ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟
سرواڻ سنڌي
شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي ان
۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي. شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو مشاهدو ۽ تجزيو قومن
کي سمجهڻ ۾ ڪارگار ثابت ٿيندو آهي. ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پرکڻ جي
لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي پڙهيو ۽ پرکيو
ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس مشاهدو تمام گهڻو
ڳوڙهو آهي ڀٽائي کان پوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان ويندي کوڙ سارن
شاعرن پڻ ڀٽائي جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڻ وهايا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي
اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائي جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب هينئڙو ڏاڙهون
گل جيئن ۾ هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،
متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائئين!