01/09/2014

سنڌ جي تاريخ ۽ اديبن جي خاموشي - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو


سنڌ جي تاريخ ۽ اديبن جي خاموشي

 هن پرنٽ، پبليڪيشن ۽ اليڪٽرانڪ جهڙي جديد دَور ۾، سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ مختلف، پر ڌاريا ۽ پراوا مؤرخ ميدان ۾ لهي آيا آهن، جيڪي پنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر، سنڌ جي تاريخ کي مروڙي سروڙي لکي رهيا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾، وقت روان واري سنڌ جي اصلي ۽ صحيح تاريخ اڻ ڌريو بڻجي ڪير لکندو؟ ڪنهن کي لکڻي آهي؟ جيڪڏهن سنڌ جي اصلي حقيقتن سان ڀريل تاريخ، هاڻي به نه لکي وئي، ته پوءِ ڪڏهن به نه لکي ويندي؟ اهڙي تاريخ نيٺ ڪير لکندو؟ لڳي ائين ٿو ته اسان جي ايندڙ نسل کي، پراون/ڌارين جي جڙتو ۽ جڳاڙي، غلط ۽  ڪوڙي لکيل تاريخ تي ڀاڙڻو پوندو!

ڪتابن جي علم کان وٺي، سنڌ جي اباڻي ورثي/ذهن، اصول/بهادري/بي ڊپائي ۽ ننڍي کنڊ جي اٿل پٿل وارين تحريڪن ۾ ورتل حصن ۽ تحريڪِ پاڪستان لاءِ ادا ڪيل ڪردارن ۾ ڏنل قربانين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي هر فعال ڪردار کان لنوايو ۽ انڪار ڪيو ٿو وڃي. مورخن جي الزامن جا ڌوڙيا وسي رهيا آهن. ان جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ جعلي مؤرخن جي الزامن جا جواب ڏيڻ/لکڻ ڪنهن جي فرض ۾ شامل آهي؟ سنڌيءَ جي يگاني شاعر استاد بخاري چواڻي: “تاريخ پڇي ٿي ته مان (سنڌي) ڪاٿي بيٺو آهيان؟”
موجوده دَور ۾ اسان جا شاعر ۽ دانشور، اديب ۽ قلمڪار يا صاحبِ قلم ڇا پيا ڪن؟ اردوءَ جي اديبن، مظهر الاسلام ۽ امجد اسلام امجد جي نقالي ڪندڙن (جن جي اسان وٽ کوٽ ڪانهي) جيڪڏهن، انهن وانگر اڌ اکري جملا ۽ عنوان هيڏي هوڏي ڪري لکيا، ته اها سنڌ جي خدمت ته ڪانه ٿي. جڏهن ته اسان جي نئين ٽهيءَ جو پسنديده رائيٽر ۽ شاعر، امجد اسلام امجد خود، پاڻ نقال (چور) طور مشهور آهي. امجد اسلام امجدَ جڏهن پي ٽي ويءَ لاءِ ڊرامو وارث لکيو ته ان جا گهڻا حصا، اردوءَ جي پراڻي ۽ نامور اديب شوڪت صديقيءَ جي مشهور ناول جانگلوس مان کڻي، مٿس پنهنجا هٿ صاف ڪيائين. ويچاري ڪراڙي اديب، شوڪت صديقيءَ ان قلمي ڌاڙي تي وڏو احتجاج ڪيو هو. شوڪت صديقيءَ سان گڏجي، سندس حمايت ۾، اڙدوءَ جي کوڙ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن قلمي ويڙهاند شروع ڪري ڏني هئي. امجد اسلام امجد رڳو ڪنهن ناول جا رڳو حصا چوري/نقل ڪيا هيا، ته اردو ادب ۾ وڏي واويلا متي هئي، پر هتي ته سنڌ جي تاريخ جو حليو ئي بدلايو (بگاڙيو) ٿو وڃي، ته به اسان جا اديب خاموش آهن ۽ رڳو لفظن جو زباني ماتم ڪرڻ ۾ پورا آهن. زباني ڳالهيون سي به جيپن ۾، ڪارن جي اندر ۽ نجي محفلن ۾ ڪرڻ ته هوا ۾ تير اڇلڻ برابر آهن. احتجاج جو مهذب ۽ ديرپا طريقو ته لکت ۾ آهي. ڇا ٻه ٽيڙو، ٻه آزاد ۽ نثري نظم يا تڪبندي ڪرڻ، ٽي چار بي مقصد اخباري ڪالم لکڻ، سنڌ جي خدمت آهي؟ ماضيءَ ۾ ته ايئن کوڙ ماڻهن تي ايتري عطا ٿي جو ڪالمن جي زور تي وزير ڪبير ۽ سفير ٿي ويا.
