31/12/2012

نيڻ آلا ٿي ويا - رکيل مورائي



نوجوان شاعر رحمت سومري جو ڪتاب
نيڻ آلا ٿي ويا
رکيل مورائي
هن سال جي پڄاڻيءَ تائين ايندي، سنڌي شاعراڻن ڪتابن جو هڪ بهار سنڌ تي لٿو آهي، جنهن سنڌ جي شاعراڻي ڌرتيءَ تي ڪيترائي رنگ ڦهلائي ڇڏيا آهن، پر مون کي اهو چوندي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته انهن رنگن ۾ ڪي رنگ ايترا چٽا نظر اچن ٿا، جيڪي اکين ۾ پنهنجي خاص سڃاڻپ رکڻ جو ڪم ڪن ٿا. انهن رنگن/جن کي ادبي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڪوٺجي ٿو. هڪ ڪتاب ننڍي عمر جي نوجوان شاعر رحمت سومري جو آهي، جنهن جو نالو نيڻ آلا ٿي ويا آهي.

عشق ٿو مون ۾ نچي - رکيل مورائي



نوجوان شاعر مرتضى ڦل جو ڪتاب
عشق ٿو مون ۾ نچي
رکيل مورائي
چون ٿا ته جڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ عشق نچندو آهي، تڏهن شاعري سرجندي آهي ۽ ائين ئي اسان جي دوست مرتضيٰ ڦل سان به ٿيو آهي. هن جي اندر ۾ به خيرپور جي ڪنهن باليءَ جو چهرو واسو ڪري ويل آهي ۽ مرتضيٰ ان کي ڀيٽا طور هڪ لاجواب ڪتاب ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي ”عشق ٿو مون ۾ نچي“. ڪتاب ۾ ترتيب وار غزل، وايون ۽ نظم ڏنل آهن.

ساحلن تي آوارگيون - رکيل مورائي



نوجوان شاعر ارشاد ڪاظميءَ جون
ساحلن تي آوارگيون
رکيل مورائي
وڏي عرصي کان شعري دنيا کان پري ٿيندڙ يا پري رهندڙ دوست ارشاد ڪاظميءَ جو شاعراڻو ڪتاب پڙهندڙن اڳيان آيو آهي، ته سچ پچ خوشي ٿي آهي. خوشي ان لاءِ جو خوبصورت نظم سنڌي شاعريءَ کي ڏيندڙ ارشاد ڪاظمي موجوده ڪُجهه سالن ۾ نظر نه اچي رهيو هو، ائين جيئن هاڻ پروڙ رسالو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جيتوڻيڪ ان جو سرواڻ اسان جو پيارو دوست ۽ سنڌي جديد شاعريءَ جي پهرئين انٿالاجي ڏيندڙ مظفر چانڊيو، اڳي کان وڌيڪ سرگرم آهي ۽ ارشاد ڪاظمي ان انٿالاجيءَ ۾ شريڪ آهي. اها سندس اهم سڃاڻپ آهي ۽ هڪ مضبوط سڃاڻپ هاڻ هيءُ ڪتاب بڻجندو، جنهن جو نالو آهي ساحلن تي آوارگيون.

جمنا سان ٽي ڏينهن - رکيل مورائي



نامياري شاعر فتاح ملڪ جون گذاريل
جمنا سان ٽي ڏينهن
رکيل مورائي
فتاح ملڪ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن برابر بنهه ٿورو لکيو آهي پر اهو سنڌي شاعراڻي ادب جو اهم حصو آهي. ٻيءَ طرح هو هڪ اهڙو وطن دوست آهي، جيڪو سموري زندگي سرڪاري نوڪريءَ کان الڳ هوندي، سنڌ جي ادبي ۽ سياسي نظرياتي تنظيمن سان جڙيل رهيو آهي، نوجوان نسل جي رهنمائي ڪئي آهي. هو اينٽي ون يونٽ تحريڪ جو پڻ حصو رهيو ۽ هاڻ پ پ سرڪار جو حصو آهي ۽ پاڻ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آهي، جيڪو عهدو هن جي سڃاڻپ کان گهڻو گهٽ آهي ۽ سندس ادبي حوالي سان ٻي وڏي سڃاڻپ هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”جمنا سان ٽي ڏينهن“ ۽ هن ڪتاب ۾ سندس ڪهاڻيون آهن جن جو انگ ويهه آهي. ويهن ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب، فتاح ملڪ صاحب کي هڪ ڪهاڻيڪار طور ڪيتري سڃاڻپ ڏياريندو سنڌي ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾، البت سندس هڪ شاعر طور ۽ هڪ دلبر دوست واري سڃاڻپ ته گهڻي مضبوط آهي. شايد ائين به آهي ته عمر جي آخري پڙاءَ ۾ کانئس رهجي ويل لکڻيون هو ڪتابي صورت ۾ آڻي انهن کي محفوظ ڪرڻ چاهيندو هجي. سندس ڪهاڻيون هڪ سنجيدي اڀياس جون گهرجائو ته پڪ آهن ۽ اها به پڪ آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جو هڪ اهم حصو بڻبو ۽ اهو پڙهڻ وقت سنڌي سماج کي ڪجهه اوس ڏيندو ۽ ائين فتاح ملڪ صاحب جون ڪهاڻيون پنهنجون هڪ ڪارج ادا ڪنديون. ڪتابي صورت ۾ هيءُ ڪهاڻيون محفوظ ٿي ويون آهن، ائين سنڌي ادب کي هڪ سٺو ڪتاب ملي ويو.
خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 102 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي. پڪي ۽ سهڻي جلد وارو هيءُ ڪتاب شاهه عبداللطيف سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي.

29/12/2012

محبتن جو هڪ جھان - ڪامريڊ ڄام ساقي



مير نادر علي ابڙي جي ڪتاب ”سنڌ جا املهه هيرا“ جا ٻه اکر
محبتن جو هڪ جھان
ڪامريڊ ڄام ساقي
مير صاحب نادر علي ابڙو هڪ ته نوجوان، ٻيو  پوليس آفيسر ـــ پوءِ به ادب ۽ اديبن تي ايترو لکي، اِها ڳالهه جھڙوڪر اڻ ٿيڻي هئي پر هتي وري حسب نسب ڪم آيو. مير صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو لائق فرزند آهي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سينئر اديبن کي منظم ڪري سنڌي ادبي سنگت هلائيندڙ، هارين جي هلچل ۾ حصو وٺي، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي منظم ڪري جاکوڙيندڙ رهيو آهي.

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو - محمد ابراهيم جويو


نادر ابڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب جو مھاڳ
”سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو سُجاکو سڄڻُ
محمد ابراهيم جويو
هن ڪتاب جو هيرو، ڪتاب جي لکندڙن جو ساهُه سُڌيرُ، دوست ۽ دلبندَ ساٿي، ميان تاج محمد ابڙو، پنهنجي ماءُ پيءُ جو هيڪلو سڪيلڌو پُٽ ۲ آگسٽ، ۱۹۲۴ع تي ڄائو ۽ ۱۰ مارچ، ۱۹۸۶ع تي وفات ڪيائين. پنهنجي عمر عزيز جا ۶۲ سال گذاري، پنهنجي وطن پاڪ سنڌ کي خيرباد چئي، جا ڪجهه ڪمائي ڪيائين پوئتي ڇڏي، ڪجهه نه کڻي، زمانَ ۽ مڪانَ جو اهڙو اڻ ڄاتو ”عالَم“ وڃي وسايائين، جنهن جو ڪنهن کي ڪو پَرو پاندُ ڪونهي. حساس ۽ باشعور زندگيءَ جي هن حيرت ڀَـرئي مَنظر جي سبق آموز ۽ درديلي اِها ”تقدير“، ٿوري گهڻي فرق سان، نوع انسانَ جي هر فرد لاءِ اٽل آهي.

28/12/2012

الطاف شيخ جي مهانتا - آفتاب ابڙو



الطاف شيخ جي مهانتا
”رٺي آھي گھوٽ سان“ ڪتاب جو پيش لفظ
آفتاب ابڙو
الطاف شيخ جي مهانتا صرف ان ڪري نه آهي ته هو عام زندگيءَ ۾ نهايت صاف گو ۽ کرو ماڻهو آهي. يا هن اڌ دنيا جي معلومات اسان تائين پهچائي آهي، بلڪ هو ان لحاظ کان به وڏو ماڻهو آهي، جو هن پنهنجي لکڻين ذريعي لکين پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. مون ڪيترن دوستن کي ڏٺو آهي، جن کي چڱي معلومات وارو ڪتاب هٿ ۾ کڻندي ئي ٻرو چڙهي ويندو آهي، پر جڏهن اُهي الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو ڏسڻ ڪاڻ وٺندا آهن ته پڙهي پوري ڪرڻ کان اڳ، موٽائي ڏيڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن. ڪتاب جتان به شروع ڪيائون، ان کي اڌ ۾ ڇڏي، مهڙ کان پڙهڻ لڳندا آهن. اهڙي نموني منجهن پڙهڻ جي هيرَ پئجيو وڃي.

هر فن مولا ــــ الطاف - قمر شهباز



هر فن مولا ــــ الطاف
”رٺي آھي گھوٽ سان“ ڪتاب جو مھاڳ 
قمر شهباز
الطاف شيخ جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد هاڻي خيرن سان پنجاهه جي ويجهو اچي پهتو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي ليکڪ لاءِ ان کان وڌيڪ خوشيءَ ۽ فخر جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هو ايترين سارين تصنيفن جو مالڪ هجي ۽ پڙهندڙ سندس هر نئين تصنيف کي هٿو هٿ کڻي وڃن. نه رڳو ايترو بلڪ انهن ڪتابن جا ڇاپا مستقل طور ٻيهر مارڪيٽ ۾ ايندا رهن. منهنجي خيال ۾ ڪوبه ناميارو ليکڪ ان کان وڏي ڪنهن به اعزاز جي تمنا ڪري ئي نٿو سگهي. نوجوانن کان وٺي ٻڍن تائين، شاگردن کان ويندي ڌنڌوڙين ۽ واپارين تائين، الطاف جو نالو ئي بهترين تفريح، ڄاڻ ۽ تربيت جي ضمانت آهي. سندس سادين سودين لکڻين جو جادو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي. سندس هر نئين تجربي جو انتظار نه صرف پڙهندڙن کي رهي ٿو، بلڪ پبلشر به ڏينهن ڳڻيندي گذاريندا آهن.

اوريانا فلاسي ڇا ٿي سوچي - سلام ڌاريجو



اوريانا فلاسي ڇا ٿي سوچي:
اولهه جا ملڪ ۽ انتها پسندي
سلام ڌاريجو
اٽلي جي شهر فلورينس ۾ جنم وٺندڙ اوريانا فلاسي 1929 ۾ پيدا ٿي. ننڊي عمر ۾ ئي هن کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو وٺڻو پيو ۽ اهڙي طرح 1967 کان وٺي هندستان-پاڪستان، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ٿيندڙ جنگين جي رپورٽنگ ڪيائين.
اوريانا فلاسي نه رڳو ميدان جنگ جي رپورٽنگ ڪئي آهي پر دنيا جي مڃيل سياسي انٽرويو ڪندڙن ۾ سندس نالو ڳڻجي ٿو. امام خميني کان وٺي ياسر عرفات، ڀٽو، قذافي ۽ ٻين ڪيترن سياسي شخصيتن جا هن انٽرويو ڪيا. اڄڪلهه نيو يارڪ ۾ سياسي جلاوطن جي حيثيت سان رهندڙ اوريانا جو هي ڪتاب اٽلي جي مشهور اخبار ۾ شايع ٿيو.

26/12/2012

اچو ته ھِند ۾ سنڌ بڻايون - لکمي کلاڻي



اچو ته ھِند ۾ سنڌ بڻايون
لکمي کلاڻي
هيمنت ڪمار سنگهه پاٽنا (بهار) جو رهاڪو آهي. هن ويجهڙائيءَ ۾ هڪ هندي ناول لکيو آهي. ”آئو هند ۾ سنڌ بنائين“. هن ناول جو نايڪ پاٽنا يونيورسٽيءَ ۾ اتهاس جو پروفيسر رگهنندن سنگهه آهي. هن عالم ڀارتي اتهاس ۾ سنڌ جو ترسڪار ۽ ان جا خراب نتيجا موضوع جو گنڀيرتا سان اڀياس ڪري پنهنجي لکيل ان ٿيسز تي ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي آهي.

آمريڪي سياسي تاريخ ۾ جهاتي



آمريڪي سياسي تاريخ ۾ جهاتي
اڳوڻي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي گهر واري جيڪولين ڪينيڊي جي تاريخي انٽرويوز تي ٻڌل ڪتاب 47 ورهين کان پوءِ منظرعام تي اچي چڪو آهي. اهي انٽرويو جان ايف ڪينيڊي جي تڏهوڪي صلاحڪار ۽ آمريڪا جي ناليواري تاريخدان آرٿر. ايم شيلنگر ورتا هئا. جيڪولين ڪينيڊي وصيعت ڪئي هئي ته اهي انٽرويو سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇاپيا وڃن. جيڪولين جي اڪيلي ڌيءَ ڪيرولين ڪينيڊي ماءُ جي وصيعت کي مانُ ڏيندي هاڻي شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ به ڪيرولين ئي لکيو آهي. ڪتاب جو نالو آهي:
Kennedy Jacqueline Kennedy: Historic Conversations on life with John- F K
اهي انٽرويو 1964ع ڌاري مختلف وقتن تي ورتا ويا هئا جيڪي هاڻي منظرعام تي اچي ويا آهن.

رياض عمراڻي جو نڪور ڪتاب ”سلام يا حسين عه“ - پير نويد شاهه



رياض عمراڻي جو نڪور ڪتاب
”سلام يا حسين عه“
پير نويد شاهه
ڪو زمانو هوندو هو ته اسان وٽ ڪتاب جو وڏو مانُ هوندو هو، ڪتاب کي وقتي وندر چئجي يا ڪجهه تربيت ڪرڻ جو ذريعو اهو ته پڙهندڙ تي دارومدار رکي ٿو ۽ ان جي سوچ تي پر ٻنهي صورتن جي باوجود هتي ڪتاب جو گهڻو اثر رهيو، ڪتاب شايع ٿيندا رهندا هئا ۽ سُٺي انداز ۾ وڪرو ٿيندا هئا، هاڻي هتي اٽي ۾ لوڻ برابر ڪتاب جو شائق وڃي رهيو آهي.

تحفي جهڙو ڪتاب - ڪوثر ٻرڙو



تحفي جهڙو ڪتاب
رياضت ٻرڙي جي ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ جو پيش لفظ
ڪوثر ٻرڙو
لفظ ڳالهائيندا آهن. لفظن کي پنهنجي صوتي تصوير ٿيندي آهي. لفظن کي پنهنجي شڪل ۽ صورت ٿيندي آهي. لفظ جڏهن اُچاريا وڃن ٿا، ڳالهايا وڃن ٿا ۽ خاص ڪري لفظ ريڊيو تي جڏهن ادا ڪيا وڃن ٿا ته انهن لفظن جو هڪ تاثير ۽ تاثر جُڙي ٿو. ميڊيا، خاص ڪري ريڊيو تي ڳالهائڻ لاءِ هڪڙا ضابطا، قاعدا مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ ڪجهه پابنديون مڙهيل هونديون آهن جن مٿان عمل ۽ انهن جي پابندي هر حال ۽ هر صورت ۾ ڪرڻي پوندي آهي. ريڊيو جو موٽو يا هڪ طَيءِ ٿيل اصول آهي جنهن کي ”قولو لِلناس حسنا“ ڪوٺيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي ”سڀن سان سهڻي نموني سان ڳالهايو“. اهو ريڊيو پاڪستان جي مائيڪ تي ڳالهائڻ جو هڪ ”منشور“ آهي، هڪ ضابطهء اخلاق آهي، جنهن مٿان هر براڊڪاسٽر کي عمل ڪرڻ لازمي هوندو آهي. هونئن به اسان جڏهن ريڊيو تي ڪو پروگرام پيش ڪيون ٿا يا ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏيون ٿا ته اسان کي ڪجهه ڳالهين جي هر حال ۾ پڪ ڪرڻي پوي ٿي ته اهي پروگرام ۾ شامل آهن يا نه؟ يا ايئن چوان ته اسان جي ريڊيو پروگرام جا اهي چند بنيادي مقصد هوندا آهن، جيڪي آهن:
- اطلاع يا معلومات،
- تعليم يا ترغيب، ۽
- تفريح.

24/12/2012

مارڪسي ادبي تنقيد - اڪبر لغاري



مارڪسي ادبي تنقيد
اڪبر لغاري
فڪري پس منظر:
مارڪسي ادبي تنقيد کي سمجھڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جي فڪري بنياد يا فڪري ماخذ کي ڏٺو وڃي ڇو ته مارڪس ۽ اينگلس  بنيادي طور نه ته ادبي نقاد هئا نه ئي انهن شعوري طور ادبي تنقيد تي ڪو مقالو لکيو. ليڪن پنهنجي بنيادي فڪر( سوشلزم-ڪميونزم) جي تشريح ڪندي، هنن ادب ۽ سماج جي تعلق جي باري ۾ ڪافي لکيو، جنهن جي بنياد تي مارڪسوادين ويهين صدي جي شروع ۾ مارڪسي ادبي تنقيد جوفڪر ڏنو.

سائين علي احمد قريشيءَ جي آتم ڪٿا - رکيل مورائي



سائين علي احمد قريشيءَ جي آتم ڪٿا
يادن جا ورق
رکيل مورائي
گهڻين ئي ٻولين (شايد انگريزيءَ سميت) ادب ۾ اهو قبول ڪيو آهي ته اڄ جي حوالي ۾ جن ڪتابن جو گهڻو وڪرو ٿئي ٿو، انهن ۾ پهرئين نمبر تي آتم ڪٿائون/يادگيرين جا ڪتاب آهن. اڄ جو پڙهندڙ شايد ڪنهن به تخليقڪار بابت اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي، ڪهڙين حالتن ۽ لمحن ۾ هن تخليق  ڪئي وغيره. ادب کان ٻاهر زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو به پنهنجو آتم ڪٿائون لکندا رهيا آهن، جيڪي به گهڻي حد تائين پڙهيون وينديون آهن. سياستدان ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائون لکندا رهيا آهن ۽ گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن. ان کان پوءِ آتم ڪٿا جا پڙهندڙ ورهائجي وڃن ٿا پوءِ هر پڙهندڙ جنهن فيلڊ سان واسطو رکي ٿو، اهو ان فيلڊ سان واسطو رکندڙن جون آتم ڪهاڻيون پڙهي ٿو ڇاڪاڻ ته ان ۾ هن کي شخصي مقصد حاصل ٿئي ٿو. اهو شخص ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن فيلڊ ۾ منهنجي پيشروئن جا تجربا ڪيئن رهيا آهن ۽ اهو انهن آتم ڪٿائن مان گهڻو ئي ڪجھه حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي.

سائين ذوالفقار قادريءَ جي آتم ڪٿا - رکيل مورائي



سائين ذوالفقار قادريءَ جي آتم ڪٿا
پلئه پايو سچ
رکيل مورائي
سياست، ادب، روحانيت، ذهانت، واڌو شهادتن، غدارين ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن سان ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جو هڪ نهايت اهم شهر لاڙڪاڻو ۽ ان جي هڪ عقيدت ۽ احترام لائق فئملي، قادري فئملي جنهن تي لاڙڪاڻي کي وڌيڪ ئي فخر هجڻ جڳائي ۽ ائين سموري سنڌ کي فخر هجڻ جڳائي، جنهن قادري فئملي جو تعلق سنڌ جي سچ، سونهن، محبت ۽ بيباڪي جو سڏ ڏيندڙ سچل سرمست آهي، ۽ ان کان پوءِ ڄڻ اڻ ڳڻيا نالا، علم، ادب، سياست ۽ روحانيت ۾ پنهنجو خاص مقام رکندڙ آهن ۽ شايد اهي نالا هن ڪتاب لکندڙ، صوفي دل رکندڙ، دوستن سان پيار ڪندڙ ۽ چهري تي سدائين معصوم مرڪ آڻي دوستن سان ملندڙ ۽ ساڳئي وقت هن ملڪ جي نهايت اهم عهدن کي پنهنجي موجودگيءَ جو اعزاز بخشيندڙ سائين ذوالفقار علي قادريءَ کان پوءِ به هلندا ۽ هو ساڳئي طريقي سان علم ادب ۽ روحانيت ذريعي سنڌ کي پنهنجون محبتون آڇيندا رهندا اهڙي پڪ آهي ۽ اهڙي محبت پلئه پايو سچ“ نالي ڪتاب معرفت سائين ذوالفقار علي قادريءَ سنڌ کي ارپي آهي، جيڪا اڄ لکندڙ طور توڻي پڙهندڙ طور اسان سنڌين کي جوڙي ويٺي آهي.

شيخ اياز جو همعصر دور ۽ اڄوڪي سنڌ - مبارڪ علي لاشاري



شيخ اياز جو همعصر دور ۽ اڄوڪي سنڌ
مبارڪ علي لاشاري
شيخ اياز هڪ تاريخ آهي اهڙي تاريخ جيڪا گهڻ پاسائين آهي ۽ گهڻ طرفي پيغام ڏيندڙ ۽ سجاڳي آڻيندڙ آهي، سندس چواڻي:
ڪي ماڻهو
تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتي جي سيني جي
اهڙي
گهري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي
شيخ اياز دنيا کي بدلائيندڙ هو ۽ تبديلي جو خواهان هو، سندس اڻٿڪ جدوجهد ۽ پيار جو پورهيو مثالي آهي، ڪنهن خوب چيو آهي ته ”اسان جو سماج ڪنهن کي به عظيم يا وڏو بڻائيندڙ ڪونهي اسين ته رڳو ڪيرائڻ ئي سکيا آهيون، بيهارڻ سکيا ئي ناهيون پر پوءِ به اسان جي جهولي خالي ناهي رهي هر دور ۾ فطرت اسان کي شاهه، سچل، سامي، اياز ۽ بخاري جهڙا اڻ مٽ ڪردار ۽ ڪوي ڏنا آهن.“

21/12/2012

سراج تي ڪيل گنگارام سمراٽ جي تنقيد جو جائزو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(سراج تي ڪيل گنگارام سمراٽ جي تنقيد جو جائزو)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ سجاڳ‘، ماهوار، ڪراچي جي آگسٽ 1995ع واري پرچي ۾ علمي دنيا جي هڪ وڏي نالي گنگارام سمراٽ جن جو هڪ مضمون سنڌي ٻولي، 22 کان 26 صفحي تائين ۽ 66 صفحي تي هڪ ڪالم جي صورت ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سراج (سراج الحق ميمڻ) صاحب جن جي اپريل 1964ع ۾ لکيل هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ تي تنقيد ڪئي وئي آهي. سمراٽ صاحب جن جو اهو مضمون، لڳ ڀڳ 25 ورهه اڳ لکيل، جيئن ته اڻلڀ ٿي چڪو هو تنهنڪري ”پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ ۽ لسانيات بابت اٿاريل ”نقطن“ تي بحث ڪرڻ لاءِ هيءُ مضمون“ ڇپيو ويو آهي...

نوٽ: ڊاڪٽر محبت صاحب هي طويل تنقيدي مقالو لکيو هو، جنهن جو پهريون پئراگراف مٿي ڏنو ويو آهي. اهو مقالو سندس ڇپيل ڪتاب ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ ۾ شامل آهي ۽ ڊاڪٽرمحبت ٻرڙي جي بلاگ تي پڻ ٽن ڀاڱن ۾ رکيل آهي.

اوهان جي دلچسپيءَ لاءِ، هيٺ، ٽنهي ڀاڱن جون Links ڏجن ٿيون جن تي ٽِـڙڪ (Click) ڪرڻ سان اوهان اهو مقالو پڙهي سگهو ٿا.