منهنجي لاءِ مارو رنا
ڪيئن نه هوندا!
رکيل مورائي
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي وڏي يونيورسٽيءَ
۾ گذريل سال جوڙيل شهيد محترم بينظير ڀٽو چيئر پاران الڳ الڳ موقف تي ڪي پروگرام ته
رکيا ويا آهن، پر
چيئر جو بنيادي ڪم آهي، محترمه جي باري ۾ مختلف رخن کان تحقيق ڪرائڻ، جنهن سلسلي ۾
ٻڌايو ويو آهي ته اهڙو ڪم تيزيءَ سان ملڪ اندر توڻي ملڪ کان ٻاهر تيزيءَ سان هلندڙ
آهي، جنهن تحت ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪجهه اسڪالر محترمه بابت ريسرچ ۾ رڌل آهن. هن چيئر
جو ڊائريڪٽر پروفيسر اعجاز قريشي صاحب آهي، جيڪو
ڀانيان ٿو ته چيئر لاءِ هڪ سڀاڳ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته پروفيسر اعجاز قريشي، تعليم سان لاڳاپو
رکندي به هو سنڌ ۽ سنڌي ادب کي هڪ ليکڪ، هڪ مرتب ۽ هڪ مترجم طور نهايت گهڻو ڏيئي چڪو
آهي. هو هڪ عالم ۽ اديب آهي، ان ڪري چيئر پاران جيڪو به هن ملڪ کي جيڪو ڪجهه ڪتابي
صورت ۾ ڏيندو، ان جو معيار يقينن مٿاهون هوندو، ڇاڪاڻ ته منجهائي اهڙي ئي اميد ڪري
سگهجي ٿي.