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو. سج اڀرندي هو ٻنين ۾ ٻج پوکيندو هو، رڍن کي چراگاه ۾ چاريندو رهيو. ان حوالي سان سندس خيال هو ته کيس وڌيڪ  ميوو، اناج ۽ گوشت ميسر ٿيندو. ائين زرعي انقلاب شروع ٿيو.
ڪڻڪ ۽ ٻڪري جي گهرائتي ٿيڻ وارو عمل 9000 ق م ۾ شروع ٿيو. گهرائتي ٿيڻ وارو دور 3500 ق م تائين جاري رهيو. باوجود ٽيڪنالاجي واڌ جي، اسان جي ڪيلوريز جو 90 سيڪڙو انهن چند ٻوٽن مان حاصل ٿئي ٿو، جيڪي ان دور ۾ گهرائتا ٿيا. جيتوڻيڪ اسان جو ذهن شڪار ڪندڙ ۽ کاڌو ڪٺو ڪندڙ Forager جهڙو آهي، پر اسان جو کاڌو قديم هاري جهڙو آهي.
زرعي انقلاب جيتوڻيڪ کاڌي جي موجودگي وڌائي آهي، پر ان سان بهتر خوراڪ يا بهتر آرام نه وڌيو آهي. هڪ هاري کي کاڌو ڪٺو ڪندڙ Forager جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻو ٿو پوي، پر کيس ايترو سٺو کاڌو نٿو ملي. ان ڪري يوال زرعي انقلاب کي تاريخ جو هو وڏو فراڊ ٿو ڪوٺي. هن جي خيال ۾ چند ٻوٽن جا انواع آهن، جن انسان کي ئي پالتو يا گھرائتو Domesticate ڪري ڇڏيو آهي.
          ان حوالي سان هو لکي ٿو ته انسان ڪڻڪ کي گهرائتو نه پر ڪڻڪ انسان کي گهرائتو ڪري ڇڏيو آهي. ڏهہ هزار سال اڳ ڪڻڪ هڪ جهنگلي ٻوٽو هو، جيڪو وچ ايشيا جي علائقي تائين محدود هو، پر هاڻي هو هر جاءِ تي پوکيو پيو وڃي. انسان صبح کان شام تائين رڳو ڪڻڪ جي پرگهور ۾ پورو آهي. ڪڻڪ کي سڌو، پٿرن کان صاف ميدان کپندو هو، جنهن لاءِ انسان زمين کي صاف ڪندو رهيو، ان کي ڪيڙن، سهن وغيرہ کان بچائڻ لاءِ ڪافي جتن ڪندو رهيو، ۽ ڪڻڪ جي ازلي اڃ اجهائڻ لاءِ هو واه ۽ کوه کوٽيندو رهيو. ڪڻڪ واري زمين جي زرخيري لاءِ انسان ٻين جانورن جو ڀاڻ استعمال ڪندو رهيو. يوال جي خيال ۾ انسان جو جسم اھڙن ڪمن لاءِ نه ٺھيو هو، پر ان جو جسم ته وڻ تي چڙهي صوف پٽڻ ۽ هرڻن پويان ڊوڙڻ تي هيريل هو. پر زراعتي ڪم ڪارين جي ڪري انساني جسم تي اگرا اثر پيا آهن، جن جي ڪري هرنيا، جوڙن جي سور، ڊسڪ بدل وغيرہ جهڙيون بيماريون کيس وڪوڙي ويون آهن.
          زرعي انقلاب تاريخ جو هڪ تڪراري واقعو آهي. ان جا حامي چون ٿا ته ان جي ڪري خوشحالي ۽ ترقي ٿي آهي، پر مخالفن جو خيال آهي ته ان جي ڪري زندگي جهنم ٿي ويئي آهي، ۽ انسان فطرت سان ناتو ٽوڙي لالچ ۽ بيگانگي جي راه تي وڌي رهيو آهي. ڏهہ هزار قبل مسيح تائين دنيا ۾ 5 کان 8 ملين کاڌي جا ڳولائو Foragers هئا، پر پهرئين صدي تائين انهن جو تعداد گهٽجي هڪ يا ٻه ملين ٿيو، پر ان جي ڀيٽ ۾ هارين جو تعداد 250 ملين ٿي ويو.
