19/05/2020

”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد پھريون) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
گرامر جو ڪتاب:
ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد پھريون)


سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب، گڏيل طور، مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي صاحبن جو لکيل آهي. موجود ڪتاب، ٽيون ڇاپو آهي جنھن تي ڇپائيءَ جو سن لکيل نه آهي، البت ڪتاب ۾، ڀيرومل جي لکيل پيش لفظ، بعنوان ”منڍ“ ۾، 3-نومبر 1926ع لکيل آهي، جنھن مان نتيجو نڪري ٿو ته ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1926ع کان اڳ يا ان ئي سال ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائز ۾، 64 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڀيرومل پاڻ، پريمئر پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي سر ورق تي لکيل آهي: ”سنڌي چوٿين ۽ پنجين، ۽ انگريزي پھرين درجي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ“. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي سنڌ پاران منظور ڪيل درسي ڪتاب آهي ۽ ان جي ڏنل نصاب موجب آهي، ان ڪري ڪتاب اندر چِٽو ڪيل آهي ته منجهس ضميرن ۽ فعلن جي قسمن توڙي زمانن بابت مواد شامل نه ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ”منڍ“ ۾ ڀيرومل لکي ٿو، ”ٻنهي ڀاڱن [جُلدن] تي مون گهڻي محنت ڪئي آهي، پر انهن ۾ مرزا صاحب جي محنت جو به حصو آهي. هن صاحب ٻئي ڀاڱا چڱي طرح نظر مان به ڪڍيا آهن، جنھنڪري انهن جي صحيح هئڻ بابت اسين ٻئي هڪ جيترو ئي جوابدار آهيون.“ منڍ ۾ اها وضاحت پڻ آيل آهي، ته ان ڪتاب لاءِ مرزا صاحبَ، ڀيرومل کي پنهنجي گرامر جو دستخط نسخو موڪلي ڏنو هو جنھن ۾ گهربل ڦيرڦار جي اجازت به کيس ڏني هئي.
هن ڪتاب جو متن 60 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾، ڀاڱو پهريون ”ڳالهائڻ جا لفظ“ رکيل آهي، جنهن ۾ هيٺيان باب آهن: باب پھريون ’اسم‘، باب ٻيو ’فعل‘، باب ٽيون ’ضمير‘، باب چوٿون ’صفت‘، باب پنجون ’ظرف‘، باب ڇهون ’حرف جر‘، باب ستون ’حرف جملو‘، باب اٺون ’حرف ندا‘، باب نائون ’ڳالهائڻ جا لفظ‘، ۽ باب ڏهون ’ترڪيب‘. ڀاڱي ٻئي ۾ هي باب آهن: باب يارهون ’جنس‘، باب ٻارهون ’عدد‘، باب تيرهون ’حالت‘، باب چوڏهون ’اسم جو ڦيرو‘، باب پندرهون ’ضميرن جو ڦيرو‘، ۽ باب سورهون ’فعلن جا گردان. آخري ڀاڱي ٽئين ۾ هي باب شامل ڪيل آهي: باب سترهون ’جملو‘.
مجموعي طور هيءُ هڪ ننڍڙو پر سٺو، جامع ۽ مثالن سان سمجهايل وياڪرڻ جو ڪتاب آهي، جنھن جي مطالعي سان، گرامر جا بنيادي تصور سمجهايا ويا آهن.

No comments:

Post a Comment