22/06/2015

ڊاڪٽر خليل شيخ جو لطيف تي نئون ڪتاب

شاھ لطيف جو سياسي فڪر

قاسم راڄپر

ڊاڪٽر خليل شيخ جو شمار سنڌ جي ناميارن محققن ۾ ٿئي ٿو. وقت به وقت سندس تحقيقي ڪتاب سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. تازو سندس نئون تحقيقي ڪتاب (Political thoughts of Shah Abdul Latif Bhittai) شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن شاهه سائين جي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن توڙي سندس سياسي خيالن تي بحث ڪيو ويو آهي. 143 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 5 باب آهن. پي جي ريسرچ سينٽر ڪراچيءَ پاران شايع ڪرايل هن تحقيقي ڪتاب جو ملهه 300 روپيا آهي. ڪتاب انگريزيءَ ۾ هئڻ سبب شاهه سائين جي سياسي خيالن توڙي سندس حياتي ۽ شاعريءَ کي ٻين ٻولين جا پڙهندڙ به سولائيءَ سان سمجهي سگهندا.

آهيو منهنجي جان - ابو رافع (Abu Rafiu)

شبير هاليپوٽي جو شاعراڻو ڪتاب
آهيو منهنجي جان
ابو رافع
سنڌ شاعري جي اڱڻ کي واسڻ وارن مان هڪ نالو شبير هاليپوٽي جو به آهي، جيڪو پنهنجي سموري خوشبوءِ  ڏيڻ کان اڳ ئي اسان کان جدا ٿي ويو.
هو پنهنجي نوجواني واري موت سبب پنهنجي خاندان کي ته ڏکائي ويو، پر سنڌي شاعريءَ  کي پڻ هڪ ڏک ڏئي ويو آهي، سندس حياتي ۾ سندس  شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿيا، افسوس آهي ته تازو آيل ۽ سندس  شاعري جو چوٿون ڪتاب ”آهيو منهنجي جان“ سندس هلئي وڃڻ کان پوءِ  ڇپجي آيو آهي، جيتوڻيڪ هيءَ ڪتاب هن پاڻ ئي ترتيب ڏنو هئو ۽ جن کي ڏنو هئائين انهن لاءِ شايد هيءَ ڪتاب ڏسي نه سگهيو، هاڻ جڏهن تڪڙو آڻن اهم نه هئو جنهنڪري شبير پنهنجو هيءُ ڪتاب شايع ٿيو آهي ته پڪ سان هو سرڳ ۾ خوش ٿيو هوندو.

ميراث خير - ابو رافع (Abu Rafiu)

ذوالفقار علي قادري صاحب جو مرتب ڪيل

ميراث خير

ابو رافع
هيءُ ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو آهي، انهن فارسي جي ستاونوي رباعين جو جيڪي فارسي جي جڳ مشهور شاعر حضرت شيخ ابو سعيد ابوالخير خراساني جون لکيل آهن جن جو اردو ۾ ترجمو ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا صاحبه ڪيو آهي ۽ ان کي مرتب ڪيو اهي. افضل قادري خاندان جي ادبي ميراث سهيريندڙ سائين ذوالفقار علي قادريءَ. حضرت شِخ ابو سعيد ابوالخير خراساني، چوٿين ۽ پنجين صدي هجري جو فارسي شاعر آهي. هيءُ ڪتاب سندس رباعين تي ٻڌل آهي.

خدائي رقص ۾ آهي مشتاق ڦل (Mushtaq Phul)

