20/09/2014

پيرل قنبر لافاني شاعر - احمد علي ”صابر“ چانڊيو (Ahmed Ali Sabir Chandio)


پيرل قنبر لافاني شاعر
احمد علي ”صابر“ چانڊيو

دکيءَ دل جو نه منزل تي گهڙي  پل ڪاروان پهتو،
چمن ۾ مس بهار آئي ته پيغامِ خزان پهتو.

                هن ڌرتيءَ ڪيترائي خليل جبران، غالب، سقراط، بقراط گوئٽي، شيڪسپيئر، شيلي، شيرازي، ملٽن ۽ اقبال ڏنا آهن، پر اسان جي سنڌڙي اتي لطيف، سچل، سامي، استاد، اياز، تارڪ، بيدل، بيڪس، دادن، بيوس، شيرل ۽ پيرل جهڙا ڏاتيار شاعر پڻ عطا ڪيا آهن. سرتاج الشعراء حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڳالهه نرالي آ، سندن جي ڀونءِ تي جيڪي به شاعر، شاعريءَ جي ڏات کڻي آيا تن ۾ هر هڪ جي پنهنجي خوشبوءِ آهي. احمد ملاح جي پنهنجي، استاد بخاريءَ جي پنهنجي، بيوس جي پنهنجي ته اياز جي پنهنجي، پيرل قنبر جي ڏات ۾ جيڪي رمزون اسان کي ملن ٿيون تن جي بيان ڪرڻ جي سگهه شايد ڪنهن وٽ هجي.
الفت جو دَمُ اي پيرل انسان کان پڇيم،
 مقداد کان بلال کان سليمان کان پڇيم،
اويس کان دين، مذهب کان، ايمان کان پڇيم،
 ڪعبي کان طور کان قرآن کان پڇيم،
سڀ ڪنهن چيو آ افضل محبت رسول جي،
 آدم جي حد کان زور آ عزت رسول جي.
                ڪي شاعر متڪلمين ماضي، ڪي شاعر پيغمبرانِ مستقل ته وري ڪي شاعر محدثين عهد ٿين، پيرل قنبر کي سڀ خوبيون عطا ٿيل هيون.
چمڪي فلڪ تي ماهه پيو صدقي رسول جي،
 توکي اسان کي ساهه پيو صدقي رسول جي،

بنجي گدا به شاهه پيو صدقي رسول جي،
 سنسار به واهه واهه ٿيو صدقي رسول جي،
ڪيڏي نه اسان تي آ عنايت رسول جي،
 الله ئي ڄاڻي ٿو عظمت رسول جي.

