10/09/2014

جلاوطن ننڊون - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jaskani)

جلاوطن ننڊون
مٺل جسڪاڻي 
شاعري وڌ ۾ وڌ ٻُڌي ۽ پڙهي وڃي ٿي، شايد ان ڪري ئي شاعر به گهڻا آهن ۽ شاعري به ججهي ٿي رهي آهي. اهڙي صورت ۾ گهڻي مڃتا، وڌيڪ اهميت ۽ ججهي عمر به معياري شاعري ۽ ان جي شاعر کي نصيب ٿيڻي آهي، تنهنڪري هر شاعر کي شاعري سرجڻ کان اڳ توڙي قلمبند ڪرڻ دوران، وقت جي تقاضا کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي. لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندڙ شاعر نه مڃتا ماڻي سگهيا آهن، نه ئي کين اهڙي اميد رکڻ گهرجي.
شاعريءَ جي معيار جو ججهو دارومدار مطالعي، مشاهدي ۽ مشق تي آهي. گهڻو فائدو انهن شاعرن کي ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي عمر سارو تجربو رکندڙ آهن. البت، جيڪي شاعر ته آهن، پر شاعري ڪرڻ وقت سنجيده نه هوندا آهن، انهن جي شاعريءَ ۾ اهو بحر، وزن ۽ سرور نه هوندو آهي، جنهن جي ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي ضرورت هوندي آهي. نتيجي طور سندن تجربو، عمر ۽ شاعريءَ جو مقدار بي مقصد رهجيو وڃي.
مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو.

مصطفى جهڙو شڪل صورت ۾، ملڻ ڳالهائڻ ۾ خوبرو آهي، شاعري پڙهڻ وقت به اهڙي ئي وڻندڙ شخصيت وارو آهي.
مصطفى جي شاعريءَ تي گهڻو لکڻ لاءِ دل ته چوي پئي، پر نه لکندس، ڇاڪاڻ ته منهنجي ۽ ٻئي پڙهندڙ جي سوچ ويچار جي ضرورت ۽ انداز ۾ چڱو خاصو فرق ممڪن آهي. ان ڪري ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ، پاڻ شاعري ٻڌي يا پڙهي فيصلو ڪري، ته مصطفى شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪٿي بيٺو آهي. البت ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجهان، ته مصطفى جي شاعري، اسان جي موجوده ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. منجهس اسان جي آس پاس جا منظر، پسمنظر موجود آهن. هن جي شاعريءَ ۾ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي گهرج پوري ڪندڙ موضوع شامل آهن.
مصطفى شاعريءَ جي ڪنهن هڪ اڌ صنف تائين محدود نه آهي. هن پابند شاعري به ڪئي آهي، ته آزاد نظم، نثري نظم به لکيا آهن، بلڪ ائين چئجي ته جنهن خيال مصطفى کان جيئن قلمبند ٿيڻ چاهيو، هن ان کي ان نسبت واري صنف ۾ لکيو ۽ ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
جلاوطن ننڊون“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، پر هن ۾ آڪاش تائين اڏام رکندڙ شاعري، نه وسرندڙ، ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي شاعري شامل آهي. اميد ئي نه، پڙهندڙن کي پڪ هجي، ته سندس ايندڙ مجموعا وڌيڪ سگهارا هوندا.

قلم تازو: ياد رهي ته مصطفى آڪاش جي پهرئين شعري مجموعي ”جلاوطن ننڊون“ جو پهريون ڇاپو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپجي بازار ۾ پهچي چڪو آهي ۽ مون سميت ڪيترن ئي پڙهندڙن جي مطالعي هيٺ آهي.

No comments:

Post a Comment