27/05/2020

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون

گيت ۽ سنگيت جو رشتو، جسم سان روح جي تعلق وانگر ازلي ۽ گهرو رهيو آهي. قديم دؤر کان وٺي لوڪ گيتَ، لکت ۽ تحرير طور نه، پر ’ڳائجڻ‘ طور مختلف سماجن ۾ رائج رهيا آهن. اوائلي توڙي جديد معاشرتي اتهاس کي مطالعاتي اک سان جانچي ڏسنداسين ته، چٽائيءَ سان معلوم ٿيندو ته سماجي زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار کان وٺي مذهبي ۽ ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ تائين ڪيترن ئي سماجن ۾’گيت‘ راڳ، رقص، ڀڄن ۽ ڳائڻ جي شيءِ رهيا آهن. خاص ڪري هندو ڌرم ۾ راڳ کي نه فقط روح جي غذا تصور ڪيو ويندو آهي، پر ان کي صدين کان عبادت جو درجو ڏئي اَپنايو ويندو رهيو آهي. هندن جي مقدس ڌرمي ڪتاب ’گيتا‘ ۽ ’گيت‘ جي لفظن ۾ نه صرف وڏي لفظي مماثلث ملي ٿي، پر معنوي ۽ احساساتي لحاظ کان پڻ انهن ۾ تمام گھڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ڳيچ ۽ سنسڪرت جي لفظن ’گي‘ يا ’گيه‘، جن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انهن لفظن مان ’گيت‘ جنم ورتو آهي، ۾ پڻ يڪتائي ملي ٿي ۽ انهن جي مطلب  توڙي مفهوم  مان پڻ ’ جهونگار ۽ ڳائڻ‘ جا اشار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا .

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جامع سنڌي لغت ۾،’گيت‘ جون معنائون ’راڳ، گانو، ڳاچُ، ڳيچ، ڀڄن، ڳائڻ، لات، ساراهه جو بيت‘ وغيره ڏنيون آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته،’گيت‘ ماڻهوءَ جي وندر ورونهن سان گڏوگڏ هُن جي روح جا رازدان، سندس اندر جا عڪاس ۽ صدين کان انسان جا احساساتي همسفر ۽ همراز رهيا آهن. ماڻهن پنهنجون خوشيون ۽ خوبصورتيون، درد، عذاب، اذيتون، خواب ۽ حسرتون نه رڳو انهن گيتن ۾ سمايون ۽ انهن سان سَليون آهن، پر اهي انهن جي پوڄائن، پرارٿنائن، رقص، رنگينين، راحتن، چاهتن ۽ زندگيءَ جي ٻي هر ڪار وهنوار جو اَٽوٽ حصو رهيا آهن. انهن گيتن مان هنن آجپي ۽ آنند جا احساس به ماڻيا آهن، ته پنهنجن لڙڪن کي لفظن ۾ پوئي اندر جو بار هلڪو به ڪيو آهي.
لوڪ گيت، لوڪ ادب جو وڏو اثاثو آهن. لوڪ ادب جي وڏي خصوصيت اها آهي، ته اهو زندگيءَ جي حقيقي تصوير پيش ڪري ٿو. ان ۾ نه رڳو انسان جي اوائلي ۽ اوسر جي تاريخ جا احساساتي عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا، پر اهو انسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي ڪار گذارين جو ڪارائتو ۽ اَملهه رڪارڊ پڻ پيش ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سموري دنيا جي لوڪ ادب جا اثر ان جي ڪلاسيڪي ادب تي نظر اچن ٿا ۽ ان ئي معياري ۽ جديد ادب کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. چاسر، ملٽن، گوئٽي ۽ شيڪسپيئر کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين سڀني سرجڻهارن تي لوڪ ادب خاص طرح لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن جو تمام گھڻو ۽ گهرو اثر رهيو آهي ۽ انهن جي ثقافتي رنگ، ٻوليءَ جي رسيلي، مِٺاس ڀريي لهجي، مِٽي ۽ پنهنجن ماڻهن سان موهه ۽ اُنسيت جي احساسن، سندن شاعريءَ کي وڏي جمالياتي سگهه ۽ فڪري سُرت عطا ڪئي آهي.
لوڪ گيتَ عام ماڻهوءَ جي روح جي صدا ۽ ٻهراڙيءَ جي مٽي ۽ ماحول جي پيداوار آهن. اهي ٻهراڙي جي عام ، اڻپڙهيلن ۽ سادن ماڻهن جي من مان ائين ڦُٽي نڪرندا آهن، جيئن صحرائن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ ڌرتيءَ مان کنڀيون خودبخود ڦٽي پونديون آهن. لوڪ گيت انهن جي وندر ۽ ورونهن به هوندا آهن، ته سندن ڏکن ۽ سُکن جا ساٿي به. اهي گيت ئي هوندا آهن، جيڪي ڄم وقت کين سرهائي ۽ رقص جو سامان مهيا ڪندا ۽ موت وقت اوسارن ۽ المياتي آلاپن جو آٿت آڇي، سندن من جو  غبار ۽ بار  هلڪو ڪندا آهن.
لوڪ گيت ڪاغذن ۽ ڪتابن ۾ رهڻ کان وڌيڪ صدين کان ماڻهن جي دلين ۾ زندهه ۽ محفوظ رهيا آهن. انهن ڪاغذي ڪفن بدران  زندهه دلين جو سفر ڪيو ۽ هڪ سيني کان ٻي سيني تائين، سالن ۽ صدين جي مسافت ڪري  اڄ جي جديد نهج ۽ سهج تي پهتا آهن. عام طرح سان لوڪ گيت جي پرک جا ٽي پيمانه مقرر  ڪيا ويا آهن.
”هڪ ته اسان جنهن کي لوڪ گيت چئون ٿا، ان ۾ تسلسل آهي يا نه، يعني اهو لوڪ گيت وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لڳاتار هلندو ٿو اچي يا نه.   ٻيو ــ تبديلي، يعني ته اهو  لوڪ گيت لڳاتار هلندو ته اچي ٿو، پر ڇا ان ۾ ڪي تبديليون آيون آهن. اهي تبديليون ٻن قسمن جون هونديون آهن. هڪ گيت جي لفظن جي وِسرڻ ڪري ماڻهو ان جي جاءِ تي نوان لفظ  (مصرع) داخل ڪندا آهن ۽ ٻي ته ماڻهو ان گيت کي ڳائيندي، ان جي ڌُن کي پنهنجي سهولت يا پسند مطابق بدلائيندا آهن. ٽيون ــ قبوليت، ڏسڻو  آهي ته جنهن سماج ۾ گيت جنم ورتو آهي، ان معاشري ان گيت کي قبول ڪيو آهي يا نه. يعني گيت پوري سماج ۾ مقبول ٿي لوڪ گيت بڻجي چڪو آهي يا نه. جيڪڏهن ان کي قبوليت نه ملندي، ته اهو گيت جنم وٺندي ئي ختم ٿي ويندو. لوڪ گيت جي هڪ سڃاڻ اها به آهي، ته ان جي جوڙڻ واري جي خبر ڪانه هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو جُڙڻ کان پوءِ اهو جڏهن مٿين ٽن مرحلن مان لنگهندو آهي، تڏهن ڪنهن کي ياد ئي نه رهندو آهي، ته ان جو  تخليقڪار ڪير هو“. (1).
حقيقت ۾ لوڪ گيت اجتمائي سوچ، احساسن ۽ آجپي جو اهڙو حسين روپ ۽ روح آهن، جن ۾  طبقاتي اوچ نيچ، ڌرمي ويڇن، خود غرضي ۽ خود مطلبيءَ بدران گڏيل محبت، محنت، خوابن، خوبصورتين، معصوم تمنائن ۽ متحرڪ جياپي جا موهيندڙ  منظر ۽ مظهر موجود ملن ٿا. رسول بخش پليجو لکي ٿو، ”گيت روءِ زمين تي ڳائجندا رهيا آهن ۽ ڳائجندا رهندا. اهي ايترو قديم آهن، جيتريون انسان جون آسون ۽ احساس. جڏهن جڏهن ڪا آس ڪر موڙي اُٿي ٿي، ڪو سور سنگ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي، تڏهن انسان جي دل ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڪجهه ڳائڻ چاهي ٿي. انسان جا سڀ کان نرم، سڀ کان نازڪ احساس گيتن ۾ سمايل آهن“(2). دنيا ۾ گيتن سِرجڻ ۽ انهن کي ڳائڻ جي روايت قديم مصر ۽ ميسوپوٽاميا کان وٺي روم، يونان، چين، جاپان، هندستان، پاڪستان، عرب، فارس، پولينڊ، آئرلينڊ، يوگوسلاويا، ناروي، اٽلي، اسپين، فرانس، آفريڪا، آمريڪا ۽ ٻين انيڪ ملڪن تائين جي ماڻهن ۾ ملي ٿي.
جاپان ۾’گيشائن جا گيت‘ ملن ٿا، جيڪي اُتان جي ٽن تارن تي مشتمل نازڪ ۽ نفيس رباب، ’سمي سين‘ وڄائي ڳايا ويندا آهن. خاص ڪري قبحه خانن جا مالڪ غريب خانه بدوش قبيلن جون جوان ڇوڪريون خريد ڪري، انهن کان پنهنجن ڪلبن ۾ رقص ۽ راڳ ڪرائڻ کان علاوه اُتي ايندڙ ماڻهن جا من وندرائڻ جا ڪم وٺندا آهن. هر گيشا (رقاصه) جي گيت ۾ ان جي جواني جا خمار به هوندا آهن، ته ان جي تنهائي جو درد به. رباب جي سُرن سان پُرسوز لوڪ گيتن جا ٻول ملي جڏهن فضائن ۾ ٻُرندا آهن، تڏهن مرده ماڻهن جون دليون به ڌڙڪڻ لڳنديون آهن. انهن گيتن ۾ ايترو ته سوز ۽ گداز هوندو آهي، جو انهن سُرن جي گونج، نه رڳو ماڻهن جي دلين جا مير ڌوئي ڇڏيندي آهي، پر انهن جي نينهن کي نئين سِر ڀڙڪائي آڳ به بڻائيندي آهي. اهي گيت گيشائن جي مُرڪ ــ مالهائن جيان موهيندڙ به هوندا آهن، ته انهن ۾ سندن لُڙڪن جي نمي به شامل هوندي آهي، جنهن ڪري هر گيت حُسناڪ ۽ مُرده حسرتن جي ’سمفني‘ محسوس ٿيندو آهي.
ڪوريا جا لوڪ گيت پڻ اُتان جي پهاڙي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي من ــ پاتال مان ڦُٽي نڪتل احساساتي آبشار ڌارائن سان مالا مال آهن. ائين فرانسيسي لوڪ گيتن جو پنهنجو الڳ ۽ منفرد رس ۽ چس آهي. انهن گيتن کي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ’رولان جا گيت‘ چيو ويندو آهي، جيڪي اتان جي ماڻهن ۾ تمام گھڻو مقبول آهن. انهن گيتن کي عوامي منگتا ۽ مڱڻهار، عوامي ميڙن، اميرن جي محفلن ۽ مختلف موقعن تي عبادت گاهن ۾ پڻ ڳائيندا آهن.
روسي لوڪ گيت، خاص ڪري ’هارين جا گيت‘ پنهنجن مڌر ٻولن، ثقافتي رنگن، سماجي جيوت ۽ احساساتي خيالن ۽ خوبصورتين سبب پنهنجو مثال پاڻ آهن. انهن گيتن ۾ موجود ماحول، منظر، ڪردار ۽ موضوع گھڻي حد تائين سنڌي لوڪ گيتن سان مِلندڙ جُلندڙ آهن. خاص ڪري سندن مشهور گيتَ، جيڪي کيت مزدورن جي جيوت، جاکوڙ ۽ روزاني ڪِرت جي پسمنظر ۾ جوڙيل ۽ انهن جي زباني ڳايل آهن، انهن ۾ حيرت جي حد تائين سنڌي لوڪ گيتن جهڙو ساءُ، رچاءُ ۽ احساساتي روح محسوس ٿئي ٿو.
اسپين جي هڪ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم وٺندڙ گارشيا لورڪا جا جپسي لوڪ گيت پڻ وڏي اهميت جا حامل آهن. انهن گيتن ۾ خانه بدوش ماڻهن جي جيوت، جذبن ۽ احساساتي خوبصورتين جو عڪس به نظر اچي ٿو، ته جهنگلي هوائن جهڙو آزاد ۽ تازو ترنم به ملي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي ويڳاڻي من کي ساڻ کڻي، اڻ ڇهي احساساتي دنيائن جا سير سفر ڪرائڻ کان پوءِ جڏهن کيس واپس ڇڏي ٿو، تڏهن ماڻهو پنهنجي من کي نه فقط تازي ماڪ مان وِهنتل ۽ ڌوتل محسوس ڪري ٿو، پر گهڙي کن لاءِ دنيا جا سمورا درد وساري پاڻ کي سائبيريا جي پکين جيان آزاد ۽ آواره ڀانئين ٿو، جن جي اُڏام لاءِ سيمائن جو ڪوئي قيد نه هوندو آهي. لورڪا جي لوڪ گيتن کان اياز گھڻو مرغوب ۽ متاثر رهيو آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي هو لکي ٿو، ”لورڪا جو مون تي ڪافي اثر آهي....جيئن ٿر جي ٻيلن جي سونهن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جي رقص جا منهنجي شاعريءَ ۾ پڙاڏا ۽ عڪس ملن ٿا، ائين اسپين جي جپسين جي زندگي ۽ انهن جي لوڪ گيتن جا اثر لورڪا جي شاعريءَ ۾ جهلڪن ٿا....لورڪا جي شاعريءَ کي عوامي لوڪ گيتن مان اُتساهه مليو، پر هن پنهنجي شاعريءَ جي مواد ۽ فارم ۾ انوکا ۽ منفرد تجربا ڪيا آهن“(3).
شيخ اياز جو پنهنجي ڌرتي ۽ شاعريءَ سان انوکو اُنس ۽ عشق رهيو آهي. خاص ڪري پنهنجي سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ گيت /لوڪ گيت سان ته هن جو والهانه پيار آهي. هو پنهنجي ڪتاب، ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکي ٿو، ”منهنجي برصغير جي پوري ثقافت سان ائين والهانه محبت آهي، جيئن يوناني شاعر ڪازان زاڪس جي يونان سان هئي. ڪيئي ڀيرا منهنجي دل چاهيو آهي، ته اردوءَ جي مشهور اديب ديوندر ستيارٿيءَ وانگر هن برصغير جو ڳوٺ ڳوٺ گهمان ۽ ان جا لوڪ گيت ٻُڌان، ان جا پهاڙ، نديون، محل سرايون، مندر، مسجدون، گُردئارا ڏسان ۽ انهن جي سموري سونهن ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا کي پنهنجن گيتن ۾ سميٽيان. مون کي اها ديو مالائي مورتي ڏاڍي وڻندي آهي ــ سرسوتي هنس تي وڃي رهي آهي. هن کي هڪ هٿ ۾ بنسري ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪوئي ڪتاب آهي. مان ڀانيان ٿو، ته مان به گيت لکندي لکندي هن ڀوساگر مان پار تري ويندس ۽ پنهنجو موڪش پائيندس“(4).
شيخ اياز وٽ لوڪ گيت جي حوالي سان چار روايتون ملن ٿيون. پهرين سندس پنهنجي اصلوڪي مقامي لوڪ گيت جي روايت، جنهن ۾ قديم لوڪ گيت کان وٺي محمد صديق مسافر، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، هري دلگير، فاني ، دُکايل ۽ بَردي سنڌي تائين جا نالا شامل آهن. ٻي هندي لوڪ گيت جي روايت، ٽين پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۽ اردو لوڪ گيت جي روايت ۽ چوٿين دنيا ڀر جي ادب جي لوڪ گيتن جي مطالعي مان اخذ ڪيل اثرن جي روايت. انهن چئني روايتن کي مِلائي، اياز لوڪ گيت جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو نه رڳو آهنگ، احساس ۽ لفظي تاڃي پيٽو نرمل ۽ نرالو آهي، پر ان جو ترنم ۽ تاثير به لهرن جيان ماڻهوءَ جي جيءَ کي جهوليءَ ۾ جُهلائيندڙ ۽ روحاني تسڪين آڇيندڙ آهي.
خاص طرح اياز پنهنجي مقامي لوڪ گيتن جي رس ۽ روح کي پنهنجي خيال ۽ احساس جي پيالي ۾ پَرٽي ائين مِلائي ۽ رَلائي ڇڏيو آهي، جئين کير ۾کنڊ مِلي ۽ حائل ٿي ويندي آهي. اياز پاڻ کان اڳ واري موجود مڙني سنڌي لوڪ گيت جي روايتن جا نه رڳو سَنڌا ٽوڙيا آهن، پر لوڪ گيت جي نَين روايتن جا بنياد پڻ قائم ڪيا آهن، جن کي بلاشبه سندس همعصرن ۽ پوءِ جي دؤر جي شاعرن جي وڏي اڪثريت سَرهائيءَ سان قبوليو ۽ اَپنايو آهي.
شيخ اياز جو هندي شاعريءَ جو مطالعو پڻ وسيع ۽ گهرو هو. تلسي داس، اَمارو، ڪاليداس، ودياپتي ۽ ڪبير کان وٺي بهاري لال، مَلڪ محمد جائسي، سورداس، ڀوشن ۽ ميران تائين هن مڙني شاعرن جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهيو ۽ پروڙيو هو. خاص طرح اياز، ميران ٻائي جي گيتن جو وڏو مداح هو. هُن ميران جي ڳوڙهن مان پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جي  مِٽي ڳوهي، انهن ۾ اهڙو سُرُ، سوز ۽ گداز جو روح ڀريو آهي، جو انهن جا ٻول سُڻڻ ۽ پَڙهڻ سان دل خود بخود ’مي رقصم‘ بڻجي پوي ٿي.
شيخ اياز اردو گيت نگارن کان پڻ گھڻو متاثر نظر اچي ٿو. هن نه رڳو ميراجيءَ جي گيتن مان مڌ جا سرور ماڻيا آهن، پر امانت لکنوي، عظمت الله خان، آرزو لکنوي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي گيتن جي رس ۽ روح مان پڻ فڪري ۽ فني سندرتائون ماڻيون اَٿائين، جنهن جو ذڪر ڪندي پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو، ”مون کي تنوير نقويءَ جي گيتن کان سواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ جا گيت به وڻندا ها.... مون کي حفيظ جالندريءَ جو گيت، ’ڪاهن مُرلي والي نند ڪي لال بنسري بجائي جا‘ به ڏاڍو وڻيو هو. مجيد امجد، جو هڪ خاموش طبع شاعر هو، انهيءَ جا گيت به دلچسپ ها. قتيل شفائي، عبدالحميد ڀٽي، تاج سعيد، ساحر لڌيانوي، احمد راهي، عادل پرديپ، جميل الدين عالي، قيوم نظر، طفيل هوشيار پوري، ناصر شهزاد ۽ نگار صهبائيءَ جا گيت به مون پڙهيا آهن“(5). 
اياز اردو جي گيت سرجڻهارن مان سڀ کان وڌيڪ ميراجيءَ کان مرغوب ۽ متاثر آهي. هن کي ڪاليج واري زماني ۾ ئي ميراجيءَ جي گيتن جي مطالعي جو موقعو مليو. ميراجيءَ جي گيتن جي ٻوليءَ جي مِٺاس ۽ ترنم جي تازگيءَ اياز جي من کي اهڙو موهيو، جو هن پنهنجون انيڪ محبتون هُن سان منسوب ڪيون آهن ۽ عمر ڀر هُن لاءِ مختلف موقعن تي پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪندو رهيو آهي. ”دراصل سنڌيءَ ۾ گيت لکڻ جو چاهه مون کي ميراجيءَ جا گيت پڙهي ٿيو. منهنجا گيت پڙهي سنڌيءَ جا دقيانوسي شاعر ايترو بانورجي پيا هيا، جو هو سمجهڻ لڳا ته اهي گيت ميراجيءَ جو ترجمو آهن، پر حقيقت ۾ هڪ سِٽَ به ميراجيءَ تان ورتل نه آهي.... منهنجي مطالعي کي ايتري وسعت ڏيڻ ۾ ميراجيءَ جي مطالعي جو هٿ آهي ۽ جي مان هن سان ملان ها، ته سندس گهرو دوست ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ اسان ٻنهيءَ جون عادتون بلڪل مختلف هيون“(6).  
اياز تي پنجابي جي ماهيا ۽ پشتو جي ٽپو جا اثر به محسوس ٿين ٿا، جيڪي لوڪ گيتن جي صنف ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سچ ته اياز اهو وينجهار ڪلاڪار آهي، جنهن تخليق جي سفر ۾ هر مثبت اثر کي اَپنائي، ان کي پنهنجو اهڙو روح ۽ رنگ عطا ڪيو آهي، جنهن کي پَسي من سرهائي ۾ مور وانگر رقص ڪرڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.
شيخ اياز مشرق توڙي مغرب جي ادب ۽ آرٽ جا گهڻ رخا فني ۽ فڪري اثر قبول ڪيا آهن، جن تي تفصيلي اڀياس جي گهرج آهي، ان سان اياز جي شاعريءَ جا ڪيئي نوان پهلو اُڀري سامهون اچي سگهن ٿا، پر خاص ڪري هن دنيا ڀر جي لوڪ ادب مان لوڪ گيت جي حوالي سان جيڪي اثر ورتا آهن، اهو اڀياس پڻ انتهائي دلچسپ ۽ لاڀائتو آهي، جنهن تي پاڻ هڪ طائرانه نظر وجهي ۽ لوڪ گيت جي حوالي سان مٿي ڪجهه مثال پيش ڪري آيا آهيون. اياز انهن گيت نگارن مان ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر رهيو آهي، پر سندس وڏو ڪمال اهو آهي، ته هن انهن اثرن کي پنهنجن لوڪ گيتن ۾ جنهن تخليقي انداز ۽ فنائتي نموني سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي، اهو انتهائي حُسناڪ ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي.
مقامي لوڪ گيت جي روايت مان سڀ کان وڌيڪ اياز ٿر جي لوڪ گيتن کان متاثر رهيو آهي. صدين جي لوڪ ورثي ۾ ٿر جا لوڪ گيت خاص اهميت رکن ٿا. انهن لوڪ گيتن ۾ معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جا سمورا رواج، تهذيب ۽ ثقافت جا رنگ سمايل آهن. شادي وهانءَ جون رسمون، فراق جا ڦَٽَ، سخاوت جو جذبو، قربانيءَ جو حوصلو، حُسن ۽ عشق جا داستان، ٽيج تهوار، ساوڻ جا سانگ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع انهن لوڪ گيتن ۾ ذڪر هيٺ آيل آهن. سُرن ۽ سازن جي آهنگ سان ملي، اهي لوڪ گيت اَمرتا ماڻي چڪا آهن“(7).
ٿرين کي ’مور، مينهن ۽ پنهنجي مٽيءَ‘ سان انوکو عشق آهي. ٿري وس ڪئي پنهنجا پَکا ۽ پَٽَ نه ڇڏيندا آهن، پر ڪنهن سانگ سبب، جيڪڏهن هو ڏور هوندا آهن ۽ ٿر تي جڏهن بادل ڀرجي ايندا ۽ وڄون وراڪا ڪنديون آهن، تڏهن ازخود ڪوڏهين ڏور هجڻ باوجود ٿرين کي مينهوڳيءَ جي مُند پنهنجي ڏيهه اُڏائي کڻي ايندي آهي ۽ هو مٽيءَ جي مَهڪ سان پنهنجن ساهن کي تازو ڪري، صحرا جي گل وانگر ٽِڙي ۽ ٻهڪي پوندا آهن. ٿري، مور سان اولاد ۽ محبوب جهڙي محبت ڪندا آهن ۽ مور به ٿرين لاءِ پنهنجي سونهن جا سارا سانگ سَجائي ۽ رنگ رَچائي جيئندو آهي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾ جڏهن مور، سرمست بڻجي ٽهوڪا ڏيندو ۽ حسين پنک پکيڙي رقص ڪندو آهي، تڏهن ڏکن ڏڌيل ٿاريلن جا اداس مُکڙا ته ٽانگر جي گل جيان ٽِڙي پوندا آهن، پر سچ ته صحرا جي سُڃي واري به سُون ٿي پوندي آهي ۽ ڀِٽون هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري سالن جا درد سور به وساري ويهنديون آهن. ٿر ۾ ’موريو‘ مقبول لوڪ گيت آهي، جيڪو ٿاريلا مور سان محبت جو اظهار ڪندي وڏي سرهائي ۽ هيج مان ڳائيندا آهن.
اياز ٿري لوڪ گيتن جو خوب حُسن ۽ هڳاءُ ماڻيو آهي. ’پڻياري، ڪجليَو، ڍاٽيئڙو، سائٻو (مڙس)، ڀئييو، ساوڻ ٽيج، لِيالو، جوڌاڻو، ڪيوڙو، امرائو، مڱريو، پيئو (پرين)، ڍولو، مهندي، ڪونجل، پڌارو، راسوڙا، همرچو ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن اياز کي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي ۽ هُن انهن گيتن مان ڪيترن ئي ٿري لوڪ گيتن جي تضمين ۾ نئين انداز، ترنم ۽ احساس سان نوان لوڪ گيت سِرجيا آهن، جيڪي پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ به آهن، ته انهن ۾ ٿري ثقافت جي روح ۽ رَچاءَ جي رنگيني به آهي.
لاڙ جي لوڪ گيتن ۾ خاص ڪري مانجهيئڙو، ليالو، گولاڙو، لولي، جمالو ۽ ٻيا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن جا ٻول ۽ ترنم،  روح کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ڇڏن ٿا. ليالو، وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو لوڪ گيت آهي، جنهن جي ٻولن ۾ اهڙو ته غم ۽ گداز هوندو آهي، جو  ان جي ٻُڌڻ سان من جا ڦَٽَ اُکلي پون ٿا . ڍاٽيئڙو پڻ ڏک ۽ غم جو گيت آهي، جنهن جا ورلاپ نه فقط من ۾ وڍ وجهن ٿا، پر ان جا ٻول پڻ دل کي پنهنجي لهرن ۾ ٻوڙن ۽ تارن ٿا. گولاڙو، خوشي ۽ سرهائيءَ جو لوڪ گيت آهي، جيڪو جهمريون هڻندي ۽ ڏوڪين تي ناچ ڪندي ڳايو ويندو آهي. ان جي لفظ لفظ ۾کيج ۽ خوشيءَ جو احساس جهلڪي ٿو. اترادي گيتن ۾ ڇلڙو، موهيندڙ  ۽ محبت جو گيت آهي.
پيار، وڇوڙي، خوشي ۽ دردن جي گيتن سان گڏوگڏ ٻين انيڪ سماجي معاملن ۽ موضوعن تي لوڪ گيت ملن ٿا. جهڙوڪ: شادين مُرادين جي رسمن سان لاڳاپيل مڱڻي، ونواهه، ميندي، لانئن ۽ ڪنوار جي رخصتيءَ جا لوڪ گيت وغيره.ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ڏِڻن جي نسبت سان اڪيچار لوڪ گيت آهن، جيڪي سنڌ جي سماجي جيوت ۽ ثقافتي حُسناڪي جو چٽو پٽو عڪس پيش ڪن ٿا. لوڪ گيتن جي ان سموري خزاني مان، شيخ اياز نه صرف گھڻو استفادو حاصل ڪيو آهي، پر لوڪ گيت کي نوان تخليقي رنگ ۽ حسين روپ پڻ عطا ڪيا آهن.
سنڌيءَ ۾ لوڪ گيتن جو وڏو ذخيرو هر دؤر ۾موجود رهيو آهي، پر خاص ڪري سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي رواج ۽ عروضي دؤر جي اوج دوران لوڪ گيتن کي نه رڳو نظر انداز ڪيو ويو، پر انهن کي دهڪاني ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن جو وکر قرار ڏئي، نه رڳو معيوب سمجهيو ويو، پر انهن کي تخليقي ڪاروهنوار جي ڏيهه مان ئي نيڪالي ڏني وئي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي تسلط ٽٽڻ ۽ ان جي بي روح روايتن مان سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن حد تائين پاند آجي ٿيڻ بعد وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ شاعرن گيت لکڻ شروع ڪيا، ”اهڙي ريت سنڌي موزون شعر جي باغ ۾ هڪ نئون ٻوٽو اُسريو. اُن من موهيندڙ ٻوٽي جي خوش قسمتي اها ٿي، جو ان کي اياز جهڙو انوکو مالهي نصيب ٿيو. اياز کيس وڌائي ويجهائي اهڙو سرسبز ڪيو آهي، جو ڏسندي ڏسندي سندس سرهاڻ چوطرف ڦهلجي ويئي آهي“(8). 
شيخ اياز نه صرف لوڪ گيت کي نئون جيئدان ۽ جنم ڏنو آهي، پر هن گيت ۾ پڻ پنهنجن خيالن، خوابن، اُمنگن، ڏکن ۽ سُکن جي احساسن جو اصلي روح سمائي، ان کي انساني دل جي ڌڙڪنن سان هم آهنگ ڪيو آهي. اهو اياز جي ڏات جو معجزو چئجي، جو هن جي گيت جهڙو گيت، نه هن کان اڳ موجود هو ۽ نه ئي هن کان پوءِ نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو،   ”اياز کان اڳ سنڌيءَ ۾ گيت هڪ وساريل صنف هو. سواءِ هري دلگير جي، ورلي جديد شاعر گيت لکندا هئا. بيوس جي گيتن جو ڳاڻٽو گھڻو نه آهي ۽ هوند راج دُکايل کي به هڪ ابتدائي گيت نگار جي حيثيت ۾ اهميت حاصل آهي. فقط هري دلگير کي ئي صحيح معنى ۾ پهريون اهم گيت نگار شاعر سڏي سگهجي ٿو، جنهن گيت جي ٻولي، سٽاءَ ۽ موضوعن ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪئي. ان بعد اياز ان عمل کي هڪ تحريڪ جي صورت بخشي. هن اسلوب، گھاڙيٽي، سٽن جي ترتيب، ڇند ۽ عروض جي مختلف تجربن وسيلي سنڌي گيت کي روايتي گيت جي ڀيٽ ۾ هڪ مڪمل نئون ۽ دل لُڀائيندڙ روپ ڏنو“(9).
شيخ اياز شاعريءَ جي جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ اساسي ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن ۾ پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، اهو سچ ته امرت جيان نه رڳو سُرور آڇيندڙ آهي، پر احساساتي ۽ معنوي طرح موهيندڙ ۽ انتهائي حسين پڻ آهي. خاص ڪري هن جا جديد انداز ۾ لکيل لوڪ گيت جن ۾، ’سانوڻ ٽيج، لمڪيان ڙي لو، مڻهيار، چيڻو، ڪرهو، نئون جمالو، بادل ڙي، گيت پروليون، ديهاتي گيت، ڇيڄ ، همرچو‘ وغيره شامل آهن، اهي شاهڪار ۽ اَملهه آهن. اياز جا اهي لوڪ گيت سندس مختلف شعري مجموعن جهڙوڪ: ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (ص87، 90، 179)، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (ص30، 33، 45)، ’وڄون وسڻ آئيون‘ (ص90، 103، 104، 106، 172، 173، 175، 176، 181، 192، 199، 200)، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ (ص317)، ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (ص139) ۾ موجود ملن ٿا، جن جو تعداد ويهه کن آهي. سندس اهي لوڪ گيت پنهنجي انداز، لهجي، خيال، احساس، ترنم ۽ ٻوليءَ جي نرملتا جي لحاظ کان انتهائي خوبصورت ۽ من موهيندڙ لوڪ گيت آهن، جن بابت رسول بخش پليجو پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو، ”اياز سنڌي ٻوليءَ جو زبردست عاشق ۽ پارکو آهي. هو سنڌي لفظن جو وينجهار آهي. اکرن جا اَملهه ۽ بي بها خزانا، جيڪي هر هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن ڏانهن ڪنهن ڌيان نه ٿي ڏنو، تن کي هن سهيڙي، اُجاري ۽ گهڙي منجهانئن شعر جا اهڙا حيرت انگيز نوَ لکا هار ٺاهيا آهن، جن کي ڏسي عقل چرخ ٿي وڃي ٿو، خاص ڪري سندس گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن“(10).
اياز جا لوڪ گيت سچ ته موضوعاتي انفراديت، ٻوليءَ جي مٺاس، لهجي جي نفاست ۽ ثقافتي اهڃاڻن جا حامل هجڻ سان گڏوگڏ ترنم جي تازگي، احساساتي معصوميت ۽ جمالياتي حوالي سان پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن. سندس لکيل ’لولي‘، ماءُ ۽ ممتا جي احساسن جو گيت آهي. ’لمڪيان ڙي لو‘، پورهئي سان پيار ۽ اجتماعي ايڪي جو گيت آهي. ’سانوڻ ٽيج‘، نو وَرنين ۽ ڪنوارين جو سرتين سان گڏجي سانوڻ جي نِکٽن، سَرهائين ۽ سندرتائن کي ملهائڻ جو گيت آهي. ’مڻهيار‘، کيج ، خوشي ۽ سينگار جو گيت آهي. ’ڪرهو‘، اوسيئڙي، انتظار، مسافت ۽ وڇوڙي جو گيت آهي. ’ڇيڄ‘، مُندن ۽ موسمن جي وري اچڻ تي وڇڙيل سڄڻن کي سارڻ ۽ پُڪارڻ جو گيت آهي. اهڙيءَ ريت ’همرچو‘، ٿر جي کيت مزدورن جي کيڙيءَ ۽ ميڙيءَ جي موسم جو گيت آهي. شيخ اياز پنهنجا لوڪ گيت، نه فقط جديد فني رنگ ۾ لکيا آهن، پر انهن ۾ هُن لوڪ روايتن کي قائم رکندي، نئين فڪر ۽ احساس جون جمالياتي نُدرتون پڻ پيدا ڪيون آهن.