                پيرل قنبر جي موضوع شاعريءَ ۾ فڪر ڪائنات ۽ شاهه رسولان حضرت محمد ، علي مشڪل ڪشا، حسنين جي عظمت ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا ذڪر موجود آهن نه صرف ايترو بلڪه پيرل قنبر هر موضوع تي لکيو آهي. استاد پيرل جي شاعريءَ ۾ سگهڙ پڻ ۽ تصوف پڻ شامل آهي. مزاح جو ڏانءُ به ڪو وٽائنس سکي، هر هڪ شاعر جي شاعري ۾ ڦير ڦار ممڪن ٿي سگهي ٿي. سواءِ لطيف ۽ سچل جي يا اهڙن محدثين عهد جي تهڙيءَ طرح پيرل قنبر جي شاعري جيڪا ڇند وديا تي پوري علمِ عروض تي رکيل آهي، تنهن ۾ ڪا به ڦير ڦار ممڪن ڪانه ٿي ٿئي. پيرل قنبر اهو سُخن ور شاعر هيو جنهن جي شاعري جا موضوع بي انداز آهن.
تون ”صابر“ آن يا سرڪش يا آهين ”فراز“،
منزل عشق ڇا ڄاڻين پير اڳتي نه ڪر.
                پيرل قنبر متڪلمين ماضي به هو جيڪو حقيقت ڪائنات جا تاثر ڏيندڙ هئا. شاعري کي ڀل ته آخري علوم جو درجو ملي پر ڪنهن به شاعر کي خاتم الشاعر ڪين ٿو ڪوٺي سگهجي، پر پيرل قنبر جي ڏات ڪٿي به ٻيهر پيدا ٿئي شايد ممڪن ڪانهي. پر فڪري حوالي سان شاهڪار هئا. 1953ع ۾ کين انساني عظمت واري نوڪري يعني ماستري ملي. سندن شاعريءَ جو ڇيد ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هن شاعريءَ کي جامع العلم جي بنياد تي رکيو هئو.
آ پهتو مُحمد مير اتي جتي ذهن بشر بيوس ٿي پيو،
براقي سفر بيوس ٿي پيو جبريل جو پر بيوس ٿي پيو،
ٻيو مرسل جيان معراج ڪري موليٰ جو ٿيو مهمان نه آ،
جو پاڪ نبي جو شان ٿيو تنهن شان جو مٽ ڪو شان نه آ.
                پيرل قنبر غربت جي جهوليءَ مان جنم وٺي، ادبي کيتر ۾ عروج ماڻيو. کيس ڪا به پرواهه ڪا نه هئي ته ڪا سندس شاعري عوام الناس جي ريل پيل ۾ رهي هن ڪڏهن به شاعريءَ کي ذريع معاش ڪين بنايو.
پيرل قنبر قلندر صفت انسان هئو. ڪڏهن ڪڏهن راز و نياز جي ماٿري تي ٻيجل بنجي ووڙيندو هو ته ڪڏهن جرئت حسين ۾ قصيدا رقم ڪندو هئو، ته وري ڪڏهن سُر ۽ ساز جي ماٿري تي مڱڻي راءِ ڏياچ بنجي سر گهوريندو هئو. پيرل قنبر انوکو ڏاتيار هو. سنڌي فلمن جهڙو ڌرتي، سورٺ وغيره ڪيترن ئي فلمن، ناٽڪن ۾ گيت ڏنا. پيرل انگلش، سرائڪي ۽ سنڌي سان گڏ اردو شاعري به ڪئي.
                ڌرتيءَ جي شاعرن ۾ پيرل قنبر جو ڇيد ڪبو ته اهڙو ڪو شاعر مشڪل سان ملندو جنهن کي پاڪستان جي صدر کان ته مڃتا ايوارڊ ۽ انعام مليا پر شاهه آف اردن، شاهه آف ايران، قئين آف برطانيه ملڪه ايلزبيٿ کان سَنَدون سونا بلا ۽ انعام اڪرام مليا هجن. پيرل قنبر کي ڪنهن به سَنَد جي ڪا به پرواهه ڪانه هئي. ڪٿي به پيرل قنبر کي مليل انعامن جي ڳالهه ڪندي ڪين ٻڌم. هو القابن ۽ انعامن کان اوچو هئو. جيڪي ڪجهه ملندو هئس ته خيرات ڪندو هئو، اگر نه ملندو هئس ته شڪر ڪندڙ هئو. هڪ اهڙو شفيق استاد جيڪو رٽائرمينٽ بعد به باقائده ٻار پڙهائيندو ۽ انعام ۽ ٽافيون ڏيندو هو.
