31/07/2014

آواز جو سفر - وفا رضا (Wafa Raza)

آواز جو سفر
عيد سوکڙي
وفا رضا
تنهن ڏينهن پياري دوست حميد ابڙي پنهنجي رمز ۾ اچي حڪم ڪيو ته عيد تي ڪجهه لکج. موٽ ۾ مون ڪجهه چوڻ بدران سندس نيڻن ۾ ليئو پاتو، ته مون کي پنهنجائپ محسوس ٿي. سو اڄ اها رمز ۽ اکيون ياد پيون ته کڻي ويٺس “ڪاغذ ۽ قلم” ان خيال سان ته اڄ ڀلا “ڪاغذ ۽ قلم” واري ان پورهيي بابت لکجي، جيڪو پورهيو، منهنجي ورهين جي دوست نور محمد ڀُٽي جو آهي. فقيري طبيعت جي مالڪ نور محمد ڀُٽي سان منهنجي تڏهن ملاقات ٿي جڏهن اسان ريڊيي ۽ اخبارن ۾ خط لکندا ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي آدم ۾ دوست گڏجي ڪتاب پڙهندا هئاسين. ڪتابن پڙهڻ جو شوق اسان کي سائين حبيب الله ملوکاڻي ڏياريو.

27/07/2014

مُنور سراج جي ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جو اڀياس - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)

مُنور سراج جي ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جو اڀياس
موت جهڙي مايوسيءَ مان ڦُٽندڙ اُميد جو شاهي رستو
بخشل باغي
سنڌي ادب ۾ ناول جي اڻاٺ شدت سان محسوس ڪئي وڃي پئي، پر تخليقي ناول ته اڃا به ناياب پيو ٿيندو وڃي. شايد ناول جي وسيع ڪئنواس ۾ ڪردارن جي چونڊ، چرپر انهن جو فنڪاراڻو ڀچاءُ، تُز مڪالما، موضوعاتي چونڊ ۽ ان جي تسلسل کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻ وارو هنر، گڏوگڏ ناول جي نفيس اڻت ۽ مطالعي مشاهدي ۽ مشق جي ڪيل تپسيا جي گهري نچوڙ کي ناول جي تخليقي عمل ۾ سمائڻ ۽ ناول جي گهڻ رخي محنت جو مستقل مزاجيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ وارو عمل اڄ جي گهڻن سهل پسند ليکڪن لاءِ ڪشش جو سبب گهٽ بڻجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تخليقي ۽ شاهڪار ناول جي کوٽ نمايان پئي ٿيندي وڃي . سنڌي تخليقي ناول جي ان اڻاٺ جي سبب کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جن تخليقڪارن قلم تي مس کي سُڪڻ نه ڏنو آهي تن ۾ اڄ جي نئين پيڙهيءَ جو نمائندو ڪهاڻيڪار منور سراج به آهي، جنهن تخليقي تناظر ۾ تمام سٺيون ڪهاڻيون لکي پنهنجي الڳ سڃاڻپ جوڙي ورتي آهي. هو جڏهن هانوَ ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيئن ڇپندڙ احساساتي ڪيفيت کي ناول جي وسيع تر وادي ءَ ۾ آندو ته هن جي روح جو ديوانو ۽ فطري ڪهاڻيڪار ڪَتين جيئن ڪر موڙي وان گوگ جي آرٽسٽڪ ديوانگيءَ جيان جنم وٺندر ڪنهن لازوال شاهڪار وانگر نروار ٿي اچي ٿو، جنهن ۾ ڳڀا ڳڀا زندگيءَ جون انيڪ آسون ۽ اميدون، خواب ۽ خيال، لڙڪ ۽ اوجاڳا ناول جي ڪئنواس تي اداس رنگن ۽ خوشبوئن جو نڪور عالم تخليق ڪن ٿا.

21/07/2014

مصور حسين جي ڪتاب جو اڀياس - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

مصور حسين جي ڪهاڻين ۽ ناوليٽ تي مشتمل ڪتاب جو اڀياس
“زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي
مٺل جسڪاڻي
زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي” ۾ ست ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ڇپيل آهي، جيڪي لکيون مصور حسين ۽ مجموعي جي صورت ۾ ڇپرايون ڪنول پبليڪيشن قنبر جي ڪتاب نمبر 91 ۾ ويون آهن، جنهن جو پهريون ڇاپو جون 2012ع ۾ آيو. ڪجهه مهينا ٿيندا ته هڪ دوست اهو ڪتاب پڙهڻ جو چيو. ڪتاب پڇائيندو پڇائيندو، نيٺ ليکڪ کان به پڇيم ته اوهان جو ڪتاب ڪٿان ملندو؟ هن جتي جو ڏس ڏنو، اتان به نه مليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مصور پاڻ پڇيو، ته نه ملڻ جو ٻڌايومانس. هن مون کان ٽپال جو پتو پڇيو، مون ڪتاب جي قيمت موڪلڻ جي شرط تي کيس ٽپال جو پتو ڏنو، هن ان شرط تي ڪتاب موڪليو، ته قيمت نه کپي، پڙهي دل گهريو رايو ضرور ڏجو. هاڻي مفت ۾ مليل ڪتاب، جيڪي اڪثر نه پڙهيا ويندا آهن، پر مون هي سڄو مجموعو واندو ٿي پڙهيو. پڙهندي پڙهندي، پنهنجي عادت موجب به نوٽس وٺندو ويس، پر اهي اضافي نوٽس به ورتم، جن کي ليکڪ تائين ايمانداري واري راءِ پهچائڻ لاءِ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيم.

