ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو
جنم ڏينهن
پهرين
جنوري
نصير سومرو
”پهرين جنوري“ زماني جي چڪر اندر چڪر سٿيل
ڏينهن مان هڪ ڏينهن آهي، جيڪو هونءَ ته عيسوي سال جي پهرين مهيني جو پهريون ڏينهن
آهي پر اسان جي گهڻ گهريي دوست ۽ نامياري ليکڪ انور ابڙي جو جنم ڏينهن به آهي ته
هن جي نڪور ڪهاڻين جي ڳٽڪي جو نانءُ به آهي.
حياتيءَ جي آس پاس جنم وٺندڙ ڪهاڻين
منجهان سرجيل ڪهاڻين جا رنگ جدت ۽ ”صوفيت“ جي گڏيل احساس جو اديباڻو اظهار آهن.
هوند ۾ ڪهڙي اڻهوند آهي ۽ اڻهوند ۾ ڪهڙي هوند آهي جينيس ليکڪ ئي ڳولي پنهنجن
پڙهندڙن آڏو علامتي انداز ۾ آڻيندو آهي. احساس جو هي دريافتي شعور پڙهندرن جي ستل
شعور کي سجاڳ ڪرڻ ۽ حياتيءَ جي هاڃن کي هر حال ۾ سهڻ جي سڪت جا امڪان ڳولي لهڻ ۾
ٻانهن ٻيلي بڻجندو آهي. هي امڪان ٻين ذريعن سان پڻ ڳولي لهڻ جون ڪوششون ڪبيون
رهبيون آهن ته جيئن روحاني اوسر جو سفر جاري رهي، پر ڪتاب جو پڙهڻ رومانيويت سان
ڀرپور شغل آهي جيڪو هجوم کان الڳ ٿلڳ بيهاري مهذب انسان طور سڃاڻپ ڪرائي ٿو.