20/05/2020

ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ ڪتاب جو تعارف

هيءُ ڪتاب موجوده دَور جي نامياري محققه ۽ اديبه ڊاڪٽر فھميده حسين جي مختلف يارهن مقالن جو ڳُٽڪو آهي، جيڪي ٻوليءَ، گرامر، لکيت، لغت ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي لکيل آهن.
ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2012ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 217 صفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾، ”ناشر نوٽ“ (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور) ۽ ”پنھنجي پاران“ مصنفه پاران لکيل آهن. ”ناشر نوٽ“ ۾، ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هي ڪتاب عمومي طور سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندڙن لاءِ ۽ خصوصي طور يونيورسٽين ۾ تحقيق لاءِ نوان موضوع تلاش ڪندڙن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.“ ”پنھنجي پاران“ ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترن ئي حوالن سان بحث ڪري ڪن اهم پھلوئن ۽ مختلف مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.“
هن ڪتاب ۾ هيٺيان مقالا ڏنل آهن: (1) سنڌي گرامر جا مسئلا، (2) سنڌي ٻوليءَ جون فطري خوبيون ۽ سنڌي گرامر، (3) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ـــــ هڪ جائزو، (4) بيھڪ جون نشانيون، (5) سنڌي صورتخطيءَ جا ڪي حل طلب مسئلا، (6) صورتخطي ۾ هِجي جو علم Orthography، (7) علم اللغات ۽ سنڌيءَ ۾ لغت سازيءَ جي روايت، (8) شاهه لطيف جي ٻولي: هڪ نقطه نظر، (9) ادب ۾ لفظ جي اهميت، (10) فيمنزم جو لساني پھلو، ۽ (11) آٽوميٽڪ رومن ٽرانسلٽريشن.
هن ڪتاب جي انهن مقالن ۾، لسانيات ۽ ان جي لاڳاپيل شاخن بابت، جن جو اندازو مٿين عنوانن مان به ڪري سگهجي ٿو، ڪيئي تمام گهڻيون اهم ۽ ڪم جون ڳالهيون ونڊيل ۽ تجزئي هيٺ آندل آهن.
لسانيات جو اڀياس ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ هن ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ جو مطالعو ضروري آهي.

No comments:

Post a Comment