                پيرل قنبرکي اولاد ته ڪانه هئي هن دنيا کي ترڪ ڪيو هئو پر اولاد جو خزانو قادرِ مطلق کيس بي انتها عطا ڪيو هئو. هر هڪ مٽيءَ ۾ وڃايل ٻار سندس پيار جو محور ۽ مرڪز هئو. اها منهنجي خوش بختي چئبي ته استاد پيرل قنبر جي صحبت استاد جي صورت ۾ اسان کي عطا ٿي. استاد داد ڏيڻ ۾ تڪڙو، اصلاح ته اکيون پوري ڪري وٺندو هو. پيرل قنبر شهدادڪوٽ ۽ قنبر سان ازخد پيار ڪندڙ هو. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ 31 ڪلوميٽر جو فاصلو ختم ڄاتو ويندو هو. ٻنهي شهرن جا اديب ۽ شاعر هڪٻئي کي هڪ ئي شهر يعني قنبر شهر جا رهواسي ڄاڻندا هئا. اڄ جو ضلعو قنبر شهدادڪوٽ شايد پيرل قنبر جي روحاني رمز کي خوش ڪرڻ لاءِ جڙيو هجي.
                پيرل قنبر تي وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هو جون ۽ جولاءِ ۾ ڪپڙن جي قيد کان آزاد قبرستان جي ڪلر تي ٽاڪ منجهند جو آرامي ٿيندو هو. پيرل قنبر سرمستيءَ جي عالم ۾ به سرڪشي ڪين ڪندو هو. سرڪشيءَ کان کيس ازخد نفرت هئي.
                استاد پيرل شاعريءَ کي ڪثيرالعلم به ڪوٺيندو هو ۽ چوندو هو ته اگر شاعريءَ جو وجود نه هجي ها ته پيرل قنبر جهڙا سڀ مري وڃن ها. پيرل قنبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي عاشَقن منجهان هو. بد ذوقي، عرياني ۽ چرٻ زبانيءَ کان ڪَوَ کائيندو هو. هو موضوعاتي صنف جو خاص خيال رکندو هو. جي هندو ڏڻن تي پرارٿنائون ۽ شبد لکندو هو ته ائين لڳندو هو ته هو ئي هو سناتن ڌرم جو داعي، پر جي عيسائين لاءِ لکندو هو ته سڀ کيس مسيحي فرقي مان ڄاڻيندا هئس. جي اسلام تي لکندو هو ته کيس اهلِ علم وارا کيس عالم ڄاڻيندا هئا.
دم بد محتاج آ تو در زمانو يا خدا،
 لُٽڻو نه آ کٽڻو نه آ تنهنجو خزانو يا خدا،
جي بقا آهي به ظاهر آهي تنهنجي ذات کي،
 باقي بشر بر يا بحر آهي بهانو يا خدا.
                اڄ به پيرل قنبر جا گيت سنڌي فلم ”هاري“ ”پرديسي“ ”سورٺ“ ”پرائي زمين“ ۽ ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ ۾ جڏهن ريڊيو تي هلندا آهن ته پيرل قنبر جو احساس اڀاريندا آهن. جڏهن مسعود رانا، پيرل قنبر جو گيت ”پاڻ ڏسي وٺ پنهنجو تماشو، اڄ ته ٿي انسان“ فضا ۾ گونجندو آهي ته ٻڌڻ وارا ڪم ڪار کان بي نياز، هڪ ڪنا ٿي پيرل جي لفظن کي روح ۾ سمائيندا آهن. پيرل وٽ خيالن جو ڏاڍو ڏانءُ هو.
ٿا اسان تڪڙو اچئون توکي ڏسي بُکَ جا بکيا،
هاءِ عزرائيل تو وٽ مانيءَ کن ته هوندو ضرور.
پيرل قنبر محفل جو ڪوڏيو هو اکيون پوري لکندو هو.
ڇني سگهيا ته اي پيرل پهاڙن جا سينا پر،
ننڍي جي نينهن جا ناتا ڇنڻ ڏاڍا ڏکيا آهن،
ڏسي آليون اکيون منهنجون ڀلي بادل به برسي پئه،
الاهي عشق جا ڳوڙها اگهڻ ڏاڍا ڏکيا آهن.
                پيرل قنبر عشق به ڪيو ۽ عشق جو معراج به ماڻيو. نه ته عشق کي رسوا ڪيو نه ئي لب ڪشائي ڪئي.
ڇڏيو تو راهه ۾ مونکي اگر ته ڇا ٿي پيو،
هوا به تخت سليمان جو ڇڏي ٿي وڃي،
ڪيو نه تو قدر ڪو ڊگهي اڏار ڪري،
چري آ منهنجي ڪشش جو تنهنجي تڏي ٿي وڃي.