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون

جديد شاعرن ۾ شيخ اياز اهو شاعر آهي، جنهن شاعريءَ جي جديد ۽ ڪلاسيڪل صنفن تي طبع آزمائي سان گڏوگڏ قديم ۽ لوڪ صنفن ۾ پڻ سگهاري ۽ سهڻي انداز سان پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي. توڙي جو لوڪ گيت جو ڪو مقرر گهاڙيٽو، موضوع، وزن، قافيو، رديف ۽ طئي ٿيل ترنم نه آهي، ان جا ٻول ئي سُرن ۾ ٻُڏل ۽ لفظ، ڪيف ۽ سرور جي سرمستيءَ ۾ وِهنتل هوندا آهن ۽ اهي عام ماڻهن جي اندر مان اُٻڙڪا ڏئي سندن اظهار جي چپن تي ائين مُرڪي ۽ مَهڪي پوندا آهن، جيئن خودرو گلَ ڌرتيءَ جو سينو چِيري ڦُٽي پوندا آهن، پر اياز پنهنجن سِرجيل جديد لوڪ گيتن کي نه فقط وزن، تازگيءَ وارو ترنم، سڀاويڪ سوز ۽ گداز عطا ڪيو آهي، پر هُن انهن ۾ ڌرتيءَ جو ون ۽ واس اوتي، انهن ۾ لوڪ گيت جي ازلي ۽ ابدي ڪيفيت به پيدا ڪئي آهي.
تاج جويو، شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي خوبين ۽ خوبصورتين جي حوالي سان لکي ٿو، ”هو جڏهن ڪنهن لوڪ گيت کي ڇُهي ٿو، ته ان جو ردم، آبشارن جو ردم بڻجي وڃي ٿو، ان جي لئه هندوري جو لوڏو محسوس ٿئي ٿي، ان جي ٻولي نرتڪيءَ جي ڇير جيان ڇم ڇم ڇڻڪي ٿي ۽ ان جي هيئت، کنوڻ جا کجڪا ۽ وِڄُ وراڪا محسوس ٿين ٿا(11). شيخ اياز جو هڪ لوڪ گيت ’ڇيڄ‘ ملاحظه ڪيو ۽ ان مان سنڌوءَ جي لهرن جھڙي ردم ۽ تشبيهن جي اَڇوتي حُسناڪي جو حِظ ماڻيو.
اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي رات، اَڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس وار، سندس ونگ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي ڦول، اَڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس رنگُ، سندس انگُ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي هير، اَڙي هير، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس ساٿ، سندس سنگ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي نانگ، اَڙي نانگ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندم ڏاهه، سندس ڏنگ، ائين آهه جيئن تون!
                           (ڀُونر ڀِري آڪاس، ص87)

’چنڊ‘، سونهن ۽ سندرتا جي علامت آهي، ’رات‘ گنڀيرتا، گدازي ۽ جمالياتي حصار جو اهڃاڻ آهي، ڦول، ’سڳنڌ‘، نرملتا ۽ نفاست جي نشاني آهي، ’هير‘، فرحت، سڪون ۽ آنند جو اهڃاڻ آهي، جڏهن ته ’نانگ‘، نينهن ۾ مِٺي مِٺي درد ۽ دهشت جي علامت هوندو آهي. پيار ۾ محبوبن جو نانگ جهڙو ونگ وڻندڙ ۽ ڏنگ لطف ڏيندڙ هوندو آهي ۽ اهي سمورا سماجي، ثقافتي ۽ جمالياتي اهڃاڻ کڻي، اياز جنهن نمونيءَ سان پنهنجي گيت ۾ سمايا آهن، اهو سندس ڏات ۽ ڏانءَ جو ڪمال آهي. لوڪ گيت توڙي جو صحرائي گل وانگر ماڻهن جي دردمند ۽ پياسي دلين مان خودبخود ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ انهن جي بي ساختگي ۽ بي ربطگيءَ ۾ ئي سموري سونهن سمايل هوندي آهي، پر اياز جي لوڪ گيتن ۾ بي ساختگي ۽ جذبن جي اڻ جهل اُڇل ته آهي، پر بي ربطگي ڪونهي، جيڪا روايتي لوڪ گيت جي هڪ اهم ۽ خاص خصوصيت آهي، پر ان جي باوجود اياز جو لوڪ گيت رسيلو، رنگين، رومانوي ڪشش ۽ جذباتي جاذبيت رکندڙ آهي ۽ اها خوبي لوڪ گيت ۾ فقط اياز جي دين آهي.
”لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهن جي احساسن جا آثارِ قديمه نه، پر سندن زندهه جذبن ۽ اُمنگن جا آئينا هوندا آهن“ (12). شيخ اياز ڪنهن به لوڪ گيت لکڻ کان پهريان ان جي ثقافتي روح ۽ سماجي پسمنظر کي پوريءَ طور نه صرف سمجهيو ۽ پنهنجي هينئين سان هنڊايو آهي، پر ان جي لوڪ ترنم ۽ اصلي احساساتي تازگيءَ کي پڻ پنهنجي تخليقي اندر ۾ اُتاري، پَچائي، رَچائي، نئين نِکار ۽ نغمگيءَ جي نئين نُدرت سان پيش ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي فڪري جوهر ۽ جوت ۾ تازه دم ۽ پُراثر به آهي، ته موهيندڙ ۽ اندر ۾ رقص ۽ راحتن جون رنگينيون پيدا ڪندڙ به. اياز جي گيتن جي ٻولي اهڙي ته روان، رسيلي، سليس، سادي، تاثريت ۽ تازگي ڀري آهي، جو انهن جي فطري رڌم، لهرن جهڙي رواني ۽ رنگينيءَ ۾ ماڻهو من کان وجود تائين لمحي ٻُڏڻ ۽ لمحي اُپڙڻ لڳي ٿو. لفظن ۾ احساساتي ساءُ سان ڀرپور، معنوي تاثريت سان مالا مال ۽ ترنم جي انوکي تازگيءَ سان ٽمٽار اياز جو هي ’ڇيڄ‘ پڙهي ڏسو، جنهن جي سِٽَ سِٽَ ۾ پنهنجو احساساتي سواد، پنهنجي رومانوي رنگيني ۽ پنهنجي تخليقي حُسناڪي ۽ حسيت آهي. گيت جي ٻولن ۾ هڪ طرف پيار جي احساسن جي پالوٽ آهي، ته ٻي طرف لفظي ورجاءَ سان پيدا ڪيل نغمگيءَ جو ڪمال آهي، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ ئي وقت رومانوي خيالن ۽ خوابن ۾ مگن به ڪري ڇڏي ٿو، ته موسيقيءَ جون لهرون ان کي مست بڻائي جهومائن ۽ نچائن به ٿيون. 
تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!

هيءَ هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ!
هيءَ ڌير ڀري هير، هلي آءُ، هلي آءُ!
هيءَ ڏات ڀري لات، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي سوچ ڀري لوچ، هلي آءُ، هلي آءُ!