منفرد ڪيفيتن جو جهان جوڙيندڙ شاعري
خدائي رقص ۾ آهي
مشتاق ڦل
هن خاموشيءَ سان مون کي ڇهيو ،
هن جي دل جي تارن جي ڪيفيت ئي ڪجهھ اهڙي هئي !!
مون کي خبر ناهي ته هن جا مون لاءِ ڪهڙا احساس ۽ جذبا آهن ، اها به خبر ناهي ته هن منهنجي شاعري پڙهي به آهي يا نه !
هن سان ڪا اهڙي ملاقات به ناهي ٿي! جنهن ۾ ڪي دل جون ڳالهيون ڪجن ها. ڪي اهڙيون ڳالهيون جيڪي محسوس ڪرائن ته اسان به ويجھا ۽ گھاٽا  يار آهيون. پر مون کي اهو  ياد آهي ته هن سان هن ئي سال ۾ ڪراچي جي مختلف پروگرامن ۾ انتهائي پيار ۽ اتساه وارا ڀاڪر نصيب ٿيا آهن. گول چهرو، سهڻي رنگت، نارمل قد، خوش لباس ۽ خوش شڪل شخص رحمت پيرزادو سدائين مليو ته  محبتن واري انداز ۾ آهي . هن جي هر ڀاڪر جي خوشبو منهنجي اندر ۾ سندس لاءِ محبتن ۽ پيار جي هڪ اهڙي  ڪيفيت کي تاري ٿيندي محسوس ڪيو آهي جو ڀائيندو آهيان ته هي منهنجو ويجھڙو ۽ گھاٽو يار آهي . هونئن به مان ته خوشنصيب آهيان دوستن جي معاملي ۾، پنجاه سالن کي  اچي ويجھو ٿيو  آهيان ڪنهن هيڪڙ ٻيڪڙ دوست بيوفائي جا رنگ ڏيکاريا هوندا نه ته سدائين سڄڻن جي ڇانو ۾ سڪون پاتو اٿم. رحمت به پنهنجي محبوباڻي انداز ۾ سچل ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سالگره تقريب ۾ شرڪت لاءِ پوين ڪرسين واري  قطار ۾ ويهي وڏي سڪون سان گفتگو ٻڌڻ  جو مزو ماڻي رهيو هيو. پروگرام ختم ٿيو ته وڏو ڀاڪر پائي ڪتاب هٿ ۾ ڏئي ائين واپس هليو ويو ڄڻ ته هو منهنجو واقف ئي نه هيو. خوبصورت ٽائيٽل سان. ”خدائي رقص ۾ آهي“ جهڙي منفرد نالي وارو هي ڪتاب کڻي سنگت کان موڪلائي رات اچي حيدرآباد رهيس. صبح جو سوير خيرپور لاءِ روانو ٿيندي اکين تي عينڪ لڳائي سندس شعري جهان ۾ جھاتي پائڻ لڳس ته منهنجي اندر جي ڪيفيت اهڙي ئي ٿيڻ لڳي جهڙي مان مٿي شعر ۾ بيان ڪري آيو آهيان. گھڻو تمام گھڻو عرصو اڳ اهو شعر ڪٿي پڙهيو هيم ۽ منهنجي حواسن تي پنهنجون انوکيون ڪيفيتون تاري ڪري ويو هيو ۽ مون سوچيو ته ڀاڪر کان پوءِ خاموشيءَ سان هي ڪتاب  منهنجي هٿ ۾ پهچائيندي پياري رحمت شايد منهنجي روح تائين لهندڙ ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ جو هي ئي دڳ ڳولي لڌو هوندو. ان ڪري مان ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ اهو ئي چوڻ جي قابل ٿيو آهيان ته رحمت آهي ئي ڪيفيتن جو شاعر. سندس شاعري پنهنجي نالي جيان اندر ۾ رقص واري ڪيفيت جا نوان جهان جوڙڻ لڳي ٿي. هن ٿورڙو ئي لکيو آهي پر لکيو دل سان آهي. هو جن ڪيفيتن مان گذريو آهي يا جيڪي وارتائون هن جي نظر مان گذريون آهن يا هن سان ٿيون آهن انهن کي ڪمال جي فني پختگي ۽ خيالن جي خوبصورت اڏام وارين ڪيفيتن مان گذاريو اٿائين.

