18/01/2021

مصور طرفان چٽيل صدين جي ڪھاڻي ”چچريل لاش“ - شھباز پيرزادو (Shahbaz Perzado)

 شھباز پيرزادو

مصور طرفان چٽيل صدين جي ڪھاڻي

”چچريل لاش“

جنوريءَ جي سرد رات لڙي چڪي آهي ، پوڙها ماڻهو سج لٿي سان ئي بستر کي ڀيڙو ٿي چڪا، گهر جي چرخي کي ڀرٿ ڀري هلائيندڙ ڪنوارين ڇوڪرين کي به هاڻ ڀرٿ جي سئي آڱر ۾ لڳي رهي آهي ۽ هو ڳوٽن جي ڇٻي بنا در واري دريءَ ۾ رکي پنهنجن امڙين جي ڀر ۾ اچي ويٺيون آهن، ڳوٺ جي رولاڪ ڇوڪرن به محبوب جي ياد ۾ دکايل سگريٽ کي وڏا ڪش هڻي ڇاتي گرم پئي ڪئي، ڪوهيئڙي جو ڄار ڪڻڪ جي تازي پوکيل فصل مٿان ڇائنجي چڪو هئو ۽ مان ڪوهيئڙي جو سيني چيري جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ احمد شاڪر جي تازي ڇپيل ناول  چچريل لاش جو خيال دماغ ۾ ائين اچي لٿو جيئن  جلاوطن ٿيل نوجوان کي پنهنجي وطن جي ڪچي رستي مٿان ٿيل ڇنڪار جي هڳاءُ جو خيال ايندو آهي .

ستار رند جو ناول ”يادن کي الوداع“ - منوج ڪمار (Manooj Kumar)

 منوج ڪمار

ستار رند جي ناول

”يادن کي الوداع“ جو اڀياس

ستار رند پنھنجي دور ۾ وڏي عرصي تائين سنڌ جي قوم تحريڪ ۽ کاٻي ڌر سان سھلاڙيل رھيو. بعد ۾ ھُن جو تعلق پيپلز پارٽي جي وڏي سطح جي قيادت سان رھيو. ھُن مختلف غير سماجي تنظيمن سان بہ ڪم ڪيو. ھُو ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالمسٽ بہ ھو. ھُن کان اڳ سندس شاعري جا ٻہ ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. 2016 ۾، چوونجاھہ سالن ۾، دل جي دوري ۾ سندس اوچتي وفات ٿي وئي. يادن کي الوداع ستار رند جو پھريون ۽ آخري شايع ٿيل ناول آھي جيڪو سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ شايع ٿي پڙھندڙ جي ھٿن ۾ پھتو آھي.


ناقابل برداشت وجود جي هلڪڙائپ - ڊاڪٽر غفور ميمڻ (Dr Ghafoor Memon)

 ڊاڪٽر غفور ميمڻ

ناقابل برداشت وجود جي هلڪڙائپ

(Unbearable Lightness of Being)

ميلان ڪنڊيرا جي ناول ۽ ٺهيل فلم جو جائزو

ميلان ڪنڊيرا اپريل جي پهرين تاريخ 1929ع چيڪوسلواڪيا ۾ ڄائو. چيڪو سلواڪيا جو مشهور ڪميونسٽ انقلاب 1948ع ۾ آيو هو. ان کان پوءِ ميلان ڪنڊيرا فرانس ۾ جلاوطن ٿي ويو هو. ميلان ڪنڊيرا ڪيترائي ناول ۽ ادبي تنقيد جا ڪتاب لکيا هئا، پر سندس اهم ۽ مشهور ڪتاب unbearable lightness of beingآهي. هن ناول تي فلم به ٺهي چڪي آهي.

