14/09/2014

پنو عاقل: ماضي حال - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ننڍي علائقي جو وڏو دستاويز
پنو عاقل: ماضي حال
رکيل مورائي
سنڌي ادب توڻي علم جي کيتر ۾ سائين سرور سيف جون خدمتون سدائين ياد رکڻ جهڙيون آهن. سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جڏهن سهيڙجي ڪتابي شڪل اختيار ڪندو ته ڏسڻ ۾ ايندو، هو اهڙو شخص توڻي ليکڪ آهي، جنهن هڪ تخليقڪار طور جڏهن کان ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو اڄ تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي هو هاڻ تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ڌيان ڏيئي رهيو آهي. شايد هن محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جي علم ۽ ادب، توڻي تاريخ کي سهيڙڻ وارو ڪم اهم آهي، جنهن ڏانهن لکندڙن جو وڏو تعداد ڌيان نه ڏيئي رهيو آهي، جنهنڪري سائين سرور سيف پنهنجو سمورو وقت تحقيق کي ڏيئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ئي هن جو محور رهي آهي. پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”کير جهڙي ڪاري“ کان وٺي پنهنجي تازي آيل ڪتاب ”پنو عاقل ماضي حال“ تائين، سررو سيف صاحب جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي، اهو تعريف جوڳو ته آهي ئي پر کيس جهڙي وطن دوست ۽ پورهيت دوست ليکڪ کان اڃا گهڻو ملڻو آهي، اهڙي خواهش اسان کي سدائين رهندي.

سرور سيف صاحب جو تازو تحقيق تي ٻڌل ڪتاب ”پنو عاقل ماضي حال“ سندس ان ئي محنت جو نتيجو آهي، جيڪا هو سالن کان ڪري رهيو آهي. اڄ جڏهن تحقيق جي کيتر ۾ نوجوانن جو اچڻ بنهه بند آهي، تڏهن سرور سيف صاحب پنهنجي تخليقي ڪم کي پاسيرو ڪري تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. اهو سندس احسان ڳڻڻ گهرجي، ڪنهن به تحقيق سان سهمتي يا اسهمتي سائنسي گهرجن پٽاندڙ صحتمنديءَ جي علامت آهي، پر پورهيو رهيو ته آهي جيڪو پنهنجي مڃتا ماڻي ٿو ۽ پڪ سان هيءُ ڪتاب جيڪو نهايت گهڻي محنت سان لکيو ويو آهي، اهو پڻ پنهنجي مڃتا ماڻي وٺندو. هي ڪتاب تعلقي پني عاقل جي حوالي ۾ ئي ترتيب ڏنل آهي، ۽ ان ۾ جيڪا محنت ڪيل آهي، اها هر صفحي تي ظاهر ٿي بيٺي آهي. پني عاقل بابت هيءُ ڪتاب هڪ دستاويز آهي، جيڪو ايندڙ پيڙهين جي رهنمائي ڪندو. پني عاقل جي الڳ الڳ پهلوئن تي ممڪن حد تائين هيءُ ڪتاب معلومات ڏيندڙ آهي، ساڳئي وقت هيءُ ڪتاب فقط ڪتابي معلومات ڏيندڙ نه آهي. عملي طور هيءُ ڪتاب هڪ فيلڊ ورڪ آهي جيڪو هڪ وقت گهرندڙ عمل آهي.

منهنجي علم ۾ نه آهي ته پني عاقل تي ڪو دستاويزي ڪتاب اڳ موجود آهي، جيڪڏهن آهي، تڏهن به هيءُ ڪتاب هڪ بنيادي تاريخي دستاويز آهي، جنهن جي اهميت سدائين رهڻي آهي. هن ڪتاب جهڙا ڪتاب لکرائڻ ۽ ڇپرائڻ ادارن جو ڪم آهي، جيڪو اسان جا ۽ سنڌ جا سڄڻ شخصي طور ڪن ٿا. سچ پچ ته اسان پنهنجن انهن مهربانن جا ٿورائتا هجڻ گهرجون، پنهنجي پنهنجي شهرن جي ائين غير سرڪاري تاريخ جيڪڏهن اسين سڀ لکون ته اها گڏيل طور سڄي سنڌ جي هڪ اهڙي نئين تاريخ جڙي پوي، جنهن جي اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين کي گهرج آهي، ۽ هيءُ ڪتاب ٻين گهڻن ڪتابن وانگر اها گهرج پوري ڪري ٿو. سرور سيف صاحب اسان کان جيڪا آبرو لهڻي اسين اها کس ضرور ڏيون. پني عاقل بابت هيءُ تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب تفصيل سان پڙهڻ جهڙو آهي. هن ڪتاب کي، مهراڻ سائنس پبليڪيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت پنو عاقل جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي. سواٽي سئو صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب سانڍڻ جهڙو آهي.

No comments:

Post a Comment