                هن جي عشق جو سلسلو به عجيب انداز سان شروع ٿيو هوندو. هو عشق جي آويءَ ۾ به پچندو هو ته موت جي ماٿر تي گيت به لکندو هو هن کي ڪنهن کان شڪوه ڪانه هئي پر پنهنجي ڏات کان خائف ضرور هو. چوندو هو ته دنيا ڏاڍي ظالم آ. مون کي سمجهي ڇو نٿي. استاد پيرل خاموش محبت جي سوم رس ۽ ڪڙا ڪڪوهه ڏوڪي ڇڏيا هئا.
زندان ۾ هئي چرپر خاموش دهن هو،
هتي ننڊ اکين ۾ هتي دارو رسن هو،
هتي سِرَ تي خاڪ ۽ بت تي ڪفن هو،
هتي محل ۾ موج ۽ هتي مٽيءَ ۾ بدن هو.
                سائين پيرل قنبر چوندو هو ته مان شاعري جي شروعات عشق مزاج سان ڪئي ۽ زندگي مان سان مذاق ڪري ڇڏي.
هيئن نه پنهنجي پنبڻين کي پرين ناچ ڪراءِ،
راجا اندر جي ٿي درٻار ياد پئي،
جلوءِ حُسن جو ترورو منهنجي مٿان نه ڪير،
بر ۾ ٿي مون کي مصر جي بازار ياد پئي.
                سائين پيرل قنبر وٽ ڪچهريون لڳل هونديون هيون. اسان  جهڙا ڪيترائي شاگرد سندس صحن تي حاضري ڀريندا هئا. شهر جا سڀ ڳائڻا تربيت وٺڻ ايندا هئا. اسان به استاد کان پنهنجي ناٽڪن لاءِ گيت لکرائيندا هئاسين. استاد مٿان ڪنهن به اڇا ٻاجهه ڪانه ڪئي. نه استاد ڪو خواهشن جو ڀنڊار هو نه ئي اتلش ۽ ڪيمخاب جا ڪپڙا اوڍيندو هو، بس استاد پيرل قنبر کي چانهه ۽ پن جي ٻيڙي ملي ته غنيمت ڄاڻيندو هو. بکيءَ پيٽ ڏينهن گذاري ڇڏيندو هو.
احسان فراموش تي احسان  ڇا رکان،
 ڪنهن کي منڍي کان جهلي مهمان ڇا رکان،
حاتم هجي ته اڳيان جهول به جهليا،
 چنگيز اڳيان چاڪِ گريبان ڇا رکان.
                استاد پيرل قنبر چيڙاڪ به حد درجي جو هو جي بگڙي ويو ته الله ئي کيس مڃائي پر سڀ صرف چند گهڙين لاءِ، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌرتيءَ جو سورهيه ڄاڻيندو هو.
”مرندي به ذوالفقار اشڪبار ڪين هو،
 معافي جو غير آڏو طلبگار ڪين هو“
                پيرل قنبر نانءُ هو پريت ۽ پاٻوهه جو انس ۽ انسانيت جو مشفق پيءُ وانگر رهندو هو. شفيق استاد جي روپ ۾ زنده هو. سندس شاعري:
غير سان ڪر آبِ ڪوثر جو بيان،
مون سان پنهنجي پگهر جي ڳالهه ڪر،
مان ته پختو پڃرو هان پيرل قنبر،
پکيئڙا تون پنهنجي پر جي ڳالهه ڪر.
