مسرور پيرزادو
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“
وڏن ماڻهن جي خوبين مان هڪ خوبي اها به
هوندي آهي ته هو پنهنجي وڏائي ٻين تي ظاهر ناهن ڪندا. هو لطيف جي لفظن ۾ ”لڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ هوندا
آهن، ۽ پنهنجي نِوڙت، نياز، عاجزي ۽ انڪساري سان پنهنجو پاڻ کي ”ڪجهه به نه“ ڪري
پيش ڪندا آهن. ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو
به اهڙو ئي وڏو ماڻهو آهي. هو پنهنجي ڪاميابين ۽ حاصلاتن کي الله سائين جو ڪرم
چئي، ڄڻ ته
لطيف سائين جي ان بيت جي مختصر ۽ تمام جامع
تشريح ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن بيت ۾ اسان جي روحاني هماليا فرمايو آهي ته:
ات ڪرت وارا ڪيترا، ڪرت ڪبو ڪوهه
جيڪو بندو ڪم ڪري، سو مڙيو ئي ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.
ائين ئي ڊاڪٽر پيرزادي پنهنجي ڪرت ۽ ٽيلينٽ
کي ”رب جي رضا“ سمجهندي هميشه اها ئي خواهش رکي آهي ته شل رب هن جي لوهه جهڙي وجود کي سڃي
سون ڪري ڇڏي. ۽ رب پاڪ به پنهنجي ٻانهي جي خواهش پوري ڪري هن کي سراپا سونُ بڻائي ڇڏيو.