27/05/2020

موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا

پهرين سنڌي ناول، تعداد ۾ ته گھٽ هئا پر فني لحاظ کان ڪافي پختا هئا. اڪيهين صدي جي شروع ٿيڻ سان ناول لکجڻ ۾ تيزي اچي ويئي ۽ کوڙ سارا ناول مارڪيٽ ۾ اچي ويا. جتي هيترا ناول ڏسي خوشي ٿي، انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اها مايوسي به ٿي ته ناول جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گھٽ توجه ڏني وئي آهي. اڄڪله لکجندڙ، سنڌي ناول جا ڪجه مسئلا هن ريت آهن:
پروف ۽ ايڊيٽنگ
ناول پڙهندڙ کي پهريون مسئلو اهو ٿو سامهون اچي ته، اڪثر ناولن ۾ پروف جون بيشمار چڪون هونديون آهن. ٻه چار چڪون ته در گذر ڪري سگهجن ٿيون پر چڪن جي ڀرمار پڙهڻ جو لطف غارت ڪري ڇڏيندي آهي. ساڳيو مسئلو ايڊيٽنگ سان به آهي. مونث مذڪر ۾ فرق نه ڪرڻ ۽ جملا گرامر مطابق نه لکڻ به جهڙوڪر معمول بنجي ويو آهي. ڪيترن ئي مسودن ۾ ترتيب جو فقدان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو يعني ڪهڙي ڳاله پهرين چئجي ۽ ڪهڙي ڳالھ پوءِ ۽ ڪهڙي ڳالھ بلڪل لکجي ئي نه. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳاله نه لکڻ به فن هوندوآهي.

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون

گيت ۽ سنگيت جو رشتو، جسم سان روح جي تعلق وانگر ازلي ۽ گهرو رهيو آهي. قديم دؤر کان وٺي لوڪ گيتَ، لکت ۽ تحرير طور نه، پر ’ڳائجڻ‘ طور مختلف سماجن ۾ رائج رهيا آهن. اوائلي توڙي جديد معاشرتي اتهاس کي مطالعاتي اک سان جانچي ڏسنداسين ته، چٽائيءَ سان معلوم ٿيندو ته سماجي زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار کان وٺي مذهبي ۽ ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ تائين ڪيترن ئي سماجن ۾’گيت‘ راڳ، رقص، ڀڄن ۽ ڳائڻ جي شيءِ رهيا آهن. خاص ڪري هندو ڌرم ۾ راڳ کي نه فقط روح جي غذا تصور ڪيو ويندو آهي، پر ان کي صدين کان عبادت جو درجو ڏئي اَپنايو ويندو رهيو آهي. هندن جي مقدس ڌرمي ڪتاب ’گيتا‘ ۽ ’گيت‘ جي لفظن ۾ نه صرف وڏي لفظي مماثلث ملي ٿي، پر معنوي ۽ احساساتي لحاظ کان پڻ انهن ۾ تمام گھڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ڳيچ ۽ سنسڪرت جي لفظن ’گي‘ يا ’گيه‘، جن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انهن لفظن مان ’گيت‘ جنم ورتو آهي، ۾ پڻ يڪتائي ملي ٿي ۽ انهن جي مطلب  توڙي مفهوم  مان پڻ ’ جهونگار ۽ ڳائڻ‘ جا اشار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا .

20/05/2020

ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ڪتاب جو تعارف:
سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر

هيءُ ڪتاب نامياري محقق ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2010ع ۾، مجلد، ڊبل ڪرائون سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 353 صفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾، ”ناشر پاران“ ڊاڪٽر فھميده حسين (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن) جو لکيل آهي، جنھن ۾ هوءَ لکي ٿي: ”ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي ساخت جا قاعدا ۽ اصلوڪيون خوبيون اجاگر ڪندڙ ڪو تشريحي گرامر هجي ۽ اسان کي خوشي آهي ته اهو اهم فرض سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ لسانيات جي ماهر محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا پورو ڪيو.“
الانا صاحب هِن ڪتاب جو انتساب، پنھنجي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي نالي ڪيو آهي، جنھن کان گرامر جا گُر سکيائين.
الانا صاحب ”ڪروڙين ڪرم، منھنجي مولا جا“ عنوان سان، پنھنجي پاران ڪجهه ويچار ونڊيا آهن، جن ۾ هُو لکي ٿو: ”سنڌي ۽ عربي ٻولين جو، تاريخي لسانيات جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان پري جو به ڪو واسطو ڪونهي، البت اٺ سؤ سالن جي حڪمرانيءَ واري زماني ۾ پھرين عربي ٻوليءَ ۽ ان کان پوءِ فارسي ٻوليءَ جي معرفت، هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي ٻوليءَ جي لغات ۾ شامل ٿي ويا.“ الانا صاحب وڌيڪ لکي ٿو: ”جديد مطالعي جي مدد سان، سنڌي وياڪرڻ جي اڀياس لاءِ هن ڪتاب ۾ بيشمار نوَن نوَن پھلوئن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.“
سنڌي گرامر جي هن ڪتاب ۾، 327 صفحن تي مشتمل ’متن‘ کي چئن ڀاڱن، ڪيترن ئي بابن ۽ ذيلي عنوانن ۾ ورڇيو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ”ڳالهائڻ جا لفظ ۽ انهن جو اڀياس“ ۾ هيٺيان باب شامل آهن: (1) ڳالهائڻ جا لفظ، (2) اسم جا عدد (Numbers) ۽ انهن جا قسم، (3) رائج حالتون (cases)، انهن جا قسم ۽ اسمن، ضميرن ۽ صفتن جا حالتن مطابق ڦيرا/گردان، (4) ضمير ۽ انهن [ان] جا قسم، (5) حرف جر، (6) صفت، (7) ظرف، (8) فعل، (9) فعل جا ڪردنت يا مشتق، (10) مرڪب فعل، (11) زمانن جو اڀياس، (12) فعل جون معروفي ۽ مجھولي صورتون/فعلن جا پريوگ، (13) حرف جملو، ۽ (14) حرف ندا. ٻئي ڀاڱي ”علم صرف جو اڀياس“ ۾ هڪ ئي باب شامل آهي: (1) علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفھوم. ان باب ۾ ”لفظن جا گهاڙيٽا ۽ انهن جا اصول“ پڻ بيان ڪيل آهن. ٽئين ڀاڱي ”علم نحو جو اڀياس“ ۾ هيٺيان باب شامل آهن: (1) علم نحو جي وصف ۽ ان جا اصول، (2) جملي يا فقري جا مکيه ڀاڱا (Immediate Constituents)، (3) جملن جا قسم، (4) عبارت/اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملن جا قسم ، (5) ضمير متصل جو استعمال، ۽ (6) ٻِٽا ضمير متصل. چوٿين ڀاڱي جو الڳ عنوان ڪونهي. منجهس هيٺيان باب شامل آهن: (1) ترڪيب، (2) تفريق يا ڇيد ڪرڻ، (3) بيھڪ جون نشانيون، ۽ (4) سنڌي وياڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي هن تشريحي گرامر ۾، وضاحتن ۽ مثالن سان، سنڌي گرامر کي مفصل طور سمجهايو ويو آهي. هن گرامر جو اڀياس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي شاگردن، تدريسي ادارن ۾ پاڙهيندڙ استادن سميت محققن ۽ اديبن لاءِ ضروري آهي، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي خوبين کي ڄاڻڻ سميت، ان جي صرفي، نحوي ۽ ٻين لاڳاپيل اُونهائين ۽ ڳوڙهائپن کي سمجهي سگهجي.

ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ ڪتاب جو تعارف

هيءُ ڪتاب موجوده دَور جي نامياري محققه ۽ اديبه ڊاڪٽر فھميده حسين جي مختلف يارهن مقالن جو ڳُٽڪو آهي، جيڪي ٻوليءَ، گرامر، لکيت، لغت ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي لکيل آهن.
ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2012ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 217 صفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾، ”ناشر نوٽ“ (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور) ۽ ”پنھنجي پاران“ مصنفه پاران لکيل آهن. ”ناشر نوٽ“ ۾، ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هي ڪتاب عمومي طور سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندڙن لاءِ ۽ خصوصي طور يونيورسٽين ۾ تحقيق لاءِ نوان موضوع تلاش ڪندڙن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.“ ”پنھنجي پاران“ ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترن ئي حوالن سان بحث ڪري ڪن اهم پھلوئن ۽ مختلف مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.“
هن ڪتاب ۾ هيٺيان مقالا ڏنل آهن: (1) سنڌي گرامر جا مسئلا، (2) سنڌي ٻوليءَ جون فطري خوبيون ۽ سنڌي گرامر، (3) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ـــــ هڪ جائزو، (4) بيھڪ جون نشانيون، (5) سنڌي صورتخطيءَ جا ڪي حل طلب مسئلا، (6) صورتخطي ۾ هِجي جو علم Orthography، (7) علم اللغات ۽ سنڌيءَ ۾ لغت سازيءَ جي روايت، (8) شاهه لطيف جي ٻولي: هڪ نقطه نظر، (9) ادب ۾ لفظ جي اهميت، (10) فيمنزم جو لساني پھلو، ۽ (11) آٽوميٽڪ رومن ٽرانسلٽريشن.
هن ڪتاب جي انهن مقالن ۾، لسانيات ۽ ان جي لاڳاپيل شاخن بابت، جن جو اندازو مٿين عنوانن مان به ڪري سگهجي ٿو، ڪيئي تمام گهڻيون اهم ۽ ڪم جون ڳالهيون ونڊيل ۽ تجزئي هيٺ آندل آهن.
لسانيات جو اڀياس ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ هن ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ جو مطالعو ضروري آهي.