11/01/2021

ڪتاب ”سروس بخير“ - اعظم ڀٽي (Azam Bhatti)

 اعظم ڀٽي

چاليهه سالا نوڪري واري عرصي جي شاهڪار شاهدي:

ڪتاب سروس بخير

انگن ۽ اکرن جي دنيا جو ماڻهو، حساب ڪتاب ۽ ليکي چوکي واري سفر جو مسافر، جيڪڏهن لفظن جي لات لنوي، جُملن جا جبل جهاڳي، ڪتابن جي ڪَٿ ڪري ته حيرانگيءَ جي ڪا حد نٿي رهي. ڳالهه جو حقيقي مقصد اهو آهي ته منهنجي معلومات مطابق آڊٽ ۽ اڪائونٽس جهڙي خُشڪ شعبي ۾ اديب، دانشور يا شاعر جو وجود نه هئڻ برابر رهيو آهي، اُتي اڱرين تي ڳڻڻ وارو اصطلاح به پنهنجي پوري معنى برقرار نه رکي سگهيو آهي. تاج بلوچ، محمد ملوڪ لُنڊ، جاويد سومرو ۽ اسان جي محبوب ساٿي، پُراسرار مسڪراهٽ جي مالڪ اقبال بلوچ کان سواءِ سموري سنڌ جي خزاني کي سرڪاري سطح تي هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙائڻ واري ڊوڙ ۾ شامل هزارين ماڻهن مان بس اهي ئي چار فرد نڪري، نروار ٿي، نمايان نالو ڪڍي، سنڌي ادب، سنڌي شاعري، سنڌ جي صحافت ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي منفرد بڻائي ظاهر ٿي سگهيا آهن. ڇا سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي تاريخ ۾ اها هڪ وڏي ۽ منفرد خبر ناهي؟ ڇا اهو ڪارنامو ڪو غير معمولي ڪارنامو ناهي؟ انگن جي انگڙاين ۾ ڦاٿل هوندي به لفظن جي راند سان رومانس ڪرڻ واري تمام مختصر تاريخ رکندڙ روايت ڪنهن به اعلى تجسُس کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. صحافتي اصولن سان سلهاڙيل هڪ جملو ياد ٿو پوي ته ڪنهن اديب جو صحافي هُجڻ ضروري ناهي، پر هڪ صحافي لاءِ اديب هجڻ انتهائي ضروري آهي“. ان نسبت سان آئون واضع ڪرڻ چاهيندس ته لفظن جي رانديگر لاءِ اهو ضروري ناهي ته اهو انگن جو به رانديگر هُجي، پر انگن جي رانديگر لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهو لفظن جو به سُٺو رانديگر هجي“، ڇاڪاڻ جو لفظن جي رانديگر جو گهڻو ڪري تعلق يا واسطو پڙهيل، لکيل ۽ شعور رکندڙ حلقي سان ئي رهي ٿو پر آڊٽ ۽ اڪائونٽس جي شعبي سان سلهاڙيل انگن جي رانديگر جو تعلق سماج جي هر شعبي جي فرد سان جُڙيل رهي ٿو.

10/01/2021

خليل کوسي جو ڪتاب ”سنڌ جا ٽنڊا“ - اعظم ڀَٽي (Azam Bhatti)

 اعظم ڀَٽي

خليل کوسي جو ڪتاب

”سنڌ جا ٽنڊا“

سرسري جائزو

خليل کوسو سنڌي شاعري جي حوالي سان تمام سُٺي شهرت رکي ٿو. هو سُٺو سُگهڙ به آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي سندس هڪ ڪتاب ڪيڏانهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ ڪتاب پاڪسنگهار جي نالي سان به شايع ٿي چُڪو آهي. تحقيق تي مُبني سندس هي ٻيو ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي سنڌ جا ٽنڊا (۽ انهن جو مختصر تعارف). مطلب ته هڪ سُٺو شاعر، هڪ بهترين محقق به آهي پر سندس اصل سُڃاڻپ اڪثر طور اڃا تائين به شاعر واري آهي.