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!
                 (ڀونر ڀري آڪاس، ص90)
مٿين گيت ۾ محبوب لاءِ هيج ڀري ڪوٺ جا حسين احساس اوريل آهن. پهرين سِٽَن ۾ پرين لاءِ کُليل ٻانهن جو ڀاڪرُ ۽ انهن ۾ اچڻ جي آڇ آهي. ’تون آءُ، هلي آءُ...... پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!.....‘ لفظ لفظ ۾ اَٿاهه پيار، سِڪَ ۽ اُڪير جي، سمنڊ جي وير جهڙي اُٿل آهي. ’تون آءُ‘ کان پوءِ ’هلي آءُ‘ لفظن ۾ اِلتجا به آهي، ته اُڪير به. جڏهن محبوب ٻه وکون کڻي اڳتي وڌي ٿو، ته سڄڻن جي آجيان ۾ وجود جو انگ انگ ٻَهڪي پوي ٿو ۽ مُرڪندڙ چپن تي خود بخود هي لفظ، ’پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!‘ مور جو رقص بڻجي جهومڻ لڳن ٿا.
 تنهن کان پوءِ گيت ۾ ارپنائن جو نرالو ۽ نرمل انداز سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريي ساهه، سنگ ڀريي انگ ۽ نينهن ڀريي ڏينهن‘ جون سموريون حُسناڪيون محبوبن حوالي ڪرڻ جي سرهائي ۽ سندرتا ملي ٿي، پر ’ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، ۽ سوچ ڀري لوچ‘ پڻ پريتم تان صدقي ڪرڻ ۽ گهورڻ جو ساهس ملي ٿو. لفظ سادا ۽ ڏسڻ ۾ ڪيترا نه عام ۽ رواجي آهن، پر انهن ۾ موجود اڻ جهل جذبن ۽ احساسن جي سچائي، انهن کي موهيندڙ ۽ اثرائتو بڻائي ٿي.
گيت ۾ معنوي اثريت ۽ احساساتي تازگي ته ڪمال جي آهي ئي آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جو جمال به ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريو ساهه، سنگ ڀريا انگ، نينهن ڀريا ڏينهن، ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، سوچ ڀري لوچ‘ ڇا ته لفظن جو جَڙاءُ ۽ مُترنم قافين جو رَچاءُ آهي. لفظ لفظ پڙهندي، انهن کي اُچاريندي، دل پنهنجو پاڻ، نه فقط انهن کي جهونگارڻ تي مجبور ٿي پوي، پر انهن لفظن ۾ موجود اُڌمن، اُمنگن ۽ احساسن کي پنهنجا اُڌما محسوس ڪرڻ لڳي ٿي.
شيخ اياز ڪيترن لوڪ گيتن ۾ روايتي موضوعن ۽ مواد بدران پنهنجن نوَن، نرمل ۽ جديد خيالن ۽ احساسن جي خوبصورتي اوتي آهي. ڇيڄ به هڪ اهڙو لوڪ گيت آهي، جنهن جو روايتي موضوع طنز، مزاح ۽ گھڻو ڪري سرهائي ۽ خوشيءَ ۾ جهومڻ ۽ نچڻ آهي. ”ڇيڄ جي لفظي معنى آهي ناز/ نخرو / چاڳ، خوشي، دُهل جي وڄت، جهمر، ناچ، تماشو“(13). وغيره، پر اياز ان ۾ اندر جي سنجيده اُڌمن ۽ احساسن کي اظهارڻ کان علاوه خارجي منظرن ۽ مظهرن جو هڪ نئون ۽ موهيندڙ جهان کڻي آيو آهي، جيڪو نه فقط سندس تخيل ۽ تخليقي تصورن جي طلسماتي ڪاڪ محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي در ۽ درين مان پنهنجي راڻي لاءِ منتظر ’مومل‘ جو وياڪل ۽ ويڳاڻو عڪس نظر اچي ٿو، پر ان ۾ ترنم جي نئن جهڙي رواني ۽ فطري رچاءَ جو روح کي راحت بخشيندڙ رنگ به ملي ٿو، جيڪو لوڪ گيت ۾سچ ته اياز جي يڪتا ۽ انفرادي حاصلات آهي. شيخ اياز جو لوڪ رس، روايتي ٽاڻن ۽ رسمي اهڃاڻن سان ٽمٽار هي لوڪ گيت ’ڇيڄ/ ڪانگلڙو‘ پڙهو، جنهن ۾ ڪانگ لنوڻ، اُڀ تي بادلن جي ڀرجي اچڻ، وِڄُ جي وراڪن، کيتن ۾ ڪڻڪ جي سوني سنگن، اُتر جي هير جي گُهلڻ ۽ اندر ۾ پرينءَ جي ساروڻين جي طوفان برپا ٿيڻ جي انتهائي اثرائتي ۽ من کي موهيندڙ منظرڪشي ڪئي وئي آهي، جيڪا احساساتي طور تي، نه صرف دلڪش ۽ متاثر ڪندڙ آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جي تازگي ۽ تخيل جي حُسناڪي پڻ هينئين سان هنڊائڻ جھڙي آهي.
ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين وو،
آءُ پرين! آءُ پرين! سانگ ڪري ڪو،
                                   ڪانگ لنوين وو ــ
آءُ پرين! اُڀ مٿان آهه لڳههَ ــ لَس،
ڄاڻ وُٺو مينهنُ، ڏنو وِڄ وراڪو،
                                   ڪانگ لنوين وو ــ
آءُ پرين! ڪڻڪ ڪيا سَنگَ سُنهرا،
کيت ٿيا کاڻ، سچو سون ٻري ٿو،
                                   ڪانگ لنوين وو ــ
آءُ پرين! واءُ وري اَنُ اُجاريو،
مند مٿان مند اچي، تون نه اچين ڇو؟
                                   ڪانگ لنوين وو ــ
روز مِٺي لات ڪري، مات ڪري مَنُ،
پَکُ لهي لَکُ ڏئي نينهن ـ نياپو،
                                   ڪانگ لنوين وو ــ
هاءِ پرين! هاءِ پرين! دير ڪئي تو،
ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين وو.
                                                       (وِڄون وَسڻ آئيون، ص181)
محبوبن ۽ سڄڻنِ کي ته سڀ ڪوئي ساريندو ۽ ياد ڪندو آهي، پر جيئن اياز ساري ۽ پَچاري ٿو، اهو موهيندڙ، من ۾ جذبات جون لهرون پيدا ڪندڙ ۽ احساساتي خيالن ۽ خوابن ۾ گم ڪري ڇڏيندڙ آهي. مٿين لوڪ گيت ۾، وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو ڏهاڳ ڀوڳيندڙ وني پنهنجي ڏور ويل ورَ سان مخاطب آهي، جنهن ۾ کيس پُرسوز انداز ۾ پنهنجي اندر جي اور اوريندي چوي ٿي: ’اي منهنجا پرين! مند وري آ، مينهن منڊل ڪيا آهن. وِڄن جا وراڪا ۽ بادلن جي لس ليٽ آهي. کيتن ۾ سونا سنگ اُسريا ۽ من ۾ نوان نينهن نِسريا آهن، ڪانگ به روز لنوين پيو، ان جون لاتيون، ڪاتيون بڻجي، من کي وڍن ۽ جهير ڏين ٿيون. مندون سڀ وري ويون آهن، پر تو اچڻ ۾ ڏاڍا ڏينهن لاتا آهن، هاڻي ڪو سانگ ڪري ترت ورڻ جي ڪر، تنهنجي جدائي جهوري ۽ وڇوڙي جو موت هاڻي ماري ٿو‘. گيت ۾ هڪ طرف رڌم ۽ روانيءَ جو درياءُ آهي، جيڪو پنهنجي لهرن ۾ لوڙهي، پڙهندڙ کي ساڻ کڻي هلي ۽ کيس ترنم جو ساءُ آڇي ٿو، ته ٻي طرف جذبن ۽ احساسن جو لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندڙ هڪ جهان آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي پنهنجي حصار ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو ۽ هُن کي گيت ۾ موجود اهي سموريون ڪيفيتون پنهنجي من اندر جون وارتائون محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون.     
شيخ اياز لوڪ صنفن ۾ پنهنجي جديد فڪر ۽ فن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي مخصوص موضوع ۽ روايتي مواد کي پڻ قائم رکيو آهي. هن جو هڪ ’ڇيڄ‘ جيڪو روايتي ’ڇيڄ‘ جي اصلي رنگ ۽ معنوي روپ يعني ’طنز ۽ مزاح‘ تي مشتمل آهي، سو سندس شعري ڪتاب ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ملي ٿو. هِن ڇيڄ ۾ اياز سنڌ جي مَڪار وڏيري، جيڪو پنهنجن لاءِ سدائين شينهن وانگر خونخوار ۽ ٻين طاقتورن اڳيان گيدي ۽ گدڙ هوندو آهي، تنهن جي اصلي ڪردار ۽ ڪرتوتن کي عيان ڪري، ان تي ٺٺولي ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ ايتري ته اثرائتي ۽ ڀرپور آهي، جو سنڌ جي ويڪائو ۽ موقعي پرست وڏيري جو انيڪ ’ماسڪ‘ اوڙهيل چهرو عين بين سامهون اُڀري اچي ٿو. گيت ۾ ذڪر ڪيل ڪردار ’وڏيري‘ لاءِ ’هلِ، جهرڪي، نانگ، ساپو، ڌپ، ڏاند‘ وغيره جون تشبيهون ۽ تمثيلون اهڙيون ته تُز ۽ ٺَهڪندڙ استعمال ڪيون ويون آهن، جو اياز کي انهن لاءِ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
هُونءَ وڏيرو هِل ڙي!
ڏاڍي جو ڏهڪارُ، ته هُن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!

هوُنءَ وڏيرو نانگُ ڙي!
بِگڙي جو سرڪار، هُن جو ساپي وارو سانگ ڙي!

هُنءَ ته وڏيرو ڌَپَ ڙي!
ڪِئن نه ڪچهريءَ ۾ ايندو آ، لائي سُرهي لَپَ ڙي!

هاڪَ ته هُن جي هُونءَ ڙي!
سوين سُريتيون ڌاري، ها پر جوءِ ته هُن جي جُونءِ ڙي!

پنهنجي ريٽي راند ڙي!
لالَ جهندي جي اڳ تان ڏاڍو، مَڇري ٿو هو ڏاند ڙي!
پنهنجي ريٽي راند ڙي!
ڇو ته وڏيرو ڏاند ڙي!
                 (وڄون وسڻ آئيون، ص192)
لوڪ گيت جي وڏي خوبي آهي ئي ٻول ۽ ٻوليءَ جي سلاست ۽ سَرلتا. توڙي جو شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ موضوعن، گھاڙيٽن ۽ اسلوبن جا انيڪ نوان تجربا ڪري، انهن کي نئون رنگ ۽ آهنگ عطا ڪيو آهي، پر هو ٻوليءَ ۽ لفظن جي چونڊ ۾ تمام گھڻو نفاست پسند، سُچيت ۽ سجاڳ آهي. هن نه رڳو پنهنجن گيتن ۾ روان، آسان ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيا آهن، پر ڪيترا ئي خارج ۽ متروڪ ٿي ويل لفظ ڪنهن سوناري ۽ گهاڙوءَ وانگر ٻيهر گهڙي ۽ اُجاري استعمال ۾ آندا آهن. ”شيخ اياز جي شاعري پڙهندي پل لاءِ به اهو احساس نه ٿيندو ته، هن لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري پوءِ ويهي شعر گوئي ڪئي آهي. هن پنهنجي مطالعي، مشاهدي، علم ۽ رولاڪين مان سِکيو آهي ۽ انهن متروڪ، پراڻن ۽ وساريل لفظن کي پهرين اپنايو ۽ پوءِ تخليق جو حصو بڻايو آهي. هن پنهنجن گيتن ۾ لفظ ٽاڪيا نه آهن، پوئيا به ناهن بلڪ انهن کي حل ڪيو آهي، جيئن کنڊ پاڻيءَ ۾ ۽ خوشبو ساهن ۾ حل ٿي ويندي آهي“(14).
اياز جي هن لوڪ گيت ’چيڻو‘ کي ئي ڏسو، جنهن جو نه رڳو ماحول ۽ محاڪات، رواج ۽ رسم، ڪلچر ۽ تهذيبي رچاءُ نج ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ آهي، پر ان جي لفظيات، اظهار جي ادائگي ۽ لهجي جي نفاست ۽ رنگيني پڻ مخصوص زرعي سماج جي آهي، جنهن کي صنعتي ۽ شهري سماج جو ماڻهو تيستائين آسانيءَ سان سمجهي ۽ ان مان حقيقي حِظ حاصل ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين هو ان جي سموري پسمنظر ۽ ماحول کان واقف نه هوندو. هن گيت جي رنگ ۽ روح کي ’چيڻي‘ لفظ جي پسمنظر ۽ معنوي معلومات جي آشنائي کان سواءِ سمجهڻ مشڪل آهي، ڇو ته ’چيڻو‘ رڳو هڪ لفظ ئي نه آهي، پر هڪ اهڃاڻ آهي، سماجي جيوت ۽ جياپي جو اهم ۽ اَٽوٽ عنصر آهي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن خاص طرح ٿر، ڪاڇي، ڪچي ۽ سنڌ جي ٻين اهڙن ڪيترن ئي علائقن، جن ۾ غربت جهجهي، وسيلن ۽ معاشي ذريعن جي اَڻاٺ آهي، اُتي انهن جي زندگيءَ جو انحصار ’چيڻي‘ تي آهي. ’چيڻو‘ لفظ جي معنى جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت ملي ٿي، ’چيڻو اناج جو هڪ قسم آهي، جنهن جي داڻي تي ست کَلُون چڙهيل هونديون آهن. چيڻي جو ڀَتُ نهايت لذيذ ٿيندو ۽ اهو ڏٿ طور ڪم ايندو آهي‘.
چيڻي کي ٻهراڙيءَ جون عورتون پهريان اُکريءَ ۾ وجهي مُهريءَ سان مارَ ڏينديون ۽ ڇَڙهينديون آهن. ڇڙهڻ کان پوءِ ڇڄ ۾ ڇنڊينديون آهن. چيڻي جو اَنُ ايترو ته چيڙهالو ٿيندو آهي، جو اهو چئن پنجن مارن کان پوءِ ڇَڙهبو آهي، جنهن کان پوءِ اهو جَنڊَ ۾ وجهي ڏڏربو ۽ ڏربو آهي، ان کان پوءِ ئي اهو کاڌ ۽ خوراڪ جي قابل بڻجندو آهي.
شيخ اياز جي هن لوڪ گيت ۾، هڪ طرف ان محنت ڪش عورت جي جفاڪش جيون ۽ ڏکن ڏڌي زندگيءَ جو عڪس آهي، جنهن جي عام معمول ۾ چيڻو ڇڙڻ جي مشقت کان علاوه گهر جا ٻيا سمورا ڪم ڪار شامل آهن، ته ٻي طرف ساڻس گهر واري/ مڙس جي سخت رويي ۽ اوپري سلوڪ جي تصوير به عيان آهي، جيڪو ايتري محنت ۽ مشقت کان پوءِ به هُن مان راضي نه آهي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ويڻ ڏئي سارو ڏينهن کيس ڏنڀ ڏيندو رهي ٿو. ٻهراڙيءَ جي عورت گھڻو ڪري ’جنابت ۽ مٿي ميرائيءَ‘ سان رزق روزيءَ کي ايستائين هٿ نه لائيندي آهي، جيستائين وهنجي سهنجي صاف نه ٿيندي آهي. دهڪاني عورت ايتري ته شرميلي ۽ محجوب هوندي آهي، جو مٿي جي ميرائي ڪڍڻ لاءِ به اهڙو گھاٽ تلاشيندي آهي، جتي کيس ڪو عزيز ۽ احباب نه ڏسي ۽ مٿي جي ميرائي محسوس نه ڪري وٺي. هِن لوڪ گيت ۾ به اهڙي عورت جي وارتا آهي، جنهن جي مٿي ۾ مير آهي ۽ جنابت سان چيڻو ڇڙڻ نه ٿي چاهي. وهنجڻ لاءِ گهر ۾ کيس ڪائي ڪُنڊائتي جاءِ ميسر ڪونهي ۽ هوءَ جوان ڏير کي ڪائي کُڙڪ ڏيڻ کان سواءِ اهڙي گهاٽ گهير جي تلاش ۾ آهي، جتي هوءَ نويڪلائي ۾ وهنجي پاڪ صاف ٿئي، پر سندس مڙس جو زور ۽ ضد آهي ته هوءَ ’چيڻو‘ ڇَڙي. لوڪ گيت جي هر ٻول ۾ لوڪ جيوت جو رنگ جهلڪي ٿو. اياز جو ڪمال اهو آهي ته هُن لوڪ گيت ۾، نه رڳو گهربل ٻولي، تُز محاوري ۽ ٺهڪندڙ ترڪيبن جو سيبائتو استعمال ڪيو آهي، پر وڏي ڳالهه ته ان ۾ نسواني لهجي ۽ ڪيفيتن کي اُڀارڻ ۽ اظهارڻ ۾ پڻ وڏي حد تائين سوڀارو رهيو آهي. لوڪ گيت اوهان به پڙهو ۽ ان ۾ موجود مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن جي بي قراريءَ کي محسوس ڪيو.
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

وهجان ٿي ته ڏسي ٿو ڏير
منهنجي آهه مٿي ۾ مير
ڳولي گھاٽ ڪٿي ڪو گهير
وهنجي سهنجي ايندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

ڀَل تون گَجُ نه گُجريون آڻِ
ڀَل تون ٻي ڪا مومل ماڻِ
منهنجي ڪانه ڪڍين ٿو ڪاڻِ
روئي رَڇ ڀريندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!
سارا ڏينهن ڏئين ٿو ڏنڀَ!
اهڙي رَهٽ نه ڪنهن جي رَنڀ
کوهي کوهي پنهنجا کنڀَ
آخر اُڏري ويندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!
                    (وِڄون وَسڻ آئيون، ص90)
لوڪ گيتَ، انسان جي سچن پچن جذبن، احساسن، ڪيفيتن، پيار، پورهئي، محبت، وصل، جدائي، قرار، بي قراري، واعدن، وفائن، بي وفائين، انتظارن، آزين، نيازين، ماڻن، ٽاڻن، نازن، نخرن، ادائن، قدرتي منظرن ۽ مظهرن جو اهڙو منظرنامو آهن، جيڪي هر تصنع ۽ تڪلف کان آجا ۽ آزاد  هوندا آهن. لوڪ گيتَ انسان جي حقيقي اُڌمن، آرزوئن، مشاهدن ۽ محسوسات تي محيط اهڙو بي ساختا منظوم اظهار ٿين ٿا، جن ۾ عروض توڙي ڇند واري شاعريءَ جهڙو ڪو فني ساز ۽ سامان، فڪري پيچيدگي ۽ موضوعي پابندي ۽ پئد ڪونه آهي، پر هڪ آزاديءَ واري جولاني، جذبات جي اُڇل، لفظي شائستگي، ترنم جي انوکي تازگي، فڪري فرحت ۽ احساساتي تاثريت هوندي آهي. لوڪ گيتن جو ڪو مخصوص موضوع ۽ مواد نه هوندو آهي، پر اهي زندگيءَ جي هر رنگ ۽ روح سان ٽمٽار ۽ آڪاش جي وشال وسعتن وانگر حسين ڪئنواس رکندڙ هوندا آهن.
’لولي‘ پڻ ماءُ جو پنهنجن ٻچن لاءِ محبت جو نغمو آهي. ماءُ، جيڪا سراپا محبت جو اهڙو درياءُ هوندي آهي، جيڪو اولاد لاءِ سدائين سانوڻ توڙي سياري، هر موسم ۾ ڪنا تار موجزن رهندو آهي، پر ڪڏهن به ماٺو ٿيندو ۽ سُڪندو ناهي. اصل ۾ ’لولي‘، جنهن کي اردو، پنجابي ۽ هندي زبان ۾، ’لوري‘ چيو وڃي ٿو، سا لوڪ شاعريءَ جي نهايت ئي اهم ۽ اوائلي سُرائتي صنف آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته شاعريءَ ۾ سڀ کان اول اها صنف ئي تخليق ٿي هوندي، ڇوته  ’لولي‘ ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو نغمو ۽ پنهنجي اولاد لاءِ چيل’دعائيه گيت‘ آهي. اولاد هر ماءُ کي اها مغربي هجي يا مشرقي، قديمي هجي يا جديد دور جي، پر ٻار فطري طرح ان لاءِ پهريون محبوب هوندو آهي، جنهن سان هوءَ بي لوث محبت ڪندي آهي. هر ماءُ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اولاد لاءِ فڪرمند ۽ اُن جي سُک، سڪون، خوشحالي ۽ آباديءَ لاءِ آسروند ۽ دعاگو هوندي آهي، ان ڪري جڏهن ڪنهن ماءُ جي من ۾ محبت ۽ جذبات جا پهريان ٻول ٻُريا هوندا، سي لوليءَ جو ورلاپ بڻيا هوندا.
لولي، لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ماءُ جي ممتا، ان جي پنهنجي اولاد لاءِ فڪرمندي، انهن جي آرام ۽ سڪون لاءِ دعائن ۽ دلي تمنائن جو ورد ۽ خاص ڪري هن جي داخلي احساسن، جذبن، اُلڪن ۽ دلي اُڌمن جو اظهار ٿيل هوندو آهي. لولي جي روايت دنيا جي هر ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿي. ان جا ٻول، انداز، آلاپ ۽ ورلاپ مختلف ٿي سگهن ٿا. انگلستان جي ماءُ جي لولي جا لفظ هندستان جي ماءُ جي لوليءَ جي لفظن کان مختلف ٿي سگهن ٿا. فلسطين جي ماءُ جي لوليءَ جا آلاپ، فرانس جي ماءُ جي لولي جي آلاپن کان الڳ ٿي سگهن ٿا، سنڌ جي ماءُ جي لوليءَ جو انداز ۽ اوراڻو اِٿينس ۽ افغانستان جي ماءُ جي ورلاپ ۽ واڪي کان جدا ٿي سگهي ٿو. ائين دنيا جي هر خطي ۽ ملڪن جي مائرن جا لفظ هڪ ٻئي کان مَٽيل، الڳ ۽ مختلف ٿي سگهن ٿا، پر انهن جو مجموعي جوهر ۽ روح يقينن ساڳيو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ ان جي بي لوث محبت جو جذبو هڪ ئي آهي، ڇو ته دنيا جي هر ماءُ جي ممتا جو رنگ ۽ روح يڪسان هوندو آهي. ماءُ ڌرتيءَ تي واحد مخلوق آهي، جيڪا پنهنجي آرام ۽ آنند کان وڌيڪ اولاد جي سُک ۽ چين لاءِ سدائين دعاگو ۽ بي چين رهندي آهي.
دنيا جي هر ڪائي ماءُ پنهنجن ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي ۽ اها پنهنجي انداز سان پنهنجي جگر جي ٽُڪرن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪندي آهي، پر مشرقي عورت، خاص ڪري سنڌي ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ پنهنجن محبتن جو مها ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتيندي آهي ۽ اهو پنهنجي احساساتي تاثر ۽ جذباتي هيج ۾ اهڙو ته پورالو، حسين، مترنم ۽ پُراثر هوندو آهي، جو ُان جا ٻول پٿر دلين کي به پِگهاري وجهندا آهن. روايتي ۽ رسمي لوڪ لولين جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو آهي، پر اياز فن توڙي فڪر جي لحاظ سان جيڪي جديد لوليون لکيون آهن، اهي به پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس لولي جا هي ٻول ٻُڌو:
منهنجيءَ ڇاتيءَ ڇولي وو!
لولي وو! لولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!
اهڙي ٻولي ڪابه نه جھڙي ٻاروتي جي ٻولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!
سنڌڙيءَ جھڙي سينڌ نه ڪنهن کي، تنهنجي ڌرتي ڍولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!
جنهن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو واسو، آءٌ انهيءَ جي گولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!
مون جھڙي ڪا جھولي وو!
لولي وو! لولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص106)
مٿين لوليءَ ۾ لفظ نه آهن، ڄڻ ساهن جي ڌڙڪن آهي، امڙ جي ڇُلندڙ ڇاتيءَ جو بي قابو اُڌمو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو بي چين روح آهي، جيڪو سِٽن  ۾ سرايت ڪري ويو آهي ۽ لوڪ گيت جي ٻول ٻول ۾ ٻُري ۽ ڌڙڪي رهيو آهي. لولي حقيقت ۾ پيار ۽ پينگهي جو گيت آهي. مائرون گھڻو ڪري پنهنجن ٻچڙن کي پينگهي يا پنهنجي هنج ۾ سمهاري، لوليءَ جا ٻول جهونگارينديون آهن، ۽ انهن ٻولن ۾ اهڙو ته مٺاس، موهه ۽ تاثير جو جادو هوندو آهي، جو گهڙي پل ۾ ٻار ننڊ جي پُرسڪون واديءَ ۾ آرامي ٿي ويندو آهي.
لولي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. شاعراڻي لولي، سينگار لولي، سُرائتي لولي (شاعرن/ سگهڙن جون لوڪ انداز ۾ جوڙيل لوليون)، مجازي لولي، پَرَ لولي (پيار جي ڪيفيتن ۽ محبوب جي اُڪنڊ ۽ اڪير ۾ جوڙيل لوليون)، واقعاتي لولي (حادثن ۽ سوانحن تي سرجيل لوليون)، وَرَ لولي (ورن کان وڇڙيل وَنين جي ورلاپن واريون لوليون)، ساکي لولي (مصيبت ۽ مشڪل کان ڇوٽڪاري جي لولي) وغيره، پر لوليءَ جي انهن سمورن قسمن ۾ عورت جي احساسن، اُڌمن، خيالن، خوابن، انتظار، وصال توڙي وڇوڙي جون ڪيفيتون پنهنجي پوري تاثر، حسيت ۽ حسناڪيءَ سان موجود ملن ٿيون.
شيخ اياز پڻ جديد انداز ۾ ڪجهه لوليون سرجيون آهن، جيڪي پنهنجي فهم، فراست، لهجي ۽ انداز ۾ لوڪ گيتن جو سندر نمونو آهن، پر انهن ۾ هن جديد دور جي حسيت ۽ حقيقت جي اُپٽار سان گڏوگڏ اهڙي تخليقي ۽ فني حسناڪي سمائي آهي، جو انهن کي پڙهڻ سان نه صرف لفظي روانيءَ ۽ احساساتي رنگينيءَ جو حظ حاصل ٿئي ٿو، پر انهن جي ٻولن ۾ موجود تاثر جي تازگي ۽ خيال جي اُڇل من موهڻ سان گڏ تن جون تندون تڙپائي ۽ جيءَ کي جهنجهوڙي وجهي ٿي. لولي توڙي جو ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو گيت آهي، جنهن ۾اها پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتي پنهنجي اولاد کي ارپيندي آهي، پر سنڌ جي عورت، خاص ڪري سورهيه ۽ غيور ماءُ پنهنجن ٻچن کي سلامتي ۽ سرهائيءَ جي دعائن سان گڏ دولهه ۽ دودو ٿي پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿيڻ، سرخرو ٿي جيئڻ ۽ سرخرو ٿي شهيد ٿيڻ جي لولي پڻ ڏيندي آهي. جيئن هيءَ لولي:
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
شال دولهه ٿئين، شال دودو ٿئين!
شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سِر ڏئين!
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
سو اسان مان نه آ، جو جيئي جُٺ ۾،
گهاءُ ڪو تو ڏٺو پيءُ جي پُٺ ۾؟
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
سنڌ جي سڏ تي شال گهوريو وڃين!
ڪاڪ وهندي رهي تون ڪڪوريو وڃين!
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
(وڄون وسڻ آئيون، ص103)
”اياز جون لوليون ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه آهن، جن ۾ هن نه فقط موضوعاتي ڪشادگي پيدا ڪئي آهي، پر ٻوليءَ جي نرمي، نفاست ۽ مڌرتا جو به بي مثال نمونو پيش ڪيو آهي.... هن جي لولين ۾ جيڪو سنڌ جو ثقافتي پسمنظر، فطرتي حسن، ٻوليءَ جي لطافت ۽ احساسن جي نواڻ آهي، سا ڪنهن جديد هيئت ۾ به ورلي ملندي...ان کان اڳ ۾ سنڌ ڪڏهن به اهڙي ’لولي‘ نه ٻُڌي هوندي، جنهن ۾ پنهنجي تهذيبي سفر ۽ شعوري حاصلات جو اهڙو نچوڙ پيش ڪيو ويو هجي.... اياز پنهنجن لولين ۾ جيڪا ممتا جي محبت ۽ وطن سان عشق واري جذبي جي شدت پيدا ڪئي آهي، سا قابل رشڪ آهي“(15).
شيخ اياز پيءُ جي زباني اولاد کي ڏنل لوليون پڻ لِکيون آهن. سندس هڪ انوکي لولي ’منهنجا مِٺڙا پُٽَ‘ جي عنوان سان ملي ٿي، جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي پُٽَ سان مخاطب ٿي، هن کي ڪوڙ سان هلندڙ پنهنجي ويڙهه، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيندڙ اَنيائن کان نه رڳو آگاهه ڪري ٿو، پر سچ جي تلاش لاءِ کيس اُڪساهي ۽ ان تان سِر گهورڻ جي ترغيب ڏيندي چوي ٿو: ’منهنجا ٻچڙا! تون پنهنجو سچ ضرور تلاش ڪجان. پنهنجا سُک ماڻجان. ممڪن آ ڌرتيءَ جي سُک ۽ سچ جي بقا جي جنگ ۾ مان ماريو وڃان. منهنجي موت کان پوءِ به جيڪڏهن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا ڏک ختم نه ٿين، هو پيٽ بُکيا ۽ انگ اُگهاڙا رهن. ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا، تون پنهنجي سِر جو سانگو نه ڪجان، ڪنهن ظالم اڳيان جهڪجان نه، پر سورهيه ٿي سچ خاطر آخري دم تائين ڪوڙ سان جهيڙيندو رهجان، ڇو ته ڪوڙ جي ڪاڪ ڪيتري به طلسمي هجي، پر هڪ ڏينهن ان جو انت اچڻو آهي، رات ڪيڏي به اونداهي هجي، پر سچ جو سج اُڀرڻو آهي‘.
شيخ اياز جي هيءَ لولي پنهنجي فڪري تاڃي پيٽي ۾ جيتري گِهري، پُراثر ۽ تاريخي صداقتون رکندڙ آهي، ايتري ئي پنهنجي اظهار ۾ انوکي، لهجي ۾ نرمل ۽ احساس ۾ ڪيفيتن جا انيڪ عڪس پيش ڪندڙ آهي. شيخ اياز هڪ اهڙو بي چين شاعر ۽ سِرجڻهار آهي، جنهن جي تخليقي روح ۾ هر لمحي بي قراريءَ جوسمنڊ موجزن ملي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترا فني ۽ فڪري تجربا ڪيا آهن، جيترا برصغير ۾ ورلي ڪنهن ڪويءَ ڪيا هوندا، پر ان جي باوجود هن جي خيالن ۽ خوابن جا پنچي ڪنهن اَڇوتي ۽ وشال آڪاش جا متلاشي ۽ ان ۾ اُڏم لاءِ بي چين ۽ بي قرار محسوس ٿين ٿا. هن لوليءَ ۾ به هُن جي فني تجربن جي تخليقيت ۽ تخليقي حُسناڪي جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. لوليءَ جو هيئت ۽ سٽاءُ نظم وارو آهي، پر لهجو، ٻولَ، احساس ۽ ترنم گيت جو آهي، انهيءَ ڪري اهو هڪ ئي وقت ’نظماڻو‘ ساءُ ۽ سواد به ڏئي ٿو، ته ان ۾ ’گيتاڻي‘ نرمي، ٻوليءَ جي سادگي، لهجي جي نفاست ۽ اظهار جي بي ساختگي به ملي ٿي.     
جهوني ڪوڙ سان منهنجو جهيڙو هلندو آخر تائين،
نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئين شال سدائين!
ڌرتيءَ جي دک ۾ آ منهنجو چاهه اِنهيءَ لَيءِ لال!
نئون نئون سُکُ جئن تون ماڻين، جيئين سدائين شال!
ممڪن آهه ته ڌرتيءَ جو دک پورو ڪونه ٿئي،
ممڪن آهه ته تنهنجو بابا وڙهندي جان ڏئي!
ممڪن آهه ته مون کان پوءِ ڀي، ڏکيو بُکيو انسان،
ڳڀي ڳڀي لَيءِ ڳاٽ جُهڪائي، هجي اڃان حيران!
ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا! جيئين شال سدائين!
تون به ائين ئي وڙهندو رهجانءِ، پنهنجي آخر تائين.
نيٺ ته ڊهندو ڪوڙ، سدائين جنهن کي ناهه ثبات،
نيٺ ته ڦُٽندو سچ جو سورج، نيٺ ته کُٽندي رات!
                                           (ڀونر ڀري آڪاس، ص179)
روايتي لوڪ گيت جي تخليق لاءِ ڪنهن مصنوعي مهارت ۽ فلسفياڻي فڪر جي ضرورت نه هوندي آهي، پر اهي لَئه، تاڙي جي تال ۽ خودساخته اندر جي جذباتي اُڇل مان جنم وٺندا آهن، پر اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ خارجي ۽ داخلي حقيقتن ۽ حُسناڪين جون اهڙيون نيون نرملتائون ۽ نُدرتون اوتيون آهن، جو اهي نه رڳو روايت جي روايت جو نئون ۽ جديد جنم محسوس ٿين ٿا، پر اهي سچ پچ پراڻي صراحيءَ ۾ اياز جي نئين اَمرت جو تاثير ۽ اَحساس پيش ڪن ٿا. ”اياز جي گيتن جي ٻولن ۾ عجيب رواني آهي...هن گھڻا تڻا گيت هندي ماترڪ ڇند تي لکيا آهن ۽ ڪيترا هندي ڇند ۽ فارسي وزن جي ميلاپ مان جوڙيل نَوَن ترنمي سانچن تي جوڙيل آهن. ڪجهه فارسي وزنن تي به ڪامياب گيت لکيا اٿس، پر هن فارسي وزن اهي استعمال ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ آهن“(16).
هڪ لحاظ کان اياز لوڪ گيتن جي آزاد ٻولن ۽ فطري ترنم جو شائق ۽ ان جي موسلا ڌار بارش جهڙي تاثر ۽ تازگيءَ جو قائل آهي ۽ ان سان شاعريءَ جا لوازمات لاڳو ڪرڻ، گيت جي معصوميت کي ميسارڻ برابر سمجهي ٿو. هو ان حوالي سان لکي ٿو، ”دراصل لوڪ گيت جي ترتيب، ان کي مخصوص ترنم يا بحر وزن ڏيڻ هڪ ادبي گناهه آهي، جنهن جو آءٌ به مرتڪب ٿيو آهيان. اهو ته ائين آهي، جيئن ٿر جا گل ٻوٽا ڪراچيءَ جي پارڪ ۾ لڳايا وڃن، اُهي گهڻو ڪري نه اُسرندا ۽ مُرجهائجي ويندا. لوڪ گيت انهن گلن وانگر آهن، جن جو ٻج نه لڳايو ويندو آهي، پر اهي ڌرتيءَ مان ازخود ڦٽندا آهن“(17).
عوامي لوڪ گيتن جي آبشار ڌارائن جهڙي رواني ۽ سادن ٻولن جي صحرائي گلن جهڙي سڳنڌ ۽ سندرتا پنهنجي جاءِ تي بي مثل ۽ بي بدل آهي، پر حقيقت اها آهي، ته اياز جا تخليق ڪيل لوڪ گيت به پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ آهن. هن جي لوڪ گيتن ۾ فني پابندي، فڪري ڳوڙهائي ۽ جمالياتي ندرت، اياز جي پنهنجي شعوري ڪوشش جو نتيجو آهي، پر ان ’شعوري ڪوشش‘ ۾ به اياز جي ’لاشعوري تخليقي سگهه ۽ سُرت‘ شامل آهي، جنهن ڪري هُن جا لوڪ گيت مصنوعي ڀاسڻ بدران فطري حُسن ۽ حقيقتن سان سرشار محسوس ٿين ٿا. اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ اندروني ۽ صوتي ترنم پيدا ڪرڻ جي تجربن سان گڏوگڏ ڇند ۽ عروض تي گيت لکڻ جا پڻ ڪيئي تجربا ڪيا آهن. سندس هيءُ ٿري لوڪ گيت، ’لَمڪيان ڙي لو‘ پڙهو، جنهن کي هُن ’مفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجيو آهي. 
                                                         لَمڪيان ڙي لو
آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو،
لَمڪيان ڙي لو.
کنڀ کِنياتا ڪِرن، لَمڪيان ڙي لو،
پَٽ ــ تِترَ پار جا،
روز اُتر کان اچن، لَمڪيان ڙي لو،
پنڌ پري هوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،
پارِ پرينءَ لوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،
تانگهه ڪئي تاوِڙي، لَمڪيان ڙي لو،
ڪانگ ڏسي ڪامڻي،
ڪانڌ مٿان ڪاوڙي، لَمڪيان ڙي لو،
ڏور ڪٽيهءِ ڏينهڙا، لَمڪيان ڙي لو،
ڪالهه اُٺا مينهڙا، لَمڪيان ڙي لو....
نيڻ ڀريان نير سان، لَمڪيان ڙي لو،
آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو.
       (وِڄون وَسڻ آئيون، ص172)
’لَمڪيان ڙي لو‘ بنيادي طور تي ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جيڪو ڏٿ چونڊڻ وقت ڪجهه سهيليون ۽ سرتيون پاڻ ۾ گڏجي ڪورس جي انداز ۾ چونديون آهن. ’لمڪيان‘ لفظ لمڪڻ مان نڪتل آهي، جيڪو لوڏ سان هلڻ ۽ چيلهه جي لچڪي سان ٽِلڻ  جي انداز ۽ عورت جي نِرت ـ ڪَلا جي احساس کي عيان ڪري ٿو. هن گيت ۾ موضوعاتي طور وڏي وسعت ۽ علامتي طرح وڏي گهرائي آهي. ’اُتر جي هير، کِنياتي جو کنڀ، تاوِڙي جي تانگهه، مينهن جو وَسڻ، ماڪ ۾ ڪانهن جو پُسڻ، ٻُٽي ٻانهن ۽ نِيرن سان ڀِنل نيڻ‘ سڀ علامتون آهن، جن کي اياز استعمال ڪري هڪ طرف لوڪ گيت کي پنهنجي لوڪ ثقافتي سچائين ۽ سماجي اهڃاڻن سان هم آهنگ ۽ اثرائتو ڪيو آهي، ته ٻي طرف ان ۾ شعري صلاحيت ۽ ترنم جي نئين تازگي پيدا ڪري، ان لوڪ گيت کي انوکي حُسناڪي ۽ حسيت عطا ڪئي آهي. 
حقيقت ۾ لوڪ گيت عام ماڻهن جي اُمنگن ۽ احساسن، خاص ڪري عورت جي داخلي ڪرب ۽ قرار جي ڪيفيتن جا عڪاس هوندا آهن. اياز جي لوڪ گيت ’ساوڻ ٽيج‘ ۾ پڻ عورت جي اندر جي سرهائي، آترويلا ۽ انتظار جي مختلف ڪيفيتن جو عڪس ملي ٿو.
                       سانوڻ ــ ٽيج
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
گج سوين تارڙا، واجهه وجهي وِڄ ڙي!
                    ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!
                    آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

