20/05/2020

ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ڪتاب جو تعارف:
سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر

هيءُ ڪتاب نامياري محقق ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2010ع ۾، مجلد، ڊبل ڪرائون سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 353 صفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾، ”ناشر پاران“ ڊاڪٽر فھميده حسين (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن) جو لکيل آهي، جنھن ۾ هوءَ لکي ٿي: ”ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي ساخت جا قاعدا ۽ اصلوڪيون خوبيون اجاگر ڪندڙ ڪو تشريحي گرامر هجي ۽ اسان کي خوشي آهي ته اهو اهم فرض سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ لسانيات جي ماهر محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا پورو ڪيو.“
الانا صاحب هِن ڪتاب جو انتساب، پنھنجي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي نالي ڪيو آهي، جنھن کان گرامر جا گُر سکيائين.
الانا صاحب ”ڪروڙين ڪرم، منھنجي مولا جا“ عنوان سان، پنھنجي پاران ڪجهه ويچار ونڊيا آهن، جن ۾ هُو لکي ٿو: ”سنڌي ۽ عربي ٻولين جو، تاريخي لسانيات جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان پري جو به ڪو واسطو ڪونهي، البت اٺ سؤ سالن جي حڪمرانيءَ واري زماني ۾ پھرين عربي ٻوليءَ ۽ ان کان پوءِ فارسي ٻوليءَ جي معرفت، هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي ٻوليءَ جي لغات ۾ شامل ٿي ويا.“ الانا صاحب وڌيڪ لکي ٿو: ”جديد مطالعي جي مدد سان، سنڌي وياڪرڻ جي اڀياس لاءِ هن ڪتاب ۾ بيشمار نوَن نوَن پھلوئن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.“
سنڌي گرامر جي هن ڪتاب ۾، 327 صفحن تي مشتمل ’متن‘ کي چئن ڀاڱن، ڪيترن ئي بابن ۽ ذيلي عنوانن ۾ ورڇيو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ”ڳالهائڻ جا لفظ ۽ انهن جو اڀياس“ ۾ هيٺيان باب شامل آهن: (1) ڳالهائڻ جا لفظ، (2) اسم جا عدد (Numbers) ۽ انهن جا قسم، (3) رائج حالتون (cases)، انهن جا قسم ۽ اسمن، ضميرن ۽ صفتن جا حالتن مطابق ڦيرا/گردان، (4) ضمير ۽ انهن [ان] جا قسم، (5) حرف جر، (6) صفت، (7) ظرف، (8) فعل، (9) فعل جا ڪردنت يا مشتق، (10) مرڪب فعل، (11) زمانن جو اڀياس، (12) فعل جون معروفي ۽ مجھولي صورتون/فعلن جا پريوگ، (13) حرف جملو، ۽ (14) حرف ندا. ٻئي ڀاڱي ”علم صرف جو اڀياس“ ۾ هڪ ئي باب شامل آهي: (1) علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفھوم. ان باب ۾ ”لفظن جا گهاڙيٽا ۽ انهن جا اصول“ پڻ بيان ڪيل آهن. ٽئين ڀاڱي ”علم نحو جو اڀياس“ ۾ هيٺيان باب شامل آهن: (1) علم نحو جي وصف ۽ ان جا اصول، (2) جملي يا فقري جا مکيه ڀاڱا (Immediate Constituents)، (3) جملن جا قسم، (4) عبارت/اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملن جا قسم ، (5) ضمير متصل جو استعمال، ۽ (6) ٻِٽا ضمير متصل. چوٿين ڀاڱي جو الڳ عنوان ڪونهي. منجهس هيٺيان باب شامل آهن: (1) ترڪيب، (2) تفريق يا ڇيد ڪرڻ، (3) بيھڪ جون نشانيون، ۽ (4) سنڌي وياڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي هن تشريحي گرامر ۾، وضاحتن ۽ مثالن سان، سنڌي گرامر کي مفصل طور سمجهايو ويو آهي. هن گرامر جو اڀياس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي شاگردن، تدريسي ادارن ۾ پاڙهيندڙ استادن سميت محققن ۽ اديبن لاءِ ضروري آهي، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي خوبين کي ڄاڻڻ سميت، ان جي صرفي، نحوي ۽ ٻين لاڳاپيل اُونهائين ۽ ڳوڙهائپن کي سمجهي سگهجي.

No comments:

Post a Comment