انجنيئر عبدالوهاب
سهتي جي ڪتاب
”طبي پهاڪا ۽
چوڻيون“ جا ’ٻه چار لفظ‘
رياضت ٻرڙو
دنيا جي علمي، ادبي ۽ سگھڙ ٻولين ۾
سنڌي ٻولي هر لحاظ کان شامل مڃي وئي آهي، جيڪا دنيا جي انهن پهريتي ۵۰ ٻولين ۾ ڳڻجي ٿي جن جا ڳالهائيندڙ گھڻا آهن. ان
حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافي، سنڌ سُوڌو، مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ پڻ پکڙيل
آهي جتي سنڌي ٻولي پنهنجو سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ڪارج نڀائيندي رهي ٿي. ان
ڪارج جو هڪڙو، گھڻ-رخو اظهار، پهاڪا ۽ چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون پڻ آهن، جن ۾
سمايل ۽ سانڍيل لوڪ ڏاهپ کي هر سڄاڻ ماڻهو چڱيءَ پر ڄاڻي ۽ سمجھي ٿو. جڏهن ته عام
ماڻهو ان جو پنهنجي سماجي اٿاويٺيءَ واري زندگيءَ ۾ عملي واهپو ڪري ٿو.
اهڙن سڄاڻ ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ شامل آهي. هُن ٻوليءَ جي
انهيءَ لوڪ ڏاهپ کي نه صرف سمجھيو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي، پر ان تي مسلسل تحقيق ڪندو
۽ ان جي خوبين، وصفن ۽ اهميتن کي لکت وسيلي بيان پڻ ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب سندس
نانءُ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي تحقيقي ڪم جي حوالي سان نروار ٿي بيٺو آهي. خاص
ڪري، سهتو صاحب جنهن خاص انداز ۽ موضوعي ورڇ سان پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهي،
اهو جس لائق آهي. نه صرف اهو، پر هُن ته پهاڪن ۽ چوڻين تي مختلف محققن پاران کانئس
اڳ ٿيل تحقيقي ڪم کي به نئون سنئون (up-date) ڪري، سنواري ۽
سڌاري، ٻيهر جيئاريو آهي.
سهتي صاحب جو موجوده ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“، پنهنجيءَ تحقيقي سٽاءَ ۾ بيحد
وڻندڙ انداز رکي ٿو جنهن ۾ طب سان تعلق رکندڙ پهاڪن ۽ چوڻين کي ذيلي موضوعن ۾
ورڇي، بخوبي پيش ڪيو آهي. ان لاءِ کيس واڌايون پيش ڪيان ٿو.