هيکلڙو هينئڙو، اُڀ ڪري گاج ڙي!
                  راڻو نه راج ڙي!
                 آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

ڍٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!
                 توريءَ اُساٽ ڙي!
               آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

ڍول بنا ڍوڍو، ڪيئن لڳي بُک ڙي!
                   توريءَ نه سُک ڙي!
                  آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
ناٽَ ڪري ننڊڙي، رَتُ ڪري راتڙي!
تو ريءَ نه تات ڙي!  
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

ڀُڄَ مٿان بادلو، ڀيڄَ ڀِني وَسجو!
پائرُ به پَسجو!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
                                                (وِڄون وَسڻ آئيون، ص173)
’سانوڻ ٽِيجَ‘ اصل ۾ هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو نوجوان ڇوڪريون سانوڻ جي سُهائي پَک ۽ اونداهي پَک جي ٽيج تي پاڻ ۾ گڏجي ڳائينديون، جهومنديون ۽ نچنديون آهن. هي سَرهائي ۽ وسڪاري جو لوڪ گيت آهي، جيڪو سانوڻ ــ رُت ۾ آڪاش ۾ ڀريل بادل ۽ وِڄن جا وراڪا پَسي، هيج مان نووَرنيون ۽ ڪنواريون نينگريون ڳائينديون آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٿر جون ڳڀرو نينگريون اڪثر ڪري وڻن ۾ پينگهون ٻَڌي ۽ ڪڏهن ترائين ڀَرِ تي هيءُ لوڪ گيت جهونگارينديون آهن، جنهن جي ٻولن ۽ جهونگار ۾ هڪ ئي وقت سرهائي جا احساس به هوندا آهن، ته پنهنجن کان وڇوڙي جو درد، سوز ۽ گداز به هوندو آهي، انهيءَ ڪري هيءُ لوڪ گيت لڙڪن ۽ مُرڪن جي مِليل جُليل ڪيفيتن جو آئينه دار آهي.
شيخ اياز جو لوڪ گيت ’مڻهيارُ يا مڻهيارو‘ پڻ پنهنجي ثقافتي پسمنظر ۽ احساساتي لوڪ سٽاءَ جي لحاظ کان منفرد ۽ نيارو آهي. ’مَڻيهار‘ لفظ مَڻيي مان نڪتو آهي ۽ ڦيريدار مَڃاريءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ٻهراڙين ۾ اُٺ يا گڏهه تي مڃارڪو وکر ’بُولا، بينسر، چوڙا، جُهومر، ڪَٺمال، ڪانٽا ۽ ٻيو عورتاڻي سينگار جو سامان‘ کڻي ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ رُلندو، ڏهر ڏهر ۾ ڊاٻو ڪندو ۽ گهر ويٺي ڪنوارين، وَريتين، وڏڙين ۽ ننڍڙين کي سينگار جو سامان مهيا ڪندو آهي. اياز پنهنجي هن گيت ۾ احساسن جي اهڙي منظرنگاري ڪئي آهي، جو هن جي لوڪ گيت جي لفظن مان نه رڳو مَڻيهارَ جي ڪِرت، ڪم، ڪردار ۽ رولاڪين جو عڪس ۽ نقش چِٽو نظر اچي ٿو، پر گيت جي ٻولن ۾ موجود اندروني غَنائيت ۽ اظهاريل علامتي رنگ پڻ عيان ٿي سامهون اچي ٿو.
                     مَڻهيارُ
مڻهيارُ آيو، مَڻهيارُ ڙي!
                                   مَڻهيارُ ڙي!

آيو ڇنن ۾، والا ڪنن ۾،
ڳانا ڳلي ۾، جھونجهارُ ڙي!
                   مَڻهيارُ ڙي!

موتي لُٽائي، جوتي لُٽائي،
ڇا ڇا سَجائي سنسارُ ڙي!
               مَڻهيارُ ڙي!

ٻانهنِ ٻٽيءَ جو، ويندي لُٽيءَ جو،
ڇوريءَ ڇِنيءَ جو سينگارُ ڙي!
                    مَڻهيارُ ڙي!