“ڪينجهر” جي نئين سال جي نئين شماري (90) ۾ سنڌ جي هڪ عالم، معلم ۽ اديب ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جو خط شايع ٿيو آهي. ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ جو شمار، سنڌ جي محققن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو. اسان پارن علم ۽ ادب جي الف ب کان اڻ واقف ماڻهن جو پير سندس جتيءَ ۾ ڪٿي پوندو؟ فارسيءَ واري چيو آهي:
“چه نسبت خاڪ را بعالم پاڪ را.”
(مٽيءَ کي آسمان سان ڪهڙي نسبت؟)
ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جو خط پڙهي، مان ته عجب ۾ پئجي ويس. ذهن جي پردي تي عجيب ويچار ظاهر ٿيندا ۽ مٽبا رهيا. ڪي سوال ته ٽڪ ٻڌي بيهي رهيا ته ههڙا عالم، ڄاڻو ماڻهو، ظلم ۽ ناحق، حقن تي ۽ تاريخ تي لڳل ڌاڙا (پوءِ قلمي ڌاڙا ئي ڇونه هجن، جيڪي عام ڌاڙن کان وڌيڪ خوفناڪ، خطرناڪ ۽ ڀوائتا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙا قلمي ڌاڙا دنيا جي تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن) ڏسي، ٻڌي، پڙهي ورهين کان خاموش آهن! ڇو؟ ۽ ٻين کي ڏَسَ پنڌ ٻڌائن ٿا: “وارو ڪر! مهرباني ڪر! دل ڌار! تون اڳتي وڌي اچ! فلاڻو خان اسان جي تاريخ کي ميساري، مسخ ڪري ۽ داغدار پيو ڪري.” اهڙي صلاح اهو شخص ٿو ڏئي جيڪو پاڻ ڏاهو ۽ عالم، محقق ۽ اديب يعني قلم جو صاحب هجي! ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جو خط پڙهڻ وقت، استاد بخاريءَ جو آواز آيو، جنهن ڪن ۾ ڀُڻڪو ڪندي چيو:
هڻي ٻانهن لهرن سان ڪوئي لڙي پيو،
ڪناري تي ڪو پيو ڏَسي؛ هيئن تَرُ نِي!
حــــياتيءَ کي ڀاڪــر وجهي يار پنهنجو،
وڏي واڪ بــيــٺـــو چــــوي؛ ويـــر مَرُ نِي!
محترم ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جا اکر، لفظ يا جملا آهن:
“ڊاڪٽر مبارڪ علي لاءِ، مون کي حاجي مير محمد بخش ٽالپر ميرپورخاص واري رني ڪوٽ جي سيمينار 26 مارچ 1981ع دوران ڪچهري ڪندي پنھنجي جيپ ۾ چيو ته؛ اهو سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ، اردو ۾ سنڌ جي تاريخ کي اچي لڳو آهي. خدا خير ڪري! ڪجهه ڪتابڙا مليا آهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ سان ويڌن پيو ڪري. ڇا ڪجي؟ اسان جا ترقي پسند اديب ته ٺٺولين تي خوش ٿيندا آهن، ڪو کيس جواب نه ٿو ڏئي. جي آءٌ ٿو لکان ته چون ٿا؛ مير صاحب ٻروچن جو پاسو ٿو وٺي. مختصراً ڪافي ڪجهه چيائين. ان بعد وري عمرڪوٽ ۾ مون وٽ ڪاليج ۾ آيو ۽ اهڙي گفتگو ڪيائين ته؛ “لکان ٿو. اوهان ميرپورخاص اچو پر افسوس جو آءٌ پهچي ڪونه سگهيس.”
ڪانءَ جو کنڀ کڻي، ٿورو هوا ۾ لوڏيو، پوءِ ڏسو ته ڪانون جي قوم ڪٿان اچي ٿي ٽٽي!
ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب واري خط جي مٿئين ٽڪري مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته کيس 1981ع جي مارچ مهيني کان خبر هئي/آهي يعني مير محمد بخش ٽالپر جي زباني کيس معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر مبارڪ علي، اردوءَ ۾ سنڌ جي تاريخ کي سُرو/گهُڻو/اڏوهي ٿي لڳو آهي. پوءِ ڊاڪٽر لغاري صاحب ايترا سال خاموش ڇو رهيو؟ جو هاڻي کيس ڊاڪٽر مبارڪ علي متعصب ۽ تنگ نظر، نظر اچڻ لڳو آهي. مير محمد بخش ٽالپر ايڏي بي وسي ۽ ويچارائپ ڇو ڏيکاري جو چيائين؛ سنڌ جي تاريخ سان ويڌن پئي ٿئي، پر ڇا ڪجي؟ ڇو ڇا ڪجي؟ مرحوم مير محمد بخش ٽالپر ته زميندار ماڻهو ۽ ساڳئي وقت ليکڪ پڻ هيو. هو پنهنجي منهن اڪيلي سر به ڊاڪٽر مبارڪ جي الزامن جو جواب لکي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪتاب ڇپي/شايع ڪرائي پئي سگهيو. مير صاحب مرحوم لاءِ اهو وڏو مسئلو نه هيو. يا مير صاحب جو ايئن چوڻ ته؛ “ٻيا چوندا ته مير صاحب ٻروچن جو پاسو ٿو وٺي.” سوال آهي ته ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي ڪتابڙن ۾ ڪنهن جي تاريخ سان ويڌن ڪئي هئي؟ سنڌ جي تاريخ سان يا ٻروچن جي تاريخ سان؟ يا اهي ڪهڙا ڪتابڙا هيا، جن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي سنڌ جي تاريخ سان ويڌن/هٿ چراند ڪئي هئي؟ 1981ع ۾ ڪهڙي شهر مان ڪهڙي اداري شايع ڪيا هئا؟ اهڙن/انهن ڪتابڙن جا نالا ڇا ۽ ڪهڙا هئا؟ ڊاڪٽر لغاري صاحب کي مرحوم مير صاحب ڪتابڙن جا نالا ته ضرور ٻڌايا هوندا. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو ڊاڪٽر لغاري صاحب، اسان جي علم ۾ اضافو ڪرڻ خاطر اهڙن ڪتابڙن جا نالا، ڇپيندڙ/ڇپائيندڙ ادارن جا نالا به پنهنجي خط ۾ ظاهر ڪري ها. ڊاڪٽر صاحب اهو به لکي ٿو ته هو مرحوم مير صاحب وٽ ميرپورخاص پهچي نه سگهيو، جنهن جو کيس افسوس آهي. ڇو؟ ميرپورخاص نه پهچي سگهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هيا؟ هي ته قومي ڪم هيو، ان ۾ هٿ ونڊائڻ بدران مرڳو ئي هٿ ڪڍي وڃڻ ڇا معنى؟
عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص وچ ۾ ڪا خليج ته حائل ڪونه هئي، جيڪا محترم لغاري صاحب اُڪري/پار نه ڪري سگهيو؟ ڊاڪٽر لغاري صاحب پاڻ ئي لکن ٿا ته هو صاحب ان وقت عمر ڪوٽ ڪاليج ۾ پروفيسر هيو، پو عمرڪوٽ کان پنهنجي ڳوٺ، ٽنڊي ڄام ايندي ويندي سائين لغاري صاحب جن جو گذر ضرور ميرپورخاص مان ئي ٿيندو هوندو. پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب هيا، جيڪي ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب ۽ مرحوم مير محمد بخش ٽالپر جي وچ ۾ آسمان تائين ديوار بڻيا؟