ڌرتي جو مٿاڇرو 510 ملين چورس ڪلوميٽر آهي، پر ان مان رڳو 155 ملين چورس ڪلوميٽر پوک لائق آهي. 1400ع تائين هارين جون ٻنيون، وڻ ٽڻ ۽ جانور ڌرتي جي 11 ملين چورس ڪلوميٽر ايراضي - جيڪا اسان جي گرهه جي ڪل ايراضي جو 2 سيڪڙو آهي - تي رهائش پذير هئا. ان کان علاوہ ٻيا علائقا آبادي لائق نه هئا: يا ٿڌا يا گرم، يا صفا خشڪ يا آلا وغيرہ هئا.
          يوال جي خيال ۾ زراعت جي ابتدا سان انسان جي ذهن ۾ مستقبل لاءِ ڳڻتي به پيدا ٿي.
          جڏهن زراعت جي نتيجي ۾ وڏن ۽ ڳتيل شهرن ۽ سلطنتن جي قيام جا موقعا پيدا ٿيا، ته انسانن گڏيل رابطن واسطي عظيم ديوتائن، مادر وطنن، ۽ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنين جهڙيون ڏند ڪٿائون پيدا ڪري ورتيون. جيتوڻيڪ انسان جي ارتقا ته سست نموني ٿي رهي هئي، پر سندس تخيل جي اڏام انساني سهڪار جا عاليشان نيٽورڪ جوڙي رهي هئي، جن جو هتي ان کان اڳي ڪو مثال موجود نه هو. 
انسانذات جو ڳانڍاپو
زرعي انقلاب کان پوءِ انساني سماج وڌنڌا ۽ ڳتجندا ويا، ته ساڳئي وقت سماجي ظابطي واسطي جڙيل تصوراتي بندوبست Imagined constructs به مفصل ٿيندا ويا. ڏندڪٿائن توڙي فڪشن ماڻهن کي مخصوص نوع ۾ سوچڻ، خاص معيارن سان ورتاءُ ڪرڻ، مخصوص شيون طلبڻ ۽ مخصوص قانون تي عمل ڪرڻ تي هيرائي ڇڏيو. انهن ساڳئي وقت مصنوعي جبلتون خلقي، ڪروڙين ڌارين ماڻهن کي پاڻ ۾ سھڪار ڪرڻ تي راضي ڪيو. انهن مصنوعي جبلتن جي نيٽورڪ کي ڪلچر ڪوٺيو وڃي ٿو.
ويهين صدي جي پهرئين اڌ دوران اسڪالر اهو سيکاريندا هئا ته ڪلچر پنھنجو پاڻ ۾ مڪمل ۽ ھم آھنگ هوندا آهن، جن جو ڳر ابدل هوندو آهي. پر هاڻي اسڪالرن جو خيال آهي ته قصو ان جي ابتڙ آهي. هر ڪلچر جو پنهنجو مخصوص ايمان، قدر ۽ رواج آهن، پر وري به ان ۾ مستقل تبديلي ٿيندي رهي ٿي. انسان جو جوڙيل ظابطو اندورني تضادن جو شڪار رهندو آهي. ۽ هر ڪلچر انهن اندورني تضادن سان ٺھي ھلڻ جي لڳاتار ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو سلسلو تبديلي کي وڌائيندو آهي.
يوال سياسي نظام جو مثال ڏيندي لکي ٿو ته فرينچ انقلاب کان پوءِ دنيا جا رهواسي برابري Equality ۽ انفرادي آزادي کي بنيادي قدرن طور ورتائڻ لڳا آهن. پر اهي ٻئي قدر وري هڪ ٻئي سان تضاد ۾ آهن. جيڪر برابري ڪرڻي ٿي پوي ته جيڪي بهتر آهن، انهن جي انفرادي آزادي ختم ٿي ٿئي، ائين وري انفرادي آزادي تي زور ڀرڻ جي نتيجي ۾ برابري تي اثر پوي ٿو.
هومو سيپيئنس جي ارتقا ائين ٿي آهي ته ماڻهن کي ٻن ڌرين يعني ”اسان“ ۽ ”اهي“ ۾ ورهائي ويو آھي. پر واپاري، فاتح ۽ پيغمبر پهريان ماڻهو هئا، جن توهان ۽ اسان واري انهي ارتقائي ورڇ کي عبور ڪرڻ جو جهد ڪيو. واپارين لاءِ سڄي دنيا منڊي ۽ سڀ ماڻهو امڪاني گراهڪ هئا. فاتحن لاءِ سڄي دنيا هڪ ايمپائر هو ۽ ماڻهو امڪاني رعايا هئا. پاڪ پيغمبرن واسطي دنيا ۾ هڪڙو ئي سچ هو ۽ رهواسي ان تي ايمان آڻيندڙ هئا. گذريل ٽن هزارين Millenniums ۾ ان عالمي مقصد کي سڌ ڪرڻ جي ڪوششون ورتيون ويون آهن.
يوال ڪتاب جي هن حصي ۾ اهو بحث ڪري ٿو ته پئسو، سامراج ۽ مذهب ڪيئن ڦهليا ۽ ڪيئن انهن اڄوڪي گڏيل دنيا جا بنياد وڌا.
سائنسي انقلاب
گذريل پنج سؤ سالن ۾ انسان جي سگهه ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي. 1500ع ڌاري دنيا ۾ انسانن جو تعداد 500 ملين هو، جيڪو چند سال اڳ 7 بلين ٿي ويو. 1500ع ۾ پيدا ٿيندڙ شين ۽ خدمتن جي ڪل ماليت اڄوڪي حساب سان 250 بلين ڊالر هئي، پر هاڻي اهو انگ 60 کرب ڊالر آهي. 1500ع ۾ انسانذات هر روز توانائي جون 13 کرب ڪيلوريز کپائيندي هئي، پر هاڻي 1500 کرب ڪيلوريز استعمال ٿين ٿيون. ٻين لفظن ۾ انساني آبادي ۾ چوڏهوڻ تي، پيدوار ۾ 240 ڀيرا ۽ توانائي کپت ۾ 115 ڀيرا اضافو ٿيو آهي.
هن حصي ۾ يوال سامراجيت ۽ سائنسي ترقي جي اشتراڪ ۽ سرمائيداري وغيرہ تي تفصيلي نموني لکيو آهي. ڪيئن حڪومتون وڏي پئسي وارن جي سهائتا ڪن ٿيون، تنهنجو مثال ڏيندي يوال لکي ٿو ته ان جو بدنام مثال پهرئين آفيم واري جنگ (1840-42) هئي. اوڻيهين صدي جي پهرئين اڌ تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ٻين برطانوي واپارين چين ۾ نشي آور شين خاص ڪري آفيم جي روانگي واپار يعني ايڪسپورٽ مان وڏو ناڻو ڪمايو. ان وقت جي چيني حڪومت ٽئين ڏهاڪي ۾ ان تي بندش وڌي، پر انگريز واپارين ان قانون جي ڪا پاسداري نٿي ڪئي. ان تي چيني حڪومت چين ۾ ايندڙ نشي آور سامان کي پڪڙي ڀسم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن ته ڊرگ مافيا جا شاهي خاندان توڙي اسيمبلي ميمبرن سان، جن جي ان ڌنڌي ۾ سيڙپ ٿيل هئي، گهرا تعلقات ھئا، تنهن ڪري ان حڪومت تي زور آندو ته برطانوي حڪومت ڪو قدم کڻي. نتيجي ۾ برطانوي حڪومت سال 1840ع ۾ چين سان آزاد واپار جي آڙ ۾ جنگ جو اعلان ڪيو. ان وقت جي چيني سرڪار ڪمزور هئي ۽ جنگ برطانيہ کٽي ورتي. صلح جي معاهدي ۾ اهو طيءِ ٿيو ته چين نشي آور دوائن جي واپارين تي ڪابه روڪ نه رکندو، پاڻ اڳوڻو نقصان ڀري ڏيندو. ان کان وڌيڪ ته هاڻوڪو هانگ ڪانگ به برطانيہ جي حوالي ٿيو (جيڪو 1997ع ۾ چين کي واپس ٿيو آهي) جنهن کي نشي آور شين جي ذخيري ۽ ورھاست جو اهم مرڪز ڪيو ويو. اوڻيهين جي صدي جي آخر تائين چين جي آبادي جو ڏهون حصو يعني 40 ميلن آفيم جي علت ۾ ورتل هو.