بهرحال شاعر يا محقق پر حقيقت ۾ ڳالهه تخليق جي آهي، تخليق ئي تخليقڪار جي اصل ۽ حقيقي سڃاڻپ آهي، ائين ئي خليل کوسي جي سُڃاڻپ به هڪ تخليقڪار واري آهي. سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب سنڌ جا ٽنڊا (۽ انهن جو مختصر تعارف) پنهنجي جوهر ۾ هڪ منفرد ڪم آهي، نرالي محنت آهي، هڪ جاکوڙ آهي. اهڙي سهيڙ آهي، جنهن لاءِ کيس ڪيترن ئي سالن کان مشڪلاتن جا لاتعداد پاپڙ ويلڻا پيا. نيٺ سالن پُڄاڻان هُن هڪ منفرد تاريخ سهيڙي ورتي، جنهن تاريخ لاءِ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان وٺي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو تائين ڪافي عالمن، اديبن ۽ دانشورن کان معلومات جا موتي ماڻيا، جن مان ڪيترائي ته هي جهان ڇڏي، دائمي سفر ڏي روانا ٿي ويا. ڪاش اُهي جي حياتي هُجن ها ته هن محنت کي ڏسي خوشيءَ جي ڪا مُرڪ ضرور مُرڪن ها! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان وٺي ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ تائين سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ ستارن جهڙن تخليقڪارن ۽ محققن جا اهي لفظ اڄ به منهنجي ڪَنن ۾ هميشه جيان تازا رهندا اچن ته: جيڪڏهن سنڌ جا پڙهيل لکيل فرد، رڳو پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ انهن علائقن جي شخصيتن تي لکن تڏهن به سنڌ جي بهترين تاريخ سهيڙي سگهجي ٿي.

قاضي خادم جو ڪتاب ”حيدرآباد منهنجي سپنن جو شهر“ نياز پنھور - (Niaz Panhwar)

 نياز پنھور

سائين قاضي خادم جو نئون شايع ٿيل ڪتاب

حيدرآباد منهنجي سپنن جو شهر

هڪڙو وقت هو جڏهن آئون سمجهندو هئس ته تاج جويو، عبدالواحد آريسر يا رسول بخش پليجو اهي ماڻهو آهن جن سنڌ جو چپو چپو گهميو آهي. منهنجي اها به راءِ هئي ته انهن ٽنهي ماڻهن جا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سوين نه بلڪه هزارين دوست ۽ واقفڪار ۽ ساٿي موجود آهن. اها ڳالهه تڏهن جي آهي جڏهن مون اڃا قاضي خادم جي يادگيرين تي مشتمل لکيل ڪتاب نه پڙهيا هئا ۽ نه وري مون ساڻس آمهون سامهون ويهي انهن شهرن، ڳوٺن، ماڻهن، روڊن، رستن، اسڪولن باغن، ٻنين ٻارن، قبرن ۽ مزارن بابت ڪچهريون ڪيون هيون.

سنڌ يونيورسٽي ۾ رهڻ ۽ هڪ سرگرم ادبي جيوڙي هئڻ جي باوجود منهنجون قاضي خادم سان نه سندس يونيورسٽيءَ ۾ نوڪرين دوران ڪي ڪچهريون ٿيون، نه وري سندس رٽائرمينٽ جي ڪيترن سالن تائين حال احوال ٿيو. مون سندس ڪجهه ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما پڙهيا هئا، فنڪشنن ۾ اليڪ سليڪ ٿي هئي، پر نه ڪڏهن هڪ ٽيبل تي ويهي چانهه پيتيسِين، نه وري ڪڏهن گڏجي ڪو سفر وغيره ڪيوسين، هڪ اڌ ڀيرو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبر طور ٻئي ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شرڪت جي لاءِ بورڊ طرفان موڪليل سواري ۾ گڏ ڪراچي ويا هونداسين، پر اها هجت، محبت، پنهنجائپ ۽ گهرائپ قائم نه ٿي سگهي، جيڪا تازو گذريل ڪجهه سالن دوران سندس يادگيرين جا ڪتاب پڙهڻ بعد آئون سندس لاءِ محسوس ڪريان ٿو.

