14/09/2014

امر جليل بابت ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سنڌ جي سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل بابت ڪتاب
هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر
رکيل مورائي 
سائين امر جليل بابت ڪجهه به لکڻ هاڻ جيترو سهنجو آهي، اوتروئي ڏکيو پڻ، پر ڪجهه به نه لکجي تڏهن به هن بابت هيءُ ڪتاب، جنهن جو نالو آهي، ”هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر“ گهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هُن ڪتاب ۾ سندس ادب ۽ شخصيت بابت گهڻو ئي لکيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ جهڙو ۽ پروڙڻ جهڙو آهي.
دراصل هيءُ ڪتاب انهن ٽن جلدن تي ٻڌل ڪتاب جو ٻيو جلد آهي جيڪي امر جليل صاحب بابت اسان جي دوست ۽ نوجوان مختيار احمد ملاح بيحد گهڻي جاکوڙ ڪري سيهڙيا آهن. هن سلسلي جو پهريون جلد ساڳئي نالي سان ۱۹۵۵ع کان ۱۹۷۵ع تائين جي مواد سان سال پهرئين ڇپجي چڪو آهي. ۽ هي ٻيو جلد آهي جنهن ۾ امر جليل صاحب بابت ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين لکيل مواد آهي ۽ ايندڙ جلد ۾ اڄ تائين لکيل مواد اچڻو آهي. اهو سچ آهي ته هنن ڪتابن تي جيڪا محنت اسان جي دوست مختيار احمد ملاح ڪئي آهي اها ساراهڻ جوڳي آهي. ڪتاب ۾ چاليهه مضمون، تيرهن مختصر رايا، ۽ سندس پنجن ڪتابن تي تبصرا شامل آهن ۽ مٿين ٽنهي بابن کي الڳ ترتيب ڏني وئي آهي. امر جليل صاحب بابت هيءُ ڪتاب الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. هونئن به ڪنهن ليکڪ کي سمجهڻ لاءِ اول سندس تخليقون اهم آهن ۽ پوءِ انهن بابت لکيل اڀياس. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ آيل سمورا ليک، اڀياسن جو پوراءُ نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪن سندس لکڻين بابت ڪي عڪس قلمبند ڪيا آهن، ڪي شخصي ليک آهن، ڪي پيار جو اظهار آهن، ڪي عقيدت جو ۽ ڪي ننڍا ننڍا تاثراتي مضمون آهن، پر جيئن ته اهي سڀ سندس حوالي ۾ آهن، ان ڪري انهن مان سندس ادب ۽ شخص جا ڪي عڪس جهٽي سگهجن ٿا، جن ۾ پڻ گهڻي عقيدت شامل آهي ۽ علمي ڇنڊڇاڻ پڻ.

امر جليل صاحب سنڌي ادب کي مني صديءَ ۾ جيترو ڏنو آهي، اهو هنن ٽن جلدن جي تعريف کان گهڻو آهي، تنهن هوندي به ڪنهن ليکڪ ۽ اهو به ڪنهن سنڌي ليکڪ کي سندس جيئري ايڏو مانُ ڏنو وڃي ته سڄي قوم کي بيحد خوشي ٿيڻ کپي! ۽ امر جليل صاحب جي جيئري کيس اهڙي مڃتا ملي آهي ته سنڌ لاءِ سڀاڳ آهي ۽ ان کان وڌيڪ سڀاڳ اهو آهي ته امر جليل صاحب جڏهن کان قلم سان لکڻ شروع ڪيو آهي ته اهو اڄ تائين هلي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڪتاب به اچي رهيا آهن ۽ هو مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ به پنهنجي لکڻين وسيلي موجود آهي ۽ دعا آهي ته سدائين موجود هجي. هي ڪتاب کيس اهڙي ڀيٽا آهي، جيڪا هن پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي ۽ دلي طور محسوس ڪئي آهي. ڪتاب ۾ لکندڙ اهي آهن جيڪي سندس همعمر ۽ همعصر به آهن ته اڄ تائين لکندڙ جي چئن نسلن جا نمائندا ۽ سندس لکڻين مان پرائڻ وارا به آهن ۽ سندس لکڻيون پڙهي بِرُ ٿيڻ وارا به آهن. پوڻن ٽن سَوَن جي هن ڪتاب ۾ سندس سڀ حوالا موجود آهن، جيڪي دستاويزي اهميت جا به آهن ته عقيدت جو اظهار به.
سڀ گڏي هيءُ ڪتاب هڪ ليکڪ بابت اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي نهايت آبرودار اداري ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. اداري جي اڳواڻ موهن مدهوش، جنهن پيار ۽ صدق مان هيءُ ڪتاب ڇپايو آهي، اهو ساراهڻ جوڳو آهي ۽ سندس اداري پاران ايندڙ ٽئين جلد جو اوسيئڙو آهي. پڪي جلد وارو هيءُ خوبصورت ڪتاب ٽن سوَن روپين ۾ سڄي سنڌ جي ڪتاب گهرن تان ملي سگهندو ۽ بس!

No comments:

Post a Comment