سال 1821ع ۾ يونانين عثماني سلطنت سان بغاوت ڪئي. برطانيہ جي لبرل ۽ رومانوي حلقن ۾ ان جي حمايت ڪئي ويئي، ايتري تائين جو شاعر لارڊ بائرن اتي وڃي باغين سان گڏ وڙهيو. پر دلچسپ توڙي بي رحم قصو اهو آهي ته انگريز سرمائيڪارن باغي اڳواڻن کي تجويز ڪيو ته هو يوناني بغاوت وارو بانڊ لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جاري ڪندا، جيڪو اهي يوناني وياج سميت ادا ڪندا، جڏهن کين فتح حاصل ٿيندي. جڏھن جنگ ۾ انهن کي شڪست ملڻ جا چٽا اهڃاڻ ٿيا، تڏهن انهن سرمائيڪارن جو مفاد قومي مفاد ٿي ويو ۽ برطانيہ جو جنگي ٻيڙو ويو ۽ وڃي ترڪي جي ٻيڙي کي ٻوڙيو. يونانين کي آزادي ته ملي، پر کين ڳاٺي ٽوڙ قرض به پلئہ پيو، ۽ ائين ڪافي ڏهاڪن تائين اتان جي معيشيت برطانوي واپارين وٽ گروي رهي.
  سورهين صدي کان 19 صدي تائين 10 ملين آفريقي غلام ڪري آندا ويا، جن مان 70 سيڪڙو ڪمند پوک وارن علائقن ۾ پورهيو ڪندا هئا. اتي اڪثريت جي زندگي مختصر ۽ عذابناڪ هوندي هئي. ان کان علاوہ هڪ ملين ڪارا غلام پڪڙڻ واري جنگين دوران ۽ آمريڪا ايندي اجل جو شڪار ٿيا. اهو صرف انڪري ٿيو ته يوروپي ماڻھو پنهنجي مٺي کنڊ واري چانهن وغيرہ نوش ڪن ۽ واپاري ڀاري نفعو ڪمائين.
صنعتي انقلاب توانائي کي تبديل ڪرڻ توڙي شين جي پيداوار جا نوان طريقا ظاهر ڪيا آهن، جن جي ڪري انسان جي ٻين ماحولياتي سرشتن Ecosystems تي آڌاريت گهٽي آهي. انسان ٻيلا ڪٽي، سم وارو پاڻي وهائي، دريائن تي ڊيم ٻڌي، پوٺا زرخير ڪري، هزارين ميل ريلوائي رستا جوڙي، وڏعمارتي شهر ٺاهيا آهن. جيئن ته دنيا کي رڳو انسانن جي ضرورتن تحت تبديل ڪيو ويو، تنهن ڪري ٻيا انواع ۽ ماحولياتي سرشتا ختم ٿي ويا. اسان جوگرهه جيڪو ڪڏهن سائو ستابو هو، سو هاڻي سيمنٽ ۽ پلاسٽڪ جو شاپنگ مال ٿي ويو آهي.   