گهونگهٽ هٽائي، جهومر ٽِڪائي،
ڇا ڇا وِرونهون واپارُ ڙي،
                    مَڻهيارُ ڙي!
                                                                   (وِڄون وَسڻ آئيون، ص175)
لوڪ گيت جي هڪ خوبي ان جي بيان ۽ اظهار ۾ ’ورجاءُ ۽ وراڻ‘ هوندي آهي، اها وراڻي نه رڳو گيت ۾ رڌم ۽ رواني پيدا ڪندي آهي، پر هڪ وڻندڙ  تاثر ۽ جذباتي ڪيفيت کي به پيدا ڪندي آهي. اياز جي سمورن لوڪ گيتن ۾ وراڻ جي اها ورجيس پنهنجي منفرد انداز سان ملي ٿي، پر سندس هن لوڪ گيت ’ڪرهو‘ ۾ اها خوبي نرالي نوع ۾ نظر اچي ٿي. ’ڪرهو‘ دراصل ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو صحرا ۽ سڃ جي سفر ۾ اوٺي ۽ اوٺار ڳائيندا آهن. هن گيت ۾ سفر جي اُڻتڻ، منزل تي پهچڻ جي اوسيئڙي ۽ راهه جي اوکائين سوکائين جا احساس اوريل هوندا آهن. هن گيت جي سٽاءُ سان توڙي جو ’ڪرهي ۽ اُٺ‘ جو بظاهر ڪوئي سُٻنڌ ڪونهي، پر ان ۾ ان جو ساءُ ۽ احساس ضرور آهي.
گيت جي ٻولن ۾ سادگي ۽ سلاست ته آهي ئي آهي، پر ان جو ترنم ۽ احساساتي تاثر ڪمال جو آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي ٻوڙان ٻوڙ وهڪري ۾ وَهائي کڻي وڃي ٿو. سموري لوڪ گيت ۾ ’هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو‘ جي مترنم لفظن جو مسلسل ورجاءُ ، ’پ، ي، ر، ٽ، ا ۽ ڏ‘ اکرن جي تجنيس ۽  مٿان وري ’هو‘ لفظ  جي قافيي جو  تواتر سان استعمال، گيت ۾ نه فقط سنگيت جو لطف پيدا ڪري ٿو، پر ساري وجود ۾ رقص جي احساسن کي اُڀاري، من ۾ ’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو. 
                         ڪرهو
هُڙڪ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ
پَنڌُ پَري هو،
ڪير ڪَري هو،
واٽَ اَواٽي،
ڏِيلُ ڏري هو،
پو به پرينءَ جو پَنڌُ ڀَلو هو،
هُڙڪ هَلو، ڌيمان هَلو هو...
سانولڙي جو،
ڳيچ چَئو ڪو،
سانتِ بُري آ،
سانتِ ڪَيوَ ڇو؟
گونجَ اُڀاري ڪا ته گَلو هو،
هُڙڪَ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ
                      (وِڄون وَسڻ آئيون، ص176)
لوڪ گيتن جي ٻُولن جي سولائي، سَرلتا، عوامي انداز ۽ اَڻ جهل احساساتي اُڇل ئي انهن جي خوبي ۽ خوبصورتي هوندي آهي. توڙي جو انهن جي لفظن جي اظهار ۽ بيان ۾ گھڻو ورجاءُ ٿيندو آهي، پر ان ورجاءَ ۾ ئي انهن جي حُسناڪي هوندي آهي، جيڪا اُڪتاهٽ ۽ بيزاريءَ بدران انوکي آسيس، سادگي، مِٺاس ۽ محبوبيت جا احساس اَرپيندي آهي. انهن جي ٻولن جي جھرڻي جھڙي تازگي ۽ ترتيب، انهن جي لفظن جي ماکيءَ جھڙو مِٺاس ۽ مڌرتا پاڻ ۾ ملي لوڪ گيت کي رسيلو ۽ رنگين بڻائيندا آهن. ”اياز جا ’ديهاتي گيت‘ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڳالهه آهن. ديهاتي زندگيءَ جي سادي جذبات، سڌيون تشبيهون، عام فهم ٻولي، مڪاني رنگ، محبت جا مِٺا مِٺا، هَلڪا هَلڪا گيت، اَلهڙ جوانيءَ جا بي غم، بي پرواهه نغما. انهن جي ٽيڪنڪ جي وڏي خوبي اها آهي، ته اهي تقطيع جي ڄاڻوءَ کي به لطف ڏيندا، ته عام ماڻهوءَ جي دلچسپيءَ جو سبب به ٿيندا“(18).
’هو جمالو‘ سنڌ جو تمام گھڻو مقبول لوڪ گيت آهي. هن لوڪ گيت ۽ ان جي پسمنظر بابت روايتي طرح مختلف ڪٿائون، حڪايتون ۽ قصا ملن ٿا، پر بنيادي طرح هي سورهيائي، ڪاميابي، سوڀ ۽ سرفرازيءَ جو گيت آهي. خوشين، خوبصورتين، سرهائين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي احساسن سان سرشار هي لوڪ گيت، عام طرح سنڌ ۽ خاص طرح دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايترو مشهور ۽ مقبول ٿي چڪو آهي، جو هر سماع ۽ جشن جي محفل جو اختتام هن لوڪ گيت جي ڳائڻ سان ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ رنگ، نسل، قوميت، ٻولي، رُتبي ۽ ٻي هر طبقاتي فرق جي تميز بنا، هن گيت جي ڌُن ۽ ڌَمال ۾ شامل ٿي، هر ماڻهو بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ جهومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو. هن گيت جو لفظي سٽاءُ ۽ ترنم اهڙي نوع جو آهي، جنهن ۾ سرهائي ۽ هيج جا احساس ڇولين جيان ڇُلندي ۽ رقص ڪندي محسوس ٿين ٿا. حقيقت ۾ هي لوڪ گيت انسان جي مشترڪا سرهائين، سندرتائين ۽ سوڀن کي اجتماعي طور ملي ملهائڻ جو گيت آهي.
روايتي ’هو جمالي‘ جي ٻولن، لفظي سٽاءَ ۽ احساساتي اُڇل جو پنهنجو رنگ آهي، جنهن ۾ توڙي جو خيال ۽ فڪر جي ڪا خاص گهرائي ۽ معنويت ڪو نه ٿي ملي، پر ان جي باوجود ان جي آهنگ ۽ ادا ۾ رقص جي ڪيفيت آهي، جيڪا ئي ان لوڪ گيت جي خاص خوبي ۽ خوبصورتي آهي، پر جديد دور ۾ جن شاعرن هي لوڪ گيت لکيو آهي، جن ۾ نياز همايوني، استاد بخاري، علي گل سانگي، شيخ اياز وغيره جا نالا شامل آهن، انهن هن لوڪ گيت ۾ گهڻو ڪري لوڪ آهنگ، ادا ۽ ترنم کي ته ساڳيءَ ريت قائم رکيو آهي، پر ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن، خيال جي اُڇل ۽ تخيل جي تازگيءَ کي پڻ اوليت ۽ اهميت ڏني آهي. خاص ڪري شيخ اياز هن لوڪ گيت ۾ نئين علامتن، استعارن ۽ ترڪيبن کي استعمال ڪري، ان ۾ نه رڳو نئون فڪري ۽ احساساتي رنگ ۽ روح بيدار ڪيو آهي، پر ان ۾ اندروني قافين، تجنيس حرفي ۽ صوتي سٽاءَ سان ترنم جو اهڙ رچاءُ ۽ نئون سيبائتوانداز تخليق ڪيو آهي، جيڪو من ۾ جلترنگ پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ ٻول ٻول سان دل خودبخود جهومڻ ۽ رقص ڪرڻ لڳي ٿي. هيٺين لوڪ گيت جا ٻول هينئين سان هنڊايو ۽ ان جي تازي ترنم مان اوهان به حِظ ماڻي، ان جي تخليقي علامتن ۽ معنوي حُسناڪين مان حرارت حاصل ڪريو.   
نئين موج ٿي مهراڻ ۾،
   هو جمالو!
جنهن ۾ ليٽ ٻُڏا ٻيٽ ٿي،
هو جمالو!
جنهن جي ڦاٽ ڀڳا گهاٽ ٿي،
هو جمالو!
جنهن ۾ ٻيڙيون سائينءَ سيڙهيون ٿي،
هو جمالو!
جن جا پڳهه جڳهه جڳهه ٿي،
هو جمالو!
جن جا مانجهي ٿي منجهدار ۾،
هو جمالو!
اهي تري ويندا تار ۾،
هو جمالو!
       (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص33)
شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ رسُ ڀري ٻولي ۽ اَروڪ ترنم جي استعمال کان علاوه عروضي وزن پڻ ورتايا آهن، جيئن پنهنجي لوڪ گيت ’لَمڪيان ڙي لو‘ کي ’مُفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجي، ان ۾ شعري نغمگي ۽ وڌيڪ رقص جي ڪيفيت ۽ رنگيني پيدا ڪئي اَٿائين.  ائين ئي سندس لوڪ گيت، ’همرچو‘ آهي، جنهن ۾ رقص ــ ڌن ۽ ٿري لوڪ ٻوليءَ جي سنگم سان اياز اهڙو رنگ رچايو آهي، جو هر ٻول سان من جھومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو ۽ ٿر جي سرسبز ۽ سَرهي تصوير اکين اڳيان اُڀري اچي ٿي.
اصل ۾ ’همرچو‘ ٿر جو  مقبول ۽ موهيندڙ لوڪ گيت آهي، جنهن ۾، نه رڳو ٿري پورهيتن جي لوڪ جيوت، ٻَڌي، اجتمائي سرهائين ۽ سندرتائن جو اُجرو عڪس نظر اچي ٿو، پر انهن جي داخلي دردن، تڪليفن، ڏور ويل ڏيهه واسين جي خيريت سان واپس وطن ورڻ جي اُلڪن ۽ محبوبن سان ملڻ جي آنڌ مانڌ جي احساسن سان گڏوگڏ مستقبل جي اوني ۽ جياپي جي جستجو جو اُتساهيندڙ روح ۽ رنگ به ملي ٿو. حقيقت ۾ هي لوڪ گيت ٿري پورهيتن جي پورهئي ۽ پيار جو  لازوال گيت آهي، جنهن ۾ هارين جي گڏجي هيج ۽ سرهائي سان ٻني ٻاري ۾ گُڏ ۽ لاباري ڪرڻ جا منظر چٽيل آهن، انهيءَ ڪري ’همرچو‘ کي ٿري کيت مزدورن جو ’ترانو‘ چئجي ته ان ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو.
’همرچو‘ لفظ جي معنى ’همراهه اچو‘ ٻُڌائي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ان لفظ جو اشتقاق ڪبو، ته ان جي معنى ٿيندي. (هم = اسان/ سڀ + رچو = جنبجي/ ملي وڃو) يعني اچو ته اسان سڀ ملي، ڪم ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ ان کي اُڪلايون. هن گيت مان هڪ طرف پورهيتن جي پاڻ ۾ ٻَڌي ۽ يڪجهتي نظر اچي ٿي، ته ٻي طرف هو پورهئي کي ڪهڙي نه پيار ۽ پنهنجائپ سان گڏيل سرگرميءَ طور اپنائي، ان کي جشن وانگر ملهائن ۽ ان مان محظوظ ٿين ٿا، ان جو  پڻ موهيندڙ احساس ملي ٿو.
گيت جا ٻول مترنم ۽ ان جو آهنگ ايترو سُريلو ۽ دلڪش آهي، جو بظاهر لفظن جي معنى ۽ مفهوم نه سمجهندڙ ماڻهو به جڏهن انهن کي سُڻي ٿو، تڏهن سندس سماعتون ان جي رسيلي ۽ روح کي لطف آڇيندڙ  سُرن جي سحر ۾ منڊجي وڃن ٿيون. ٿر جي سفر دوران شيخ اياز پهريون ڀيرو جڏهن اهو گيت ٻُڌو هو، تڏهن هو به انهن جي ٻولن جو مڪمل مفهوم نه سمجهڻ باوجود انهن جي سُرن جي سحر ۾ ٻُڏي ويو ۽ انهن مان خوب سرور ماڻيو هئائين. هو پنهنجي آتم ڪهاڻي، ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ان حوالي سان لکي ٿو، ”اسان ميرپور خاص کان مٺي ٿي آياسين، ته ڪوئي آواز ڪويل جي ڪوڪ وانگر آسمان کي چيري رهيو هو. اسان ڏٺو ته ڪجهه ڀيل ليڏاڻ (گُڏ) ڪڍي رهيا هئا ۽ همرچو به ڳائي رهيا هئا....ٿري همرچي جا لفظ دل مان چيرجي ٿا نڪرن، انهن کي تراش خراش نه آهي، قافيا نه آهن، بحر وزن نه آهي. جيئن ڌرتيءَ مان گل ازخود ڦُٽي پوندا آهن، اهي ٻول (ٿرين) جي دل مان ڦٽي پون ٿا. اسان جيپون روڪي انهن ڀيلن سان ڪچهري ڪئي. گيت انهن جي دل ۾ ائين ٿي آيا جيئن سانوڻ جا بادل آگم ڪري ٿي اُڀريا. هو ڳائي رهيا ها:
همرچو، روڪيو ميڙيو لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(گڏجي ڪم ڪرڻ جو هي ميڙ  الا)
ڏور رهيو اسان جو ڏيسيڙو لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(ڏور رهيو اسان جو ديسيئڙو)
ڏيسرو آ ڏيسيڙو لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(پرديس کان  ڪو ڏيهي ايندو)
آسي ڪڏهان اوهان اوٺيڙ لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(ايندو ڪڏهن اتان اوٺيڙو)
کاسي کبر لاسي کاهوڙي لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(اهو ڪا سُٺي خبر آڻيندو)
لاسي مانڀيڙان را سنيهڙا هو لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(سانگين جا ڪي سنيها ڏيندو)
آڌيءَ اُٿي اونان ڪَران ڙي لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(آڌيءَ جو اُٿي پرين کي ٿي پڪاريان)
هُون  اِٿ هيڪلڙي ٿي ڦِران لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(آءٌ هت اڪيلي ٿي هنجون هاريان)
آسي مان جو جانيئڙو لا ـــ الا همرچوڙي لا.
(شال منهنجو جاني ايندو) (19).
شيخ اياز پنهنجو لوڪ گيت ’همرچو‘ مٿين ٿري لوڪ گيت کان متاثر ٿي ۽ ان جي تضمين ۾ لکيو آهي، پر اياز جي ’همرچي‘ ۾  نه رڳو نئين احساساتي ۽ جمالياتي رنگيني هن جي پنهنجي ۽ تخليقي آهي، پر ان ۾ اظهاريل ڪيترائي اهڃاڻ، علامتون ۽ عڪس جديد دؤر جا آهن، جن کي هن پنهنجي ڪمال فني ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري، ’قدامت ۾ جدت ۽ جدت ۾ قدامت‘ جي سهڻي سنگم جو انوکو مثال پيش ڪيو آهي.
سُر ۽ سنگيت جي اعتبار کان هي لوڪ گيت، دنيا جي انهن اوائلي ۽ انوکي گيتن مان هڪ آهي، جيڪي هر دؤر ۾ ماڻهن جي موهه ۽ مزاج سان هم آهنگ رهيا ۽ انهن جي دلين کي انهن ڌڙڪايو آهي. هن لوڪ گيت جي وڏي فني خوبي ۽ خوبصورتي اها آهي، ته هي هڪ سُر بدران چئن سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي. هن گيت ۾ٽن سُرن شڙج (مڌم)، ڪومل ۽ ڌيوت (تيور) سان هڪ ٻي سُر پنچم کي ملائي، موسيقيءَ جو موهيندڙ مانڊاڻ پيدا ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هن گيت جي ردم  جي رنگيني ۽ سُرن جو سوز هر ماڻهوءَ جي روح کي موهي، ان کي ’مي رقصم‘ بڻائي ڇڏيندو آهي.
شيخ اياز پنهنجي هن لوڪ گيت ۾ جهڙالي موسمن، گهنگهور گھٽائن، رم جهم راتڙين، پرهه ڦٽي پرڀاتين، ڀني برساتين، ڪارونجهر جي ڪور ۽ مور جي ٽهوڪن جا حسين منظر به چٽيا آهن، ته مخصوص ٿري لفظ ’گاجڙلو، ٽوڀڙ، ڏوٿي، ڏيکي، تَل ترايون، برساري‘ وغيره به استعمال ڪيا آهن، جيڪي تُز  ۽ اظهار جي سٽاءَ ۾  اهڙا ته سونهندڙ ۽ سيبائتا محسوس ٿين ٿا، جو ان لاءِ اياز کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. اياز جو ڪمال اهو آهي، ته هن جنهن به لفظ کي ڇُهيو آهي، اهو غير مانوس هجڻ باوجود هن جي اظهار جو حصو بڻجي، مانوس ۽ موهيندڙ ٿي پيو آهي. هو لفظن ۾ اهڙي نموني سان ڪيفيتن ۽ احساسن جو روح اوتي ٿو، جهڙي نموني سان سنگتراش اڻ گهڙيل پٿرن ۾ حسين مورتين جا نقش بيدار ڪري انهن کي زنده ۽ جاويد ڪندو آهي. ان کان علاوه اياز هن لوڪ گيت ۾ انتظار جي ڪيفيتن ۽ پنهنجن پرين پيارن سان ملڻ جي جيڪا آنڌ مانڌ ۽ آترويلا بيان ڪئي آهي، اها پڻ لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندڙ آهي. گيت جي ٻولن ۾ لوڪ رنگ ۽ روح به آهي، ته فطرت جون حُسناڪيون ۽ حقيقتون به آهن، جن کي پَسي ۽ پائي، من گيت جي ترنم سان گڏ ڌڙڪڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.
گَرجي گَرجي گاجَڙلو، لا....
                         هَمرچي جو ويلو ڙي!
هيل گھٽا گھنگھورُ اَلا لا!
سانوڻ زوران زورُ اَلا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
رم جھم رم جھم رات اَلا لا!
گھَنَن گھَنَن پِرڀات اَلا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
تَلَ تَرايُون تارِ ٿيو لا!
ٽوڀَڙ لا ٽِمٽارِ ٿيو لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
بَرساري ۾ مورَ اَلا لا!
ڪارونجهرَ جي ڪورَ اَلا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
ڏوٿي ڏيکي ڏينهن ٿِيا لا!
هيلَ ملڻ جا مِينهن پِيا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
هَمرچي جو ويلو ڙي لا!
ماروئڙن سان ميلو ڙي لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
 (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري، ص317)
ٿر گيتن جي سرزمين آهي. فطري حُسن ۽ گلن جي هُٻڪارن جو اهڙو حسين ديس آهي، جنهن جي ڌرتيءَ جي دلفريب نظارن، دلڪش ۽ موهيندڙ ڪارونجهر جي سونهن ۽ قدرتي حُسناڪين کي پَسي اياز چيو هو، ’ٿر خدا جي مصوري آهي.‘ ’بادليئو‘ پڻ ٿر جو هڪ روايتي لوڪ گيت آهي، جنهن جي ترنم ۾ موسلا ڌار بارش جهڙي نغمگي ۽ ٻولن ۾ مينهن جي اُجري پاڻيءَ جهڙي شفافيت آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ جا ويس ڪندا آهن. کنوڻيون کيج مان چمڪنديون، چيٽ ۾ واهوندا ورندا ۽ چوماسي جون هوائون هيج مان گهُلنديون آهن، تڏهن ٿري نينگريون ۽ نووَرنيون سرتيون پاڻ ۾ گڏجي، بارش جي آمد تي سرهائي ۽ خوشيءَ مان هي گيت چونديون ۽ مينهوڳيءَ جو جشن ملهائينديون آهن.
شيخ اياز روايتي ’بادليئو‘ بدران ان گيت کي ’بادل ڙي‘ جي نالي سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي. ’بادليئو‘ لفظ کي پنهنجي هڪ جدا جاذبيت آهي، پر ’بادل‘ سان ’ڙي‘ جي تصغير ملائي، اياز ’بادلڙي‘ لفظ ۾ جيڪا ملائميت ۽ معصوميت پيدا ڪئي آهي، اها وڌيڪ موهيندڙ آهي، ڇو ته ان ۾ بارش جي احساس وانگر تاثر جي تازگي ۽ چِٽائيءَ جو عڪس وڌيڪ اُجرو ۽ آسيس آڇيندڙ محسوس ٿئي ٿو. اياز جي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾ ڪيفيت ۽ لئي ته ساڳي ’بادليئو‘ واري آهي، پر ان جي اظهار ۽ احساس ۾ پنهنجي هڪ نرالي فني نُدرت، الڳ ڪردارنگاري ۽ فڪري انفراديت ملي ٿي. آغا سليم جي اياز جي لوڪ گيتن  تي ڏنل اها راءِ گھڻي حد تائين درست آهي، ته ”اياز روايتي لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجا جديد لوڪ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرزِ احساس (Sensibility) جو اظهار ڪيو آهي“(20).
شيخ اياز پنهنجي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾ ماحول، محاڪات ۽ ترنم ته ٿري لوڪ گيت جو اوتيو ۽ اَپنايو آهي، پر ان ۾ هُن جي فڪر جو وسڪارو ۽ هن جي تخيلي حُسناڪي پنهنجي آهي، جنهن جو ون ۽ واس موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. لوگ گيت ۾ هڪ طرف سُرمئي بادلن، گجندڙ گهنگهور گهٽائن، سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتين جي کيج ۽ خوشين جا منظر آهن، ته ٻي طرف پرينءَ کان ڏور جدائي جا ڏنگ ڀوڳيندڙ ۽ ڏهاڳ جا ڏينهن گهاريندڙ هڪ وَني سسئي آهي، جنهن جا نيڻ بادلن سان گڏ برسن ٿا. بادل ته ڪجهه ساعتون برسي بند ٿي وڃن ٿا، پر هن جا پنهنجي پرين پنهونءَ جي ياد ۾ برسندڙ نيڻ بس نه ٿا ڪن. پورو لوڪ گيت، ڪرب ۽ قرار جي گڏيل ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي. اياز جي لوڪ گيتن جي اهم ۽ خاص خوبي اها آهي، ته انهن جو موضوع روماني هجي يا درديلو، هو هڪ خاص رنگ ۽ پيرايي ۾ لفظن کي اظهاري انهن ۾ مختلف ڪيفيتن جا عڪس ۽ نقش اُڀاري ٿو. هن لوڪ گيت ۾ پڻ اياز ان ’ٽيڪنڪ‘ کي اَپنايو آهي.       
بادل ڙي، بادل ڙي! منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
گَجي گَجي گهنگهور گھٽائون آگم ۾ اُڀرن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
رُت آئي، رُت ويئي، جهوليءَ ۾ ٿا ڏينهن جهُلن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
مون ڳهَليءَ جئن ڳولي ٿي، ڪجهه پن پن منجهه پون،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
ڀيڄ ڀنيءَ ڀنڀور مٿان اڄ بونديون ٿيون برسن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
ڪهڙي پار پنهونءَ کي چايو آڌيءَ رات اُٺن!
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
هاءِ ولهيءَ کي ڪيئن وساريو سڃ ۾ سانگيئڙن!
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
                              (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص30)
اياز جي شاعريءَ ۾ سهري ۽ ڳيچ جون صورتون به ملن ٿيون. سندس شعري مجموعي ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۾ هڪ وائي ڏنل آهي، جيڪا لهجي توڙي اظهار ۽ احساس ۾ هر لحاظ کان وائي بدران سڀني وسبين لاڏي جو رنگ ۽ روپ پيش ڪري ٿي، پر خبر ناهي ڪهڙي خيال کان ان کي وائيءَ جي صنف طور ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آءٌ ان کي ٻولن، خيال ۽ لهجي جي بنياد تي سهرو ۽ لاڏو سمجهان ٿو. اوهان خود ان کي پڙهي ۽ پُرجهي ڏسو.
ٿالهه کڻي روپڙو ميندي پُسايو،
دودل گهر آيو.