18/07/2014

ماءُ ٻوليون - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)

ماءُ ٻوليون ۽ انهن جي لسانياتي اڏولتا جو سوال
شوڪت لوهار
ڪنهن به قوم جي جياپي ۽ ان جي ترقي جو دارومدار جهڙي ريت ٻين سڀني اهم وسيلن تي هوندو آهي، تهڙي ريت ان قوم لاءِ ٻولي به تمام اهم ذريعو هوندي آهي، ائين کڻي چئجي ته ٻولي ڪنهن به قوم جي حيات ۽ ممات جو وڏي ۾ وڏو وکر آهي. ٻولي هِڪ اهم اڻٽر ذريعو Cytalist ٿئي ٿي. ٻولي جي واڌ ويجهه اصل ۾ انهي قوم جي رتبي، شان، شوڪت جي واڌ ويجهه هجي ٿي. ٻولي جيئي ٿي ته قوم جيئي ٿي، جي ٻولي مري ٿي ته ڄڻ قوم ئي مري وڃي ٿي.

اياز لطيف پليجي جي سفرنامي جو مهاڳ ماهتاب محبوب (Mahtab Mahboob)

اياز لطيف پليجي جي سفرنامي
“دنيا پنهنجي ديس پرايا” جو مهاڳ
ماهتاب محبوب
برسات جي هڪ سرد صبح جو اياز لطيف پليجو جي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ ويٺس ته منهنجون آڱريون ۽ انهن ۾ جهليل اسڪول جي زماني واري ايٽيڪ پين ٺري برف ٿي ويا ۽ ڪجھه لکي نه پي سگھيس..... ايئن ٿي لڳو ڄڻ مان خود به برف مان ٺهيل ڪا Snow
woman
هجان..... پر جيئن ته سيارو منهنجي انتهائي من پسند مند آهي تنهنڪري نه هيٽر جو سهارو وٺان، نه ئي گهر ۾ رکڻ پسند ڪريان .... هونءَ به هيٽر جي عجيب نموني واري گرمائش ماحول کي مريضاڻو ٽچ ڏيو ڇڏي، ان کان ته مچ جي موج چڱي.... پر هتي ته اهو به خير ڪو هو .... ۽ ان کان اڳ جو منهنجون سوچون به فريز ٿي وڃن، سيءَ ۾ سڪ ٿيندي مان پنهنجي سموري قوت اراديءَ سان ٻه اکر لکڻ جي ڪوشش جاري ٿي رکان .... 

گل ڦل گيت - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

گل ڦل گيت
هڪ وڻندڙ ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي خاص اهيمت ته آهي ئي پر ان جو اشاعت هيٺ اچڻ، گهٽيل گهٽيل محسوس ٿو ٿئي، جنهن طرف اسان جي اشاعتي ادارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب کي مستقبل ۾ پڙهڻ وارو اڄ جو ٻارڙو ئي هوندو، ان ڪري اسان ان اڄ جي ٻارڙي کي ادب جي ويجهو آڻي سڀاڻي لاءِ هڪ اهم پڙهندڙ (ممڪن آ لکندڙ ته) پيدا ڪري رهيا آهيون.
سنڌي ادبي سنگت ميهڙ گهڻو جس لهڻي، جنهن سنڌي ۽ بروهڪي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ اديب محترم جوهر بروهيءَ جي ٻاراڻي شاعريءَ جي ڪتاب کي ڇپائي ٻارڙن لاءِ هڪ سٺو شاعراڻو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو آهي.

