سونهن
جي سئو صورتن جو شاعر شاهه محمد پيرزادو
مسرور پيرزادو
جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ به
مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن جي
سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي!
شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾
هڪ گل آهي، پر هي اهو گلاب جو گل ناهي، جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن
ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان
جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ
۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو. هن معصوم گل جهڙي شاعر جي
شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري ويهڻو پوندو. فقط پوءِ
ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا. هن وٽ محبت جو
اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار جهڙو هن مختصر
نظم ۾ آهي.
هي دفعي
سال جو سڀ کان
ننڍو مهينو (فيبروري)
ڪيڏو وڏو ٿي ويو آ.
توسان ملڻ ئي نه ٿيو آ.
شاهه محمد جي شاعريءَ جي سڃاڻپ اهائي معصوم محبت آهي جنهن جو
اظهار هو سادي انداز ۾ ڪري ٿو. هن جي نظمن جو پس منظر گهڻو ڪري ڳوٺاڻو آهي ۽ هن جي
شعرن کي اهو ئي ماڻهو وڌيڪ انجواءِ ڪري سگهن ٿا جن جون حياتيون ڳوٺن ۾ گذريون هجن.
جن کي اهو پتو هوندو آهي ته گارو ڪري جڏهن اڱڻ لِنببو آهي ته پوءِ ان جي آلاڻ ۽
مهڪ ڪهڙي هوندي آهي! هن جو اهو سمورو نظم خوبصورت آهي، جنهن م هو چوي ٿو ته:
نئين لتل آلي اڱڻ جيان
منهنجي دل
۽ تون اچين ٿي ڊوڙ
پائي،
ڪنهن اُٻهري ٻار وانگر!
تنهنجي پيرن جون تريون،
منهنجي تصور ۾ ٺهيون
۽ رهيون مون ۾ هميشه
ڄم جي ڪنهن چٽ وانگر،
تون حواسن تي آن ڇانئي
آلي اڱڻ جي مهڪ وانگر.
هن وٽ پنهنجي ڪيفيت جي اظهار جو مختلف طريقو آهي. دنيا جي سڀني
شاعرن پنهنجي محبوب/ محبوبا کي سڏ ڪيا آهن. پر شاهه محمد جو هي معصوماڻو سڏ ڏسو:
او ڏکڻ جي هير توکي
ڪيئن ڪوئي وڻ پڪاري ٿو
پيو،
تون جڏهن ان جي وٿين ۾
ٿي سمائين،
ٽاري ٽاري ٿي وسائين،
ڪيئن هو جهومي پوي ٿو،
پاڻ مان نڪتو وڃي ٿو
سڀ لئه راحت ٿئي ٿو،
تون به ان سان ائين ڪري
ٿي،
جيئن منهنجو يار ٿو مون
سان ڪري.
آنءُ جئن ان کي
پُڪاريان ٿو پيو.
او ڏکن جي هير توکي
ائين ڪوئي وڻ پُڪاري ٿو پيو۔
31 جنوري 1963ع تي جنم وٺندڙ شاهه محمد جو تعلق سنڌو درياهه جي
۽ مهين جي دڙي جي ڀرسان قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ سان آهي. هي ڳوٺ تعليم سياست، ادب ۽
صحافت جي لحاظ کان سنڌ جو مشهور ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ تي ڪميونسٽن جي گهڻائيءَ جي ڪري ”لٽل
ماسڪو“ جو نالو پڻ پيو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۽ سڄي پاڪستان جا ڪميونسٽ هتي اچي
پارٽيءَ جا پروگرام ڪندا هئا. شاهه محمد جو چاچو انور
پيرزادو تن ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مشهور اڳواڻ هيو. هي اهو دور هيو
جڏهن شاهه محمد جوان هيو ۽ هن کي انقلاب، سوشلزم ۽ ادب اٽريڪٽ ڪندا هئا. انور
پيرزادو هن جو آئيڊيل هيو. هو انور جي سياست ۽ ادب، شاعريءَ مان متاثر هيو توڙي جو
پوءِ انور صاحب ۽ ٻيا ڪميونسٽ نه رهيا ۽ ڪميونسٽ پارٽي به اها نه رهي آهي پر پوءِ
به شاهه محمد دنيا جو بهترين نظام سوشلزم ئي سمجھي ٿو. ٻين ڪميونسٽن وانگر هي
دهريو ناهي ۽ اسلام ۽ دين کي به هو انساني فلاح جو رستو سمجھي ٿو. موجوده دور جي
ماڻهن/ نوجوانن کي بغير ڪنهن آدرش ۽ خواب جي ڏسي ۽ فقط پئسي پويان ڊوڙندي ڏسي هو
اداس ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
دنيا جا سرمائيدارئو!
اچو ۽ خوشحاليءَ جي
نالي ۾
پنهنجي سرمايي سان
منهنجي ديس جي نوجوانن
کي
اچي ڪرپٽ ڪريو.
هو ان لاءِ بلڪل تيار
آهن.
هاڻي هنن وٽ سماج کي
بدلاڻ جو
ڪو به خواب ناهي رهيو.
