12/09/2014

چنڊ روئي ڏنو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

عورتن بابت شاعريءَ جو ڪتاب
چنڊ روئي ڏنو
رکيل مورائي
مان سمجهان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به شاعر جو هيءُ پهريون شاعراڻو ڪتاب آهي، جيڪو سمورو عورتن بابت آهي ۽ جنهن ۾ عورتن جا ڏک سور انهن کي ايندڙ تڪليفون ۽ انهن جي سماج ۾ لڳاتار هيٺ ڌڪجندڙ ڪردار بابت نظم، گيت، غزل ۽ وايون آهن. هيءُ ڪتاب اسان جي قومي ڪارڪن ۽ شاعر گوهر سنڌيءَ جي شعرن جو مجموعو آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي ”چنڊ روئي ڏنو“.
گوهر سنڌي سنڌ جو اهڙو  شاعر آهي جيڪو نه رڳو علمي ۽ ادبي طور سنڌ لاءِ وڙهي رهيو آهي پر عملي طور به هو ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي. هيءُ ڪتاب سندس سنڌي عورت ۽ دنيا جي مظلوم عورتن ڏانهن سندس رويو ظاهر ڪري ٿو. ساڳي وقت انساني قدرن جي ٽٽڻ تي هڪ دانهن به آهي، جيڪا شايد دنيا جي مظلوم عورت وڌيڪ ڌيان سان ٻڌي سگهي ٿي ۽ انهن عورتن ۾ سنڌي عورت به شامل آهي.

گوهر سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌ جي مڙني عورتن کي پڙهڻ گهرجي. پڪي جلد سان هن 121 صفحن جي ڪتاب جو ملهه 150رپيا آهي. ڪتاب سونهن پبلڪيشن خيرپورپاران ڇپايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment