جڳ مشهور ليکڪ جان ڪيننگ جو ڪتاب
هڪ سؤ عظيم ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو آهي، ”هڪ سئو عظيم
ڪتاب“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ بيمثال
پذيرائي ماڻي چڪو آهي. جان ڪيننگ جو سهيڙيل هيءُ ڪتاب دنيا ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ شايع
ٿيل اهڙن هڪ سئو ڪتابن جي چونڊ آهي، جن سڀني ڪتابن کي دنيا ۾ مختلف عملن ۽ پهلوئن ڪري
گهڻي اهميت وارو ڄاتو ويو آهي، پوءِ به سهيڙيندڙ پنهنجي نوٽ ۾ ايمانداريءَ سان واضح
ڪيو آهي ته ڪي ڪتاب اهڙا آهن جن بابت هُن جي شخصي پاسخاطري موجود آهي، تنهن هوندي به
هن ڪتاب جي اهميت کي سموري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. الڳ الڳ موضوعن ۽ علمن سان واسطو
رکندڙ دنيا جا هڪ سئو عظيم ڪتاب، جيڪي هن گڏيل تبصري ۾ شامل آهن، انهن مان ڪيترن سنڌي
پڙهندڙن کي پڻ موهيو آهي. جان ڪيننگ ڪتاب ۾ شامل هڪ سئو ڪتابن تي جيڪي تبصرا لکيا آهن،
اهي گهڻي ڀاڱي ڪتاب جي سموريت کان پڙهندڙن کي واقف ڪن ٿا، ڪنهن به ڪتاب تي ائين تبصرو
لکڻ هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي.