ڊاڪٽر
رياضت ٻرڙو
شيخ اياز جا اردو ۽ سنڌي ٻولين بابت تقابلي ويچار
(مختصر جائزو)
شيخ اياز جو شمار ويھين صديءَ جي سنڌي شاعرن ۾ انتھائي مٿاهين درجي تي ٿئي ٿو. کيس ويھين صديءَ جي عظيم سنڌي شاعر جي حيثيت به حاصل آهي، جنھن جا نه صرف پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي همعصرن تي اثر رهيا، پر هن جي سرجيل سنڌي شاعريءَ ۽ نثري ادب، سنڌي ادب جا به نوان ۽ مثبت رخ متعين ۽ مقرر ڪيا. ان جي شاهدي هن جا سرجيل ۽ ڇپيل شعري مجموعا ڀَليءَ ڀَتِ ڏين ٿا جن جو ڳاڻيٽو 40 کان مٿي آهي ۽ جن جي شروعات ”ڀونر ڀري آڪاس“ کان سن 1962ع ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ته سندس سنڌي افسانا پڻ ڇپجي مشھور ٿِي چڪا هئا جيڪي اول ”سفيد وحشي“ (1946ع) ۽ ان بعد ”پنهل کان پوءِ“ (1954ع) مجموعن ۾ ڇپيا هئا. ان ڪتاب کان اڳ شيخ اياز اردوءَ ۾ به ڀرپور شاعري ڪئي هئي، جنھن جو پھريون مجموعو ”بوئے گل نالهء دل“ سندس سنڌي مجموعي کان 8 سال اڳ سن 1954ع ۾، آفاق صديقيءَ سھيڙي ڇپرايو هو. صديقي صاحبُ ان ڪتاب جي پيش لفظَ بعنوان ”پس منظر“ ۾ لکي ٿو: ”اياز کي اردو شاعري کي عمر صرف آٹھ نو سال هے۔ اردو شاعري کا چسکا تو اسے کراچي هي ميں لگ گيا تھا ليکن اپني عديم الفرصتي اور کراچي کي روا روي کے پيش نظر وه اس طرف کوئي خاص توجه نه دي سکا۔ کراچي کے دورِ قيام ميں اس نے صرف کچھ هي نظميں کهي هيں۔ باقي تمام نظميں سکھر ميں کهي گئي هيں۔ ان نظموں ميں نه صرف اس کي اپني زندگي کا مکمل عکس هے بلکه ايک ايسا فلسفهء حيات بھي هے جو ’تپتي هوئي دھوپ‘ ميں ’سايهء ديوار‘ کا کام دے۔ اس کا يه فلسفهء کائنات اور اس کے دلچسپ مظاهر کو بڑي خوش اصلوبي سے اپنے دامن ميں سميٹے هوئے هے۔“[ کاظمي، 27:2010] ان راءِ منجهان اياز جي اردو ٻوليءَ تي مھارت ۽ سندس شاعريءَ جي فڪري اڏار کي پرکي سگهجي ٿو. هُو تسلسل سان سنڌيءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ويھين صديءَ جي چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ شاعري ڪندو رهيو هو ۽ ڪجهه اردو مشاعرن ۾ اهميت سان حصو ورتو هو. هُن 1960ع جي ڏهاڪي جي وچيَن ورهين ۾، 200 کن غزلن تي مشتمل پنھنجي اردو شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”کفِ گل فروش“ جي نالي سان ترتيب ڏنو هو [اياز، 130:2021]، پر اهو ڪجهه سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهيو هو. البت شيخ ايازَ ”شاهه جي رسالي“ جو منظوم اردو ترجمو ”رسالهء شاه عبداللطيف“ نالي سان ڪيو هو جيڪو سنڌ يونيورسٽي پاران سن 1963ع ۾ ڇپجي چڪو هو. شيخ اياز جي اردو شاعري ايتري ته اهميت ماڻي چڪي هئي جو ترقي پسند نامياري شاعر فيض احمد فيض کي به شيخ اياز بابت چوڻو پيو ته ”وادئ سندھ ميں تو ان کا کلام عوام و خواص کي زبان پر هے هي، ليکن اردو زبان بھي ان کے فيض سے خالي نهيں رهي۔ ان کي اردو ميں کهي جانے والي نظموں کے علاوه شاه عبداللطيف بھٹائي کے رسالے کا اردو ترجمه بھي اپني جگه پر اردو ادب ميں ايک قابلِ قدر اضافه هے۔“[ فرخي، 13:1998]