ٻارن جي ڪتابن، تصويري رسالن يا ڪتابن ۽ ٽي وي اسڪرينن تي اوهان کي بگھڙ، زراف Giraffe ۽ چمپينزي جون تصويرون ملي وينديون، پر حقيقي دنيا ۾ انهن جو وجود ختم ٿي ويو آھي.  
گذريل پنج سؤ سالن ۾ لڳاتار انقلاب آيا آهن. سائنسي ۽ صنعتي انقلابن انسانذات کي فوق البشر Superhuman سگهه ۽ حد کان وڌيڪ توانائي ڏني آهي. پر ڇا اسان خوش آهيون؟ ڇا مرحوم نيل آرمسٽرانگ، جنهن چنڊ تي پنهنجا نشان ڇڏيا، انهي بي نام شڪاري ۽ کاڌو ڪٺو ڪندڙ کان، جنهن ڪنهن غار تي ٽيهہ هزار سال اڳ هٿن جا نشان ڇڏيا ھئا، وڌيڪ خوش هو. جي نه ته پوءِ زراعت، شهر، صنعت، سائنس، لکت، وغيرہ جي ترقي جو ڪهڙو فائدو ٿيو؟  يوال جو خيال آهي ته مورخ اهڙا سوال نٿا آوازين.
پئسي ۽ صحت جي ڀيٽ ۾ ڪٽنب ۽ برادري جو اسان جي خوش هئڻ تي وڌيڪ اثر هجي ٿو. جيڪي ماڻهو اڻپوري ڪٽنب ۾ رهن ٿا ۽ ڪنهن برادري جو حصو نه آهن، تن کان وڌيڪ اهي خوش آهن، جن جا ڪٽنب سگهارا آهن ۽ پاڻ ۾ لاڳاپيل برادري جو حصو آهن.
ان حساب سان گذريل ٻن سؤ سالن ۾ اسان جي مادي حالتن ۾ جيڪا بي مثل بهتري آئي آهي، تنهن کي ڪٽنب ۽ برادري جي ٽوڙ ڦوڙ گهٽائي ڇڏيو آهي.
اسان جديد ماڻھن کي سور گھٽائيندڙ ۽ سڪون آور دوائن جو وڏو تعداد ميسر آهي، پر اسان ڪنھن تڪليف يا ڏکي صورتحال کي برداشت نٿا ڪري سگهون، تنهنڪري اسان پنهنجي وڏڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سور ٿا کائون.   
يوال جوخيال آهي ته ماڻهو رڳو پنهنجي جسم ۾ اڀرندڙ خوشگوار حسيت sensation جي ڪري خوش ٿيندا آهن. هر هڪ شخص ۾ خوش رهڻ جي پنهنجي پنهنجي خصلت آهي. هڪ کان ڏهن واري ماپ تي ڪي ماڻهو، جيڪي خوشگوار بايو ڪيميڪل نظام رکندڙ ٿي پيدا ٿيندا آهن، انهن جو موڊ ڇهن کان ڏهن جي وچ ۾ وار ڦير ڪندو آهي، پر وقت سان اهو اٺن تي مستحڪم رهندو آهي.  اهڙا ماڻھو ڀلي کڻي ڪهڙن به ڏکين حالتن ۾ رهن، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پنهنجي رقم وڃائي ڇڏين، يا موتمار بيماري جي تشخيص ٿئين، پر اهي غمگين نه ٿيندا آهن. پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي مايوسانه بايوڪيمسٽري رکندا آهن، تن جو موڊ ٽن ۽ ستن جي وچ ۾ رهندو آهي، ۽ اڪثر ڪري ٽن تي بيٺل هوندو آهي. اهي ناخوش شخص کڻي اربين روپيا لاٽري ۾ حاصل ڪن، پيار ڪندڙ ڪٽنب يا برادري جو حصو ھجن، پر وري به مايوس ئي رهندا.