                استاد پيرل قنبر جي نوڪري استاد جي حيثيت سان 1953ع کان ٿي ۽ شاعريءَ جي ابتدا 1956ع کان ٿي. 1960ع ۾ صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان طرفان کيس ”زياده اَنُ اُپايو“ موضوع تي گيت لکڻ ڪري بهترين شاعر جو مڃتا ايوارڊ مليو. گورنر مغربي پاڪستان جنرل محمد موسيٰ خان پاران کين خيرپور ڊويزن جو بهترين شاعر جو انعام پڻ مليو. ذوالفقار علي ڀٽو طرفان کيس مڃتا ايوارڊ پڻ مليو. نه صرف ايترو بلڪه برطانوي شهزادي چارلس هڪ خاص تقريب جي مناسبت سان انگلش گيت تي کيس تعريفي سند موڪلي. ايران جي رضا شاهه پهلوي تاج پوشي جي تقريب ۾ عافيتي عاقبتي شعر لکڻ تي کيس گولڊ ميڊل ڏنو. پيرل قنبر شاهه آف اردن کي تاج پوشيءَ ڏڻ تي گيت موڪلڻ تي سند موڪلي ڏني. ان مان پروڙ پئي ته پيرل قنبر دنيا جي مڙني مامرن تي نظر رکندڙ هو. هن جا سمورا تمغا، سندون، سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل سندس ڀاءُ مولا بخش سومرو ۽ ڪامريڊ ولي محمد جي چواڻي مطابق ڪنهن چالاڪ انسان غائب ڪري ڇڏيا، جن جي پيرل قنبرکي ٽڪي برابر به پرواهه ڪانه هئي.
 استاد پيرل قنبر جا ڪتاب چوپڙين جي صورت ۾ سلامِ محبت، جذبه محبت، باغ فردوس ۽ ڪيتريون ئي چوپڙيون شهدادڪوٽ ۽ گنجي جي مانڊ وٽ سومر مگسي کپائيندو هو ۽ استاد جو مجموعو سندس مرڻ بعد ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار ”اگهاڙا پير ٽانڊن تي“ ڏنو.
مرڪي ٿي ڪنهن جي قسمت ڪنهن جي قضا ٿي روئي،
ڪنهن جي گلا ٿي مرڪي ڪنهن جي ثنا ٿي روئي.
                پيرل قنبر ڪيتري شاعري ڪئي ان جي ڪابه خبر ڪانهي پر ايتري پروڙ اٿم ته هن اسان کي هندي ناٽڪ اٻاڻڪيون اکيون لکڻ تي شبد ۽ پرارٿنائون ڏنيون هندي، سنڌي، انگريزي ۽ سرائڪي ۾ به سندن شعر ملي ٿو. سنڌي ادبي سنگت کي اڃا پڪو الحاق ڪين مليو هئو ان کان اڳ۾ سائين محمد اسلم شيخ جج ۽ ڪامريڊ جي ڪارڻ استاد پيرل قنبر کي سنڌي ادبي سنگت جو چانديءَ جو تاج ڏنو ويو هو.
                استاد پيرل قنبر کي جن فنڪارن ڳايو، انڊيا کان سواءِ پاڪستان ۾ مسعود رانا محرم علي خان، استاد موج علي خان استاد اشرف علي خان، استاد رسول بخش ڀٽ، استاد مور فقير، استاد مکڻو فقير، مائي الله وسائي، جلال چانڊيو ۽ اڄ ڪلهه جي نوجوانن ڳائي داد حاصل ڪيو.
                استاد پيرل قنبر جو ڪلام جتي به گونجندو ته طرز ۽ لفظ واڳائي ضرور ٻڌائيندا ته پيرل جو شعر آهي.

                سگهڙپڻ جو ته استاد بادشاهه هو. اهي نصيحت ڀريا نڪتا جو شعور هٿ ٻڌي استاد جي ڏات جي بلندين تي مرحبائي ڪندو هو. استاد پيرل  قنبر لفظن سان کيڏ کيڏندو هو.

No comments:

Post a Comment