محترم جوهر بروهي صاحب سنڌي شاعري جو هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي سندس ٻيا به ڪيترائي حوالا آهن جن جي آڌار تي هو هڪ محترم لکندڙ آهي. سندس هيءَ ٻاراڻو ڪتاب ”گل ڦل گيت“ ٻارڙن لاءِ هڪ اهڙو تحفو آهي، جيڪو هو پنهنجي ڪتابن جي ٿيلهي ۾ هر وقت ساڻ رکندا. خاص طور ڪتاب ۾ شامل نظم ”خيرپور ناٿن شاهه“ ته پڙهڻ جهڙو نظم آهي، جيتوڻيڪ اهو ٻارڙن کان وڏو آهي، پر نهايت خوبصورت آهي. ائين ڪتاب ۾ ڪيترائي نظم آهن جيڪي ٻارڙن جي رهنمائي ڪندا. ساراهڻ جهڙو ٻاراڻي ادب جو هي ڪتاب ممڪن حد تائين سنڌ جي پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن تائين پهچايو وڃي، جيئن ڪتاب کي گهڻي کان گهڻو پڙهيو وڃي. ”گل ڦل گيت“ نالي واري هن اسي صفحن جي ڪتاب جو ملهه هڪ سَو رپيا آهي. ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ هر نظم آڏو هڪ وڻندڙ تصوير ڏني وئي آهي جيئن ٻارڙن جي دلچسپي موجود رهي.

صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جا رسالا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رسالو رهنمائي ۽ رسالو مرتضائي
صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جا رسالا
رکيل مورائي
رسالو رهنمائي
اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي اشاعتي ڪم کي نهايت تيزيءَ سان جاري رکيون پيو اچي، جيڪا ڳالهه پڪ سان اسان کي يقين ڏياري ٿي ته ان ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجا فرض بخوبي نڀائي رهيا آهن. اسان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو اداري سان جيڪو تعلق آهي، اهو ڪتابن جي دنيا جو ئي آهي ۽ سچ پچ جڏهن به ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته اهو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نيڪ پيغام ئي کڻي اچي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جا تازو ئي ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن، جيڪي پڻ اهڙو احساس کڻي آيا آهن.

07/07/2014

موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ تحقيقي ڪتاب
موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون
رکيل مورائي

سنڌو سڀيتا جي شروعات موهن جي دڙي کان شروع ٿئي ٿي اهو، يا لڳ ڀڳ اهڙو چوڻ دنيا جي انهن سڀني تهذيب جي علم کي ڄاڻندڙ عالمن، محققن ۽ تاريخدانن جو آهي، پر ان ڳالهه جو يقين تڏهن ٿيو، جڏهن سر جان مارشل پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب ”موهن جو دڙو“ لکيو، جنهن کان پوءِ موهن جي دڙي بابت گهڻو ئي لکيو ويو آهي ۽ اهو سمورو لکيل ڪتابي صورت ۾ پڻ سنڌي ۽ انگريزيءَ کان سواءِ دنيا جي ٻين چڱين ئي ٻولين ۾ پڻ لکيو ويو آهي ۽ اهو لکيل الڳ الڳ ٻولين ۾ ترجمو ٿي سنڌي پڙهندڙن تائين پڻ پهتو آهي، جن مان هڪ ڪتاب ”موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون“ پڻ آهي، ايس ايم پونيڪر جو لکيل آهي ۽ تازو ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي سنڌي پڙهندڙ کي مليو آهي.

تنهن عشق کي شاباس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ اديب کي محفوظ ڪندڙ ڪتاب
تنهن عشق کي شاباس
رکيل مورائي

اسان جي نسل کي جيڪي لاتعداد سٺا شاعراڻا ڪتاب پڙهڻ نصيب ٿيا انهن ۾ هڪڙو ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ به شامل هئو، ۽ اها ئي منهنجي پهرين سڃاڻپ هئي، اسان جي دلبر شاعر عنايت بلوچ سان ۽ ٻي اهم سڃاڻپ ڪراچيءَ جي ڪربلا جهڙي شهر ۾ جيڪي ٿڌي ڇانوَ جهڙا چهرا اکين آڏو آيا، انهن مان هڪ چهرو هدايت بلوچ جو به هئو، جنهن سان ملڻ ۽ ويجهو ٿيڻ کان پوءِ منهنجي زندگي ۽ زبان مان پيڙهي وڇوٽيءَ وارو جملو سدائين لاءِ گم ٿي ويو. هن شخص عمر جي وڏي فرق باوجود ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪرايو ته اسان کانئس عمر ۾ ننڍا آهيون. هو اسان سڀني سان دوستن وانگر هليو ۽ اڄ به ائين ئي آهي. ها البت سندس دلبر دوست سائين شمشير ۽ سائين تاجل بيوس نه رهيا آهن، جنهنڪري هو پنهنجي اندر ۾ بيحد اڪيلائي محسوس ڪري رهيو آهي ۽ سندس وڏي ڀاءُ هجڻ سبب منهنجو وري سائين عنايت بلوچ سان اهو ئي احترام وارو تعلق بڻيو، صحبت ۽ ڀوڳ چرچي وارو بنهه نه! اڄ به اهو احترام دل ۾ ائين آهي جيئن هجڻ گهرجي.