يوال جي خيال ۾ جڏهن اسان اهو سمجهي ورتو آهي ته اسان جي مسرت جي ڪنجي اسانجي بايوڪيميڪل سسٽم ۾ آهي، تو پوءِ اسان ڇو نٿا پنهنجي بايو ڪيمسٽري کي بدلايون سدلايون. جيڪر اسان پنهنجي ذهن جي ڪيمسٽري کي سمجھڻ ۽ ان جي لاءِ مناسب ترياقن ٺاهڻ تي اربين لڳائينداسون، تڏھن ان سان بغير ٻين انقلاب آڻڻ جي، اسين ماڻهن کي وڌيڪ خوش رکي سگهنداسون. مثال طور پروزيڪ Prozac، حڪومتون نٿي بدلائي، پر سيروٽونن جي سطح کي وڌائي ماڻهو کي ڊپريشن مان ڪڍي ٿي....پئسو، سماجي حيثيت، وڏا گهر، ڀلي نوڪري وغيرہ اوهان کي خوشي نه ڏيندا. پر ديرپا مسرت Serotonin سيروٽونن، ڊوپامن Dopamine، ۽ آڪسيٽوسن Oxytocin جھڙن ڪيمڪلز مان حاصل ٿئي ٿي.  
انسان به ٻين جيوتن جيان ساڳين طبعي قوتن، ڪيمائي ردعملن ۽ فطري چونڊ واري مرحلي تي آڌاري رهيو آهي. پوءِ اهو ٿيو ته هومو سيپيئنس کي ٻين جي ڀيٽ ۾ فطري چونڊ وڌيڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو، پر وري به ان جون ڪي حدون هيون. انسان جي هيترين ڪوششن ۽ ڪشالن جي باوجود هو حياتياتي طور متعين حدن کي بدلائي نه سگهيو... پر ايڪيهين صدي جي پرگهٽ ٿيڻ تي اهو سچ نٿو لڳي؛ هوموسيپيئنس اهي حدون ٽپي رهيو آهي. هو فطري چونڊن جا نيم بدلائي ذهني ڊزائن جا قانون جوڙي رهيو آهي.
يوال جينيٽڪ انجنيرنگ جي شعبي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جو احوال ڪندي، هاورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر جارج چرچ جي تجويز جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن موجب نيندرٿال جينوم پروجيڪٽ جي پڄاڻي کان پوءِ اسان وري ٺھندڙ ننيدرٿال جي ڊي اين اي کڻي سيپيئنس عورت جي ٻچي داني ۾ رکي نيندرٿال ٻار پيدا ڪري سگهون ٿا. ان ڪم لاءِ کيس 30 ميلن ڊالر کپن. ياد رهي ته ڪافي سارين عورتن اهو ٻار پيدا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
هڪ ٻي ٽيڪنالاجي سائبورگ انجنيئرنگ به اسان جي زندگي تي اثر انداز ٿيندي. سائبورگ نامياتي توڙي غير نامياتي حصن جو ميلاپ آهن، جيئن ڪي انسان بايونڪ هٿن وارا هوندا آهن. هونئن به اڄ ڪلهہ اسان بايونڪ انسان آهيون، ڇو ته اسان جي فطري حواسن جي سهائتا ڪيترا اوزار جهڙوڪ اکين جا چشما، پيس ميڪر، ارٿوٽڪس، يا ويندي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون (جن اسان جي دماغ کي ڊيٽا اسٽوريج ۽ پروسيسنگ کان آجو ڪيو آهي) ڪن ٿا.
          آمريڪا جي ملٽري ريسرچ واري ونگ جيتن ۾ سائبورگ جوڙي رهي آهي. ان سلسلي ۾ مکين يا ڪاڪروچن ۾ اليڪٽرانڪ چپ لڳائي، انهن جي چرپر جي نگراني ڪري سگهبي ۽ انهن جي مدد سان گهربل معلومات حاصل ڪئي ويندي.