مون کي قاضي خادم جي شڪل ۾ هڪ اهڙو ته سيلاني، تاريخدان ۽ انسان شناس شخص جو تعارف ٿيو آهي جيڪو سنڌ جي چپي چپي جو نه رڳو ڄاڻو آهي، پر وٽس اتي جي يادگيرين، ڳالهين، واقعن ۽ تجربن جا سوين داستان آهن، اهو ان ڪري نه ته کيس ڪو شهر شهر گهمڻ جو شوق رهيو آهي پر ان ڪري به ته هو پنهنجي والد صاحب جي نوڪريءَ سبب ٿيندڙ بدلين جي ڪري، ڪڏهن هڪ شهر ته ڪڏهن ٻئي شهر، ڪڏهن هڪ ضلعي، ته ڪڏهن ٻئي ضلعي ۾ رهائش اختيار ڪندو رهيو آهي. ان دوران هن سنڌ جي هر منظر، سنڌ جي هر صبح ۽ سنڌ جي هر شام جو مشاهدو ڪيو آهي. کيس سنڌ جي انهن شهرن جي مزاجن، رنگن ۽ خوشبوئن جي به خبر آهي. هو پنهنجي سيني ۾ اهي سڀ يادگيريون سانڍيندو رهيو آهي ۽ جڏهن رٽائرمينٽ ورتائين ته سندس سيني جو اهو درياءُ ڪاغذن تي پلٽجي آيو ۽ ذري گهٽ ٽيهه هزار صفحا انهن يادگيرين جا جرڪي اٿيا. هن ان دوران 10 کان وڌيڪ ضخيم ڪتاب لکيا، ڇپرايا ۽ ان جي ملندڙ موٽ جي مزي کي محسوس ڪيو. سندس يادگيرين جا اهي ڪتاب صرف سندس ذات جي ارد گرد گهمندڙ ناهن پر هو انهن ۾ تاريخ، جاگرافي، ماضي ۽ حال کي گڏ کڻي هلندو لکندو رهيو آهي. ان حوالي سان سندس تازو يادگيرين جو هڪ شاندار ڪتاب ”حيدرآباد سپنن جو شهرجي عنوان سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. موهن مدهوش جي ڪويتا پبلڪيشن پاران ڇپرايل هي ڪتاب 590 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾قاضي خادم حيدرآباد سان پنهنجي محبت ۽ انسيت جو ذڪر ڪندي پنهنجي دل کڻي ٽيبل تي رکي آهي. اوهان ڪتاب پڙهندا وڃو، محسوس ڪندا وڃو، اوهان کي لڳندو ته اوهان ڪا اهڙي فلم پيا ڏسو، جنهن ۾ هر طرف زندگيءَ جا خوبصورت منظر آهن، اوهان کي انهن ۾ ماڻهو جيئرا جاڳندا، گهمندي ڦرندي، کلندي ٽهڪ ڏيندي نظر ايندا. اوهان کي انهن جي اکين ۾ لڪل لڙڪ ۽ ڳلن تي وهندڙ ڳوڙها به محسوس ٿيندا. اوهان کي حيدرآباد جون شامون، حيدرآباد جون هوائون، حيدرآباد جا منگهه، حيدرآباد جا لنگهه، درياءَ جو ڪنارو، حيدرآباد جون سئنيمائون، هوٽلون انهن ۾ مچندڙ محفلون، پريسون، ان ۾ جيئندڙ ۽ ڪُڙهندڙ ماڻهو، حيدرآباد جا باغ، انهن ۾ هٿن ۾ هٿ ڏئي گهمندڙ جوڙا، اکين اکين ۾ ٿيندڙ عهد پئمان، سونارا، مٺائي وارا، اُڀري ٻُڏي ويل هستيون ۽ ٻڏندي تري آيل ماڻهو، ڪاروبار، ٽانگا، انهن ۾ ايندڙ ويندڙ اکيون، الائي ڇا ڇا پڙهڻ لاءِ موجود ملندو. قاضي خادم انهن يادگيرين ۾ الائي ڪيترن جاين تي پاڻ به کليو آهي ۽ ٻين کي به کلڻ جو موقعو ڏنو اٿس ۽ ڪيترين ئي هنڌن تي پاڻ به رنو آهي ته ٻين کي به روئارڙيو اٿس.