نڀ جيان نيرڙو تنبو لڳايو،
       دودل گهر آيو.

ڀورڙيون نينگريون ٻانهون وڌايو،
دودل گهر آيو.

ڏونڪلڙا ڀير تي وَر وَر وڄايو،
دودل گهر آيو.

دودلَ جو ديس لئه لايو سجايو،
دودل گهر آيو.
                                    (ص139)
اهڙيءَ ريت سندس ڪتاب، وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ شامل ڪيل ٻه وائيون، ’لوري ڪيئن لڳي، او آيل! آيل! لوري ڪيئن لڳي‘ (ص83). ۽ ’گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀٽياڻي!‘ (ص179). پنهنجي احساس، اظهار ۽ ڌنڪ ۾ ’وائي‘ کان وڌيڪ ’لوڪ گيت‘ جو ساءُ ۽ سواد ڏين ٿيون.
نتيجو:
شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن جا لوڪ گيت موضوعن جي انفراديت، لفظن جي نرمل انتخاب، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي نُدرت، احساس جي بي ساخته اُڇل، فني تجربن ۽ غَنائيت جي لحاظ کان بنهه ئي نرالا ۽ موهيندڙ آهن. هُن جي مٿين لوڪ گيتن مان ڪنهن ۾ اوٺين جي مسافريءَ جي مشڪلن، ڏکن ۽ ڏولاون جي تصويرڪشي آهي، ته ڪنهن ۾ ڏُٿ چونڊيندڙ سرتين ۽ سهيلين جا پورهئي ۾ سرهائي محسوس ڪرڻ جا احساس ۽ رقص جون ڪيفيتون آهن، ته ڪنهن ۾ برساتي موسم، پرينءَ جي يادن ۽ سانوڻ ٽيج جي رسمن، رنگينين، راحتن ۽ موهيندڙ ماحول جو ذڪر آهي، ته ڪنهن ۾ پيار ڪندڙ دلين جي اُڌمن، اوجاڳن، انتظارن ۽ اوسيئڙن جا جيئرا جاڳندڙ، متحرڪ ۽ مضطرب عڪس آهن. هر گيت ۾ ڪيئي ڪيفيتون آهن، ڪرب، قرار، سانت، سرمستي، وصل ۽ وڇوڙيءَ جون ڪيفيتون، ان سان گڏوگڏ هر گيت ۾ پنهنجي مڌرتا ۽ موسيقيت آهي، جيڪا پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ تي پنهنجي ڪيف جا قرار ۽ پنهنجي بي قراريءَ جون ڪيفيتون طاري ڪري ٿي.
شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي بنيادي خوبي انهن جو لوڪ آهنگ، احساس ۽ نئين نويلي وينگس جي ڇير جي ڇم ڇم جھڙو ترنم آهي. هن جا لوڪ گيت پنهنجن لوڪ روايتن سان سلهاڙيل هجڻ باوجود انفرادي جوهر، خيال جي جدت، احساس جي نرملتا، جذباتي جولان، صوتي سندرتا، فڪري سلوڻائي، هئيتي تجربن، اظهار جي اَلبيلائي ۽ لفظي رچاءَ جي اَڇوتائي جي لحاظ کان پڻ موهيندڙ آهن ۽ انهن ۾ ترنم، ٻوليءَ جي رس ۽ آزاد اظهار جي جمال جا عنصر اياز جي ٻين شعري صنفن جي نسبت وڌيڪ ۽ نرالي انداز ۾ ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو لوڪ گيت اياز جي محبوب ۽ مرغوب صنف رهي آهي ۽ هن پنهنجن شعري صنفن مان سڀ کان وڌيڪ گيتن ۽ لوڪ گيتن ۾، پنهنجي اندر جي ڪيفيتن جا جولان آسانيءَ سان اوريا ۽ پنهنجن جذبن جون جمالياتي ۽ تخليقي حُسناڪيون ڀرپوريت سان اظهاريون آهن. 

حوالا

1.                  آغا، سليم، ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر“، (مضمون ترجمو) ”يورپ ۾ لوڪ گيتن جي روايت“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2011ع، ص108، .109
2.                  پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 14.
3.                  شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1097، 1099.     
4.                  شيخ اياز، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص146، 147.
5.                  شيخ اياز، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشس، حيدرآباد، 1996ع، ص115.
6.                  شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1091، 1092.
7.                  امراڻي، ڀارو، ”گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا“، نينهن پبليڪيشن، مٺي، ٿرپارڪر، 2004ع، ص7.
8.                  پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 16.
9.                  ڄامڙو، ڪمال، ڊاڪٽر، ”سنڌوءَ جا گيت“،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2008ع، ص64.
10.              پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 15.
11.              جويو، تاج، ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2000ع، ص81.
12.              آغا سليم، صدين جي صدا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.
13.              ڄامڙو، ڪمال، ڊاڪٽر، ”سنڌو جا گيت“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2008ع، ص277.
14.              سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص36، 37
15.              حوالو ساڳيو، ص31.
16.              جويو، تاج، ”سنڌي گيت“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1980ع، ص53.
17.              شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص204.
18.              شيخ، اياز، ”نثر ــ 2“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص695.
19.              شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص94، 95.
20.              آغا، سليم، ”صدين جي صدا “، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.

No comments:

Post a Comment