ٿر جا شاعر
دولت رام کتري
ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي
سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءَ جو نالو ناهي، پر شاعري
دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي. پنهنجي دل جي آواز کي، سماجي حالتن کي اظهارڻ
۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن
رکندڙ ڪردار هجي ٿو. تنهنڪري فطري طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان
سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير
هجن ٿا، جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا. پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبي مورچن
کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي ٻولي ۾ شيخ اياز جي شاعري جديد سنڌي شاعري جو بڻ بنياد آهي. شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاري، اياز گل، بردو سنڌي، تنوير عباسي، ادل
سومرو، وفا ناٿن شاهي، سائينداد ساند، حليم باغي، امداد حسيني، ابراهيم منشي ۽ ٻيا جديد سنڌي شاعرن ۾ اهڙا نالا آهن جن جديد سنڌي
شاعري جي تخيل ۽ جدت کي نوان رنگ ڏنا. ويجهڙي ماضي ۾ جديد سنڌي شاعري جي حوالي سان
ته ڪيترا ئي نالا اهڙا آهن جن جي شاعري ۾ تمام گهٽ ڪتاب شايع ٿيا، پر اهي شاعر نئين
ٽهي ۾ نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا. ايوب کوسو، مير حسن آريسر، بخشل باغي، حاجي ساند، وسيم سومرو، سعيد ميمڻ،
امر ساهڙ، اقبال رند، خليل ڪنڀار، اشرف پلي، فراق هاليپوٽو، حاجي ساند ۽ ٻين نوجوانن شاعرن جا ڪتاب مختلف وقتن تي مارڪيٽ
۾ ايندا رهيا ۽ انهن شاعرن کي سنڌ جا نوجوان پڻ دلچسپي سان پڙهندا رهيا آهن. اشرف پلي
۽ فراق هاليپوٽو جي نثري نظمن توڙي غزلن ۾ ايتري سگهه آهي جو انهن نئين ٽهي جي نوجوانن
۾ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. اهڙي ريت حسن درس جي شاعري پڻ
نئين ٽهي جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي، جڏهن ٿر جي نوجوان شاعر خليل ڪنڀار ”هانسو ريٻارڻ“
۽ ”ٻليا تو ۾ ٻل ئي ناهي“، جهڙا نظم لکي منظرعام تي آندا ته ادبي لڏي جا ماڻهو دنگ
رهجي ويا. سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٿر جي اديبن شاعرن پڻ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي.
محمد هڱورجو، سائينداد ساند،
ڀارو مل امراڻي، خليل ڪنڀار، بلاول اوٺو، نصرالله سمون، نور احمد جنجهي، ڪرشن شرما،
شنڪر ساگر، رحيم علي موسيپوٽو، عباس کوسو، امر
ساهڙ، چمن ٿري، ڊاڪٽر شنڪر، ممتاز نهڙيو، علي اڪبر راهمون،
پيارو شيواڻي، ٿر جا اهي نالا آهن، جن سنڌ جي ادبي
کيتر ۾ پنهنجو لايو سجايو آهي. سنڌي شاعر کيتر جي جتي سائينداد ساند، خليل ڪنڀار ۽
ڀارو مل امراڻي، پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي، اتي ٿر جي شاعر شنڪر ساگر پڻ سنڌي شاعري
جي کيتر ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي. پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ سادگي رکندڙ هي شاعر پنهنجو
نرالو سڀاءُ ۽ مقام رکي ٿو. اتساهه پبليڪيشن طرفان جڏهن هن جي شاعري جو پهريون مجموعو
سوچون ساگر سپنا ساحل ڇپجي منظرعام تي آيو، ته مون کي هن جي شاعريءَ پختگي جو احساس
ڏياريو. هو جيتوڻيڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ تمام گهٽ ڇپيو آهي، پر گم سم ۽ گمنام رهڻ جي باوجود
هن وسيع مطالعي جي آڌار تي سنڌ ۾ پنهنجو هڪ نرالو مقام جوڙيو آهي.
