تبصرو: ولي محمد خاصخيلي
ناول: ماتم ھڪ عورت جو
ناول نگار: عمر ريوابيلا
سنڌيڪار: ننگر چنا
لاڪ ڊائون دوران گھٽ، ٻوسٽ ۽ ڪرونا وائرس جھڙي موتمار
وائرس جي خوف جتي سڄي دنيا کي حيران پريشان ۽ دھشت واري ماحول ۾ مبتلا ڪري رکيو
آھي. انھي صورتحال ۾ ماڻھو پنھنجي گھر ۾ موجود رھندي ئي پاڻ، دوستن، عام خلق ۽ خود
پنھنجي گھر وارن کي پنھنجي گھر ۾ موجودگي ۽ ٻاھر نه وڃڻ ڪري، ھن مرض ۾ وٺجڻ کان
بچائي سگھي ٿو ته اھا به سمجھداري واري سوچ سمجھڻ گھرجي. جڏھن ماڻھو ٻاھرجي ڪمن
ڪارين کان مجبورن واندو ٿيو گھر ۾ ويٺو آھي ته ان دوران سندس واسطو ٽي وي، فيس بوڪ
۽ نيٽ ته اخبارون وغيره ٿي سگھن ٿا، جتان سڄي دنيا جي گھر ويٺي معلومات پئجيو وڃي.
اھڙي صورتحال ۾ ذھني مونجھ ۽ پريشاني ۾ ذھن جي ھم آھنگي سان جي ڪجھ لکي نٿو سگھجي
ته ان وقت جو بھترين تصرف ھڪ علموَند لاء مختلف ڪتابن جي وندرئي ھوندو آھي ۔۔ پوء
مختلف علمي ادبي،شاعري، تاريخي ۽ ديني ڪتابن کان ويندي، علم سائنس، ڪھاڻين، فلسفي
۽ ناولن جا ڪتاب به زير مطالع اچن ٿا. ڪتاب ته ھُونئن به انسانن جا سٺا دوست ئي
رھيا آھن، پر شرط اھو آھي ته توھان انھن سان ڪيتري حد تائين دوستي نڀايو يا ساڻن
ڪچھري ڪيو ٿا. انھيءَ پس منظر ۾ مون ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ناول ”ماتم ھڪ عورت جو“
جنھن جو سنڌيڪار ننگر چنا ۽ ناول نگار عمر ريوابيلا آھي، پڙھي ورتو.