13/09/2014

هاڻ جوڳي کڻي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ نج شاعراڻو ڪتاب
هاڻ جوڳي کڻي
رکيل مورائي

اسان جي پياري شاعر گلزار تبسم جو پهريون شاعراڻو ڪتاب پنهنجي نالي مان ئي پنهنجو پيغام ٻڌائي ٿو، هاڻ جاڳو کڻي، ان سڏ جو پڙاڏو آهي جيڪو صديون اڳ اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيل آهي ته سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

شايد اهو سڏ گلزار تبسم پنهنجي روح ۾ رچي ڇڏيو آهي ۽ ائين هيءُ شاعراڻو ڪتاب سرجيو آهي. هن لاءِ محبوب ۽ مٽي ٻئي برابر آهن. ائين جيئن سنڌي شاعريءَ جي صدين جي سفر ۾ رهيو آهي. ها! هر شاعر جو آواز علحدو هوندو آهي، لهجو الڳ هوندو آهي، پر درد اسان سڀني جي ميراث آهي. اهو سڀني لاءِ ساڳيو آهي. ائين گلزار تبسم لاءِ به، پر هڪ ڳالهه جيڪا اميد ڏياري ٿي، ته گلزار جو هيءُ ڪتاب پهريون آهي، جنهن مان اڳتي وڌڻ جي آس ليئا پائي ٿي. هن الڳ الڳ صفحن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار بنهه چٽي نموني ڪيو آهي ۽ شاعريءَ کي شاعري سمجهيو آهي، جيڪا ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي. گهڻي تشريح جي گهرج نه هوندي به، ڪتاب جو نالو سموري تشريح ڪري وڃي ٿو، جيڪا رهجي وڃي ٿي اها ڪتاب پڙهڻ سان سامهون اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته 128 صفحن ۾ گهڻو ئي ڪجهه موجود آهي. وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپيو آهي ۽ ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment