اڪبر لغاري
”پنهون“
ناول جو تنقيدي جائزو
ادب جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي
ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري،
نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ
ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.
ڄام درڪ هڪ سڄاڻ نوجوان آهي جنهن جي يادگيري ۾ اهو ڀيانڪ منظر نقش
ٿيل آهي جنهن ۾ ننڍي هوندي هن جي ڳوٺ تي بمباري ڪئي ويئي هئي. هن جي ملاقات هڪ ٻي
نوجوان توڪلي سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ محبتي، انقلابي ۽ مدبر ماڻهو آهي. توڪلي جي ڳوٺ
مان هڪ نوجوان اچانڪ غائب ٿي وڃي ٿو جنهن جو نالو پنهون آهي. پنهون توڪلي جي ڳوٺ ۾
مهمان بنجي آيو هو ۽ ڪوئيٽا يونيورسٽي جو شاگرد هو. هو يونيورسٽي ۾ هر دلعزيز ۽ هڪ
انقلابي جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.