مون کي اهو اعتراف ڪرڻ ڏيو ته آئون قاضي خادم جي حوالي سان پنهنجي پوري ادبي ۽ صحافتي زندگي ۾ بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ رهيو آهيان، پر سندس تازا ڪتاب پڙهڻ بعد مون کي جن ماڻهن متاثر ڪيو آهي، انهن ۾ قاضي خادم جو نالو مٿان مٿان رکڻ ۾ مون کي ڪو به حجاب ناهي. آئون قاضي خادم صاحب جي ٻين ڪتابن جيان سندس هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ يادگيرين جي حوالي سان هڪ اهم اضافو سمجهان ٿو. جيڪي دوست ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکن ٿا، جن کي ماضي انسپائر ڪري ٿو، انهن کي هيءَ ڪتاب ضرور پڙهڻ کپي. اهي هيءَ ڪتاب ضرور وٺن. کين مزو نه آيو ته مان ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار آهيان. ڪويتا پبلڪيشن پاران ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 800 رپيا آهي، پروف جي غلطين کي ليکڪ بدران پبلشر جي حصي ۾ ڳڻائيندي، آئون قاضي خادم کي هن شاندار ڪتاب لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

رسول ميمڻ جون سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون - خليق ٻگهيو(Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

رسول ميمڻ جون سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون!

رسول ميمڻ هڪ سرريئلسٽڪ ڪهاڻيڪار آهي، پر هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ هُنَ ڪنهن هڪ سطح، نوع، اسٽائيل يا تصور جي چونڊ ڪڏهن به نه ڪئي آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ مختلف طرز جا فني ۽ فڪري تجربا آهن. هُنَ جي ڪهاڻين ۾ پراڻي حقيقت نگاري به آهي ته وري جادوئي حقيقت نگاري Magic Realism به آهي. سندس ڪن ڪهاڻين ۾ ڏند ــ ڪٿائي تصورن جو رومانس آهي ته وري ڪن ڪهاڻين ۾ جديد سائنس ۽ نفسيات جو سنگم آهي. سندس ڪي ڪهاڻيون اکاڻين نما آهن ته وري ڪي ڪهاڻيون جديد مختصر ڪهاڻيءَ جو بهترين نمونو آهن. ڪِن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو مروج فن ابتدا ـــ وچ ـــ عروج/ڪلائيمڪس آهي ته وري ڪي ڪهاڻيون مضمون ـــ نما اَڪهاڻيون آهن، اِيئنءَ هو هڪ جاءِ تي ڄمي نه بيهندڙ ۽ تجرباتي ڪهاڻيڪار آهي، پر سررئيلسٽڪ انداز سندس وڌيڪ سڃاڻپ جو مظهر آهي. ان سررئيلسٽڪ انداز کي سمجھڻ کان اڳ پاڻ کي اُهو ڏسڻو پوندو ته سررئيلزم ڇا آهي؟ مطالعي موجب :

A style of art and literature developed principally in the 20th century, stressing the sub-conscious or non rational significance of imagery arrived at by automatism or the exploitation of chance effects, unexpected Juxtapositions etc.

09/01/2021

مٺل جسڪاڻي (‏Mithal Jiskani)

 مٺل جسڪاڻي

قربان گل جي سوچن جو سفر اڃا پنڌ ۾ آهي!

قربان گل سان ملاقات ئي نه، فاصلاتي رابطو به اڻ لکو رهيو آهي، ڇاڪاڻ تي اسان ٻئي، هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور رهون ٿا. جديد دور جي، رابطي جي جديد ذريعي، موبائيل ۽ فيس بوڪ به اسان کي اڃا گهڻو ويجهو نه آندو آهي. البت لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي سبب، ڪٿي نه ڪٿي، هڪ ٻئي کي نه صرف پڙهيو آهي، پر خيالن جي لفظي ڏي وٺ به ٿي آهي. اميد ته پنهنجائپون وڌنديون، هڪ ٻئي مان سکبو.

قربان گل جي شاعري جو پهريون مجموعو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپجي، ٻين پڙهندڙن سميت، منهنجي به هٿن تائين پهتو، ته پڙهڻ اڻ ٽر هو. پڙهڻ کان پوءِ رايو لکڻ، منهنجي نظر ۾ تمام ضروري آهي، ان ڪري به، ته مختيار ۽ قربان جي قرب سبب پڻ، پنهنجي راءِ قلمبند ڪرڻ لازمي ٿي پئي.

انور ڪليم جو ناول ”واپسي“ - ننگر چنا (Nangar Channa)

 ننگر چنا

انور ڪليم جو ناولواپسي

ڀڄي ويندڙ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڪٿا

مختصر راءِ

سنڌ ۾ چڱو ٽاڻو ٿيو آهي جو اسان صحافت جي معرفت اسان جي ٻولي، ادب ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ پريمي جوڙو جو اصطلاح جاءِ وٺي چڪو آهي. پسند جو پرڻو سنڌي سماج ۾ هڪڙي ڪِني ڳالهه ڄاتو ويندو رهيو آهي. هڪ پاسي جاگيرداراڻي اخلاقيات آهي جيڪا اسان مٿان حڪمران آهي ته ٻئي پاسي جديد ۽ ترقي پسند قوتون اِنَ پوزيشن ۾ ناهن جو نَوان قدر لاڳو ڪري سگهن. اِنَ جو ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج مٿان سياسي اقتدار پُراڻ پسند قوتن وٽ آهي، جيڪي وري پنهنجي اِنَ پوزيشن لاءِ ملڪ جي استحصالي قوتن جا ڳيجهو بڻيل آهن ۽ اهي قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌ معاشي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حوالي سان اڳڀري ٿئٖي، پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪري. هڪ پاسي سياسي ۽ سماجي اختيار نه هجڻ ڪري سڄو سماج بيوسيءَ وچان ڦٿڙي رهيو آهي ته ٻئي پاسي جديد دنيا آهي، انهيءَ جا سياسي، سماجي اثر آهن. خاص ڪري ميڊيا (جنهن ۾ ڊراما، فلمون اهم آهن) اسان جي عام عوام کي ڌٻڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڌٻڻ ۾ هن معني ۾ ته سماج تبديليون قبول ڪري رهيو آهي پر معاشي حوالي کان اُها اوسر نه ڪري رهيو آهي جيڪا منجهس فڪري روَين جي حوالي کان به پختائي پيدا ڪري. ان ڪري اوسر جو ڪو روڊ ميپ به ناهي ۽ هڪڙي ڀڃ ڊاهه آهي جيڪا اسان کي سماجي روڳن ۽ نفسياتي مونجهارن جي ڄار ۾ ڦاسائي رهي آهي. سماج دشمن قوتون اسان کي زرعي دور کان به پوئتي ڌڪي قبيلائي دور جي نفسيات جو شڪار بڻائڻ گهرن ٿيون. ڳالهه ڊگھي ٿي وئي، ته پريمي جوڙن جي مامري اسان جي سماج جون پاڙون ئي لوڏي وڌيون آهن ۽ اهي گهران ڀڄي ويلَ پريمي ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي سماج جي ڌيانَ جو مرڪز بڻيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ قبائگي جهيڙن جو ڪارڻ به ٿيا آهن. اسان جو ادب ان مان ڪيترو متاثر ٿيو آهي، اصل ڳالهه اهائي ڪرڻي اٿم. ان موضوع تي ائين نه لکيو ويو آهي جيئن ڪارو ڪاري تي لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پريمي جوڙن واري مامرٖي ۾ ڪارو ڪاري جي ناسور جو به حصو آهي.

