13/09/2014

پرين ياد پيام - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ ڪهاڻي ڪتاب
پرين ياد پيام
 رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيءَ لکجي رهي آهي ساندهه!
ان جو معيار وقت طئي ڪندو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي تنقيدي اڀياسن جي کوٽ واري حالت ۾ پاڻ کي ائين ئي آٿت ڏيئي سگهجي ٿو. اسان جي نوجوان دوست رئوف عباسيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”پرين ياد پيام“ تي پڻ ڪنهن تنقيدي اڀياس جي اميد رکي سگهجي ٿي جيڪو نقادن جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هو نوجوان آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جا نقاد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هن جي ڪتاب کي ڪاٿي بيهاريندا، اهو ايندڙ وقت ڏسيندو!
”پرين ياد پيام“ جي نالي سان رئوف عباسيءَ جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي. سچ آهي ته هيءَ سندس پهرين سڃاڻپ آهي. هو زندگيءَ ۾ ادب جي حوالي سان هن ڪتاب جي نالي سان ئي پنهنجي سڃاڻپ بڻائيندو، باقي جيڪو لکندو اهو سندس ادب ۾ ڪيل سفر جي حاصلات هوندي.

سترهن اصلوڪين ڪهاڻين ۽ ٻين ترجمن واري هن بنهه معصوم ڪتاب جو مواد ئي اصل ۾ اهم شيءِ آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جڳائي. سنڌي اديب پنهنجي سنساري گهرجن کي پاسيرو رکي جيڪا ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي، اها ته ڪنهن به صورت ۾ ساراهڻ جوڳي ئي آهي، ائين رئوف عباسي پڻ ادب ۾ ۽ اهو به ڪهاڻي جهڙي ننڍي کنڊ جي اهم صنف ۾ لکڻ جي شروعات ڪري ۽ هاڻ هڪ ڪتاب ڏيڻ جي شروعات ڪري، جيڪا پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهي، اها ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندي، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هن ڪتاب بابت جيڪا راءِ جڙندي اها يقينن سندس لاءِ اهم هوندي. اڳتي هلي هو ان سڀ مان گهڻو ئي حاصل ڪندو، جيڪڏهن هن پنهنجي شعور حاصل ڪرڻ واري دري کولي رکي ته! هو اهو ڄاڻي ئي ٿو ته سندس دَور ۾ لکندڙن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، محنت ڪري هن کي پنهنجي جڳهه ٺاهڻي آهي، جنهن لاءِ هن جي پهرئين وک آهي هيءُ ڪتاب نالي ”پرين ياد پيام“، جنهن لاءِ کيس کوڙ مبارڪون. پيپر بيڪ تي بنهه سادگيءَ سان ڇپيل هن ڪتاب جي پنهنجي خوبصورتي آهي. 112 صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه 120 رپيا آهي. ڪتاب ادب لطيف پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپيو آهي. ڪتاب محترم شيخ اياز، محترم جمال ابڙي، محترم اشفاق احمد ۽ محترم قدرت الله شهاب جي نالي ٿيل آهي.

No comments:

Post a Comment