ڪتاب جي پس مهاڳ جو عنوان آهي ته ”اهو جانور جيڪو خدا بنجي ويو“ ان جو آزادانا ترجمو ڏئي، هن مضمون جي پڄاڻي ڪيون ٿا:
”70 هزار سال اڳ هومو سيپيئنس اڃا هڪ معمولي جانور هو ۽ آفريقا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ پنهنجي ڌن ۾ مگن هو. پر ايندڙ هزارين Millenniums ۾، هو هڪ پاسي هن گرهه جو مالڪ ٿيو ۽ ٻئي پاسي ان جي ماحولياتي نظام جي تباهي جو سبب به ٿيو. هاڻي هو خدا ٿي ڪري خدائي ڳجھ ۾ هٿ وجھي رهيو آهي ۽ لازوال جواني حاصل ڪرڻ وارو آهي.
          بدقستمي سان سيپيئنس هن وقت تائين هن ڌرتي تي فخر لائق تمام ٿورو خلقيو آهي. اسان آسپاس جا مالڪ ضرور ٿيا آهيون، کاڌي جي پيدائش به وڌائي آهي، شهر جوڙيا آهن، شهنشاهتون قائم ڪيون آهن، ۽ پري پري جي علائقن ۾ واپاري نيٽورڪ قائم ڪيا آهن، پر ڇا اسان دنيا مان بدحالي کي ختم  ڪيو آهي؟ وقت بوقت اسان جي سگهه ۾ وڌاري سان سيپيئنس جي انفرادي چڱ ڀلائي ۾ ڪو اضافو نه ٿيو آهي، پر ٻين جانورن جي زندگي تي اگرا اثر ضرور پيا آهن.
          جيتري قدر انساني حالتن جي ڳالهه آهي، ته جنگ، ڏڪار، وبائن کي گهٽائي، گذريل چند ڏهاڪن ۾ اسان ڪجهه ترقي ڪئي آهي. پر پوءِ به ٻين جانورن جي صورتحال بدتر ٿيندي وڃي ۽ انساني حالتن ۾ سڌارو جيڪو هاڻي ٿيو آھي، ان جي پوري به پڪ ڪانهي ته اهو دائمي رھندو.
          جيتوڻيڪ انسان ڪافي ڪجھ ڪري سگهڻ جو اهل آهي، پر سندس مقصد اڻ چٽا آهن ۽ اسان اڃا تائين اڳين وانگر ارهائي جو شڪار آهيون. اسان ننڍڙين ٻيڙن کان وٺي خلا ۾ سفر ڪندڙ شٽل ضرور ٺاهيون آهن، پر اسان کي خبر نه آهي ته اسان ڪيڏانهن پيا وڃون. اسان اڳ کان وڌيڪ سگهارا آهيون، پر خبر نه اٿئون ته انھيءَ سگهه کي ڪيئن استعمال ڪريون. انتهائي خراب ڳالهه اھا آهي ته انسان اڳي کان وڌيڪ غير ذميوار ٿيندو وڃي. اسان طبعي قانون جي ساٿ ۾ پاڻ هڙتو خدا بنجي ويا آھيون، پر پاڻ کي ڪنهن ڏانهن جوابداہ نه ٿا ڀانيون. نتيجي ۾ اسان پنهنجي آرام ۽ مزي حاصل ڪرڻ لاءِ هن گرهه تي رهندڙ جانورن جي زندگي توڙي ماحولياتي نظام کي زهر ڪري رهيا آهيون، پر وري به اسان کي اطمنيان حاصل نٿو ٿئي.
          غير ذميوار ۽ غير مطمئن خدا، جن کي اها خبر نه  آهي ته کين ڇا گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪا ڳالهه  خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.“

No comments:

Post a Comment