19/05/2020

ناول: مون کي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
ناول: مون کي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ


نوبل انعام يافته ليکڪ، ڪازوئو اشيگرو جو هي ڊسٽوپيائي ناول ”Never Let Me Go هڪ اهڙي نام نهاد مهذب دنيا متعلق آهي جنهن ۾ سفاڪيت ۽ غير انساني عمل کي خوبصورت تهذيبي لباس پارائي پنهنجي خاص مقصدن جي پورائي ڪئي ويندي آهي. جتي افاديت کي انسانيت مٿان ترجيح ڏني وڃي ٿي.
انگلئنڊ جي هڪ دور دراز علائقي ۾، هيلشئم نالي هڪ بورڊنگ اسڪول آهي جنهن ۾ ڏاڍا پيارا خوبصورت ۽ صحتمند ٻار پڙهن ۽ رهن پيا. اسڪول جو ماحول ڪافي سخت آهي. ٻار پڙهڻ کان پوءِ راند روند ڪن ٿا. ٽن ٻارن جي پاڻ ۾ گھري دوستي آهي، ٽامي، رٿ ۽ ڪيٿي. سندن عمر تيرهن سال آهي.

”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد ٻيو) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
گرامر جو ڪتاب:
ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد ٻيو)


سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب، جنھن تي مٿان مٿان، انگريزي نالو ”Elementary Sindhi Grammar“ پڻ لکيل آهي، مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پاران، گڏيل طور، لکيل آهي. موجوده ڪتاب، ٻيو ڇاپو آهي جيڪو 1929ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائز ۾، 118 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڀيرومل پاڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي سر ورق تي لکيل آهي: ”پرائيمري ۽ سيڪنڊري سڪولن لاءِ منظور ٿيل درسي ڪتاب“. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي پاران منظور ڪيل ۽ ان جي ڏنل نصاب موجب آهي. ڪتاب جي ”منڍ“ ۾، ڀيرومل لکي ٿو، ”هن ٻئي ڀاڱي ۾ پھريون ڀاڱو سڄو ئي ڏنل آهي، ۽ منجهس ترڪيب جي واٽ، تفريق يا ڇيد، ۽ بيھڪ جي نشانين جو به ذڪر آهي. هيءُ ڀاڱو خاص طرح انگريزي ٻئي درجي کان وٺي چوٿين پنجين درجي جي شاگردن لاءِ آهي، تنھنڪري بلڪل سليس نموني ۾ لکيو ويو آهي.“ ڀيرومل منڍ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو آهي، ته مٿيَن درجن لاءِ سندس ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ڌار لکيل آهي.
هن ڪتاب جو متن 116 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن جو تفصيل هن ريت آهي: ڀاڱو پهريون: باب پھريون ’جملو‘، باب ٻيو ’ڳالهائڻ جا لفظ‘، باب ٽيون ’جنس‘، باب چوٿون ’عدد‘، باب پنجون ’حالت‘، باب ڇهون ’اسمن جو ڦيرو‘. ڀاڱو ٻيو: باب ستون ’اسمن جا قسم‘، باب اٺون ’ضميرن جا قسم‘، باب نائون ’قدت جا قسم‘، باب ڏهون ’فعلن جا قسم‘، باب يارهون ’فعل جو ڌاتو يا بنياد‘، باب ٻارهون ’اسم مشتق يا ڪردنت‘، باب تيرهون ’زمان‘، باب چوڏهون ’فعلن جون پڇاڙيون‘، باب پندرهون ’مرڪب فعل‘، باب سورهون ’پريوگ‘، باب سترهون ’ظرف جا قسم‘، باب ارڙهون ’ترڪيب جي واٽ‘، باب اڻويھون ’تفريق جا ڇيد‘، ۽ باب ويھون ’بيھڪ جون نشانيون‘.
سنڌي ٻوليءَ جي ٻن عالمن مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرُومل مھرچند آڏواڻيءَ جو هيءُ هڪ جامع ۽ مثالن سان سمجهايل وياڪرڻ جو سٺو ڪتاب آهي، جنھن جي مطالعي سان گرامر جا بنيادي تصور سمجهي سگهجن ٿا.