ساڳئي خط ۾ ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب لکي ٿو: “مير صاحب جي مطالعي ۽ تنقيد کان پوءِ (مير صاحب جي اها تنقيد ڪڏهن ۽ ڪٿي شايع ٿي هئي؟ ڪهڙي ادبي مجلس ۾ پڙهي وئي هئي؟) ڊاڪٽر مبارڪ علي جو هڪ يا ٻه ڪتاب  (لغاري صاحب ڪهڙا ڪتاب، انهن جا نالا؟) مون سرسري طور ڏٺا، پر بي توجهيءَ سان. ڇو ته جيڪو مؤرخ تعصب ۽ تنگ نظري جو شڪار هجي ان جا ڪتاب ڇو پڙهجن؟”
ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب جي انهن لفظن/خيالن جي جواب ۾ فقط ايترو چوندم ته ان کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ چئبو آهي؛ “ڀت پئي آءٌ سهان پر ڪک پيو آءٌ ڪونه سهان.” ڀلي ڪو اسان جي تاريخ کي داغدار ڪري، ميساري ۽ مسخ ڪري، ان جو حليو ايترو ته بدلائي ڇڏي جو سڃاڻڻ ۾ نه اچي ۽ اسان جي تاريخي ڪردارن کي لوئي، پر اسان هٿ تي هٿ رکي خاموش تماشائي بنجي وڃون. چي: لکي ته ڀلي لکي، اسان ڇا ڪريون؟ ڊاڪٽر صاحب! توهان جي، يا اسان جي نه پڙهڻ سان ڇا ٿيندو؟ ڊاڪٽر مبارڪ سنڌ جي تاريخ اردوءَ ۾ لکي ڇپائي رهيو آهي ۽ اردو ڪراچيءَ کان وٺي پشاور تائين ڳالهائي، پڙهي ۽ سمجهي وڃي ٿي. اسان جي تاريخ غلط پئي لکجي ۽ شايع ٿي ماڻهن جي هٿن تائين به پهتي، پر اسان ان کي رڳو تعصب ۽ تنگ نظري چئي چپ ڪري ويهون؟ ان جي معنى اها ٿي ته ڪبوتر ٻليءَ کي ڏسي، پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏي ته ٺهيو ٻلي مون کي نه ٿي ڏسي! ڇا ڪبوتر جي اکيون ٻُوٽڻ سان اهو خطرو/اها بلا (ٻلي) ٽري ويندي؟ ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب ڪيترن کي منع ڪندو، ته يار اهو ڪتاب مان نه پڙهيو آهي، سو توهان به نه پڙهجو، ڇو ته ان ۾ تعصب ۽ تنگ نظري آهي. ڊاڪٽر لغاريءَ جي ان خيال سان ڪيترا متفق ٿيندا؟ اهي به جيڪي سنڌي قوم تي کنيون نه ٿا کائن! يا جن جي هشيءَ ۽ پيسي تي سنڌين جي تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪيو پيو وڃي! اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب گهڻي ڀاڱي انديا ۽ ٻين سمنڊ پار ملڪن، جتي اردو گهر ٺهيل آهن، تائين وڃن ٿا. اتي، ڊاڪٽر لغاري صاحب، ڪيترن کي منع ڪندو؟ ڪيترن ۽ ڪهڙن جي آڏو ڪتاب نه پڙهڻ جو بند ٻڌندو؟
اڄ کان هزارين سال بعد، جڏهن ڪو مؤرخ سنڌ جي تاريخ لکڻ چاهي ۽ ان کي ڊاڪٽر مبارڪ علي اينڊ ڪو جا ڪتاب هٿ چڙهي وڃن ته پوءِ ڇا ٿا سمجهو؟ سنڌ ۽ سنڌين جي جيڪا تاريخ جڙندي/ٺهندي/لکبي، تنھن جو منهن مهانڊو ڪهڙو هوندو! ان جو اندازو لڳائڻ به مشڪل ڪونهي. ان ايندڙ زماني ۾ جڏهن مؤرخ تاريخ لکڻ ويهندا، تڏهن هلندڙ دَور جا شاهد/گواهه يعني اسان/توهان پارا به نه رهندا، ته پوءِ ترديد ڪير ڪندو؟ ۽ چوندو ته ڊاڪٽر مبارڪ ۽ ٻين ڪوڙ هنيا آهن.
 هلندڙ وقت/زماني ۾ سنڌ ۽ سنڌين بابت اردوءَ ۾ ڇا لکيو ٿو وڃي، ان جو هڪ اڌ مثال ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.