هن
جي شهر ۾ شام رهياسين،
گم
سم ۽ گمنام رهياسين.
ساگر
هن جي من مندر ۾
ٿورو
رهي به جام رهياسين.
شنڪر ساگر پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي. ٿر جي علمي
۽ ادبي سرگرمين ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. مٺي ۾ اسٽيج ڊراما ڪرائڻ کان وٺي سنڌي ادبي
سنگت مٺي کي متحرڪ ڪرڻ ۾ هن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو پنهنجي عام زندگي ۾ سادو
۽ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ، باصلاحيت انسان آهي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هو سگهارو تخليقڪار
آهي. هن جي شاعري ۾ سونهن، سچائي، پيار، پيڙا، امنگن ۽ اڌمن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ
نظر اچن ٿا. هو سٺو شاعر به آهي ته سٺو دوست به آهي. هو جڏهن ڪچهري ۾ ويهندو آهي ته
هو محبت ۽ پيار جا ڪيئي رنگ پکيڙي ڇڏيندو آهي. هن جو جيون پيار، پيڙا، اُمنگن ۽ اڌمن
جي دامن صحرا ۾ هڪ کليل ڪتاب آهي. سندس زندگي پيڙا ۽ ڏکن ۾ گذرندي وري به هو جيئڻ جي
تمنا رکي ٿو.
نه
جيون ۾ ڪائي رنگيني رهي آ،
تمنا
تڏهن ڀي، جيئڻ جي رهي آ.
شنڪر ساگر وٽ خيالن جي بي پناهه سگهه آهي. شنڪر ساگر
وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ٿر آهي جيڪو سراپا صدائون آهن. ٿر جي مورن جي صدائن تي
هن جو روح رڙي ٿو. ٿر جي مورن جو شڪار ڪندڙ شڪارين کي پاراتا ڏيندي هن هي سٽون تخليق
ڪيون ته:
ڪارونجهر جي ڪور تي، جهيڻو
ٻولي مور،
شنڪر ساگر ٿر جو رومانوي شاعر آهي، جيڪو پنهنجي شاعري
۾ محبتن جي رنگن کي نکاري ٿو. هڪ رومانوي شاعر جي حيثيت ۾ هن جي شاعري، پيار، محبت
۽ دردن جو سنگم آهي. هو پنهنجي غزلن جي ننڍي بحر وزن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جي سگهه به رکي
ٿو. ننڍي بحر وزن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو فن ڪنهن سگهاري شاعر وٽ ئي هوندو آهي.
مون
کي ڀلائي ڇڏ تون،
ميندي
لڳائي ڇڏ تون،
تو
وٽ منهنجي هستي ناهي
هون
ته دلڙي سستي ناهي،
جهڙي
تنهنجي نيڻن ۾ آ
مڌ
۾ اهڙي مستي ناهي،
سمونڊ
جيڏي دل آ منهنجي
تنهن
۾ ڪا سرمستي ناهي.
شنڪر ساگر جي شاعري ۾ خوبصورتي جا سمورا رنگ سمايل
آهن، جيڪي هڪ پختي شاعر ۾ هجن ٿا. شنڪر جي شاعري ۾ سادگي سلوئي ٻولي ۾ رواني به آهي.
هن معاشري جي ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو ۽ انهيءَ تي نثري نظم پڻ لکيا آهن هراسيل هارياڻي
۽ ٿر جي ڏڪار تي لکيل هن جا نظم پختا ۽ سگهارا آهن.
شنڪر ساگر پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ جيترو سادو سٻاجهڙو
ماڻهو آهي اوترو ئي هو حساس دل ماڻهو آهي. هو پنهنجي عام رواجي زندگي ۾ منافقت ۽ مغروري
ڪرڻ سکيو ناهي نه ئي هن کي ڊائيلاگ بازي يا خوبصورت لفظن سان منڊڻ اچي ٿو.