”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد پھريون) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
گرامر جو ڪتاب:
ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد پھريون)


سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب، گڏيل طور، مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي صاحبن جو لکيل آهي. موجود ڪتاب، ٽيون ڇاپو آهي جنھن تي ڇپائيءَ جو سن لکيل نه آهي، البت ڪتاب ۾، ڀيرومل جي لکيل پيش لفظ، بعنوان ”منڍ“ ۾، 3-نومبر 1926ع لکيل آهي، جنھن مان نتيجو نڪري ٿو ته ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1926ع کان اڳ يا ان ئي سال ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائز ۾، 64 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڀيرومل پاڻ، پريمئر پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي سر ورق تي لکيل آهي: ”سنڌي چوٿين ۽ پنجين، ۽ انگريزي پھرين درجي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ“. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي سنڌ پاران منظور ڪيل درسي ڪتاب آهي ۽ ان جي ڏنل نصاب موجب آهي، ان ڪري ڪتاب اندر چِٽو ڪيل آهي ته منجهس ضميرن ۽ فعلن جي قسمن توڙي زمانن بابت مواد شامل نه ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ”منڍ“ ۾ ڀيرومل لکي ٿو، ”ٻنهي ڀاڱن [جُلدن] تي مون گهڻي محنت ڪئي آهي، پر انهن ۾ مرزا صاحب جي محنت جو به حصو آهي. هن صاحب ٻئي ڀاڱا چڱي طرح نظر مان به ڪڍيا آهن، جنھنڪري انهن جي صحيح هئڻ بابت اسين ٻئي هڪ جيترو ئي جوابدار آهيون.“ منڍ ۾ اها وضاحت پڻ آيل آهي، ته ان ڪتاب لاءِ مرزا صاحبَ، ڀيرومل کي پنهنجي گرامر جو دستخط نسخو موڪلي ڏنو هو جنھن ۾ گهربل ڦيرڦار جي اجازت به کيس ڏني هئي.
هن ڪتاب جو متن 60 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾، ڀاڱو پهريون ”ڳالهائڻ جا لفظ“ رکيل آهي، جنهن ۾ هيٺيان باب آهن: باب پھريون ’اسم‘، باب ٻيو ’فعل‘، باب ٽيون ’ضمير‘، باب چوٿون ’صفت‘، باب پنجون ’ظرف‘، باب ڇهون ’حرف جر‘، باب ستون ’حرف جملو‘، باب اٺون ’حرف ندا‘، باب نائون ’ڳالهائڻ جا لفظ‘، ۽ باب ڏهون ’ترڪيب‘. ڀاڱي ٻئي ۾ هي باب آهن: باب يارهون ’جنس‘، باب ٻارهون ’عدد‘، باب تيرهون ’حالت‘، باب چوڏهون ’اسم جو ڦيرو‘، باب پندرهون ’ضميرن جو ڦيرو‘، ۽ باب سورهون ’فعلن جا گردان. آخري ڀاڱي ٽئين ۾ هي باب شامل ڪيل آهي: باب سترهون ’جملو‘.
مجموعي طور هيءُ هڪ ننڍڙو پر سٺو، جامع ۽ مثالن سان سمجهايل وياڪرڻ جو ڪتاب آهي، جنھن جي مطالعي سان، گرامر جا بنيادي تصور سمجهايا ويا آهن.