پنهنجي والدين امام بخش ۽ عالم خاتون، ۽ وڏي ڌيءُ باک جي محبتن
جي اعتراف ۾ شاهه محمد باک
ٽرسٽ پڻ قائم ڪئي آهي جنهن جي پليٽ فارم تان هو ٻلهڙيجيءَ ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن
کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ جاکوڙي رهيو آهي. ان کان علاوه هو ذاتي طور
تي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ عزيزن لاءِ پڻ هر وقت مالي ۽ اخلاقي طور تي مددگار رهيو
آهي. هن جون ٻه وڏيون ڀينر، ڊاڪٽر زبيده ۽ ملڪه، ننڍو ڀاءُ ۽ ڀينر (پرويز نور ۽
نيلو) ۽ ٻار باک، ھير، وشال، نيڪي، مثال پڻ شاعري، ادب، موسيقي، مصوري ۽ ٻين فنن ۾
دلچسپي رکن ٿا۔ پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي جو پهريون ڇاپو پنهنجي گهرواري ارشاد کي
ارپڻ وارو شاعر پنهنجي همسفر لاءِ هي سٽون لکي ٿو ته:
دل جي دهه دهه جون
صدائون جو ڪنايون
آ اچي “ارشاد” منهنجي دل ٻڌائي.
هو جيڏو سٺو ۽ سٻاجھو ماڻهو آهي اوتري ئي سٺي ۽ سٻاجھي هن کي
زال به ملي آهي، جيڪا گهر جي سودي سود کان وٺي يوٽيليٽي بلن کي جمع ڪرائڻ تائين ۽
مٽن مائٽن ۾ اُٿي ويٺيءَ کان وٺي هن جي ۽ ٻارن جي ڀرپور سار سنڀال لهڻ تائين سڀ ڪم
تمام خوش اسلوبيءَ سان ڪري ٿي۔
سٺين آرٽ فلمن جو شوقين هي شاعر هڪ نيڪ، ايماندار، ماٺيڻو،
شرميلو ۽ تمام سٺو ماڻهو آهي. مان سمجھان ٿو ته هو شاعر سٺو ۽ ماڻهو اڃا به گهڻو
سٺو آهي. هن کي ڪڏهن به گُٿا لفظ ڳالهائيندي، ڪنهن تي هٿ کڻندي، ماريندي نه ڏٺو
اٿئون۔ هو صحيح معنيٰ ۾ خدا جو نيڪ بندو آهي جيڪو خدا جي مخلوق سان پيار ڪري ٿو ۽
انهن کي ڪين رنجائي ٿو. اهڙن بندن لاءِ ئي علامه اقبال چيو هو ته:
خدا ڪي بندي تو هين
هزارون
بنون مين ڦرتي هين ماري
ماري
مين اس ڪا بنده بنون گا
جس ڪو
خدا ڪي بندون سي پيار هوگا.
فيض احمد فيض، فراق گورکپوري ۽ نارايڻ شيام کي پنسد ڪندڙ شاهه
محمد کي سٺو نظم لکڻ جو ڏانءُ آهي. خاص طور تي آزاد ۽ نثري نظم جو پر مون کي هن
کان اها شڪايت آهي ته هن شاعريءَ کي ايترو وقت ناهي ڏنو جيترو هن کي ڏيڻ کپندو هو.
هو گذريل ٽن ڏهاڪن کان شاعري ڪري پيو پر پوءِ به سندس هڪ ئي مجموعو آيل آهي. هن جي
شعري مجموعي ”سُونهن جون سَوَ صورتون“ جو ٻيو
ايڊيشن جڏهن واڌاري سان 2014 ۾ يارهن سالن کان پوءِ شايع ٿيو ته ان ۾ نئين شاعريءَ
جا پنجاهه صفحا مَس آهن. هن شاعريءَ جي فن، بحروزن، قافين، رديفن، تجنيس حرفي ۽
ٻين خوبصورتين تي به گهٽ ڌيان ڏنو آهي ۽ شاعري ۽ ان جي فن سان راند روند گهٽ ڪئي
آهي. منهنجي خيال ۾ هن جا شاعراڻا خيال جيڪڏهن تمام سهڻي شاعراڻي فنڪاري ۽ مهارت
سان پيش ٿيل هجن ها ته هوندسون تي سهاڳو ٿي پئي ها ۽ اهي نظم اڃا وڌيڪ شاندار ۽
جٽادار هجن ها. پر شايد هن جو مزاج ائين ناهي. هن جو مزاج سهڻي ۽ نفيس ڳالهه سولي
۽ سادي انداز ۾ اظهار ڪرڻ وارو آهي. شاعريءَ کان علاوه شاهه محمد آصف فرخيءَ سان
گڏ شيخ اياز ۽ ٻين مشهور سنڌي ليکڪن جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي. جيڪو
پڻ هڪ سٺو ۽ اهم ڪم آهي.
آخر ۾ هن جي غزل جا ٻه شعر ڏسو:
وينگس ويٺي وار سُڪائي،
ڇا ته جواني، ڇا
اوسيئڙو!
چندرما جهڙي چهري تي،
ڇا ته سُونهين ٿو پيو موهيڙو.
موهيڙي لفظ جو اهڙو سهڻو استعمال سنڌي شاعريءَ ۾ گهٽ ملي ٿو.
شاهه محمد ٺيٺ سنڌي لفظ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيا آهن. شال هو وڏي ڄمار ماڻي ۽
سٺي ۽ گهڻي شاعري ڪري اسان آڏو آڻي!
No comments:
Post a Comment