13/09/2014

چنڊ چوانءِ سچ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

ادبي ۽ سماجي ڪالمن جو ڪتاب
چنڊ چوانءِ سچ
رکيل مورائي
تمام گهٽ شخص اهڙا هوندا آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجي اهميت هڪ کان وڌيڪ ذريعن معرفت مڃرائي سگهندا آهن. ڀايان ٿو ته اسان جو دوست ستار ڀَٽي انهن ماڻهن مان آهي، جنهن الڳ الڳ حوالن ۾ سنڌي سماج اندر پنهنجي حصي ڪم ڪيو آهي. هو هڪ ئي وقت سماج سڌارڪ به آهي، سنڌي ڪلچر جي وارثي ڪندڙ به. ادب سان به جڙيل آهي. ته صحافي طور ڪالم به لکندو رهيو آهي، هن لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن جا پروفائيل به لکيا آهن، ته تازو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب به آيو آهي، ۽ ان کان پوءِ سندس ڪالمن جو ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن جا اهي چونڊ ڪالم آهن، جيڪي هو الڳ الڳ وقتن تي، الڳ الڳ مسئلن بابت لکندو رهيو آهي.
اهو ته سچ آهي ڪالم نج صحافتي ادب جي صنف آهي، پر اسان جي ڪيترن اديبن ڪالم لکي هن صنف کي ڪهاڻيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اهم نالو امر جليل صاحب جو آهي، پوءِ به ڪالم صحافتي صنف آهي ۽ ان جو تعلق تڪڙن ظاهر ٿيندڙ ۽ گم ٿيندڙ مسئلن سان ئي رهڻ گهرجي. ائين اسان جي دوست ستار ڀٽيءَ جا ڪالم پڻ الڳ الڳ تڪڙن ۽ گم ٿيندڙ مسئلن بابت ئي آهن ۽ انهن ۾ مروج وقت جي معلومات ڏنل آهي، پر خود ليکڪ انهن ڪالمن کي تاريخي، ادبي ۽ سماجي ڪالمن جو مجموعو ڪوٺيو آهي.
هن ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ۾ شامل ڪالمن جو عرصو 2001ع کان 2004ع تائين جي وچ وارو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل سڀ ڪالم ڏهاڙي اخبار ”عوامي آواز“ ۾ ڇپندا رهيا آهن. ۽ اڄ هيءُ تبصرو به ”عوامي آواز“ سنڊي مئگزين ۾ ڇپجي رهيو آهي.
ڪالم غيرتخليقي صنف آهي ۽ ان ۾ لکندڙن الڳ الڳ تجربا ڪيا آهن. اڄ جو ڪالم پاڻ ۾ هڪ ويڪرو دائرو سانڍي هلي ٿو. اڄ اسين ڪنهن به نهايت سنجيده ڪتاب جو تنقيدي اڀياس به ڪالم ۾ لکون ٿا ۽ ۽ خوش ٿيون ٿا. ائين تخليقي توڻي تنقيدي ادب سان غير سنجيده نموني پيش اچون ٿا.
بهرحال ”چنڊ چوانءِ سچ“ ستار ڀٽيءَ جي چئن سالن جو پورهيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ، سنڌي ادب، سنڌي سماج جا مسئلا ئي کنيا آهن. جزوي طور ڪي ڳالهيون عالم جي اڱڻ جون به ٿيل آهن، ڇاڪاڻ ته اسين پڻ ان جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو آهيون.
ستار ڀٽيءَ هن ڪتاب جو انتساب ٻن نهايت اهم شخصن جي نالي ڪيو آهي، جن نالن جي اڳيان توڻي پٺيان ڪجهه اضافي لفظ ڳڍڻ بجاءِ اهي نالائي ورجائڻ پسند ڪندس جيڪي آهن انور پيرزادو ۽ فقير محمد لاشاري. ۽ اهي ٻئي شخص ئي ستار جي اتساهه جو سبب آهن، هنن ڪالمن لکڻ جي حوالي ۾.
ستار جي ٻولي سڌي، صاف، ڪنهن به ور وڪڙ کان آجي آهي، جيڪا ئي ڪالم جي ٻولي هجڻ گهرجي. ان ٻوليءَ ۾ هن جيڪي مسئلا بيان ڪيا آهن، اسان ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهيون جڏهن سنڌ انهن مان نجات حاصل ڪندي ۽ سنڌي ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻندا. ستار ڀٽيءَ جيان اسان سڀ لکون انهن ئي مسئلن لاءِ ٿا. ان ڪري سنڌين سان گڏ ستار، ادبي برادريءَ ۾ به هڪ پنهنجي سڃاڻ کڻي آيو آهي. اها ڪيتري پائيدار هوندي، اهو ته وقت ئي فيصلو ڪندڙ آهي. هڪ برجستو، هٿ ۾ کڻڻ جهڙو، ساڍن ستن سون صفحن جو ڪتاب، هن سنڌي ٻوليءَ کي ڏنو آهي. اسان کي خوش ٿيڻ کپي ۽ کيس جس چوڻ جڳائي، جڏهن اها به خبر اٿئون ته سنڌي اديبن کي موٽ ۾ ڪجهه به نه ملڻو آهي تڏهن اسان پنهنجن دوستن کي لاءِ ٻه تعريف جا لفظ لکڻ ۾ به سخا نه ڪريون، ته اها پاڻ سان ناانصافي ٿيندي.

هن ڪتاب لاءِ اسان جو دوست ستار ڀٽي اسان پاران تعريف لهڻي ٿو، ان اميد سان ته ان ئي اتساهه سان هو پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري رکندو ۽ اڃا به کوڙ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ماءُ جي جهول ۾ وجهندو. هن ڪتاب کي لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊميءَ ڇپايو آهي، ڪتاب جو ملهه 700 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment