ليکڪ: شھزادو شيخ
”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر
سنڌي ٻوليءَ ۾ روزانو ڪو نه ڪو
ڪتاب ڇپجي ٿو، پر انهن مان ٿورا ڪتاب پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا آهن. تازو ئي اهڙو هڪ
ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ عنوان سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، نقاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر دانش هن ڪتاب ۾ لاکيڻي لطيف سائين جي شاعري ۾ درد جي فلسفي کي موتين جھڙن لفظن ۾ پوئي سمجهايو آهي. سچ ته هي ڪتاب ساڃھوندن توڙي ادب دوستن لاءِ انمول تحفو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي ڪلام ۾ موجود دردن ۽ ڏکن جو گهڻ رخو مطالعو سولي ۽ سهنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.