18/05/2020

يوال نوح حراري جو پهريون ڪتاب - حبيب سنائي (Habib Sanai)


حبيب سنائي
يوال نوح حراري جو پهريون ڪتاب
Sapiens: A Brief History of Human Kind
 چند سال اڳ پياري لياقت رضوي صاحب جي فيسبڪ تي جوڙيل گروپ تي ڪنهن صاحب جي نشاندهي تي مون يوال حراري جا ٻه ڪتاب Sapiens: A Brief History of Humankind ۽ Homo Dues: A brief History of Tomorrow ريڊنگ ڪتاب گهر لاهور تان گهرايا. پهرئين ڪتاب جو هڪ اڌ باب پڙهي ڇڏي ڏنم. اصل ۾ منهنجو خيال هو ته  ان ڪتاب ۾ شروع کان وٺي هيستيائين جي دور جي عالمي سياسي، سماجي يا اقتصادي تاريخ هوندي، پر ان ۾ ته رڳو حضرت انسان جي پنهنجي سماجي ۽ ذهني ارتقا جو قصو هو، تنهنڪري مايوسي مان ڪتاب کي پڙهڻ ڇڏي ڏنم.
پر ڀلو ٿئي پياري منوج جو، جنهن يوال جي ٽئين پر تازي ڪتاب 21 Lessons for 21 century جي تعريف ڪئي، سو هرکجي اهو ڪتاب به ريڊنگ تان گهرايم ۽ پڙهڻ لڳس. ڪتاب دلچسپ لڳو ۽ پڙهي پورو ڪيم. ان ڪتاب تي ڪافي صاحبن لکيو آهي، تنهن ڪري ان جي مکيه نڪتن کي نٿو ورجائجي. ان کان پوءِ ياد آيم ته سندس ٻه ڪتاب ڪٻٽ ۾ پيل آهن، جيڪي به پڙهڻ گهرجن. ائين سندس پهرئين ڪتاب سيپيئنس Sapiens کي نئين سر پڙهڻ شروع ڪيم.

07/05/2020

سندرتا ۽ ڪروڌ ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري (Akbar Laghari)
سندرتا ۽ ڪروڌ
ناول جو تنقيدي جائزو

نور جوڻيجي جو هي ٻيو ناول آهي، اسلوب، ٻولي ۽ ڪردارنگاري جي حوالي سان پهرئين ناول سان تمام گھڻي مشابهت رکي ٿو.
هن ناول جي ڪهاڻي هڪ افساني جيتري ئي آهي مس. سنڌياچ ۽ ميرا، حيدرآباد ۾ هڪ اين جي او ۾ گڏ ڪم ٿا. ميرا عمر توڙي عهدي ۾ سنڌياچ کان ڪجه سينئر آهي. ٻنهي جي ذاتي زندگي هڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي. ٻيئي سٺا دوست ۽ هڪٻئي کي پسند ڪندڙ آهن، ڪچهريون ڪن ٿا، هوٽلنگ ڪن ٿا ۽ گڏجي سگريٽ پيئن ٿا. ٻنهي کي هڪٻئي جي زندگي جي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر ٻيئي حقيقت ۾ ڏاڍا اداس ۽ اندروني طور ٽٽل لڳن ٿا. هڪ ڏينهن ميرا کيس ميرپورخاص پهچڻ جو چوي ٿي ۽ پاڻ سنڌياچ کان پهرين ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي جتي هوءَ پنهنجي ماضي تان پردو کڻي ٿي. خبر ٿي پوي ته ميرا جو تعلق ٿر جي سوڍن راجپوتن سان هو جيڪي پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون بارڊر جي هن پار ڪرائيندا آهن. چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي، ڀارت مان آيل ڪجه ماڻهو زبردستي گهليندا، ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چاڙهي، کوکراپار جي ذريعي راجسٿان پهچائين ٿا. اتان ميرا جو مڱيندو کيس پنهنجي ڳوٺ بدران، جوڌپور ويجهوهڪ ڳوٺ بشنوئي وٺي وڃي ٿو جتي محفل سجيل آهي ۽ رقاصائون گھومر رقص ٿيون ڪن. ميرا جو مڱيندو آفيم کائي بي سڌ سمهي ٿو رهي ۽ رقاصائون، ميرا کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ٿيون ۽ کيس رقص سيکارين ٿيون. ميرا رقص ۾ ماهر ٿي وڃي ٿي ۽ سڄي راجسٿان ۾ پنهنجي رقص ۽ حسن سبب مشهور ٿي وڃي ٿي. رقاصائن جو سربراه، ميرا کي ڪلڪتي جي بازار حسن ۾ وڪڻي اچي ٿو جتي هوءَ تيرهن سال رهي ٿي. اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماڻهو ميرا تي موهت ٿي پوي ٿو ۽ کيس اتان خريد ڪري پاڪستان وٺي اچي ٿو. جتان پوءِ ميرا، اين جي او جي جهان ۾ داخل ٿي فليٽ ۽ ڪار جي مالڪياڻي به ٿي وڃي ٿي جتي سنڌياچ به ڪم ڪري ٿو.