غنائي ۽ رُومانوي شاعر: بدر انصاري - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

بدر انصاريءَ جي ڪتاب ”سانڍ سپنا سانوري“ جو مھاڳ

غنائي ۽ رُومانوي شاعر: بدر انصاري

سنڌي ادب جو اُهو هڪ وڏو فڪري سوال آهي ته سنڌي ادب ۾ عروضيءَ شاعريءَ جي بابت ته ڪافي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي، پر غنائي شاعريءَ Lyric Poetry متعلق ڪو به مسنتد تواريخي تجزيو ڇو نظر نٿو اچي!؟ موزون يا پابند شاعريءَ مان مراد اُها شاعري آهي، جنهن شاعريءَ جي سڀ کان وڌيڪ اهم ترجيح خود وزن بحر آهي. وزن بحر واري شاعريءَ تي اجائي سجائي نثر جا نه صرف اَکٽ ڀنڊار نظر اچن ٿا، پر شخصي ۽ غير شخصي ، جائز ۽ ناجائز تنقيد جا تيرَ به وسندي نظر اچن ٿا، پر اُن جي ڀيٽ ۾ غنائي يا نغماتي Melic شاعريءَ بابت ڪا به تنقيد پڙهڻ جھڙي موجود ڪانهي. اُنهيءَ سموري تناظر ۾ ٻه اهم حقيقتون نظرانداز به ٿينديون پئي رهيون. حقيقتن کان فراريت يا نظر اندازي دراصل عدم ڏاهپ جو نه صرف هڪ غير روايتي مثال آهي، پر سنڌي ادب جي ڪمزوريءَ جو به گواهه آهي. جيڪي حقيقتون نظر انداز ٿيون آهن، تن مان پهرين حقيقت هيءَ آهي ته اُهو ضروري ڪونهي ته عروضي شاعري معيار جي آخري ڪسوٽي هجي يا ائين چوڻ به درست ڪونهي ته وزن بحر تي پڌاريل پختي شاعري ئي مڪملتا کي ڇُهندڙ هوندي آهي. در اصل صورتحال اُنهيءَ کان ڪافي مختلف هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ڪيتري ئي شاعري وزن بحر ۽ خيال توڙي فڪر کان ته سگھاري هوندي آهي، پر اُنهيءَ شاعريءَ ۾ وزن بحر جي باوجود ڳائجڻ واري صلاحيت موجود ڪانه هوندي آهي. ڪنهن به شاعريءَ جي موسيقيت جو سمورو دارومدار وزن بحر/ڇندوديا تي نه هوندو آهي، پر موسيقيت Music تي به هوندو آهي. موسيقيت Music جي هڪ پنهنجي جدا ڪائنات هوندي آهي ۽ اُنهيءَ موسيقي واري ڪائنات کي لفظن جي وجودن کان تراشي، هم آهنگ صوتياتي سٽاءُ بخشي، سِٽن جي اندروني آوازن کي ڳنڍي، راڳ جي لاهن چاڙهن جي مڌرتا ارپي، جيئن جو تيئن وسيع ڪيو ويندو آهي ۽ ائينءَ غنائي شاعري جنمي سگھبي آهي.

05/01/2021

سيف نياز جي ڪھاڻي ”هوءَ“ تي رايو - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

سيف نياز جي ڪھاڻي ”هوءَ“ تي رايو

سيف نياز ويجھڙائيءَ ۾ منھنجي فرينڊ لسٽ ۾ شامل ٿيو آھي. ويجھڙائيءَ ۾ مون سندس ڪيترائي پورا اڻ پورا نثري نظم پڙھيا آھن تن مان ڪي وڻيا ته ڪي نه به وڻيا، پر فيس بڪي ڪلچر موجب، ان تي رايو ڏئي گذري وياسين!