ڪٿا هڪ صديءَ جي - ممتاز لوهار (Mumtaz Lohaar)

ڪٿا هڪ صديءَ جي
ممتاز لوهار
اکيون بند ڪري ٿڌو ساهه کڻي، جڏهن دل ۾ ڪامريڊ سوڀي جو تصور آڻي، چپن کي چوري، ڪامريڊ سوڀي جو نانءُ ٿو وٺان ته ڀانيان ٿو ته ڌرتيءَ جا سمورا ابابيل رابيل جا گل چنهنبن ۾ کنيو مون مٿان اڇلائن ٿا، فضا ۾ سڳند جو واس رلجي ٿو وڃي ۽ منهنجي سوچ جا سمورا خانا خوشبوءِ سان ڀرجي وڃن ٿا. هڪ صدي، صوفيءَ جي رمز ۾ انالحق جا نعرا هڻي ساري سنڌ کي ”جو کيڙي سو کائي“ جو ورد ڪرائي، پاڻ ايندڙلمحن ۾ ڪنهن خوشخبري جي آس من ۾ رکي اڳتي وڌڻ جا ڪشالا ڪري ٿي. شيخ اياز سچ چيو آهي ته ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“.
اهڙي ئي هڪ تاريخي حيثيت جو مالڪ، سنڌو درياءَ جي ڪپ جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، پنهنجي ذات ۾ ڪئي ڪمال ساڍي، سنڌ، سچ، انقلاب ۽ پورهيت سان پيار ڪندي سنڌ جي بهتر ۽ خوشحال مستقبل جا خواب اڻي، ساڀائن جي سفر جو راهي ٿئي ٿو.

سڀ رنگ سانول مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

سڀ رنگ سانول
مٺل جسڪاڻي
سولو ته ڳالهائڻ به ڪونهي، لکڻ اڃا به گهڻو ڏکيو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي، ته هر ڪو، جڏهن به ڳالهائي ته وڻي ۽ جڏهن به لکي ته وڻي، پر ائين نه آهي، نه ئي ممڪن آهي.
هاشم شورو جو پهريون ۽ آفتاب ادب پبليڪيشن ڪوٽڙي جو ٽيون ڪتاب هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مختصر پر جامع اياز عالم ابڙو لکيو آهي. جنهن ۾ هاشم جي چٽي تصوير ڪشي سان گڏوگڏ هاشم جو بهترين انداز ۾ مڪمل تعارف لکي، سندس لکڻين به بهترين راءِ شامل آهي.

02/06/2015

بادل جمالي ۽ سندس ڪهاڻين جو فڪري پس منظر - محمد صديق منگيو (Mohammad Siddiq Mangio)

بادل جمالي ۽ سندس ڪهاڻين جو فڪري پس منظر
محمد صديق منگيو

سينيئر ڪهاڻيڪار بادل جمالي، ستر جي ڏهاڪي جو اهم ۽ نمايان تخليقڪار آهي، جنهن اسيءَ جي ڏهاڪي تائين سنڌي ادب کي شاهڪار ڪهاڻيون ڏئي، نه رڳو سنڌي ڪهاڻيءَ جي اعليٰ روايتن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو قلمي ڪاپو ڪيو، پر انهن روايتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ به تخليقي پورهيو ڪيو.
ستر وارو ڏهاڪو، سنڌي ڪهاڻيءَ جو ترقي پسند ادبي ڌارا ۽ سماجي حقيقت پسنديءَ کان بغاوت وارو دور هو، جڏهن سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ فرائيڊ جي ٿيوري ايگو (Eggo) ۽ سپر ايگو (Super Eggo) واري لاڙي کي، جديد سنڌي ادب ۾ جادوئي حقيقت نگاري (Magic Realism) جو نالو ڏئي اپنايو پئي ويو. ان لاڙي هيٺ سنڌي ڪهاڻي اجتماعيت ۽ خارجي اثرن مان نڪري، فرد جي اندروني ڀاونائن ۽ ذهني ڪيفيتن کي موضوع پئي بڻايو. اها سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻاهر کان اندر ڏانهن موٽ هئي. آءُ ادب جي ان لاڙي جو مخالف نه آهيان. ان ڪري، ته عالمي ادب ۾ ايندڙ نون لاڙن جي حوالي سان تجربا ٿيڻ گهرجن. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ تبديلي جي سگهه به آهي. ان ڪري ته اڄ تائين پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي اچي، پر چوڻ آکڻ جي ڳالهه آهي، ته ان نئين تجربي کي وقتي پذيرائي ته ملي، پر ان گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو ۽ اهو تجربو ناڪام ويو، پر نتيجي ۾ سنڌي ڪهاڻي پنهجو اوج ۽ عروج وڃائڻ لڳي.