لاهور مان هڪ رسالو “نيا زمانه شايع ٿئي پيو. “نيا زمانه جي پيشانيءَ تي ‘جرات اور تحقيق’ جا لفظ چنبڙيل آهن. هي رسالو سنڌ جي هڙني ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ ليکڪن کي گهڻو ڪري موڪليو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وڪرو به ٿئي پيو. “نيا زمانه ڪهڙو تحقيقي مواد شايع ڪري ٿو؟ سنڌ ۽ سنڌين بابت ان جي تحقيق ڪيڏي عميق ۽ وڏي پائي جي آهي. ان جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
خير سان نئين سال جي “نيا زمانه جو پهريون پرچو جنوري 2002ع وارو، جنوريءَ جي پهرئين هفتي کان به اڳ ۾ سنڌ ۾ پهچايو ويو. ان جنوري واري شماري ۾، پنجاب جي هڪ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن، زاهد عڪاسي جي نالي واري شخص؛ سنڌ بابت يادون ‘وقت بهتا دريا (وقت وهندڙ درياءُ) جي نالي سان شايع ٿيون آهن. زاهد عڪاسي 1958ع ۾ سنڌ جي هڪ ضلعي ميرپور خاص جي هڪ شهر جيمس آباد (هاڻي ڪوٽ غلام محمد) ۾ پنهنجي مامي وٽ رهيو هيو، جيڪو اتي ڪلينڪ هلائيندو هو. زاهد عڪاسي، سنڌ جي عڪاسي ڪندي، گل ۽ موتي پوئيندي لکي ٿو:
“شهر جيمس آباد جي ٻئي طرف، ريلوي لائين کي پار ڪندي هڪ وڏي حويلي غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ جي هئي. غلام مصطفى ڀرڳڙي جو تعلق نيشنل عوامي پارٽيءَ سان هيو ۽ ڀرڳڙي صاحب اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو پئي ورتو. هڪ ڏينهن جيمس آباد جي چوڪ تي هڪ جلسو ڪرايو. ان لاءِ به هن منهنجي مامي کي ايلاز ڪيا هيا، ته جلسو ٿئي ۽ جلسي لاءِ مون (زاهد عڪاسي) کي اسٽيج سيڪريٽري چونڊيائين. (جيمس آباد ۾ اهل ماڻهو مري ويا هيا يا انهن جو ڪال هو) ۽ مون اسٽيج تي فيض احمد فيض جا شعر ٻڌايا مثلًا:
“جب تخت گرائي جائين گي، جب تاج اڇالي جائين گي”
ان تي ڀرڳڙي (صاحب) سندس مامي کي چيو: مون کي ته هي ڇوڪرو ڪانگرسي (ڪانگريسي) لڳي ٿو. زاهد عڪاسي لکي ٿو ته ڀرڳڙيءَ کي انقلابي جي خبر ڪانه هئي. ان ڪري هن انقلابيءَ بجاءِ ڪانگرسي (ڪانگريسي) چيو. زاهد جو مقصد آهي ته سنڌي سياستدان ڀرڳڙيءَ کي ڪانگريس ۽ انقلابي لفظن جي خبر ئي ڪانه هئي. زاهد عڪاسيءَ الائي ڪهڙا ڦاڙها ماريا هيا جو هو غلام مصطفى کي انقلابي نظر آيو. جيڪڏهن اسٽيج تي شعر پڙهڻ سان (زاهد عڪاسي ته پراوا شعر پڙهيا) ملڪن ۾ انقلاب اچن ها ته پوءِ حبيب جالب جي شعر پڙهڻ سان ضياءَ جي حڪومت ڊهي پوي ها يا فيض احمد فيض جي شعر پڙهڻ سان پاڪستان ۾ سرخ انقلاب برپا ٿي چڪو هجي ها.