ھُن فيس ـ بڪ ويھڪ 3 ۾ سيف نياز نھايت دلچسپيءَ سان، پنھنجا رايا به رکندو پئي آيو آھي، جنھن مان ڪھاڻيءَ ڏانھن سندس دلچسپيءَ جو اظھار ٿيندو ٿو رھي.

ڪتاب ”مِٽيءِ جا شاھڪار“ - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

معصوم بخاريءَ جو ڪتاب

مِٽيءِ جا شاھڪار

معصوم بخاريءَ جي مضمونن جو ڪتاب مٽيءَ جا شاھڪار روميءَ پبليڪيشن حيدرآباد جي اداري طرفان شايع ٿيل آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ جي پاران ٻہ اکر لکيا ويا آھن ، ڀلوڙ شاعر وسيم سومري جو تاثر ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ ليکڪ سان محبتن/ قربن جو اظھار ڪيو ويو آھي، ۽ ڪتاب جو مھاڳ پي، ٽي وي ڪراچيءَ جي سينئر پروڊيوسر ۽ اديب ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ لکيو آھي. مھاڳ فڪري سطح تي ڪافي پُر مغز آھي، ائينءَ ٿو لڳي تہ مھاڳ ۾ معصوم بخاريءَ جي مضمونن جي اصلي جوھر تائين ڪجھ رسائي ضرور ڪئي وئي آھي. ڪتاب ۾ يارھن شاعرن جي شاعريءَ تي لکيل مضمون آھن. ھي سڀ مضمون ادبي تقريبن لاءِ لکيا ويا آھن ۽ تقريبن ۾ پڙھيا ويا آھن، ان ڪري ھي مضمون تقريباتي تنقيد جي دائري ۾ اچن ٿا. اردو ادب ۾ تقريباتي تنقيد، خود تنقيد جو خاص قسم قرار ڏنو ويندو آھي پر اھڙن مضمونن ۾ اڪثر تفريظ /ساراھ گھڻي ھوندي آھي ان ڪري تقريباتي تنقيد تي پڻ گھڻي تنقيد ٿيندي رھندي آھي. تقريباتي تنقيد واري ھن ڪتاب جو بئڪ پئيج پياري شاعر صفر ڪلھوڙي نھايت نفيس لھجي ۽ ٻاجھاري انداز ۾ لکيو آھي. ڪتاب جي ڪارنر سائيڊ ۾ فقير تصور ابڙي ۽ فياض ابڙي جا مختصر ترين رايا پڻ آھن.

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ - آغا جان آغا (Agha Jaan Agha)

 آغا جان آغا

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ...

هُونءَ ته ڪائنات جي سِيني ۾، اَڻ ڳَڻ مواد موجود آهي، پر ان ”هر هڪ“ مواد جي هڪ جهڙي صورتحال ناهي هوندي. ڪئين ڪهڪشان جِلهملائن پيا، ڪئين بُرجَ سورج جي حصار ۾ نغمگي پيا ڪن، ڪئين تارا ساڪنيت ۾ رهندي به، بسرِ اوقات پيا ڪن، ڪئين سَيارا گردش ۾ محوِ سفر آهن، هي اڻ کُٽ خلا خاموش آهي، ۽ سوچين ۾ ڪيڏو اُڌم آهي، هي اُفق جي رنگيني ۾، جيڪي رنگ ڀريل آهن، سَي بيَ در و ديوار قيد ۾ پابند سَلاسِل آهن. انهن ۾ هڪ انسانن جي ڀومي، هي ڌرتي به آهي، جتي حياتي ملي ٿي، اُتي! انسانن جِي تحقيق مطابق، هن ڌرتي کان علاوه، باقي ڪنهن به ڌرتي، ڪنهن به ”سياري“ تي،ڪنهن به قسم جو ڪو به جِيؤُ نِهار جي مطالعات ۾ نه آيو آهي!