اڳتي هلي زاهد عڪاسي لکي ٿو: پوءِ منهنجي ياري/دوستي ڀرڳڙي (صاحب) جي ذاتي نوڪر پنهون سان ٿي. پنهون مون کي عمرڪوٽ گهمائڻ وٺي ويو. عمرڪوٽ ۾ اسين هڪ ننڍڙي هوٽل ۾ رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ساجهري عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وياسين. اتي پنهون سان هڪ مختيارڪار ۽ قانوندان مليو. قلعي ۾ ٻه قبرون هيون، جن جي باري ۾ خبر پئي ته اهي قبرون عمر مارئي جون آهن. عمر مارئي پاڻ ۾ محبت ڪندا هئا. پر پوءِ خبر پين ته اهي ٻئي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هيا، جيڪي ننڍپڻ ۾ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا هيا. (هن تي ته ڪي محقق تبصرو ڪن، پڙهندڙ خود اندازو لڳائن.)
زاهد عڪاسي وڌيڪ گل ۽ موتي پوئيندي لکي ٿو:
“قلعي کان ٻاهر ميدان ۾ ڪشتي (ملنگا) به ڏٺم. (هن ملهه کي ملنگا ڪري لکيو آهي) انهن جو هڪ ٻئي کي زمين تي ڪيرائڻ جو تصور به ڪونه هيو. رڳو هڪ ٻئي جي سٿڻ ۾ هٿ وجهي، هيڏي هوڏي ڦيرائڻ ۽ لوڏڻ ۾ پورا هيا. سنڌي وڏيون، ويڪريون ۽ ڊگهيون سلوارون پائڻ جا عادي آهن. هنن جون سلوارون چند گزن/والن جون نه، پر پوري ٿان جون هونديون آهن. جڏهن اڳيون حصو ميرو ۽ گندو ٿي ويندو اٿن، ته پوئين حصي کي اڳيان ڪري ڇڏيندا آهن. ايئن هنن (سنڌين) جي هڪ شلوار ڇهه ڇهه مهينا هلندي آهي. ان کان پوءِ وڃي ان سلوار جي ڌوئڻ جو وارو ايندو آهي.”
اڳتي هلي لکي ٿو: “مان جيمس آباد کان ميرپورخاص ويم ۽ وري بدين مان ٽنڊو غلام علي وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿيم. بس جي ڪنڊيڪٽر (منشيءَ) ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اچي رڍون به بس ۾ چاڙهيون.” زاهد عڪاسيءَ جو مقصد؛ اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آھي ته سنڌي اهڙا ڄٽ ۽ لالچي آهن، جو ٻن ڏوڪڙن عيوض انسانن ۽ جانورن ۾ ڪو فرق محسوس نه ڪندا آهن. ڪڏهن عمر مارئي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هئا ۽ ننڍپڻ کان وڇڙيل هئا؟ سنڌي ڪڏهن سڄي ٿان جي سلوار پائيندا آهن؟ يا ڇهن مهينن تائين ساڳي سلوار پائي گهمندا ڦرندا آهن؟ ڇا ملهه ۾ زمين تي هيٺ ڪيرايو نه ويندو آهي؟ اهڙن الزامن جي ترديد نه ڪريون؟ هي ڦينگون ۽ ڇلپا ناهن. هتي ته سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو ٻيڙو ٻوڙيو ٿو وڃي، تاريخ کي ڀيليو ٿو وڃي. پر اسان گونگا ٻوڙا ۽ اڻ پڙهيل ٿي ويهي رهون ۽ بيدرديءَ، غير ذميواريءَ ۽ بي حسيءَ سان اهو چئي ڏيون ته؛ اهڙا ڪتاب ڇو پڙهون؟ معنى اها ٿي ته اسان جو ڇا؟ ڀلي پيا لکن! استاد بخاري چئي ويو آهي ته:
نه ٿو ظلم ٿڪجي ته مان ڇو ٿڪان؟
چوان ٿو؛ نه لکجي، مگر پيــو ٿــو لکان،
اڳــــيـــــان جـــهـــنــــــگ گــــجــگــاءُ انڌير جو،
ڪهاڙي ڪيو ڪلڪ، پيو ٿو ڪٽيان.
(مون “نيا زمانه جي ايڊيٽر کي خط لکي ان ۾ سڀئي ڳالهيون واضح ڪيون آھن. ڏسون ته “نيا زمانه جو ايڊيٽر واقعي جرئتمند آهي، جيڪا هو دعوى ڪري ٿو يعني منهنجي ڪيل تنقيد شايع ڪري ٿو يا جرئتمند هجڻ جي ٺلهي دعوى ڪري ٿو.)
صادق آباد پنجاب مان نڪرندڙ سرائيڪي ۽ اردو رسالي “سڄاڻ جي ايڊيٽر ۽ شاعر بشير بيتاب پنهنجي آتم ڪٿا “دو آبه سي مهراڻ ۽ پنج ند تڪ جي نالي سان لکي آهي. سندس آتم آکاڻي 1998ع ۾ لاهور مان شايع ٿي آهي. ڊاڪٽر مبارڪ ۽ زاهد عڪاسي وانگر، بشير بيتاب صاحب به ضلع ميرپورخاص جي هڪ شهر ڪنريءَ ۾ يعني سنڌ ۾، سالن جا سال رهيو آهي. محترم بشير بيتاب لکي ٿو:
“سنڌ ۾ گاني بجاني جو رواج عام آهي. گانو بجانو ڪنهن خاص ذات يا برادريءَ سان وابسته ڪونهي، پر هر قوم ۽ برادريءَ ۾ طنبورا طولان ۽ سارنگيون وغيره گهرن ۾ پيون هونديون اٿن (معنى سڀ سنڌي ميراثي ٿيا!) سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ واندا ٿي رات جو ساز کڻي ويهندا آهن. ڪو گهڙو وڄائيندو، ڪو ساز ڇيڙيندو، ڪو سُر ڪڍندو، ڪو طبلي تي سنگت ڪندو، مطلب سڀ گڏجي ڳائيندا.” (ڏيو منهن؟)
پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي 66 تي لکي ٿو: “خبر ناهي هي (سنڌي) ماڻهو پنجاب ۽ مهاجر دشمني ۾ ايترا اڳتي ڇو وڌي آيا آهن. سڄي پاڪستان ۾ سنڌيءَ کي برتري حاصل آهي. (1998ع ۾ سڄي پاڪستان ۾ سنڌين کي الائي ڪهڙي برتري حاصل هئي؟) فوج ۾ هي پاڻ ڀرتي ڪونه ٿين. سول سروس ۾ هاڻي به انهن جو تعداد سندن آباديءَ جي لحاظ کان هرگز گهٽ ڪونهي، پر اڃا به وڌيڪ آهي. ها ايترو ضرور آهي ته بنگال (مشرقي پاڪستان/بنگلاديش) وانگر هنن کي به روئڻ جو وڏو ڍونگ هٿ اچي ويو آهي ۽ احساس محروميءَ جو نالو وٺي واويلا ڪرڻ هنن وٽ فيشن بڻجي ويو آهي.”
صفحي نمبر 115 تي لکي ٿو: “جنگ جي معاملي ۾ پنجاب ۽ سرحد جا ماڻهو ڏاڍا بهادر ۽ بي خوف هوندا آهن. ان جي برعڪس سنڌ ۽ بهاولپور ڊويزن جا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ بزدل ۽ ڊڄڻا هوندا آهن. ها لڪي وار ڪرڻو هوندو ته پوءِ واقعي ڏاڍا بهادر هوندا آهن.”
مون بشير بيتاب کي، انهن سڀني الزامن جا جواب، ڪجهه تلخيءَ سان لکي موڪليا. هيءَ صرف لٻاڙ ناهي. بشير صاحب سان صادق آباد ۾ رابطو ڪري، منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪري سگهجي ٿي.
پنهنجي خط ۾ ڊاڪٽر گل حسن لغاري صاحب، پنهنجي هڪ دوست ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب کي دل ٻڌي لکڻ لاءِ چوي ٿو:
“ڪينجهر جي شماري 89 جي خطن مان معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر لاکي صاحب به لکيو آهي. تحقيق ۽ تنقيد ۾ سٻرو آهي، پر جسماني طرح لاغر ۽ ڪمزور هئڻ سبب، يارن جي يلغار کان ڊڄي ٿو، پر ادب ۾ يا تاريخي حقيقتون بيان ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي. اميد ته کيس همت ڏياريندا.”
ڊاڪٽر لغاري صاحب ٻين کي مشورو ڏيندي (ڊاڪٽر لاکي صاحب لاءِ) چوي ٿو ته؛ ادب ۾ يا تاريخي حقائق بيان ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي. باقي پاڻ؟ اسان اُترادي چوندا آهيون: “ملهه وڙهه! ڌڪ آيو ته مون تي آ.” يا اردو ۾ چوندا آهن: “چڙهه جا بيٽا سُولي پر، رام ڀلي ڪري گا.” ڊاڪٽر صاحب توهان ته هاڻي کڻي فارسي - سنڌي لغت جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پر توهان چواڻيءَ ته ڊاڪٽر مبارڪ 1981ع کان وٺي سنڌ جي خلاف ڪتاب لکي رهيو آهي ۽ سندس ڪتابن ۾، جيڪي هڪ اڌ اوهان پڙهيا آهن، تعصب ۽ تنگ نظري هئي. هڪ سنڌي اديب ۽ قلمڪار جي حيثيت سان، توهان جو به فرض هيو ۽ آهي ته کيس لکيت ۾ جواب ڏئي ثابت ڪريو ته؛ ڊاڪٽر مبارڪ تون زهريلو ۽ يڪ طرفو آهين. يا ته اسان دنيا جي ڪمن ۾ ايترا محو ٿي ويا آهيون. مون کي انگريزي زبان جي شاعر فطرت وليم ورڊس ورٿ جو هڪ شعر ياد اچي ٿو. ورڊس ورٿ چوي ٿو ته:
“The world is too much with us,
Later or soon,
We think not nature,
And it’s sordid boon.”
(اسين هن دنيا جا ٿي ويا آهيون. دير يا سوير، پر ان ۾ اهڙا غرق لڳا پيا آهيون جو پنهنجن مقصدن ۽ فائدن لاءِ حقيقت کان پري ٿي ويا آهيون.)
سائين لغاري صاحب! ڊاڪٽر مبارڪ سان توهان ڪٿي نه ڪٿي مليا هوندا يا کيس ڪٿي نه ڪٿي ڏٺو به هوندو، پر مون نه ڊاڪٽر مبارڪ کي ڏٺو آهي، نه کيس سڃاڻان ۽ نه ھو مون کي سڃاڻي. ڊاڪٽر مبارڪ کان اردوءَ جي نامور صحافي، سهيل وڙائچ ٽن ڪلاڪن تائين انٽرويو ورتو، جيڪو وڏي طمطراق سان روزاني ‘جنگ’ جي ‘مڊويڪ ميگزين’ ۾ شايع ٿيو هو. پڪ سان ‘جنگ’ اخبار ٽنڊي ڄام ۾ به آئي هوندي. ان انٽرويو ۾ هن ڪهڙا گل ٽڙايا آهن. انھن جو ورجاءُ هتي ڪرڻ مناسب ناهي، ڇو جو انھن جو جواب، سيپٽمبر واري “سوجهرو ۾ ڏنو اٿم. ادب سان سوال ٿو ڪجي؛ آخر اسان جا اديب ۽ دانشور ڇو خاموش رهيا ۽ چپ آهن؟ ڇا اڳتي هلي سنڌين جون قبرون ڇڏائيندا؟ ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪتابن تي مون بحث ڪيو آهي، جيڪو “سوجهرو” جي جنوري واري شماري ۾ پڙهي/ڏسي سگهجي ٿو. “سوجهرو منهنجو مضمون، اڳيان نوٽ هڻي، نمايان شايع ڪيو ۽ هاڻي جنوري واري پرچي ۾ پڻ مون واري مضمون “ڊاڪٽر مبارڪ، حقيقت يا فسانو” کي نمايان طريقي سان شايع ڪري، هڪ قومي ڪم ۽ سنڌ سان وفادريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. مٿيان مضمون “سوجهرو کي موڪلڻ کان اڳ، مان سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ سڀني اخبارن کي موڪلي چڪو هيم، پر اتي علم جا اڪابر ويٺا آهن، جيڪي اهو سوچن ۽ سمجهن ٿا ته علم جو، ادب جو، لفظن جو، ڏاهپ جو دنگ وٽن آهي. بھرحال مان خوش آهيان، جو مون ڪنهن جي ته نشاندهي ڪئي. فارسي واري چيو آهي:
“شادم از زندگي خويش ڪ ڪاري ڪردم”

(مان پنهنجي زندگيءَ مان خوش آهيان، ته ان ۾ ڪو ته ڪم ڪيو اٿم.)

No comments:

Post a Comment